Get Adobe Flash player

13_1

خاتم الانبياء حضرت محمد مصطفى (ص) پاران نبوت جو اعلان عالم بشريت لاء هڪ خدائي نعمت آهي ۽ پهرئين اچڻ وارن انبيائن،رسولن ۽ پيغمبرن جي پڄاڻي  آهي

دين اسلام مڪي جي شهر ۾ ظاهر ٿيو ۽ 23 سالن تائين رسول خدا (ص) جي زحمتن ۽ سندن يارن ۽ ياورن جي زحمتن سان پوري جزيرة العرب ۾ پکڙجي  ويو .

هن تسلسل کي باقي رکڻ جي لاء 18 ذي الحج جي ڏينهن خم غدير جي ميدان ۾خدا جي حڪم سان حبيب خدا محمد مصطفى (ص) حضرت علي بن ابي طالب عليهما السلام کي پنهنجي جانشينيءَ جي لاء منتخب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ اهڙي طرح نبوت جو  پڄاڻي ۽ امامت جي سلسلي جو آغاز ٿيو .

منهنجو موضوع ، امامت ، آيتِ ولايت جي روشنيءَ ۾ آهي اها آيت جيڪا ٻين آيتن کان وڌيڪ امامت جي مسئلي کي ثابت ڪري ٿي سا هيءَ آهي “انّماوليکم الله ورسولہ والذين آمنو الذين يقيمون الصّلاة ويؤتون الزکاة وهم راکعون ” [i] فقط خدا ، ان جو رسول (ص) ۽ اهي جن ايمان آندو ۽ نماز کي قائم ڪن ٿا ۽ رڪوع جي حالت ۾ زڪات ڏين ٿا . هن آيت جي لاء ڪجھ لکڻ کان پهريان ضروري آهي ته ڪجھ شين جي طرف اشارو ڪجي جنهن جي مدد سان اسان کي آيت سمجھڻ لاء ڪجھ مدد ملي سگھي . ان ڪري مون هن ننڍڙي ڪاوش کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي .

الف : آيتِ ولايت جو شانِ نزول.

ب : آيتِ ولايت ڪهڙي طرح امامت تي دلالت ڪري ٿي؟

ج : آيت تي ٿيندڙ ڪجھ شبهات جا جوابَ .

الف : آيت ولايت جو شانِ نزول .

سڀئي اهل تشيّع جا محقق هن شيءِ تي اتفاق رکن ٿا ته هيءَ آيتِ مبارڪه ان وقت نازل ٿي جڏهن مولاءِ متقيان علي بن ابي طالب عليهما السلام نماز ۾ رڪوع جي حالت ۾ “ مستمند ” نالي هڪ سوالي کي زڪات ۾ مُنڊي ڏني هي مطلب متواتر روايات ۾ نقل ٿيو آهي ۽ هتي شڪ جي ڪابه گنجائش ۽ راھ نه آهي. [ii] هاڻي ڏسجي ته ڇا هن مطلب کي اهل سنت وارا به قبول ڪن ٿا؟

هن مطلب جي لاء تمام گھڻيون روايتون ۽ دليل موجود آهن جيڪي هن شيءِ تي دلالت ڪن ٿيون ته اهل سنت جي نظر ۾ به اها ڳالهه مڃيل آهي آئون فقط انهن منجھان ڪجھ اهل سنت جي محققن  جي قولن جي طرف اشارو ڪريان ٿو .

1 : قاضي ايجي پنهنجي ڪتاب  “ الواقف في علم الکلام ”  ۾ لکي ٿو ته :

تمام مفسر ان شيءِ تي اتفاق ڪن ٿا ته هيءَ آيتِ مبارڪه ان وقت نازل ٿي جڏهن علي ابن ابي طالب عليہ السلام جن نماز ۾ رڪوع جي حالت ۾ پنهنجي هٿ جي منڊي فقير کي زڪوات ۾ ڏني. [iii]

2 : مير سيّد شريف جرجاني به اجماع جو اعتراف ڪيو آهي. [iv]

3 : سعد الدين تفتازاني پنهنجي ڪتاب “ شرح مقاصد ” ۾ به  مفسرين جي اجماع جي دعوا ڪئي آهي ۽ اهو ياد رهي ته شرح مقاصد اهل سنت جي اهم ڪتابن منجھان هڪ آهي جنهن جي هو(اهل سنت وارا) پنهنجي  مدرسن ۾ پڙهائيندا آهن ۽ اهل سنت جي علم ڪلام جي موضوع تي لکيل ڪتابن ۾ هن جو هڪ  خاص مقام آهي . اهڙي طرح ڪيترائي اهل سنت جا محدّث ۽ محقّق آهن جن هن مسئلي تي اجماع جي دعوا ڪئي آهي .

