Get Adobe Flash player

جڏهن اها هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته ڪو به فعل (ڪم) بنا علت جي نه هوندو آهي ته پوءِ دنيا جي خالق جي معرفت ۽ کيس سڃاڻن لاءِ پڻ ڪا ته علت ۽ سبب هجڻ گهرجي، انهيءَ ڪري فلسفين ۽ دانشورن خدا جي سڃاڻپ لاءِ ٽي بنيادي وجهون ۽ علتون بيان ڪيون آهن، جن تي قرآن ڪريم واضح طور تي روشني وڌي آهي:

1. عقلي علت.

2. فطري علت.

3. عاطفي علت.


 

عقلي علت:

انسان ڪمال (۽ فضيلت) جو عاشق آهي، ۽ هيءَ عشق تمام انسانن ۾ سدائين پاتو وڃي ٿو، انسان جنهن شئ ۾ پنهنجو ڪمال ڏسي ٿو ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڪنهن حد تائين هي ڳالهه علحده آهي ته ڪجهه ماڻهو خيالي ۽ فضول شين ئي کي ڪمال ۽ حقيقت تصور ڪري وهندا آهن.

ڪڏهن ان شئ کي “نفعا ۽ فائدا حاصل ڪرڻ ۽ نقصان کان روڪڻ واري طاقت” جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ڇوجو انسان انهيءَ طاقت جي بنا تي پنهنجي ذمه داري کي سمجهي ٿو ته جنهن شئ ۾ ان جو فائدو يا نقصان هجي ان تي خاص توجهه ڏي.

انسان جي اِن طاقت کي “غريزه” (شهوت) جو نالو ڏيڻ انتهائي ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته معمولا غريزه اُن اندروني رغبت ۽ رجحان کي چيو ويندو آهي جيڪو انسان ۽ ٻين جاندارن جي زندگي ۾ بغير غور ۽ فڪر جي اثر انداز هوندو آهي انهيءَ ڪري حيوانات منجهه پڻ غريزو پاتو وڃي ٿو.

لهذا بهتر آهي ته هِن طاقت کي “عالي رجحانات” جي نالي سان ياد ڪيو وڃي جهڙي ريت ڪجهه ماڻهن ان جو تذڪرو پڻ ڪيو آهي.

هر حالت ۾ انسان ڪمال دوست (ڪمال کي دوست رکندڙ) آهي ۽ هر ماري ۽ معنوي فائدي کي حال ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڪنهن به قسم جي ضرر ۽ نقصان کان پرهيز ڪري ٿو جيئن ته جيڪڏهن انسان کي نفعي يا نقصان جو احتمال به هجي ته ان شئ تي توجهه ڏيندو آهي ۽ جيتري قدر هي احتمال وڌيڪ قوي ٿي ويندو آهي انهيءَ اعتبار سان سندس توجهه پڻ وڌندي ويندي آهي، لهذا هي ناممڪن آهي ته انسان پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن شئ کي اهم ۽ اثرائتو ته مڃي پر ان سلسلي ۾ تحقيق ۽ ڪوشش نه ڪري.

خدا تي ايمان ۽ مذهب جو مسئلو پڻ انهن ئي مسئلن منجهان آهي ڇوته مذهب جو واسطو انسان جي زندگي سان هوندو آهي ۽ انهيءَ سان انسان جي سعادت ۽ خوشبختي يا شقاوت ۽ بدبختي جو تعلق هوندو آهي، ۽ انهيءَ جي ذريعي انسان سعادتمند ٿيندو آهي يا بدبخت بڻبو آهي، ۽ انهن ٻنهي منجهه هڪ اونهو ربط ۽ لاڳاپو پاتو وڃي ٿو.

