Get Adobe Flash player

فقه جو علم مسلمانن جو هڪ اڻ ملھ ۽ قيمتي خزانو آهي.جيئن ته اسلامي مذهبن ۾ تمام گھڻا اهڙا فقهي مسئلا موجود آهن جن ۾ هڪ جھڙائي ڏٺي وئي آهي جن منجھان نماز تراويح به هڪ اهم ۽ خاص مسئلو آهي. نماز تراويح به ڪيترن ئي صدين کان شيعن ۽ اهل سنت جي وچ ۾ اختلافي مسئلو رهيو آهي. نماز تراويح مان مراد اهي مستحب نمازون آهن جيڪي رمضان جي مهيني ۾ رات جو پڙهيون وينديون آهن. اهلسنت وارا انهي نماز کي جماعت سان پڙهندا آهن.۽ شيعه هرگز انهي طريقي جا قائل نه آهن. ۽ اهو ئي يعني (جماعت ۽ جماعت کانسواءِ ) ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ وڏي ۾ وڏو اختلافي مسئلو آهي. شيعه انهي نماز جي باري ۾ ڪهڙي نظر رکن ٿا اها هن مقالي ۾ بيان ڪئي ويندي ۽انهي سان گڏو گڏ هي نماز شريعت اسلام ۾ ڪهڙي حيثيت رکي ٿي انهي متعلق ٻنهي ڌُرين جا رايا پيش ڪيا ويندا ۽ هن مقالي ۾ جن شين سان بحث ڪيو ويندو اُهي هيٺين ترتيب سان آهن. 

الف: هن نماز جو نالو،  ب: ان جي شرعي حيثيت ۽ فضيلت، ج: هن نماز جو وقت، د: رڪعتن جو تعداد، ھ: نماز تراويح ۾ جماعت جو حڪم

الف : هن نماز جو نالو

نافله نماز جيڪا رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ رات جي وقت پڙهي ويندي آهي فقهاء جي عرف ۽ روايتن جي ڪتابن ۾ ٻن عنوانن سان ذڪر ٿيل آهي .هڪ قيام شهر رمضان، ٻيون “صلواة تراويح” انهي مان پهريون عنوان اهلسنت ۽ شيعن جي حديثن جي ڪتابن مثلاً صحيح مسلم ۽ اصول ڪافي۾ ذڪر ٿيل آهي پر ٻيون عنوان فقهاء اهل سنت جي عرف ۾ تمام گھڻو مشھور آهي

تراويح لغت ۾”ترويحہ “ جي جمع آهي جنهن جي معنى ڪجھ ديرويهي ساھ کڻڻ جي آهي هي اها نافله نماز آهي جنهن ۾ هر چئن رڪعتن کان پوءِ نمازي ڪجھ دير لاءِ ساهي پتيندو آهي تنهن ڪري ان کي تراويح جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.حقيقت ۾ لغوي معنى شرعي معنى سان مناسبت رکي ٿي ،يعني جيڪڏهن ڪنهن نشاني ۽ قاعدي قانون کانسواءِ ”تراويح“ جو لفظ مسلمانن جي عرف ۾ استعمال ڪيو وڃي ته ذهن ۾ جيڪا پهرين شيءِ يا معنى ايندي اها رمضان پاڪ ۾ رات جو جيڪي مستحب (نافله) نمازون پڙهيون وينديون آهن انهن ڏانهن ويندو .ابن منظور نماز تراويح جي لغوي معنى جي شرح ڏيندي لکي ٿو

و الترويحة في شهر رمضان :] سميت بذلک لاستراحة القوم بعد کل اربع رکعات و في الحديث صلاة التراويح لانّهم کانوا يستريحون بين کل تسليمتين. والتراويح جمع ترويحة و هي المرة الواحدة من الراحة تفعلية منها مثل تسليمة من السلام [ 1

