Get Adobe Flash player

سوره آل عمران آيت 7:

هُوَ الَّذِيَ أَنزَلَ عَلَيْكَ الْكِتَابَ مِنْهُ آيَاتٌ مُّحْكَمَاتٌ هُنَّ أُمُّ الْكِتَابِ وَأُخَرُ مُتَشَابِهَاتٌ فَأَمَّا الَّذِينَ في قُلُوبِهِمْ زَيْغٌ فَيَتَّبِعُونَ مَا تَشَابَهَ مِنْهُ ابْتِغَاء الْفِتْنَةِ وَابْتِغَاء تَأْوِيلِهِ وَمَا يَعْلَمُ تَأْوِيلَهُ إِلاَّ اللّهُ وَالرَّاسِخُونَ فِي الْعِلْمِ يَقُولُونَ آمَنَّا بِهِ كُلٌّ مِّنْ عِندِ رَبِّنَا وَمَا يَذَّكَّرُ إِلاَّ أُوْلُواْ الألْبَابِ

اُھو (الله) آھي جنھن توتي (آسماني) ڪتاب لاٿو جنھن جون ڪجهه آيتون مُحڪم ( واضح ۽ چٽيون )  آھن، ھي ڪتاب جو بنياد آھن ۽ ٻيون متشابه (گھڻين معنائن واريون) آھن، پوءِ جن جي دلين ۾ ڏنگائي آھي، سي مَنجھانئس وڳوڙ (ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ) ۽ (غلط) تفسير کي چاهيندي مُتشابه (آيتن) جي پُٺيان لڳندا آھن جڏهن ته الله ۽ علم ۾ راسخ ( پختي) انسانن کان سواءِ اُن جي مُراد ڪوئي نه ڄاڻندو آھي،  (جيڪي قرآني آيتن جي رازن جي تلاش ۾ آهن سي) چوندا آھن ته اسان ان (سڄي) تي ايمان آندوسين؛ اهو سڀ ڪجهه اسان جي پالڻھار وٽان آھن، ۽ عقل وارن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه نصيحت نه وٺندو آھي.406alaysallah

شان نزول:

اهل ڪتاب جي ٽالَ مٽولَ

تفسير نور الثقلين ۾ معاني الاخبار جي حوالي سان امام محمد باقر عليه السلام جن کان هڪ حديث هن ريت نقل ٿيل آهي ته: ڪجهه يهودي حيي بن اخطب ۽ سندس ڀاءُ سان گڏجي پاڻ سڳورن (ص) جن وٽ آيا ۽ قرآن جي حروف مقطعه کي بهانو بڻائيندي ائين چوڻ لڳا ته: ابجد جي حساب مطابق “الف” عدد 1 (هڪ) جي برابر، “لام” 30 (ٽيهن) جي برابر ۽ “ميم” 40 (چاليهن) جي برابر هوندو آهي، ان ريت تون اهو سمجهائڻ چاهين ٿو ته تنهنجي امت جو دور 71 (ايڪهتر) سالن کان وڌيڪ ناهي! پاڻ سڳورن (ص) جن ان بهاني بازي جو رستو روڪڻ لاءِ فرمايو: توهان رڳو “الم” جو ڇو حساب ٿا ڪيو، ڇا قرآن ۾ “المص ۽ الر” ۽ ٻيا حروف مقطعه ناهن؟جيڪڏهن اهي حروف منهنجي امت جي باقي رهڻ ڏانهن اشارو آهن ته پوءِ سڀني کي گڏائي حساب ڇو نه ٿا ڪيو؟ ( جڏهن ته انهن حرفن مان اڃا ڪا ٻي مراد آهي) ته ان وقت مٿين آيت نازل ٿي.[1]

