Get Adobe Flash player

13_3

قرآن مجيد جون ڪيتريون ئي آيتون اهڙيون آهن جيڪي چٽي ۽ واضح طريقي سان امام عليعليه السلام جن جي امامت کي بيان ڪن ٿيون ۽ اهڙي نموني اهڙيون اهڙيون روايتون آهن جيڪي سندن امامت کي بيان ڪن ٿيون اسان انهن آيتن ۽ روايتن کي ٽن مرحلن ۾ ذڪر ڪريون ٿا.

1 : بعثت جو ٽيون سال 2 : تبوڪ واري جنگ 3 : غديرِ خم جو ميدان

 

الف : بعثت جو ٽيون سال.

تاريخ ان شيءِ جون عيني گواهه آهي ته حضور پاڪ (ص) پنهنجي نبوت جي اعلان وارن شروعاتي ڏهاڙن ۾ پنهنجن ويجھن مِٽن ۽ رشتيدارن کي اسلام جي قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني انهن ئي  ڏينهنِ ۾ حضرت علي (عه) پنهنجو جانشين ۽ وصي مقرّر ۽ معيّن ڪري ڇڏيو هئائون.

هن موضوع کي اهلّ سنت جي هڪ گروهه جهڙوڪ : طبري ، ابن عساڪر ، ابن اثير ، ابن ڪثير ، متقي هندي ۽ ٻين پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۾ آندو آهي . طبري هن واقعي کي پنهنجي تاريخ ۾ هن طريقي سان آندو آهي. جڏهن هيءَ آيتِ ”وَاَنۡذِرۡ عَشِيۡرَتَکَ الاَقۡرَبِيۡ“ [i] نبي اڪرم(ص) تي نازل ٿي ته پاڻ سڳورن (ص) جن مون کي گھرايو ۽ فرمايائون ته : اي علي  عليه السلام خداوند متعال مون کي حڪم ڏنو آهي ته آئون پنهنجن قريبي ۽ ويجھن رشتيدارن کي گمراهه ٿيڻ کان بچايان ۽ کين دين جي دعوت ڏيان . پاڻ ڪريم (ص) جن فرمائن ٿا ته : اي علي  عليه السلام مان خاموش رهيم ۽ ڏٺم ته هڪ ڏکيو ڪم آهي . ايتري ۾ جناب جبرائيل مون تي نازل ٿيو ۽ چيائين ته اي ﷴ(ص) جيڪڏهن خداوندمتعال جي ان حڪم جي تعميل نه ڪئي ته الله(ج)توتي عذاب نازل ڪندو. اي علي  عليه السلام هاڻي گھيٽي جي ران مان غذا تيار ڪر ۽ عبدالمطلب جي ( ڪُٽنب ) فرزندن کي دعوت ڏي ته جيئن آئون خداوندمتعال جو پيغام انهن تائين پهچائي سگھان.

امام علي  عليه السلام جن فرمائن ٿا ته : مان نبي اڪرم(ص) جن جي اطاعت ڪندي ٻيهر غذا تيار ڪئي ۽ هنن کي دعوت به ڏني ، اهي سڀئي پاڻ سڳورن(ص) جن جي دسترخوان تي ويٺا هنن گذريل ڏينهن وانگر پنهنجي پنهنجي حصي جي غذا کاڌي پوءِ نبي اڪرم(ص) جن پنهنجي ڪلام جو آغاز ڪيو ۽ فرمايائون ته : اي فرزندانِ عبدالمطلب خدا جو قسم مون کي پوري عرب ۾ ٻيو اهڙو ڪو به جوان نظر نٿو اچي جنهن پنهنجي رشتيدارن جي لاءِ مون کان بهترين ڪا شيءِ آندي هجي. مون توهان جي لاءِ هن دنيا ۽ آخرت جي لاءِ خير آندو آهي ۽ خدا مون کي حڪم ڏنو آهي ته مان توهان کي ان خير کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ خدا جي طرف دعوت ڏيان. هاڻي توهان منجھان ڪير آهي جو منهنجي ان اهم ڪم ۾ مدد ڪري ؟ ته جيئن هو توهان جي وٽ منهنجو وصي ۽ جانشين هجي. انهن مان ڪنهن به پاڻ سڳورن(ص) کي ها نه ڪئي ۽ هر ڪنهن ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. مان عمر جي اعتبار سان جيتوڻيڪ جو سڀني کان ننڍو هيم ، ليڪن چيم ته اي ڪائنات جا رسول(ص) مان توهان جو هن اهم ڪم ۾ يار و مددگار رهندس.