هن ڳالهه کي واضح ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه علماء مثال بيان ڪن ٿا: فرض ڪيو ته اسان ڪنهن (شخص) هڪ اهڙي جڳهه تي ڏسون جتان کان ٻه رستا نڪرندا هجن، ۽ هو چوي ته هتي بيهڻ انتهائي خطرناڪ آهي ۽ (هڪ رستي ڏانهن اشارو ڪندي) چوي ته هيءَ رستو پڻ يقيني طور تي خطرناڪ آهي پر ٻيو رستو “راهه نجات” آهي ۽ پوءِ پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪجهه شواهد ۽ قرائن بيان ڪري ته اهڙي موقع تي (اُتان) لگهڻ وارو مسافر پنهنجي ذمه داري سمجهي ٿو ته ان سلسلي ۾ تحقيق ۽ جستجو ڪري، اهڙي موقع تي بي توجهي ۽ لاپرواهي ڪرڻ عقل جي ابتڙ ۽ برخلاف آهي.[i]

جهڙوڪ “دفعِ ضررِ محتمل” (احتمالي نقصان کان بچڻ) هڪ مشهور ۽ معروف قاعدو آهي جنهن جي بنياد عقل آهي، قرآن ڪريم پيغمبر اڪرم (ص) کي خطاب ڪندي فرمائي ٿو:

قُلْ أَ رَأَيْتُمْ إِنْ كانَ مِنْ عِنْدِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرْتُمْ بِهِ مَنْ أَضَلُّ مِمَّنْ هُوَ في‏ شِقاقٍ بَعيدٍ.[ii]

(اي رسول!) تون چئي ڏي ته ڇا توهان کي خيال آهي جيڪڏهن هي قرآن خدا جي طرف کان آهي پوءِ توهان ان جو انڪار ڪري ڇڏيو ته ان کان وڌيڪ گمراهه ڪير هوندو.

البته هي ڳالهه انهن ماڻهن جي باري آهي جن جي نزديڪ دليل ۽ منطق قبول ناهي ڪئي ويندي، حقيقت ۾ اُها آخري ڳالهه جيڪا متعصب، مغرور ۽ بي انصاف ماڻهن جي جواب ۾ چئي ويندي آهي، اُها هي آهي: جيڪڏهن توهان قرآن، توحيد ۽ خدا جي وجود جي حقانيت کي سو في صد نٿا مڃو ته هي ڳالهه پڻ مسلم آهي ته ان جي برخلاف پڻ توهان وٽ ڪا دليل نه آهي، لهذا هي احتمال باصي رهجي وڃي ٿو ته قرآني دعوت ۽ قيامت واقعيت رکندا هجن ته ان موقع تي توهان سوچي سگهو ٿا ته دينِ خدا کان گمراهي ۽ شديد مخالفت جي ڪري توهان جي زندگي ڪيتري قدر تاريڪي ۽ اونداهه ۾ هوندي.

هِن ڳالهه کي ائمه عليهم السلام بي انصاف ماڻهن اڳيان آخري ڳالهه جي عنوان سان ڪيو آهي، جهڙوڪ اصول ڪافي ۾ هڪ حديث نقل ٿيل آهي جنهن ۾ حضرت امام صادق عليه السلام پنهنجي زماني جي ملحد ۽ منڪر خدا “ابن ابي العوجاء” سان ڪئي ڀيرا بحث ۽ گفتگو فرمائي آهي، ۽ ان گفتگو جو آخري سلسلو حج جي موسم ۾ ٿيل ملاقات تي تمام ٿيو جڏهن امام عليه السلام جي ڪجهه صحابين اوهان جي خدمت عرض ڪيو: ڇا ابن ابي العوجاء مسلمان ٿي ويو آهي؟ امام عليه السلام فرمايو: ان جي دل انتهائي انڌي آهي هو ڪنهن به صورت ۾ مسلمان نه ٿيندو، پر جنهن مهل ان نظر امام عليه السلام تي پئي ته هُن چيو: اي منهنجا مولا ۽ آقا!

امام عليه السلام فرمايو:مَا جَاءَ بِكَ إِلَى هَذَا الْمَوْضِعِ.(تون هِتي ڇا ڪرين پيو؟).

ته هن عرض ڪيو:عَادَةُ الْجَسَدِ وَ سُنَّةُ الْبَلَدِ وَ لِنُنصِرَ مَا النَّاسُ فِيهِ مِنَ الْجُنُونِ وَ الْحَلْقِ وَ رَمْيِ الْحِجَارَة.

(ڇوجو بدن جي عادت ٿي وئي آهي ۽ ماحول اهڙي طرح جو بڻجي ويو آهي، ان کان علاوه ماڻهن جو جنون ۽ ديوانگي، انهن جو (پنهنجا) مٿا ڪوڙائن ۽ رمي جمره ڏسڻ لاءِ اچي ويو آهيان!!).

