Get Adobe Flash player

سورت آل عمران آيت 23

أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ أُوْتُواْ نَصِيبًا مِّنَ الْكِتَابِ يُدْعَوْنَ إِلَى كِتَابِ اللّهِ لِيَحْكُمَ بَيْنَهُمْ ثُمَّ يَتَوَلَّى فَرِيقٌ مِّنْهُمْ وَهُم مُّعْرِضُونَ

ترجمو: ڇا تو انهن کي نه ڏٺو جن کي (آَسماني) ڪتاب منجهان ڪجهه حصو ڏنو ويو؟ (اهي) الله جي ڪتاب ڏانھن پڪاريا ويا ته جيئن سندن وچ ۾ فيصلو ڪري. پوءِ انهن منجهان هڪ ٽولو (باخبر هجڻ باوجود) ڦري ويو ۽ جڏهن ته اُھي (حق کان) مُنھن موڙيندڙ آھن.

شان نزول: توريت جي حڪم کي جاري ڪيو.

تفسير ” مجمع البيان “ ۾ ”ابن عباس“ کان نقل ٿيل آهي ته: پاڻ سڳورن (ص) جي زماني ۾ خيبر جي يهودين منجهان هڪ مرد ۽ عورت”زنا محصنه “ (شادي شده هوندي زنا) ڪيائون جڏهن ته توريت ۾ اهڙو گناهه ڪرڻ واري شخص لاءِ سزا سنگسار آيل آهي، ۽ ڇاڪاڻ ته هي وڏي گهراڻي سان تعلق رکندا هيا، تنهن ڪري يهودي مٿن حد جاري ڪرڻ  کان ڪترائي ويا ۽ اها صلاح ڏنائون ته ان گناهه جي باري ۾ رسول خدا (ص) ڏانهن رجوع ڪيو وڃي، ان اميد سان ته جيئن مٿن ان عمل جي سزا گهٽ معين ٿئي. جنهن مهل پيغمبر (ص) وٽ رجوع ڪيائون ته پاڻ سڳورن (ص) جن فرمايو: اهوئي هاڻوڪو ”توريت “ ئي پاڻ جي وچ ۾ فيصلو ڪندو، انهن به قبول ڪيو ۽”ابن صوريا“ نالي سندن هڪ دانشورکي” فدڪ“ کان مديني گهرايائون، پاڻ سڳورن (ص) کيس سڃاتو ۽ فرمايائون: تون ”ابن صوريا “ آهين؟

هن چيو ته: ها

پاڻ فرمايائون ته: يهودين جو مڙني کان وڏو عالم آهين؟

وراڻيائين  ته: هي ائين ئي سمجهن ٿا!

پاڻ سڳورن (ص) جن حڪم ڪيو ته ان توريت جي ڀاڱي کي هن جي سامهون آندو وڃي جنهن ۾ سنگسار جو حڪم آيو آهي، هي شخص ته ان ڳالهه کان اڳي ئي واقف هو، جڏهن ان حصي تي پهتو ته هو اُن حصي تي هٿ رکي اڳتي پڙهڻ لڳو، ”عبدالله بن سلام“ جيڪو پهرين يهودين جو هڪ دانشمند هو ۽ پوءِ مسلمان ٿي چڪو هو، اتي موجود هو ۽ هو ابن صوريا جي چالاڪي ڏي متوجهه ٿيو ۽ اٿي سندس هٿ کي ان جملي تان هٽائي توريت پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ چيائين ته توريت هن ريت ٿو فرمائي ته: يهودين تي لازمي آهي ته جنهن مهل به زنا محصنه ڪن ۽ سندن جرم جي ثبوتي لاءِ دليل به مڪمل هجي ته کين سنگسار ڪيو وڃي.