ابن منظور لکي ٿو ته تراويح(جي نماز) رمضان جي مهيني ۾ (پڙهي ويندي آهي) نماز تراويح کي انهي ڪري تراويح چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هر چار رڪعتن کان پوءِ ماڻهو ڪجھ دير لاءِ ويهي ساھ کڻندا آهن.۽حديث۾نماز تراويح کي انهي ڪري تراويح چيوويو آهي ڇاڪاڻ ته هر ٻن سلامن جي درميان ماڻهو ساھ کڻندا آهن تراويح ”ترويحه“ جي جمع آهي ۽ مادہ راحت منجھان نڪتل آهي،جيڪو هڪ دفعو ساھ کڻڻ جي معنى ۾ آهي، ۽ان(راحت)مان باب تفعليه(تفعيل) جو مصدر آهي،جيئن سلام مان تسليمة مصدر نڪتل آهي.

ب : تراويح جي شرعي حيثيت ۽ ان جي فضيلت

1 : فقيهن جا قول

رمضان پاڪ جي مهيني ۾ رات جو جيڪي مستحب (تراويح) نمازون پڙهيون وڃن ٿيون انهي جي جائز ۽شريعت مطابق هجڻ کي تمام اسلامي مذهبن جا فقيھ قبول ڪن ٿا انهي ۾ ڪو خاص اختلاف موجود نه آهي. شمس الدين سرخسي ، جيڪو حنفي مّهب جو فقيھ آهي اُهو لکي ٿو ته:

” و الامة اجمعت على مشروعيتها و جوازها “2 امت جو انهي جي شريعت مطابق ۽ جائز هجڻ تي اجماع آهي اهڙي طرح نووي شافعي لکي ٿو ” اتفق العلماء على استحبابها “يعني سڀئي علماء نماز تراويح جي مستحب هجڻ تي متفق آهن

اهڙي طرح صاحب جواهر پڻ نماز تراويح جي باري ۾ لکي ٿو ته  فتوائن ۽ روايتن ۾ جيڪو قول مشهور آهي اهو انهن نافله نمازن جي مستحب هجڻ تي آهي بلڪه انهن جو مستحب هجڻ اصحاب جي درميان ايترو ته مشهور آهي جو هي مسئلو اجماع تائين پهتل آهي سواءِ شيخ صدوق جي ٻيو ڪوبه مخالف نه آهي 3

2 : روايتون

تمام مذهبن جي فقيهن وٽ هي (تراويح) نماز مستحب ۽ فضيلت واري هجڻ سان گڏو گڏ هن نماز جي تمام گھڻي فضيلت روايتن ۾ به ذڪر ٿيل آهي .

رسول خدا (ص) جن ارشاد فرمائين ٿا ته

(من قام رمضان ايماناً و احتساباً غفر لہ ما تقدم من ذنبہ) 4

جيڪو به شخص رمضان پاڪ جي مهيني ۾رات جو نافله نمازون پڙهندو ته الله پاڪ (جل) ان جا ماضي ۾ڪيل سڀ گناھ معاف ڪري ڇڏيندو.

هن حديث کي سند ۽ دلالت جي لحاظ کان پرکي سگھجي ٿو . سند جي حوالي سان هي حديث اهل سنت جي روايتن جي مختلف ڪتابن ۾ جھڙوڪ صحاح سته ۽ ٻين ڪتابن ۾ نقل ٿيل آهي.

.پر ميثمي هن حديث کي نقل ڪرڻ کان پوءِلکي ٿو ته هن حديث جي سند ۾ ابراهيم بن اسماعيل بن مجمع جھڙو شخص موجود آهي جيڪو بلڪل ضعيف آهي 5 ۽ دلالت جي حوالي سان هن حديث ۾ ٽي لفظ قابل غور ۽ ويچار جوڳا آهن ۽ انهن کي سمجھڻ به ضروري آهي هڪ ” قيام رمضان “ ٻيون ” ايماناً “ ٽيون ” احتساباً “ آهي.