تفسير في ظلال القرآن ۾ ان آيت لاءِ هڪ ٻيو شان نزول به آيو آهي جيڪو نتيجي جي اعتبار سان مٿين شان نزول سان هڪجهڙائي رکي ٿو، اهو هي آهي ته نجران جا ڪجهه عيسائي پاڻ سڳورن (ص) جن جي خدمت ۾ آيا ۽ حضرت عيسى جي باري ۾ قرآن جي هن جملي “.وَكَلِمَتُهُ أَلْقَاهَا إِلَى مَرْيَمَ وَرُوحٌ مِّنْهُ [2] کي بهانو بڻائيندي اهو پئي چاهيائون ته: “تثليث” (خدائي ۾ ٽن شريڪن وارو عيسائي نظريو) ۽ حضرت عيسى جي خدائي لاءِ دليل طور ڪم آڻين ۽ انهن سڀني آيتن جو انڪار ڪن جيڪي الله تعالى جي شريڪ ۽ ان جي مٽ ۽ مثال هجڻ جي ترديد ڪن ٿيون ته تنهن وقت اها آيت نازل ٿي ۽ کين سندن بهانن جو منهن ٽوڙ جواب  ڏنائين.[3]

سوره آل عمران آيت 12

قُل لِّلَّذِينَ كَفَرُواْ سَتُغْلَبُونَ وَتُحْشَرُونَ إِلَى جَهَنَّمَ وَبِئْسَ الْمِهَادُ

(اي پيغمبر) ڪافرن کي چؤ ته ( احد واري جنگ ۾ ڪامياب ٿيڻ تي خوش نه ٿيو) سگھو ھيڻا ٿيندؤ ۽ دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ، ۽ (اُھو) ڪيترو ته بڇڙو ٺڪاڻو آھي.

شان نزول:

ملهه پڇاڙي جي.

بدر واري جنگ ۾ مسلمانن جي ڪاميابي کان پوءِ، ڪجهه يهودي اهو چوڻ لڳا ته اهو امي پيغمبر جنهن لاءِ اسان پنهنجي ديني ڪتاب (توريت) ۾ پڙهيو آهي ته اهو جنگ ۾شڪست نه کائيندو سو اهو ئي آهي، ته تنهن وقت ڪجهه يهودي چوڻ لڳا ته تڪڙ نه ڪيو، جيستائين ٻي جنگ ٿئي پوءِ ڪو فيصلو ڪجؤ. جڏهن احد واري جنگ لڳي ۽ مسلمانن کي ظاهري شڪست ٿي ته چوڻ لڳا: خدا جو قسم ته اهو پيغمبر ناهي، جنهن لاءِ اسان جي ڪتاب به خوشخبري  ڏني وئي هئي ۽ ان واقعي کان پوءِ مسلمان ته نه ٿيا پر پاڻ سڳورن (ص) ۽ مسلمانن کان به گهڻو پاسو ڪرڻ شروع ڪيائون، ايستائين جو پاڻ سڳورن (ص) سان ڪا به حرڪت نه ڪرڻ جو جيڪو قرار ڪيو هيائون سو به وقت کان پهرين ٽوڙي ڇڏيائون.

ڪعب اشرف جي اڳواڻي ۾ سٺ ماڻهن مڪي جو رُخ ڪيو ۽ اسلام سان مقابلي جي خيال سان  مشرڪن سان معاهدو ڪري مديني واپس موٽي آيا. ان وقت هي آيت نازل ٿي ۽ کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو ته نتيجي جو فيصلو پڇاڙي جو ڪندا ڪيو ۽ اهو سمجهي ڇڏيو ته سگهوئي سڀئي شڪست کائيندؤ.[4]

سوره آل عمران آيت 13

قَدْ كَانَ لَكُمْ آيَةٌ فِي فِئَتَيْنِ الْتَقَتَا فِئَةٌ تُقَاتِلُ فِي سَبِيلِ اللّهِ وَأُخْرَى كَافِرَةٌ يَرَوْنَهُم مِّثْلَيْهِمْ رَأْيَ الْعَيْنِ وَاللّهُ يُؤَيِّدُ بِنَصْرِهِ مَن يَشَاء إِنَّ فِي ذَلِكَ لَعِبْرَةً لَّأُوْلِي الأَبْصَارِ