امام عليه السلام فرمايو:أَنْتَ بَعْدُ عَلَى عُتُوِّكَ وَ ضَلَالِكَ يَا عَبْدَ الْكَرِيم.

(اي عبد ڪريم! تون اڃان به پنهنجي ضلالت ۽ گمراهي تي باقي آهين)[iii]

هُن امام عليه السلام کي گفتگو جو آغاز ڪرڻ لاءِ چيو ته امام عليه السلام فرمايو:لا جِدالَ فِي الْحَجِّ.

(حج جنگ ۽ بحث ۽ تڪرار جي جڳهه نه آهي).

امام عليه السلام سندس هٿ منجهان پنهنجي عَبا کي ڇڪيندي هي جملو ارشاد فرمايو:

إِنْ يَكُنِ الْأَمْرُ كَمَا تَقُولُ وَ لَيْسَ كَمَا تَقُولُ نَجَوْنَا وَ نَجَوْتَ وَ إِنْ يَكُنِ الْأَمْرُ كَمَا نَقُولُ وَ هُوَ كَمَا نَقُولُ نَجَوْنَا وَ هَلَكْت.

جيڪڏهن حقيقت ائين ئي آهي جيئن تون چوي ٿو ته (خدا ۽ قيامت جو ڪو وجود نه آهي) جڏهن ته هرگز ائين نه آهي، اسان به اهل نجات آهيون ۽ تون به، پر جيڪڏهن اسان جو عقيدو آهي، ۽ حق پڻ اِهوئي آهي ته اسين اهل نجات آهيون ۽ تون هلاڪ ٿي ويندين.

ابن ابي العوجاء پنهنجي ڀاٿين ڏانهن رخ ڪيو چيائين:وَجَدْتُ فِي قَلْبِي حَزَازَةً فَرُدُّونِي فَرَدُّوهُ فَمَاتَ.

(آءُ پنهنجي دل ۾ درد جو احساس ڪري رهيو آهيان، مونکي واپس وٺي هلو، جيئن ئي کيس موثائي وٺي ويا ته ڪجهه ئي دير کان بعد هن دنيا تان لاڏاڻو ڪري ويو[iv]،[v].

محبت جو جذبو:

اشارو:هڪ مشهور ۽ معروف چوڻي آهي ته “انسان احسان ۽ ڀلائيءَ جو غلام هوندو آهي(الإنسان عبيد الإحسان)

ساڳيو مطلب ٿوري فرق سان اميرالمومنين عليه السلام جي هڪ حديث ۾ پڻ نقل ٿيو آهي جنهن منجهه پاڻ فرمائن ٿا:الْإِنْسَانُ عَبْدُ الْإِحْسَانِ.[vi] انسان، احسان جو غلام ۽ ٻانهو آهي.

امام عليه السلام هڪ ٻئي حديث ۾ پڻ فرمائن ٿا:بِالْإِحْسَانِ تُمْلَكُ الْقُلُوبُ.[vii]

احسان جي ذريعي (ماڻهن جي) دلين کي مُسخر ۽ قبضي ۾ ڪري سگهجي ٿو.

هڪ ٻي حديث ۾ آهي ته اميرالمومنين عليه السلام فرمائن ٿا:وَ أَفْضِلْ عَلَى مَنْ شِئْتَ تَكُنْ أَمِيرَه.[viii]

هر شخص سان احسان ڪر تاڪه سندس حاڪم بڻجي وڃين.

انهن سڀني ڳالهين جو سرچشمو حديثِ پيغمبر اڪرم (ص) آهي جنهن ۾ پاڻ فرمائن ٿا:

إِنَّ اللَّهَ جَبَلَ قُلُوبَ عِبَادِهِ عَلَى حُبِّ مَنْ أَحْسَنَ إِلَيْهَا وَ بُغْضِ مَنْ أَسَاءَ إِلَيْهَا.[ix]

خداوندعالم پنهنجي بندن جي دلين کي ان شخص جي محبت لاءِ ڇڪائي ڇڏيو آهي جيڪو انهن تي احسان ڪندو آهي ۽ سندن دلين ۾ ان شخص طرفان عداوت ۽ دشمني وجهي ڇڏي آهي جيڪو ان سان بدسلوڪي ڪري ٿو.