”قيام رمضان“ مان مراد مستحب نمازون آهن ڇاڪاڻ ته لفظ قيام گھڻوڪري رات جو نافله نماز ۽ تهجد نماز پڙهڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي هتي لفظ قيام رمضان ڏانهن مضاف ٿيو آهي يعني رمضان جي مهيني ۾ رات جو نماز پڙهڻ .انهي کانسواءِ صحيح بخاري جي ڪجھ شرح ڪرڻ وارن اهيو به لکيو ته قيام رمضان مان مراد ”نماز تراويح “ آهي.

ٻيو لفظ ” ايمانا “ انهي جو اهو مقصد نه آهي ته انسان قيامت ۽ ٻين شين تي ايمان ۽ اعتقاد رکندو هجي ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جو ايمان تمام عبادتن جي صحيح هجڻ ۾ شرط آهي .بلڪه هن مان مراد هي آهي ته انسان هن نماز جي فضيلت ۽ حق هجڻ جو اعتقاد رکندو هجي

ٽيون ۽آخري لفظ ”احتساباً “ جو آهي جنهن جو مقصد هي آهي ته نماز پڙهڻ وارو پنهنجي عمل ۾ فقط الله پاڪ(جل) کي پنهنجي نيت ۾ رکي  ماڻهن کي خوش ڪرڻ مقصد نه هجيس  يعني حقيقت ۾ اخلاص جي رعايت ڪري .

نووي، فقہ الحديث ۾ لکي ٿو ته

معنى ”ايماناً “ تصديقاً بانہ حق مقتصد فضيلتہ و معنى ”احتساباً“ ان يريد الله تعالى وحدہ لايقصد روية الناس ولا غير ذلک مما يخالف الاخلاص و المراد ”بقيام رمضان“ صلاة التراويح 6

ايمان مان مراد هي آهي ته نماز پڙهڻ وارو هن نماز جي فضيلت جو قصد رکندو هجي ۽ احتساب مان مراد هي آهي ته نماز پڙهڻ وارو فقط الله وحدہ لاشريڪ لہ کي نيت ۾ رکي ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ جي نيت سان نه ڪري ۽ نه وري ڪو اهڙو ڪم ڪري جيڪو اخلاص جي مخالف هجي ۽ قيام رمضان مان مراد نماز تراويح آهي.

شيعن کان به رمضان جي مهيني ۾ نماز نافله جي فضيلت ۾ تمام گھڻيون روايتون نقل ٿيل آهن

عن ابي جعفر(ع) قال: خطب رسول الله(ص) في آخر جمعہ من شعبان ... ”و هو شهر رمضان فرض الله صيامہ و جعل قيام ليلة فيہ بتطوع صلاة کمن يتطوع بصلاة سبعين ليلة فيما سواہ من الشهور“7  

امام محمد باقر (ع) فرمائي ٿو ته الله جي رسول(ص) شعبان مهيني جي آخري جمعي جي خطبي ۾ ارشاد فرمايو ته “ الله سائين رمضان جي مهيني ۾ روزا واجب قرار ڏنا آهن ۽ هڪ رات جي  مستحب نماز پڙهڻ کي ٻين مهينن جي  ستر راتين جي برابر قرار ڏنو اٿس .

هڪ ٻي حديث ۾ علي بن ابي حمزہ چوي ٿو ته

قال لہ ابو بصير : ما تقول في الصلاة في رمضان ؟ فقال(ع) لہ : ان لرمضان لحرمة وحقاً لا يشبہ شيءِ من الشهور ، صلّ ما استطعت في رمضان تطوعاً بالليل و النهار و ان استطعت في کل يوم و ليلة الف رکعة فصلّ، انّ علياً (ع) کان في آخر عمرہ يصلي في کل يوم و ليلة الف رکعة،8

ابو بصير امام صادق (ع) کي عرض ڪيو ته رمضان مهيني جي نماز جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي نظر آهي ؟

امام(ع) جواب ۾ فرمايو ته بتحقيق رمضان جو هڪ حق ۽ حرمت آهي جنهن کي ٻيو ڪو به مهينو نه ٿو پهچي سگھي . جيترو ٿي سگھئي رمضان جي مهيني ۾ رات ۽ ڏينهن جو مستحب نمازون پڙھ جيڪڏهن ٿي سگھئي ته هر ڏينهن ۽ رات جو هزار رڪعت نماز پڙھ ڇاڪاڻ ته حضرت علي(ع) پنهنجي عمر جي  آخري حصي ۾ هر ڏينهن ۽ رات جو هزار رڪعت نماز پڙهندو هو .