ب : آيتِ ولايت ڪهڙي طرح امامت تي دلالت ڪري ٿي؟

اهو واضح ڪرڻ لاء ته آيت ولايت ٻين آيتن کان وڌيڪ امامت جي مسئلي کي بيان ڪري ٿي ضروري آهي ته اسان آيت جي مختلف پهلوئن تي هڪ نگاھ ڪريون ۽ سڀ کان پهريان هنن ٻن لفظن تي غور ڪريون هڪ “انّما” ۽ ٻيو “وليّکم” . انّما عربي زبان ۾ حصر جي معنى ڏيندو آهي ٻين لفظن ۾ هي حڪم صرف هن خاص موضوع جي لاء آهي ۽ هن کان هٽي ڪري ٻئي ڪنهن به شيءِ تي دلالت نٿو ڪري . ٻيو لفظ “وليّکم” آهي پيغمبر خدا (ص) ارشاد فرمائن ٿا ته “علي منّي وانّا من علي وهو وليّکم بعدي ” [v] آئون علي (ع) منجھان آهيان ۽ علي (ع) مون منجھان آهي ۽ اهوئي مون کان پوء توهان جو ولي آهي . اهڙي طرح هن حديث پاڪ ۾ به “ وليّکم ” جو لفظ آيو آهي.

ولايت جي معنى اوّليت،برتري ۽ اصطلاح ۾  مسلمانن جي ڪمن جو مناسب سنڀاليندڙ[vi] آهي . ڪجھ لکڻ وارن اهو به لکيو آهي ته ولايت جي معنى مددگار وغيره آهي ليڪن تفسير فخر رازي ، تفسير ثعلبي ۽ ٻين ڪتابن ۾ بيان ڪيل هيءَ روايت ان جو واضح جواب  آهي ۽ اها روايت هيءَ آهي :

أنَّ النّبىّ لمّا علم بأنّ علياً تصدّق بخاتمه للسّائل تضرّع إلى اللّه وقال: اللهم إنّ أخي موسى سألك قال: (ربّ اشرح لى صدرى ويسّرلى أمرى واحلل عقدةً من لسانى يفقهوا قولى واجعل لى وزيراً من أهلى هارون أخى اشدُد به أزرى وأشركه في أمري كي نسبّحك كثيراً ونذكرك كثيراً انك كنت بنا بصيراً). فأوحيت إليه: (قد اُوتيت سُؤلك يا موسى) اللهم وإنّى عبدك ونبيّك فاشرح لي صدري ويسّرلي أمري واجعل لي وزيراً من أهلي عليّاً اُشدد به ظهرى . . .. قال ابوذر: فواللّه، ما استتمّ رسول اللّه صلى اللّه عليه وآله الكلمة حتّى هبط عليه الأمين جبرائيل بهذه الآية: (إنّما وليكم اللّه ورسوله . . .) إلى آخر الآية. ” [vii]

جڏهن رسول خدا (ص) کي خبر پئي ته علي ابن ابي طالب عليہ السلام جن پنهنجي هٿ جي منڊي فقير کي زڪات ۾ ڏني آهي ته هيءَ دعا گھري ، پروردگارا منهنجي ڀاء موسى توهان کان هيءَ دعا گھري هئي “اي الله منهنجي سيني کي وسيع ڪر ۽ مون کي مشڪلات ۾ صبر عطا فرماء منهنجي ڪمن کي آسان فرماءِ منهنجي زبان جو ڳنڍ کول  ته جيئن ماڻهو منهنجي ڪلام کي سمجھن منهنجي لاء منهنجي خاندان منجھان منهنجي ڀاء هارون کي منهنجو وزير قرار ڏي ۽ منهنجي پُٺِ کي مضبوط ۽ محڪم ڪر هن کي منهنجي ڪمن ۾ شريڪ ڪر ته جيئن آئون توهان جي وڌيڪ تسبيح ڪريان ۽ هميشه تنهنجي ياد ۾ رهان تون اسان کان وڌيڪ ڏسڻ وارو آهين” . بس توهان هن  (موسى )  تي وحي نازل ڪئي ته : “اي موسى تو جيڪا شيءِ گھري هئي اها توهان کي عطا ڪئي وئي آهي” پروردگارا آئون به تنهنجو ٻانهون ۽ پيغمبر آهيان بس منهنجي سيني کي به وسيع فرماءِ ۽ منهنجي ڪمن کي آسان ڪر ۽ منهنجي خاندان منجھان علي کي منهنجو وزير قرار ڏي ۽ ان سان منهنجي پٺ کي مضبوط ڪر ....... ابوذر چوي ٿو ته خدا جو قسم اڃا پيغمبر اڪرم(ص) جي دعا پوري نه ٿي هئي ته جبرائيل امين نازل ٿيو ۽ هيءَ آيت کڻي آيو “انّما وليکم الله ورسولہ..... ”