امام علي  عليه السلام جن فرمائن ٿا ته : جڏهن مان پاڻ سڳورن (ص) کي اهي جملا چيا ته نبي اڪرم(ص) جن مونکي منهنجي هٿ مان وٺي سڀني ويٺلن ڏانهن منهن ڪري فرمايو ته : “ اِنَّ هذا اَخِيۡ وَ وَصِيّيۡ وَ خَلِيۡفَتِيۡ فِيۡکُمۡ فَاسۡمَعُوۡا لَہُ وَ اَطِيۡعُوۡا ” يعني هيءُ منهنجو ڀاءُ ، وصي ۽ جانشين توهان جي درميان آهي هن جي فرمان تي ڪن ڏيو ۽ سندس اطاعت ۾ رهو .

ان محفل ۾ آيل ماڻهو ٽوڪ ۽ ٺٺول مان کلڻ لڳا ۽ پنهنجي پنهنجي جڳهن تان اٿڻ لڳا ۽ گھر مان ٻاهر نڪرڻ وقت ابوطالب ڏانهن منهن ڪري چون پيا ته ﷴ(ص) توکي حڪم ڪري پيو ته تون پنهنجي پٽ جي حڪم جي تعميل ڪرين ۽ سندس اطاعت ڪرين. [ii]

هن بيان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته نبي اڪرم (ص) جن پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ۽ اهو به دعوت اسلام جي شروعات ۾ ئي پنهنجو حضرت علي (عه) کي نائب ۽ جانشين مقرر ڪري ويا هئا ( ۽ ان نائب کي ٻين لفظن ۾ امام چئبو آهي )  ڇو جو نبي اڪرم (ص) اهو چاهين پيا ته مون کان پوءِ هن سلسلي کي ڪو نه ڪو هلائڻ وارو هجي ۽ اهو نائب ڪو عام شخص ناهي بلڪه اها علي   عليه السلام  جهڙي شخصيت آهي.   

ب : تبوڪ واري جنگ

صحيح بخاري ، صحيح مسلم ، مسند طيالسي ، مسند حنبل ، سنن ترمذي ، ابن ماجه ۽ ٻين کوڙ سارن ڪتابن ۾ آيو آهي ته ( هت اسان فقط بخاري مان آڻيون ٿا ) پاڻ ڪريم(ص) جن حضرت علي  عليه السلام جن کي فرمايو ته : “ اَنۡتَ مِنّيۡ بِمَنۡزِلَةِ هارُوۡنَ مِنۡ مُوۡسى اِلّا اَنَّہُ لَيۡسَ نَبِيّ بَعۡدِيۡ ” يعني تنهنجي مون سان اها نسبت آهي جيڪا جناب هارون جي حضرت موسى  عليه السلام سان هئي سواءِ ان جي ته مون کان پوءِ ڪو نبي ناهي. هن حديث جي آخر وارا جملا صحيح مسلم ۾ هينئن آيا آهن : “ اِلّا اَنّہُ لا نَبِيَّ بَعۡدِيۡ ”

ابن سعد پنهنجي ڪتاب “ طبقات ” ۾ برّاء بن عارب ۽ زيد بن ارقم کان نقل ڪندي لکي ٿو ته : هي ٻئي صحابي چون ٿا ته جيئن جنگ تبوڪ پيش آئي ته پاڻ سڳورن(ص) جن حضرت علي   عليه السلام جن کي فرمايو ته : اي علي  عليه السلام اهوضروري آهي ته يا آئون مديني پاڪ ۾ رهان يا تون.ائين پاڻ  حضرت علي   عليه السلام کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري مديني ۾ رهايائون ۽ پاڻ جنگ تي ويا.