ج : نماز تراويح جو وقت

1 : اهل سنت جو نظريو

اهلسنت جي نظر ۾عام طور نماز تراويح جي شروع ٿيڻ جو وقت سومهڻي جي نماز (عشاءِ) کان پوءِ فجر جي اڀرڻ تائين آهي . جڏهن ته مذاهب اربعہ ( يعني اهلسنت جي چار وڏن مذهبن ۾ ٿورو اختلاف موجود آهي )

جزيري نماز ترا ويح کي چئني مذهبن جي نظر ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو .

اما وقتها فهو من بعد صلواة العشاء و لو مجموعة جمع تقديم مع المغرب عند من يقول بجواز الجمع للمسافر سفر قصر و نحوہ با لشرائط الآتية في مبحث الجمع بين الصلاتين تقديماً و تاخيراً الا عند المالکية ( قالوا : اذا جمعہ العشاء مع المغرب جمع تقديم اخرت صلواة التراويح حتى يغيب الشفق فلو صليت قبل ذالک کانت نقلاً مطلقاً و لم يسقط طلبها ) و ينتهي بطلوع الفجر و تصح قبل الوتر و بعدہ بدون کراهية و لکن الافضل ان تکون قبلہ باتفاق ثلاثة و خالف المالکية فقالوا: ان تاخيرها عن الوتر مکروہ 9

ليڪن نافله ( نماز تراويح ) جو وقت نماز عشاء کان پوءِ آهي .جيڪڏهن ڪو شخص نماز مغرب ۽ عشاء کي گڏائي پڙهي ٿو ته ان جو حڪم انهي شخص وانگر آهي جيڪو سفر  ۾ نماز قصر پڙهي ٿو .جنهن جو حڪم ٻن نمازن کي گڏي پڙهڻ واري باب ۾ ايندو پر مالڪي مذهب وارا چون ٿا ته جيڪڏهن ڪو شخص نمازسانجھي  ۽ سومهڻي کي گڏائي پڙهي ٿو ته انهي کي گھرجي ته نماز تراويح کي ايترو دير سان پڙهي جو مغرب جي ڳاڙهاڻ ختم ٿي وڃي.

هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص نماز تراويح کي وقت اندر انجام نه ٿوڏئي .ڇا هن جي قضا واري تڪليف ختم ٿي يا نه ؟

انهي حڪم ۾ مالڪي، حنفي،۽ حنبلين جو اتفاق آهي ته نماز تراويح جي قضا نه آهي پر شافعي مذهب وارا چون ٿا ته وقت جي نڪرڻ کان پوءِ قضا ڪئي ويندي.  جزيري چوي ٿو ته :

فاذا خرج وقتها بطلوع الفجر فانها لا تقضي سواء کانت وحدها او مع العشاء باتفاق ثلاثة من الائمة و خالف الشافعية ( فقالوا:ان خرج وقتهاقضيت مطلقاً ) 10

2 : شيعن جو نظريو

شيعه فقيهن وٽ نماز تراويح جي وقت جي باري ۾ ڪابه مستقل بحث نه ٿي آهي پر ڪجھ حديثن ۽ فقهاء جي عبارتن مان جيڪا شيءِ ملي ٿي اها هن ريت آهي ته پهرين اٺ رڪعتن جو وقت نماز مغرب کان پوءِ آهي ۽ ٻين ٻارنهن رڪعتن جو وقت نماز عشاء کان پوءِ آهي ۽ هي وقت فجر جي اُڀرڻ تائين آهي .جيئن ته نماز تراويح کي  روايتن ۽ فقهاء جي ڪلمات ۾ لفظ “ليل” يعني رات سان مقيد ڪيو ويو آهي انهي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هن جو آخري وقت فجر جي اُڀرڻ تائين آهي .

