Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 121 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

محمد بن مسلم هڪ اهڙو شخص آهي جنهن پنهنجي پوري زندگي الله پاڪ جي ٻن حجتن امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق عليهما السلام جي خدمت ۾ گذاري ۽ انهن ٻن بزرگوارن کان دين جو علم سکيو علم سکڻ ۾ هن ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي انسان بغير ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي اهو چئي سگھي ٿو ته انهن ٻنهي امامن(ع) جي زماني ۾ محمد بن مسلم جھڙو ڪو به ٻيو شخص موجود نه هو ڇاڪاڻ ته محمد بن مسلم ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻيون روايتون نقل ڪرڻ وارو شخص آهي.01

سندس ولادت، ڪنيت ۽ لقب

محمد بن مسلم تاريخي شهر ڪوفي ۾ جنم ورتو انهي ڪري کيس ڪوفي به چوندا آهن.سندس ڪنيت ابو جعفر آهي،سندس لقب تمام گھڻا آهن جيڪي جسماني، اقتصادي ۽ قبيلي جي ڪري مليا اٿس.سندس ڪنڌ(ڳچي) ننڍي هوندي هئي انهي ڪري ”اوقص“۽ سندس اکين منجھان هڪ اک ۾ مشڪل هيس انهي ڪري”اعور“۽سندس اکين جا پنبڻُ سدائين حرڪت ۾ هونداهيس انهي ڪري”حدّاج“۽ سندس قد ننڍڙوهيس انهي ڪري ”قصير“چوندا هيس.انهي کانسواءِ پاڻ تيل کپائيندو هو انهي ڪري(سمّان)به چوندا هيس سندس ابا ڏاڏا طائف شهر جا هئا انهي ڪري ”طائفي“ ۽ سندس قبيلوثقيف هو جيڪو طائف ۾ زندگي ڪندو هو انهي ڪري کيس ”ثقفي“ به چوندا آهن.

سندس خاصيتون ۽ صفتون

1 : گھڻيون حديثون نقل ڪرڻ

هن فقيھ ۽ محدث جي جيڪا سڀ کان بهترين خاصيت آهي اها روايتن جو تعداد آهي جيڪي هن ٻن بزرگ معصوم امامن(ع) کان حاصل ڪيون ۽ هن شخص کان ايتري گھڻي تعداد ۾ روايتن جونقل ٿيڻ هن ڳالھ جي نشاني آهي ته محمد بن مسلم جو دين سان تمام بهترين لڳاءُ ۽ واسطو هو محمد بن مسلم پنهنجي زباني ڪجھ هن ريت بيان ڪري ٿو ته آئون جڏهن به ڪنهن شرعي مسئلي ۾ مُنجھي پوندو هئس ته امام باقر ۽ امام صادق عليهما السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هئس جيترو به وقت مديني ۾ رهيس ۽ يا جڏهن ڪوفي کان مديني ويندو هئس ته تقريباً ٽيھ هزار حديثون امام باقر(ع) کان ۽ سورنهن هزار حديثون امام صادق(ع)کان ٻڌم ۽ ياد ڪيم4