ان وقت پاڻ سڳورن (ص) حڪم ڏنو ته: جيڪو ڪجهه توريت ۾ لکيل آهي ان مطابق ئي عمل ڪيو وڃي ته ان ڳالهه تي ڪجهه يهودي ڪاوڙجڻ لڳا ته هي آيت نازل ٿي.[1]

سورت آل عمران آيت26 ۽ 27

قُلِ اللَّهُمَّ مَالِكَ الْمُلْكِ تُؤْتِي الْمُلْكَ مَن تَشَاء وَتَنزِعُ الْمُلْكَ مِمَّن تَشَاء وَتُعِزُّ مَن تَشَاء وَتُذِلُّ مَن تَشَاء بِيَدِكَ الْخَيْرُ إِنَّكَ عَلَىَ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ * تُولِجُ اللَّيْلَ فِي الْنَّهَارِ وَتُولِجُ النَّهَارَ فِي اللَّيْلِ وَتُخْرِجُ الْحَيَّ مِنَ الْمَيِّتِ وَتُخْرِجُ الَمَيَّتَ مِنَ الْحَيِّ وَتَرْزُقُ مَن تَشَاء بِغَيْرِ حِسَابٍ

چئو ” اي الله! بادشاهين جا مالڪ! جنهن کي چاهين بادشاهي ڏين، جنهن کان چاهين بادشاهي کسين، جنهن کي چاهين مانُ ڏين ۽ جنهن کي چاهين بي مانُ ڪرين. سڀ ڀلايون تنهنجي هٿ ۾ آهن؛ تنهنجي هر شيءِ تي قدرت آهي.

رات کي ڏينهن ۾ داخل ٿو ڪرين ۽ ڏينهن کي رات ۾۽ مُئي مان جِيئري کي ڪڍين ٿو ۽ جيئري مان مُئي کي ڪڍين ٿو، ۽ جنھن کي گھُرين تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ٿو ڏين.

شان نزول: ايران ۽ روم تي ڪاميابي

هاڪاري مفسر ”طبرسي“ تفسير مجمع البيان ۾ پهرينءَ آيت لاءِ ٻه شان نزول لکيا آهن جيڪي ٻئي هڪ ئي حقيقت کي وائکو ڪن ٿا:

1. جڏهن پاڻ سڳورن (ص) ”مڪو شريف“ فتح ڪيو ته مسلمانن کي خوشخبري ڏنائون ته هاڻي ٿورڙي ئي عرصي ۾ ايران ۽ روم به اسلامي پرچم جي سايي هيٺ ايندا، اهي منافق جن جي دل اڃا ايمان جي نور سان نوراني نه ٿي هئي ۽ اسلام جي روح کي هينئي ۾ نه سانڍيو هيائون، ان مطلب کي تعجب واري نگاهه سان ڏسندي چوڻ لڳا ته: محمد (ص) مديني ۽ مڪي تي ڪفايت ڪانه ڪئي، پر اڃا ايران ۽ روم جي فتح جا خواب ٿو ڏسي ته ان وقت هي آيت نازل ٿي.[2]

2. جڏهن پاڻ سڳورن (ص) مسلمانن سان گڏجي مديني جي ٻاهران خندق پئي کوٽيائون ۽ مسلمان منظم طور ۽ ٽولي، ٽولي جي صورت ۾ تمام تيزي سان خندق پئي کوٽي ته جيئن دشمن جي سپاهين کان پهرين هي دفاعي وسيلو تيار ٿي وڃي ته اوچتو خندق جي وچ ۾ هڪ اڇو، وڏو  ۽ مضبوط پٿر نڪتو ته مسلمان ان پٿر کي ٽوڙڻ ۽ کڻڻ ۾ ناڪام ٿيا.”سلمان“ پاڻ سڳورن (ص) جي خدمت ۾ اچي سڄو قصو ڪري ٻڌايو، پاڻ سڳورا (ص) خندق ۾ آيا ۽ سلمان کان ٽيڪم ورتائون ۽ زور سان ان پٿر تي هنيائون، پٿر ۽ ٽيڪم جي ٽڪرائڻ سان چڻنگون نڪتيون ته پاڻ سڳورن (ص) ڪاميابي ۽ فتح جي تڪبير بلند ڪيائون،

مسلمانن پڻ پاڻ سڳورن (ص) سان گڏ تڪبير جو آواز بلند ڪيو ته اها تڪبير جو آواز سڀني جڳهن تي پکڙجي ويو.