ٿوري اکرن ۾ هي ته هيءَ هڪ حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي سان احسان ڪري يا سندس ڪا خدمت ڪري يا کيس ڪا سوکڙي ڏي ته اهو شخص پڻ اُن سان محبت ڪندو آهي، ۽ نعمت عطا ڪرڻ واري ۽ احسان ڪرڻ کان مانوس ٿي ويندو آهي، ۽ چاهي ٿو ته کيس چڱي ريت سڃاڻي، ۽ سندس شڪريو ادا ڪري، ۽ اِها ڳالهه پڻ طي آهي ته نعمت  ۽ احسان جيترا اهم ۽ ڳرا هوندا آهن مُنعِم (يعني نعمت ڏيڻ وارا) جي نسبت ان جي محبت ۽ سندس سڃاڻپ پڻ وڌيڪ هوندي آهي.انهيءَ ڪري علم ڪلام (عقائد) جي عالمن پراڻي زماني کان مذهب جي تحقيق جي سلسلي ۾ “شُڪرِ منعم” (نعمت عطا ڪرڻ واري جو شڪريو ادا ڪرڻ کي) معرفتِ خدا جي علتن منجهان هڪ علت شمار ڪن ٿا.پر هن ڳالهه کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته “شڪر منعم” وارو مسئلو عقلي حڪم کان پهرين هڪ عاطفي مسئلو آهي، هِن مختصر اشاري کي عرب جي مشهور ۽ معروف شاعر ابوالفتح بستني جي شعر تي ختم ڪريون ٿا:

احسن الي الناس تستعبد قلوبهم فطالما استعبد الانسان احسان

ماڻهن سان نيڪي ڪيو تاڪه سندس دلين تي حڪومت ڪري سگهو، بيشڪ انسان احسان جو غلام هوندو آهي.

حضرت امام باقر عليه السلام کان روايت آهي ته پاڻ فرمايائون:

هڪ ڏينهن رسول خدا (ص) عائشه جي حُجري ۾ هئا ته عائشه پڇيو ته توهان ڇو ايتري قدر پنهنجي پاڻ کي عبادت جي لاءِ) زحمت ۾ وجهو ٿا؟ جڏهن ته خداوندعالم اوهان جي گذريل ۽ ايندڙ الزامن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.[x]

پاڻ سڳورن (ص) فرمايو: ألا أكون عبدا شكورا.[xi] مونکي اُن جو شڪرگذار بندو نه هجڻ گهرجي؟).

فطري لاڳاپو:

اشارو:جنهن مهل فطرت جي باري ۾ گفتگو ٿئي ٿي ته ان مان مراد اندروني ادراڪ ۽ احساس هوندو آهي جنهن ڪاڻ ڪنهن به عقلي دليل جي ضرورت نه هوندي آهي.

جنهن وقت اسان هڪ دل ڪَش منظر، يا خوبصورت باغ ۽ چَمن کي ڏسون ٿا ۽ اسان جي دل ۾ هن خوبصورت منظر کي ڏسي ڪري ڪشش ۽ ڇِڪ محسوس ٿئي ٿي ته اندران اسان جو احساس آواز ڏئي ٿو ته هِن ڪَشش ۽ رغبت جو نالو عشق يا سونهن رکيو وڃي، جڏهن ته هتي ڪنهن به قسم جي استدلال جي ضرورت نه هوندي آهي.

جي ها! خوبصورتي جو احساس ڪرڻ واري اِها طاقت، انسان جي بلند پرواز روح جي خواهشن ۽ رغبتن منجهان آهي، مذهب جي سلسلي ۾ اِها ڪشش خاص ڪري معرفتِ خدا جو مسئلو پڻ هڪ اندروني ۽ ذاتي احساس آهي، بلڪه انسان جي اندر سڀ کان وڏي طاقت جو نالو آهي.

انهيءَ ڪري اسان ڪنهن قوم يا ملت کي نٿا ڏسون (نه اڄ ۽ نه گذريل زماني ۾) ته ان جي نزديڪ عقائد نه پاتا ويندا هجن، جنهن مان خبر پوي ٿي ته هي عميق ۽ گهرو احساس هر انسان منجهه پاتو وڃي ٿو.