هن داستان جي تفصيلَ 

رسول خدا (ص) جن جي تبوڪ ڏانهن وڃڻ ۽ علي  عليه السلام جو سندن جانشين ٿي ويهڻ جي طئي ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن اهو چيو ته : نبي اڪرم (ص) جن حضرت علي  عليه السلام جن کي ڪنهن ناپسند ڪم جي سرزد ٿيڻ جي ڪري مديني پاڪ ۾ ترسايو آهي. علي   عليه السلام جن جڏهن ان ڳالھ کي ٻڌو ته پاڻ نبي اڪرم (ص) جن وٽ آيا ، جيئن ئي پاڻ سڳورن(ص) جن جي نگاھ جناب علي  عليه السلام تي پيئي فرمايائون ته اي علي  عليه السلام  ڇا ڳالھ آهي ؟ جناب علي  عليه السلام جن فرمايو ته : يا رسول الله(ص) ڪا ڳالھ نه آهي مگر مون ٻڌو آهي ته توهان مون کان ڪنهن غلطي سرزد نتيجي ۾ مون کي هت ترسايو آهي ۽ پاڻ تبوڪ وڃو ٿا ! ان تي نبي اڪرم(ص) جن مسڪرائي ڪري فرمائن ٿا ته : اي علي   عليه السلام ڇا تون نٿو چاهين جو تون منهني لاءِ ائين هجين جيئن جناب هارون حضرت موسى جي لاءِ ؟ مگر فرق اهو آهي ته مون کان پوءِ ڪو به نبي نه ايندو.

جناب علي   عليه السلام جن جواب ڏنو ته يا رسول الله (ص) آءُ ان ڳالهه کي پسند ڪيان ٿو ، نبي ڪريم (ص) جن فرمائن ٿا ته اي علي تنهنجو مقام ۽ منزلت اها ئي آهي . [iii]

نبي اڪرم (ص) جن جي هن حديث پاڪ مان به اهو ثابت ٿئي ٿو ته حضرت علي   عليه السلام سندن نائب ۽ جانشين آهي ڇو جو هن حديث ۾ پيغمبر اسلام (ص) جناب علي   عليه السلام جن جي ڀيٽ جناب هارون سان پيو ڪري ، بس جهڙي نموني جناب هارون ، جناب موسى   عليه السلام جو جانشين هو اهڙي ئي طرح حضرت علي  عليه السلام  به نبي اڪرم(ص) جن جو نائب ۽ جانشين آهي.  

پاڻ سڳورن (ص) جن جي حديثن ۾ “ مِنّيۡ ” واري لفظ مان مراد.

“ مِنّيۡ ” جو لفظ جيڪو پاڻ سڳورن (ص) جن جي حديث “ انت مِنّي بمنزلة هارون من موسى ” ۾ آيو آهي اهو ان شيءِ کي بيان ڪري پيو ته جهڙي طرح جناب هارون ، پيغمبريءَ ۾ ۽ خداوند متعال جي احڪامن جي تبليغ جي امر ۾ جناب موسى جو يار ۽ مددگار هو ، حضرت علي  عليه السلام  جن جي نسبت به نبي اڪرم (ص) جن سان ائين آهي جيئن جناب هارون جي جناب موسى عليہ السلام سان هئي سواءِ نبوّت ۽ پيغمبري جي.

بس هاڻ فقط حضرت علي  عليه السلام  جن جي پاڻ سڳورن (ص) جن سان خداوندمتعال جي احڪامن جي تبليغ ۾ مدد باقي رهي ، جهڙي نموني جناب هارون ، حضرت موسى جي ان شيءِ ۾ مدد ڪئي اهڙي ئي طريقي سان حضرت علي  عليه السلام ، نبي اڪرم (ص) جن جو خدا جي احڪامن جي تبليغ ۾ ناصر ۽ مددگار آهي.

اهڙي طرح پاڻ ڪريم (ص) جن لفظِ “ مِنّي ” جي مراد کي پنهنجي آخري حج ۾ عرفه جي ڏينهن واضح بيان ڪيو آهي ، پاڻ فرمائن ٿا ته : “ عليّ منّي و انا من عليّ لا يؤدّي عَنّي اِلّا انا وَ عليّ ” يعني آئون علي مان آهيان ۽ علي مون منجھان آهي ۽ منهنجي وظيفي کي مون کان ۽ علي  عليه السلام  کان سواءِ ٻيو ڪو انجام نٿو ڏيئي سگھي . [iv]

هنن متعدد حديثن ۾ “ مِنّيۡ ” جي لفظ استعمال ڪرڻ مان رسول اڪرم(ص) جن جي مراد هيءَ آهي ته حضرت علي  عليه السلام  الاهي حڪم جي تبليغ واري م رتبي ۾ رسول اڪرم(ص) جو قائم مقام آهي. هنن سڀني روايتن ۾ پاڻ سڳورن (ص) جن جي مراد هيءَ آهي ته ته علي  عليه السلام ۽ سندن نسل مان ايندڙ امامَ عليهم السلام تبليغ جهڙي هن سنگين بار جي کڻڻ ۾ نبي اڪرم (ص) وانگر آهن جهڙي نموني پاڻ ڪريم(ص) جن تي اهو فرض هيو ته پاڻ دين جي احڪامن کي مڪلّفن تائين پهچائين اهڙي ئي نموني حضرت علي  عليه السلام ۽ ائمّه عليهم السلام جن تي به اهو ضروري آهي ته اهي به دين جي احڪامن کي پاڻ سڳورن (ص) وانگر ماڻهن تائين پهچائين.