پاڻ سڳورن (ص) ٻيو دفعو ٽيڪم پٿر تي هنيو وري به ان مان چڻنگون نڪتيون ۽ پٿر جو هڪ ٽڪڙو ٽٽو ته پاڻ سڳورن (ص) ۽ مسلمانن جي ڪاميابي واري تڪبير جو آواز فضا ۾ گونجڻ لڳو.

وري ٽيون دفعو ٽيڪم بلند ڪري باقي پڪي پٿر تي هنيائون تڏهن به چڻنگون نڪتيون ۽ هن جا آسا پاسا ٻرڻ لڳا ۽ باقي پٿر به ٽٽي ويو ۽ ٽيون دفعو پڻ تڪبير جو آواز گونجيو.

سلمان عرض ڪيو ته اڄ مون توهان جي هٿان وڏي حيرت انگيز حالت ڏٺي آهي!

پاڻ سڳورن (ص) جن فرمايو: پهرين چڻنگن ۾ مون حيره ۽ مدائن جي بادشاهن جي محلن کي ڏٺو ۽ جبرئيل مون کي خوشخبري ڏني ته اهي سلطنتون اسلام جي پرچم جي سايي هيٺ اينديون!

ٻيو دفعو مون روم (جي بادشاهه) جي محلن کي ڏٺو ته هن مون کي اها به خبر ڏني ته اها  به تنهنجي پيروڪارن جي اختيار ۾ ايندي.

۽ ٽيون دفعو صنعاء وارا محل ۽ يمن جي سرزمين ڏٺم تڏهن به هن مون کي خوشخبري ڏني ته مسلمان انهن سرزمينن تي به ڪاميابي ماڻيندا ته مان ان حالت ۾ ڪاميابي واري تڪبير جو آواز بلند ڪيون، ته مسلمانؤ اوهان کي مبارڪون هجن!...

سچا مسلمان خوش ٿي خدا جو شڪر ادا ڪرڻ لڳا. پر منافقن جا منهن ڦري ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي اعتراض واري انداز ۾ چيائون ته: ڪهڙي نه اجائي  اميد ۽ اڻ ٿيڻو واعدو آهي؟! هي پنهنجي جان جي خوف ۾، پاڻ بچائيندي خندق کوٽڻ ۾ مشغول آهن ۽ ٿورن دشمنن سان لڙائي نٿا ڪري سگهن، هاڻي وري دنيا جي وڏن ملڪن جي فتح جو خيال سر ۾ کنيو پيا هلن، ان وقت ذڪر ٿيل آيتون نازل ٿيون ۽ کين جواب  ڏنو ويو.[3]



[1]_ اڄڪلهه جي توريت جي ”سفر لاويان“فصل ويهين جي جملي 10 ۾ هن ريت پڙهون ٿا: ” جيڪو به شخص  ڪنهن اجنبي عورت سان زنا ڪري، يعني پنهنجي پاڙيسري  سان زنا ڪري، ته ها اهو زنا ڪندڙ ۽ عورت ٻئي ماريا وڃن.

هن عبارت ۾ جيتوڻيڪ سنگسار جو حڪم چٽو بيان ٿيل ناهي پر اصل سزا مارڻ جي صورت ۾ ٻڌائي وئي آهي، ۽ اهو به ممڪن آهي ته توريت جا اهي نسخا جيڪي رسول الله (ص) جن جي زماني ۾ هئا ان ۾ اها عبارت چٽي نموني آئي هجي.

مجمع البيان، ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾؛ بحارالانوار، ج9، ص69؛ الصحيح من السيره، ج7، ص91، خلاصي طور؛ مجمع الزوائد هيثمي، ج6، ص271؛ زاد المسير، ج1، ص313.

[2]_ مجمع البيان، ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾ ، بحارالانوار، ج17، ص169 ، 170 ۽ ج20، ص188، 189.

[3]_ مجمع البيان، ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾؛ بحارالانوار، ج17، ص170، 171 ۽ ج20، ص 189، 190.