2 :فتوى ۾ مرجعيت

ڪڏهن ڪڏهن آئمه معصومين(عليهم السلام) پنهنجن شيعن کي دين اسلام جي مسئلن ۽ شرعي احڪام کي سکڻ لاءِ پنهنجي چونڊيل ماڻهن ڏانهن متوجھ ڪرائيندا هئا هي انهي ڳالھ جي دليل هئي ته اُهي شخصيتون جن جي طرف آئمه معصومين توجھ ڏياريندا هئا اهي شخصيتون علم ۽ ڪمال جي آخري درجي تي پهتل هيون. انهن شخصيتن منجهان محمد بن مسلم به هڪ شخصيت آهي .عبدالله بن ابي يعفورجيڪو پاڻ هڪ مڃيل فقيھ ۽ محدث هو، اهو چوي ٿو ته امام صادق(ع) کي عرض ڪيم ته مولا  مون وٽ ايتري طاقت يا سهولت نه آهي جو آئون هر وقت ڪوفي کان حجاز توهان جي خدمت ۾ اچي سگھان ڪڏهن ڪڏهن اهڙو اتفاق ٿيندو آهي جو توهان جا شيعه مون وٽ ايندا آهن ۽ پنهنجا شرعي مسئلا مون کان پڇندا آهن ۽ ڪجھ اهڙا مسئلا به هوندا آهن جن جي باري ۾ مون کي ڄاڻ ناهي هوندي.انهي مسئلي ۾ توهان مونکي ڪهڙو حڪم ڏيوٿا؟ امام(ع)سندس جواب ۾ فرمايوته توکي ڇا ٿيو آهي جو محمد بن مسلم کان غافل آهين؟توکي گھرجي ته انهي ڏانهن رجوع ڪرين .ڇاڪاڻ ته هو منهنجي والد امام باقر(ع) جي مڪتب جو شاگرد آهي ۽ ان کان تمام گھڻيون حديثون ۽ شرعي مسئلا ياد ڪيا آهن. محمد بن مسلم جھڙي طرح اهل بيت(عليهم السلام) جي پيروي ڪندڙن ۾ مشهور هو اهڙي طرح مخالفن ۾ به مشهور ۽ معروف هو.نموني طور هڪ قصوپيش ڪجي ٿوهي قصو محمد بن مسلم پاڻ پنهنجي زباني بيان ڪري ٿو ته آئون ڪوفي ۾ هڪ رات گرمين جي موسم ۾ پنهنجي گھر جي ڇت تي سُتو پيو هئس ته اوچتو دروازو کڙڪيو ته آئون ننڊ مان سجاڳ ٿيس پڇا ڪيم ته دروازي تي ڪير آهي؟ آئون اهو به سمجھي ويو هئس ته دروازي کڙڪائڻ واري ڪا عورت آهي هن جواب ۾ چيو ته آئون آهيان،الله پاڪ توهان تي پنهنجي رحمت ڪري.آئون گھر جي ڇت تان هيٺ لٿس،هن چيو ته منهنجي نُنهن اُميد (پيٽ) سان هئي ۽ هينئر ٻار جي ولادت ٿيڻ واري هئي ته سندس تڪليف وڌي وئي جنهن سبب پاڻ انتقال ڪري وئي پر سندس پيٽ ۾ موجود ٻار زندھ اٿس هاڻي منهنجو وظيفو ڇا آهي؟محمد بن مسلم چوي ٿو ته مان انهي عورت کي چيو ته آئون هڪ ڏينهن مديني ۾امام باقر(ع) جي خدمت ۾ هيس ته بلڪل اهڙي ئي قسم جو سوال امام(ع)کان پڇيوويوته امام(ع) جواب ۾ فرمايوته جيڪڏهن اهڙي قسم جو مسئلو پيش اچي وڃي ته ضروري آهي ته انهي عورت جي پيٽ کي چيري سندس پيٽ مان ٻار کي ٻاهر ڪڍيو وڃي.پوءِ مون انهي عورت کي چيوته تون وڃي اهو ڪم انجام ڏي ۽ انهي سان گڏوگڏ اهيو به چيومانس ته آئون هڪ اهڙو شخص آهيان جيڪو تقيه جي حالت ۾  ۽ لڪل زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ آئون ايترو معروف ۽ مشهور به نه آهيان،پوءِ توکي منهنجو ڏس ڪنهن ڏنو آهي؟انهي تي هن عورت جواب ۾ چيو ته الله پاڪ توهان تي پنهنجي رحمت ڪري آئون ابو حنيفي وٽ وئي هيم ۽ هن مسئلي جي باري ۾ پڇا ڪيم ته هن جواب ۾ چيو ته ”مونکي خبر ناهي“ ۽ پوءِ چيائين ته توکي گھرجي ته تون هي مسئلو محمد بن مسلم ثقفي کان پڇا ڪر، هو انهي مسئلي کي ڄاڻي ٿو،جڏهن هن وٽ وڃين ۽ اهو مسئلو پڇا ڪرين ته جيڪا به فتوى محمد بن مسلم توکي ٻڌائي اها مونکي به ضرور ٻڌائجان.پوءِ محمد بن مسلم چوي ٿو ته مون هن عورت کي چيو تون وڃ الله پاڪ سڀ خير ڪندو،پوءِ هيءَ عورت ابو حنيفي وٽ وئي ۽ هن کي اهو حڪم ٻڌايائين،محمد بن مسلم چوي ٿو جڏهن آئون هڪ ڏينهن کان پوءِ مسجد ۾ ويس ته ڏٺم ته ابو حنيفو اهو ساڳيو مسئلو پنهنجي شاگردن کان پڇي رهيو آهي ۽ پاڻ ئي انهن کي جواب ٻڌائي رهيو آهي مون جڏهن اهو ٻڌو ته ٿورو کنگھيم(ظاهراً اهو انهي ڳالھ ڏانهن اشارو هو ته ڪوڙ ۽ ڌوڪي ۽ پنهنجي عالم هجڻ جي دعوى کان پرهيز ڪر) انهي تي ابو حنيفو مون ڏانهن متوجھ ٿيو ۽ مون طرف پنهنجو مُنهن ڪري چيائين ته اڄوڪو ڏينهن مونکي ڇڏ ته جيئن شاگردن جي اڳيان منهنجي بيعزتي نه ٿئي.