قرآن مجيد انبياء جي قيام جي داستانن کي بيان ڪندي هن نڪتي تي توجهه ڏني آهي ته رسالت جي ذمه داري شرڪ ۽ بت پرستي جو خاتمو هيو (نه خدا جي وجود کي ثابت ڪرڻ، ڇوجو هي موضوع ته هر انسان جي فطرت ۾ لڪيل آهي).

يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته انبياء عليهم السلام اِهو چاهيندا هئا ته “خدا پرستي جو وڻ” ماڻهن جي دلين ۾ پوکين، بلڪه سندن مقصد هي هيو ته انهن جي دلين ۾ موجود ان وڻ کي آبياري ڪن ۽ ان جي ويجهو (موجود هر قسم جي) بيڪار ۽ فالتو گاهه ۽ ڪنڊن کي هٽائي ڇڏين جن جي ڪري هي وڻ بلڪل خشڪ ٿي سگهي ٿو ايسيتائين جو پاڙ کان پٽجي وڃي ٿو.

أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّه يا أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا إِيَّاهُ.(خدا کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪيو)

هِن جملي ۾ بتن جي پوجا کان روڪيو وڃي پيو نه هيءَ ته خدا جي وجود کي ثابت ڪيو وڃي پيو، ۽ هي جملو ڪيترين ئي نبين جي گفتگو ۾ بيان ٿيو، جهڙوڪ پيغمبر اڪرم (ص) جي تبليغ ۾[xii]، حضرت نوح عليه السلام جي تبليغ ۾[xiii]، حضرت يوسف عليه السلام جي تبليغ ۾[xiv]، ۽ حضرت هود عليه السلام جي تبليغ ۾ بيان ٿيو آهي.[xv]

ان کان علاوه اسان جي دل ۽ جان ۾ ٻيا فطري احساسات پڻ پاتا وڃن ٿا جهڙوڪ: علم ۽ دانش، جن جي باري ۾ تمام گهڻو شوق ۽ رغبت هوندي آهي.

ڇا هي ممڪن آهي ته هِن وسيع ۽ ڪشاده ڪائنات جي عجيب و غريب نظام کي ته ڏسون پر هن نظام کي پيدا ڪرڻ واري جي معرفت ۽ سڃاڻپ جي سلسلي ۾ ڪو شوق ۽ رغبت نه هجي؟.

ڇا هي ممڪن آهي ته هڪ دانش مند ڪِولن جي شناخت لاءِ ويهه سال تائين ريسرچ ۽ جاکوڙ ڪري ۽ ٻيو ڪئي سال پکين يا وڻن يا دريائي مڇين جي باري ۾ تحقيق ڪري، پر سندس دل ۾ علم جو شوق نه پاتو ويندو هجي؟ ڇا ماڻهو ان وسيع ۽ عريض دنيا جي سرچشمي جي تلاش نه ڪندا؟!.

جي ها! هي سڀئي شيون اسان کي معرفتِ خدا ڏانهن دعوت ڏين ٿيون ۽ اسان جي فطرت کي هِن راهه جي طرف حرڪت ڏين ٿيون.[xvi]



[i] تفسير پيام قرآن، ج2 ص:24.

[ii] سوره فصلت، آيت:52.

[iii] عبد الڪريم جو اصلي نالو ابن ابي العوجاء هيو، ڇوجو هو خدا جو منڪر هيو انهي ڪري امام عليه السلام خاص طور تي کيس هن نالي سان سڏ ڪيو آهي تاڪه شرمندو ٿي وڃي.

[iv] ڪافي، ج1 ص:61، ڪتاب التوحيد باب حدوث العالم).

[v] تفسير نمونه، ج20 ص:325.

[vi] غرر الحڪم.

[vii] غرر الحڪم.

[viii] بحارالانوار، ج77 ص:421 (آخوندي).

[ix] تحف العقول، ص:37 (رسول خدا (ص) جي حديثن وارو ڀاڱو).

[x] سوره فتح جي پهرين آيت ڏانهن اشارو آهي ۽ ان جي تفسير وضاحت تفسير نمونه جي جلد22 جي صفحي18 تي موجود آهي.

[xi] اصول ڪافي، ج2 باب الشڪر حديث:6.

[xii] سوره هود، آيت:2.

[xiii] سوره هود، آيت:26.

[xiv] سوره يوسف، آيت:40.

[xv] سوره احقاف، آيت:21.

[xvi] تفسير پيام قرآن، ج2 ص:34.