ڇا هي روايت هڪ عاقل ۽ سمجھدار انسان جي لاء واضح نه آهي ته هن آيت ۾ آيل لفظِ ولايت منجھان ڇا مراد آهي ؟ آيا انسان جو عقل اهڙين ڳالهين کي قبول ڪندو ته رسول خدا (ص) راز و نياز ڪري ۽ خدا کان دعائون گھري اهي به صرف هڪ مددگار جي لاء ؟ پيغمبر اڪرم (ص) اهڙي حالت ۾ دعا جي لاء هٿ ڪيا ۽ پروردگار به آيت نازل ڪئي ته مون علي (ع) کي مؤمنن جي لاء ياور ۽ مددگارڪري موڪليو آهي ؟ ڀلا ڪنهن کي شڪ آهي ته علي عليه السلام مؤمنن جو ياور ۽ مدگار ناهي جو رسول خدا (ص) دعائون گھري ۽ آيت نازل ٿي ته “انّما وليکم الله ورسولہ والذين آمنوا...... ” يعني خدا ۽ ان جو رسول (ص) ۽ ايمان وارا مؤمنن جا مددگار آهن ؟ ايترن شاهدين ۽ دليلن جي هوندي به اسان لفظ وليّکم جي معنى دوست ڪريون ! نه بلڪه هڪ عام ماڻهو به اهو سمجھندو ته رسول خدا (ص) جو اهڙي انداز سان دعا گھرڻ ته منهنجي پٺ کي مضبوط ڪر هڪ اهم مسئلي جي طرف اشارو آهي ۽ اهو علي عليہ السلام جو اوليّت ۽ مسلمانن جي مٿان حق تصرف رکڻ آهي جنهن کي عام لفظن ۾ امامت چئبو آهي .

ج : آيت ولايت تي ٿيندڙ ڪجھ  شبهن  جا جواب .

آيت ولايت تي ڪجھ شبها بيان ڪيا ويا آهن ان ڪري مون مناسب سمجھو ته هن جي لاء جدا بيان ڪيو وڃي .

1 : ولايت جي معنى

پهريون شبهو ته ولايت جي معنى تي ٿيو آهي جيڪو اسان مٿي پنهنجي مختصر علم جي روشنيءَ ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي .

2 : “ واو ” حاليہ آهي يا عاطفہ

ٻيو شبهو “ واو ” تي ڪيو ويو آهي ته “وهم راکعون ” ۾ واو عاطفہ آهي نه ڪه واو حاليہ بس ان وقت آيت جي معنى هن ريت ٿيندي “توهان جو ولي صرف خدا ، ان جو رسول ۽ اهي جن ايمان آندو اهي جيڪي نماز پڙهندا آهن ۽ زڪات ڏيندا آهن ۽ رڪوع ڪندا آهن ” نه ڪہ رڪوع جي حالت ۾ زڪات ڏيندا آهن بلڪہ هتي  ٽي ڪم جدا جدا بيان ڪيا ويا آهن ، 1 نماز پڙهندا آهن ، 2 زڪات ڏيندا آهن ، 3 ۽ خدا جي لاء رڪوع ڪندا آهن نه ڪہ نماز جي حالت ۾ زڪات ڏيندا آهن ان صورت ۾ منڊي جي واقعي جي ڪا به معنى نہ رهندي .

جواب  : هن سوال جي جواب ۾ ڪجھ روايات ۽ مفسرن جا اقوال بيان ڪرڻ سان حقيقت سامهون اچي ويندي ۽ ڳالھ چٽي ۽ پڌري ٿي ويندي ڪجھ تفسيرن ۾ بيان ٿيو آهي ته “ تصدق علي وهو راکع ” [viii] علي عليه السلام رڪوع جي حالت ۾ صدقو ڏنو ٻيو الدرالمنثور ۾ به آيو آهي ته انّ النّبي (ص) سئل السائل ، سئل ذلک المسکين الّذي اعطاء الامام خاتمه على اي حال اعطاکه اي الخاتم ؟ قال اعطائي وهو راکع [ix] ” پيغمبر اڪرم (ص) ان فقيرکان سوال ڪيو جنهن کي امام عليہ السلام جن منڊي ڏني ته توکي علي (ع) ڪهڙي حالت ۾ منڊي ڏني ؟ هن جواب  ۽ وراڻيو ته هن ( علي ع ) رڪوع جي حالت ۾ مونکي منڊي ڏني . رسول خدا (ص) جو سوال علي ابن ابي طالب جي حالت جي باري ۾ هو ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هي “ واو ” حاليہ آهي نه ڪه عاطفه .