ج : خمِ غدير جو ميدان  

غدير جو واقعو معتبر روايتن مطابق ڪجھ هن ريت آهي :

سن ڏھ هجري ارڙهن ذوالحجّ جي ڏينهن جڏهن ڪائنات جا آخري رسول(ص) پنهنجو آخري حج ڪري موٽي رهيا هئا ته غدير خم واري جڳھ تي “ جُحفه ” نالي هڪ جاءِ هئي جتان کان مديني ، مصر ۽ شام جا حاجي هڪٻئي کان جدا ٿيندا هئا ان جاءِ تي پاڻ سڳورن(ص) جن تي هيءَ آيتِ ڪريمه نازل ٿي ته : يَا اَيُّهَا الرَّسُوۡلُ بَلّغۡ مَا اُنزِلَ اِلَيکَ مِنۡ رَّبّکَ وَ اِنۡ لَّمۡ تَفعَلۡ فَمَا بَلَّغتَ رِسَالَتهُ وَ اللهُ يَعصِمُکَ مِنَ النَّاسِ . . .[v] اي منهنجا رسول(ص) تون پهچاءِ اها شيءِ جيڪا توتي تنهنجي پالڻهار جي طرفان لاٿي ويئي آهي ۽ جيڪڏهن تو ائين نه ڪيو ڄڻ ته تو رسالت کي نه پهچايو ۽ الله توکي ماڻهن کان بچائيندو.

هن آيت جي نازل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن(ص) جن اتي ئي بيهڻ جو حڪم ڏنو ۽ فرمايائون ته جيڪي اڳتي نڪري چڪا آهن انهن کي واپس گھرايو ۽ جيڪي پوئتي آهن انهن جو انتظار ڪريو ته جيئن سڀ حاجي گڏ ٿين. [vi] ۽ ان کان پوءِ پنهنجي صحابن کي ڇانوَ ۾ ويهڻ کان روڪيائون ته جيئن اهي پکڙجي نه وڃن ۽ ان کان پوءِ نماز جو وقت ٿيو ۽ ماڻهن کي جماعت نماز پڙهڻ جو چيائون. [vii] ۽ نبي اڪرم (ص) جن جي اصحابن هڪ وڻ جي مٿان ڪجھ غلاف وغيرہ رکي ڪري پاڻ سڳورن (ص) جن جي لاءِ ڇانوَ جو بندوبست ڪيو. [viii]

ان کان پوءِ سڀني اصحابن ۽ حاجي سڳورن ، پاڻ سڳورن(ص) جي پويان ان گرميءَ ۾ ظهر جي نماز ، جماعت سان ادا ڪئي. [ix] ان کان پوءِ نبي اڪرم (ص) جن خطبي جي لاءِ اٿي بيٺا خدا (ج)جي واکاڻ ۽ تعريف کان پوءَ ماڻهن کي وعظ و نصيحت ڪيائون ۽  پوءِ فرمايائون ته : اهو وقت نزديڪ آهي جو آئون توهان وٽ نه هجان ، آئون ۽ توهان ٻئي خداوند متعال جي بارگاھ ۾ مسؤول آهيون ۽ ان ڏينهن توهان خدا (ج)کي ڪهڙو جواب ڏيندؤ ؟ جڏهن پاڻ سڳورن (ص) جن اهي جملا چيا ته ماڻهن  وڏي آواز ۾ چيو ته تو پنهنجي رسالت کي بهترين طريقي سان انجام ڏنو آهي ۽ پهچايو آهي ۽ تو اسان جي رهنمائي ڪئي آهي خداوند متعال ان جو توهان کي اجر ڏيندو.