3 : چار سال امامA جي خدمت ۾

هشام بن سالم چوي ٿو ته:محمد بن مسلم ثقفي ڪوفي مسلسل چار سال مديني ۾ رهيو ۽چارئي سال لڳاتار امام باقرA جي خدمت ۾ گذاريا ۽ امامAکان تمام گھڻو علم پرايائين ۽ حديثون ياد ڪيائين ۽ اهو ئي سبب هو جنهن جي ڪري محمد بن مسلم کي”ما کان احد من الشيعة افقہ من محمد بن مسلم“شيعن جي محدثين منجھان ڪوبه محمد بن مسلم کان وڌيڪ فقيھ نه آهي.جو خطاب مليو.       

هڪ مشهور قصو

ڪشّي زراره بن اعين جيڪوامام باقر ۽ امام صادق(عليهما السلام) جومشهور صحابي هو انهي کان نقل ڪري ٿو ته زراره چوي ٿو ته ابو ڪريبه جيڪو شيعن جو مشهور راوي آهي ۽ محمد بن مسلم کي هڪ دفعو ڪنهن واقعي جي گواهي(شهادت) ڏيڻ لاءِ ڪوفي جي قاضي شريڪ بن عبدالله نخعي وٽ وڃڻو پيو.قاضي مخالف مذهب(اهلسنت) سان تعلق رکندو هو جڏهن ڪوفي جي قاضي جي هنن ٻن نوراني چهري وارن تي نظر پئي ته ڪجھ دير تائين خاموشي سان انهن جي طرف ڏسندو رهيو۽ پوءِ چيائين ته جعفريان وفاطميان!(جنهن جو مطلب هي هو ته توهان ٻئي حضرت فاطمه زهرا(س)۽امام جعفر صادق(ع) جا پيروڪاريعني شيعه آهيو. آئون توهان ٻنهي جي گواهي(شهادت) ڪيئن قبول ڪريان؟جيئن ئي انهن ٻنهي قاضي جي زباني اها ڳالھ ٻڌي ته هڪدم روئڻ شروع ڪيائون ته قاضي وائڙو ٿي ويو!۽ پڇيائين ته توهان روئو ڇو ٿا؟انهي تي ٻنهي جواب ۾ چيو ته تو اسان کي اهڙين پاڪ ۽ بزرگ شخصيتن ڏانهن نسبت ڏني آهي جنهن جا اسان لائق نه آهيون ڇاڪاڻ ته اسان جو اخلاق ۽ رفتارانهن پاڪ هستين جي سامهون نه هجڻ جي برابرآهي جيڪڏهن امام صادق(ع) اسان کي پنهنجي رستي تي هلڻ وارن شيعن منجھان شمار ڪري ته اهواسان لاءِ اعلى شرف، عزت ۽ بلندي جو مقام هوندو شريڪ بن عبدالله ٿورو مُرڪيو۽ چيائين ته جيڪڏهن معاشري ۾ انسان هجن ته اُهي توهان جھڙا صالح۽نيڪ هجن.پوءِ قاضي پنهنجي ڪلارڪ (منشي) کي چيواي وليد هن ڀيري هنن ٻنهي جي گواهي(شهادت) قبول ڪر.زراره چوي ٿوته هن واقعي کان پوءِ آئون مديني امام صادق(ع) جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ امام(ع) کي هي پورو واقعو ٻڌايم ته امام(ع) انهي قاضي کان بيزاري جو اظهار ڪيو.

سندس وفات(رحلت)

محمد بن مسلم اهل بيت(عليهم السلام) جو خدمت گذارپنهنجي برڪت۽شفقت سان ڀريل زندگي گذارڻ ۽ گھڻيون ئي حديثون۽ حڪمت ونصيحت ڀريا ٻول ڇڏڻ کانپوءِ سن150 هجري قمري ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪري بقاء واري دنيا ڏانهن هميشه لاءِ ڪُوچ ڪري ويو.

حوالا

1 : ڪمال الدين و تمام النعمة، چاپ، علي اڪبر غفاري قم1363 ش

2 : عبدالله نعمہ،هشام بن حڪم، بيروت 1404

3 : ابن نديم، ڪتاب الفهرست، چاپ رضا تجدد،تهران1350 ش

4 : محمد بن عمر،ڪشي، اختيارمعرفةالرجال

5 : عبدالله مامقاني، تنقيح المقال في علم الرجال،نجف1352

6 : احمد بن علي نجاشي، رجال النجاشي

7 : ابن شهر آشوب،معالم العلماء،نجف3180

8 : محمد بن عبدالڪريم شهرستاني.