3 : آيت ۾ جمع جو ذڪر آهي ۽ علي عليہ السلام اڪيلو آهي .

هن آيت تي هڪ مهم اعتراض ڪيو ويو آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته آيت ۾ ته جمع جو لفظ آيو آهي “ والّذين آمنوا الّذين يقيمون الصّلاة و يؤتون الزّکاة وهم راکعون ” اهي جن ايمان آندو نماز قائم ڪندا آهن ۽ رڪوع جي حالت ۾ زڪات ڏيندا آهن .

جواب : هيءُ اعتراض هڪ بهترين اعتراض آهي ۽ ٻين آيتن ۾ به وارد ٿيو آهي جهڙي طرح آيہ مباهله . جنهن ۾ بيان ٿيو آهي ته “ وانفسنا وانفسکم ” توهان پنهنجا نفس وٺي اچو اسان پنهنجا نفس وٺي ٿا اچون . هن اعتراض جو جواب به مختلف مفسرن بيان ڪيو آهي جنهن منجھان زمخشري جو قول آهي ته : اهڙن جڳهن تي جمع آڻڻ جو مطلب ٻين ماڻهن کي ان ڪم جي اهميت بيان ڪرڻ آهي تاڪه اهي به اهو ڪم انجام ڏين جهڙي طرح فقيرن تي احسان ڪرڻ ايترو ته سٺو فعل آهي جو جيڪڏهن توهان نماز جي حالت ۾ به هجو تڏهن به اي مؤمنو انهن فقيرن تي احسان ڪريو . هي زمخشري جو جواب ڀلي قانع ڪندڙ نه آهي پر ڪجھ محققن ان کي پسند ڪيو آهي . [x] سڀ ڄاڻيندا آهن ته قرآن ۾ مختلف جڳهن ۾ لفظ جمع جو هوندو آهي ليڪن مصداق واحد هوندو آهي .

ٻيو جواب علامہ سيّد عبدالحسين شرف الدين رحمہ الله ڏنو آهي ته : اگر هن آيت ۾ مفرد جو لفظ اچي ها ته منافق ۽ علي عليہ السلام جا دشمن هن آيت ۾ تصرف ڪن ها ۽ علي عليہ السلام جو نالو ڪٽي ڪري قرآن ۾ تحريف ڪن ها ان ڪري ٻين آيتن ۾ به لفظ جمع جو آهي ليڪن مراد صرف هڪ علي عليہ السلام آهي . [xi]

امام صادق عليہ السلام جن جو هيءُ قول به آقا شرف الدين جي قول کي تقويت ڏئي ٿو  ته راوي امام صادق (ع) جن کان پڇيو ويو ته ڇو حضرت علي عليہ السلام جو نالو واضح طور تي نه آيو آهي ؟ امام عليہ السلام جن جواب ۾ فرمايو ته : اگر علي عليہ السلام جو نالو واضح طور تي اچي ها ته منافق ان نالي کي ڪٽي ڪري تحريف جو در کولين ها جڏهن ته خدا نه پئي چاهيو ته قرآن ۾ ڪنهن بہ قسم جي تحريف ٿئي “ انّا نحن نزّلنا الذّکرَ و انّا له لحافظون [xii] والسّلام عليکم ورحمة الله وبرکاته



[i] سوره مائده آيت 55

[ii] نگاهي به آيت ولايت آيت الله سيد علي حسيني ص 18

[iii] الموافق في علم الڪلام  405

[iv] شرح الموافق ج 8 ص 360

[v] سنن ابن ماجه ج 1 ص 89

[vi] نگاهي به آيت ولايت  ص 38

[vii] تفسير فخررازي ج 11 ص 25

[viii] تفسير ابن ابي حاتم ج 4 ص 1162

[ix] الدر المنثور في التفسير بالماثور جھ 3 ص 105

[x] نگاهي بہ آيت ولايت ص 57

[xi] المراجعات 263

[xii] نگاهي بہ آيہ ولايت ص 60