ان کان پوءِ نبي اڪرم (ص) جن هُنن کان پڇيو ته ڇا توهان خدا (ج)جي هيڪڙائي ۽ منهنجي رسالت جي گواهي ڪونه ٿا ڏيو ؟ سڀني ماڻهن وري وڏي آواز سان چيو ته يا رسول الله (ص) اسان انهن سڀني شين جي گواهي ڏيون ٿا. ان کان پوءِ وري نبي اڪرم (ص) جن فرمايو ته ڇا توهان بهشت ۽ دوزخ جي هجڻ جي گواهي ڪونه ٿا ڏيو ؟ وري به تمام ماڻهن بلند آواز سان وراڻيو ته اي الله جا نبي سڳورا (ص) اسان ان جي به گواهي ڏيون ٿا ، ان تي پاڻ سڳورن (ص) جن فرمايو ته اي الله تون گواھ رهجانءِ.

ان کان پوءِ پاڻ سڳورن (ص) جن پڇيو :توهان حوض ڪوثر وٽ اچي مون سان ملندؤ آئون ان وقت توهان کان ان ٻن قيمتي شين جي باري ۾ پڇندس جيڪي توهان جي وچ ۾ امانت طور ڇڏيو ٿو وڃان. ڪنهن پڇيو:يا رسول الله(ص) اهي ٻه قيمتيي شيون ڪهڙيون آهن ؟ پاڻ سڳورن(ص) فرمايو ته : هڪ ، خدا جو ڪتاب آهي جيڪو هڪ اعتبار سان خدا(ج)جي هٿ ۾ آهي ۽ هڪ اعتبار سان توهان جي هٿ ۾ آهي ان جو احترام ڪريو ۽ ان جي حفاظت ڪريو ۽ ان جي فرمانن تي عمل ڪريو ، ۽ ان ( خدا جي ڪتاب ) کي ڪنهن به شيءِ جي عيوض نه ڏيو نه ته توهان گمراھ ٿي ويندؤ.

۽ ٻي شيءِ منهنجي عترت آهي ۽ خدا (ج)مون کي ٻڌايو  آهي ته هي ٻئي شيون هڪ ٻئي کان جدا ڪونه ٿينديون ايسيتائين جو حوض ڪوثر وٽ مون سان ملن . بس هن ٻنهي تياڳڀرائي نه ڪجو نه ته هلاڪت ۽ گمراهيءَ ۾ وڃي پوندؤ ، ۽ هنن ٻنهي کان پوئتي به نه رهجو نه ته هلاڪ ٿي ويندؤ ، هنن کي ڪا به شيءِ نه سيکاريو ڇو ته هي توهان کان وڌيڪ ڄاڻين ٿا. [x] ان کان پوءِ فرمايائون ته : ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته آئون سڀني مؤمنن کان بهترين ۽ سزاوارترين آهيان ، سڀني وراڻيو ها يا رسول الله (ص) ، وري پاڻ ڪريم (ص) جن فرمايو ته : آئون هر مؤمن کان  سندس جان تي وڌيڪ حق رکان ٿو ؟ سڀني وراڻيو ها يا رسول الله (ص). [xi] ان کان پوءِ پاڻ سڳورن (ص) جن علي   عليه السلام  جن جي هٿ کي وٺي ڪري بلند ڪيو ۽ فرمايائون ته : خدا (ج)منهنجو مولى ۽ سرور آهي ۽ آئون توهان جو مولى ۽ سرور آهيان. [xii] بس جنهن جو آئون مولى آهيان ان جو علي  عليه السلام مولى آهي ، ان کان پوءِ ڪائنات جي رسول (ص) دعا جي لاءِ پنهنجا هٿ بلند ڪيا ۽ چيائون ته : اي پالڻهار ! هن ( علي  عليه السلام  ) جي دوست کي دوست رک ۽ سندس دشمن کي دشمن رک. [xiii] هن جي مدد ڪرڻ واري جي مدد ڪر ۽ هن جي خوار ڪرڻ واري کي خوار ۽ ذليل ڪر. [xiv] ۽ جيڪو هن تي غضبناڪ ٿئي ٿو ان تي غضبناڪ ٿيءُ. [xv] ۽ آخر ۾ فرمايائون ته : خدايا گواھ رهجانءِ . [xvi]

راوي چوي ٿو ته : اڃا هي ٻئي هڪ ٻئي کان جدا ، ئي نه ٿيا هئا جو هيءَ آيتِ ڪريمه پاڻ سڳورن (ص) جن تي نازل ٿي ، “ ... اليومَ اکملتُ لڪمۡ دينَڪمۡ وَ اتممتُ عليڪمۡ نِعمتيۡ و رَضِيتُ لَڪُمۡ الۡاِسلامَ دِيناً ..... ” [xvii] اڄ مون توهان جي دين کي ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ مون پنهنجي نعمتن کي توهان تي تمام ڪري ڇڏيو ۽ آئون توهان جي لاءِ اسلام جي دين هجڻ تي راضي آهيان. ان وقت نبي اڪرم(ص) جن فرمايو : الله اڪبر ! دين جي ڪامل هجڻ تي ، نعمتن جي تمام ٿيڻ تي ۽ منهنجي رسالت ۽ علي   عليه السلام جي ولايت تي خداوند متعال جي  راضي ٿيڻ تي. [xviii]