سيد مرتضى (رح) لکي ٿو ته:

مسئلة: و مما انفردت بہ الامامية ترتيب نوافل شهر رمضان على ان يصلي في کل ليلة منہ عشرين رکعة منها ثمان بعد صلواة المغرب و اثنى عشر رکعة بعد العشاء الاخر 11

جنهن مسئلي ۾ اماميه ٻين کان جدا آهن اهو هي آهي ته رمضان مهيني جي نافله نمازن جي ترتيب هن ريت آهي ته نمازي رمضان جي هر رات ۾ ويھ رڪعتون پڙهي تنهن مان اٺ رڪعتون سانجھي جي نماز کان پوءِ پڙهي ۽ ٻارنهن رڪعتون سومهڻي جي نماز کان پوءِ پڙهي.

د : رڪعتن جو تعداد

1 : شيعن جو نظريو

شيعن جي نظر ۾ رمضان مهيني جي نافله نمازن جو تعداد هزار رڪعت آهي. هن ترتيب سان رمضان جي پهريَن ويھن راتين ۾ هر رات ويھ رڪعتون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ آخري ڏھ راتين ۾ ٽيھ رڪعتون پڙهيون وڃن ٿيون اهڙي ريت ست سو700 رڪعتون پوريون ٿين ٿيون. باقي ٽي سو رڪعتون هن ترتيب سان آهن جيڪي ٽن راتين ۾ پڙهيون وينديون آهن اوڻيھ ، ايڪيھ ، ٽيويھ انهن ٽن راتين ۾ انهن مقرر رڪعتن کان سواءِ سئو رڪعتون ٻيون به پڙهيون وينديون آهن ۽ اهڙي طرح هزار رڪعتون رمضان مهيني ۾ پوريون ٿيون.

شيخ طوسي رح لکي ٿو ته:

يصلي طول شهر رمضان الف رڪعة زائداً على النوافل المرتبة في سائر الشهور ، عشرين ليلة في کل ليلة عشرين رکعة ثمان بين العشائين و اثنا عشرة بعد العشاء الاخرة و في العشرالاخر کل ليلة ثلاثين رکعة و في ثلاث ليال و هي تسعة عشرہ و ليلة احدى و عشرين و ليلة و ثلاثة عشرين کل ليلة مائة رکعة 12

سڄي رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ هزار رڪعت نافله نمازون پڙهيون وينديون آهن ۽ اهي هزار رڪعتون سڄي سال ۾ پڙهي ويندڙ مستحبي نمازن کان علاوه   آهن.(يعني پنج وقت جي مستحبي نمازن ۽ تهجد نمازکان علاوہ هي نافله آهن جيڪي رمضان ۾ پڙهيون وينديون آهن) پهرين ويهن راتين ۾ هر رات ۾ ويھ رڪعتون پڙهيون وينديون آهن اٺ رڪعتون نماز مغرب کان پوءِ ۽ ٻارنهن رڪعتون نماز عشاء کانپوءِ ۽ آخري ڏهن راتين ۾ هر رات ۾ ٽيھ رڪعتون ۽ اوڻيهين، ايڪيهين ۽ ٽيويهين انهن ٽن راتين ۾ هڪ سو رڪعتون وڌيڪ پڙهيون وينديون آهن .

جڏهن ته ڪجھ فقيھ انهي نظرئي جا قائل آهن ته انهن ٽن راتين ۾ ويھ ۽ ٽيھ رڪعتون ساقط ٿي وينديون آهن.

نماز تراويح جي رڪعتن جي تعداد جي سلسلي ۾ ڪجھ روايتون موجود آهن انهن مان هڪ روايت هتي ذڪر ڪجي ٿي.