يعقوبي پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته نبي اڪرم (ص) جن تي آخري نازل ٿيڻ واري آيت “ اليوم اکملتُ لکم دينکم ... ” آهي ۽ هيءَ روايت صحيح آهي ۽ هن آيت جو نزول ان ڏينهن  ٿيو. جڏهن ڏينهن پيغمبر اسلام (ص) جن حضرت علي  عليه السلام جن جي ولايت کي غدير خم جي ميدان ۾ سڀني جي ڪنن تائين پهچايو. [xix]

اهو تاج جيڪو ان ڏينهن پاڻ سڳورنؐ علي  عليه السلام جي سر مبارڪ تي رکيو.

نبي اڪرم(ص) وٽ هڪ ڪاري رنگ جو عمامو هوندو هو، جنهن جو نالو “ سحاب ” هو جنهن کي پاڻ (ص) ڪنهن ڪنهن ڏينهن پنهنجي سر مبارڪ تي ڪندا هئا. [xx] نبي اڪرم (ص) جن اهو ئي عمامو غدير خم واري ڏينهن علي عليہ السلام جن جي سر مبارڪ تي رکيو.

خود اميرالمؤمنين علي   عليه السلام جن کان روايت آهي پاڻ فرمائن ٿا ته : غدير واري ڏينهن رسول خدا (ص) جن ڪارو عمامو منهنجي سر تي ٻڌو. [xxi]

هن غدير واري واقعي ۾ نبي اڪرم (ص) جن جو اهو فرمائڻ ته جنهن جو آئون مولا آهيان ان جو علي  عليه السلام مولا آهي ۽ وري پنهنجو عمامو لاهي حضرت علي   عليه السلام جن جي سر مبارڪ تي رکڻ ان شيءِ کي بيان ڪري ٿو ته علي  عليه السلام سندن نائب ۽ جانشين آهي ڇو ته دنيا جي دستور مطابق هڪ وڏي شخصيت جي پڳ کي ڪنهن ٻي شخصيت جي مٿي تي رکڻ ان شيءِ جي چٽي ۽ روشن دليلَ آهي ته بعد واري ايندڙ شخصيت سندس نائب ۽ جانشين آهي.



[i]- سورہ شعراء ، آيت  214

[ii] تاريخ طبري ، ج 1 ، ص 1171

[iii] -  طبقات ابن سعد ، ج 3 ص 15

[iv] - مناقب ترمذي ، ج  3 ص 169

[v] -  سورہ مائدہ ، آيت ، 67

[vi] - تاريخ ابن ڪثير ، ج 5 ، ص 213

[vii] -  مسند احمد بن حنبل ، ج 6 ص ، 281 ، تاريخ ابن ڪثير ، ج 5 ص 209 ۽ 210

[viii]- مسند احمد ، ج 4 ، ص 372

[ix]- تاريخ ابن ڪثير ، ج 4 ، ص 212

[x]- مجمع الزوائد ، ج 9 ، ص 162 ، 163 ۽ 165

[xi]- مسند احمد ، ج 4 ، ص 281 ، 368 ، 370 ۽ 372

[xii]-  شواهد التنزيل ، ج 1 ، ص 191

[xiii] - سنن ابن ماجه ، بابِ فضلِ علي عليہ السلام

[xiv]- شواهد التنزيل ، ج 1 ص ، 193

[xv]-  تاريخ ابن ڪثير ، 5 ص ، 210

[xvi]-  شواهد التنزيل ، ج  1 ، ص ، 190

[xvii]- سورہ مائدہ ، آيت 3

[xviii]- حسڪاني ، ابو سعيد خدري کان ، ج 1 ص ، 157 ، 158 ح ، 211 ، 212

[xix]- تاريخ يعقوبي ، ج 3 ص ، 43

[xx]- صحيح مسلم ڪتاب حج ، ح 451 ۽ 452 ، سنن ابن داؤد ، ج 4 ص 54 باب العمائم

[xxi]- اصابہ ، ج 2 ص 274