مسعدة بن صدقة عن ابي عبدالله (ع) : قال : مما کان رسول الله (ص) يصنع في شهر رمضان کان يتنفل في کل ليلة و يزيد على صلواتہ التي کان يصليها قبل ذلک منذ اول ليلة الى تمام عشرين ليلة في کل ليلة عشرين رکعة ثماني رکعات منها بعد المغرب و اثنتي عشرة بعدالعشاء الآخرة و يصلي في العشر الاواخر و يدعو و يجتھد شديداً و کان يصلي في ليلة احدى و عشرين ماة مئة و يصلي في ليلة ثلاث و عشرين ماة رکعة و يجتهد فيهما 13

مسعدہ بن صدقه امام جعفر صادق (ع) کان نقل ڪري ٿو ته امام(ع) فرمايو ته الله جو رسول(ص) رمضان جي مهيني ۾ نافله نمازون هن ريت انجام ڏيندو هيو پهرين ويهن راتين منجھان هرهڪ رات ۾ ويھ رڪعتون نماز پڙهندو هيو جن مان اٺ رڪعتون نماز مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ پڙهندو هو ۽ ٻارنهن رڪعتون عشاء جي نماز کان پوءِ پڙهندو هيو۽ آخري ڏهاڪي ۾تمام گھڻي عبادت ڪندو هيو ۽ دعائون گھرندو هيو ۽ ايڪيھين ۽ ٽيويهين جي راتين۾هر رات جو هڪ سو (100) رڪعتون پڙهندو هيو۽گھڻي دعا ۽ عبادت ڪندو هيو.            

2 : اهل سنت جو نظريو

شافعي، حنفي ۽ حنبلي مذهب جي فقيھن جي نظر ۾ نماز تراويح جي رڪعتن جو تعداد ويھ آهي

نووي جيڪو شافعي مذهب جو فقيھ آهي اُهو لکي ٿو ته ] مذهبنا انها عشرون رکعة بعشر تسليمات غير الوتر و ذلک خمس ترويحات والترويحة اربع رکعات بتسليمتين[ 14

اسان جي مذهب ۾ ويھ رڪعتون نماز آهن ڏهن سلامن سان گڏ (نماز وتر کان علاوه) اهو هن ريت ته انهن ويهن رڪعتن ۾ پنج مرتبه ساهي پٽيندا آهيون ۽ هر تراويح چار رڪعتون هوندي آهي جنهن ۾ ٻه سلام آهن

سرخسي حنفي لکي ٿو ته (الفصل الاول في عدد الرکعات فانها عشرون رکعة سوى الوتر عندنا )15

پهريون فصل رڪعتن جي تعداد جي باري ۾ آهي ۽ اسان جي مذهب مطابق وتر کانسواءِ ويھ رڪعتون آهن

ابن قدامہ حنبلي چوي ٿو ته (المختار عند احمد ان صلواة التراويح عشرون رکعة) 16

احمد بن حنبل نماز تراويح ۾ ويھ رڪعتون اختيار ڪيون آهن .

ليڪن امام مالڪ وٽ نماز تراويح جي رڪعتن جي تعداد ۾ صرف ٻه روايتون نقل ٿيل آهن.

هڪ روايت جي مطابق رڪعتن جو تعداد ويھ آهي . ٻي روايت جي مطابق امام مالڪ وٽ رڪعتن جو تعداد ڇٽيھ 36 آهي ( فاختار مالک في احد قوليہ ... بعشرين رکعة سوى الوتر و ذکر ابن القاسم عن المالک انّہ کان يستحسن ستاً و ثلاثين رکعة والوتر ثلاث ) 17

ٻن قولن مان هڪ قول جي مطابق امام مالڪ جي نزديڪ نماز تراويح جون وتر کانسواءِ ويھ رڪعتون آهن ۽ ابن قاسم مالڪ کان ذڪر ڪيو آهي ته بهتر اهيو آهي ته ٽي رڪعتون نماز وتر جون آهن ۽ ڇٽيھ رڪعتون نمازتراويح جون آهن.