( بدر واري جنگ ۾) اُنھن ٻن ٽولن جي (پاڻ ۾) ويڙھ ڪرڻ ۾ اوھان لاءِ نشاني ( ۽عبرت ڀريو درس) آھي، ھڪڙو ٽولو الله جي واٽ ۾ وڙھي رهيو هو ۽ ٻيو ڪافرن جو ٽولو ( شيطان جي راهه ۾ ويڙهه ڪري رهيو هو) جڏهن ته اهي مومنن کي پنهنجين اکين جي ڏيٺ سان ڏٺل کان ٻيڻو ڏسي رهيا هئا ، ۽ الله جنھن کي وڻي (تنھن کي) پنھنجيءَ مدد سان سگھ ڏيندو آھي، ڇوته اُن ۾ (سمجھ جون) اکيون رکڻ وارن لاءِ ضرور عبرت آھي

شان نزول:

حق ۽ باطل جي جنگ

هي آيت بدر واري جنگ جي ڪيفيت ٻڌائڻ  جي سلسلي ۾ نازل ٿي هئي، جيئن ته مفسرن جو چوڻ آهي ته: بدر واري جنگ ۾ مسلمانن جو تعداد 313 (ٽي سو تيرنهن) هو، جن مان 77 (ستهتر) مهاجر ۽ جڏهن ته 236 (ٻه سو ڇٽيهه) انصار هئا.

مهاجرن جو پرچم علي عليه السلام جن جي هٿ ۾ ۽ سعد بن عباده جي هٿ ۾ وري انصار جو پرچم هو، اهي رڳو ستر اُٺَ، ٻه گهوڙا، ڇهه زرهون ۽ اَٺَ تلوارن سان هيڏ ي وڏي جنگ ۾ شريڪ ٿيا هئا.

جڏهن ته دشمن جي لشڪر جو تعداد هزار ماڻهن کان به مٿي تمام گهڻي اسلحي ۽ هڪ سو گهوڙن سان آيل هو، مسلمانن جا ويهه ڄڻا (14 مهاجرن مان ۽ 8 انصار مان) شهيد ٿيا، جڏهن ته دشمن جي لشڪر جا ستر ڄڻا ماريا ويا ۽ ستر ڄڻا قيدي ٿيا ۽ ان ريت مسلمانن کي فتح حاصل ٿي ۽ مڪمل ڪاميابي سان مديني  ڏانهن واپس موٽيا، هي آيت بدر واري جنگ جي رڳو هڪ ننڍڙي صورتحال کي بيان ڪري ٿي.[5]



[1] الميزان، ج18، ص 12 ۽13؛ تفسير علي بن ابراهيم قمي، ج1، ص223، بحارالانوار، ج9، ص209 ۽ ج 89، ص 274، “ در المنثور” ج 1 ، ص 23 ۽ ج 2، ص5، نورالثقلين،ج1ص، 27، 213، ۽214 ۽ ج2، ص3 ۽ 4، معاني الاخبار،ص23.

[2] نساء آيت 171

[3] تفسير في ظلال القرآن ، ج 1 ص 542، ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾، جامع البيان، ابن جرير طبري، ج3، ص241، الدرالمنثور، ج2، ص6.

[4] مجمع البيان ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾، بحارالانوار، ج19، ص205، ۽ ج20، ص158، اسباب نزول الآيات، واحدي نيشاپوري، ص62، زاد المسير، ج1،ص304.

[5] جيڪو مٿي ذڪر ڪيو ويو سو هن آيت جي ذيل ۾ مجمع البيان ۾ ذڪر ٿيو آهي، پر ڪامل ابن اثير ج3، ص126 ۽ ڪجهه ٻين هيٺين ڪتابن ۾  هن ريت آيو آهي:“ و کان جميع من قتل من المسلمين ببدر اربعة عشر رجلا ستة من المهاجرين وثمانية من الانصار ” ته بدر واري جنگ ۾ شهيد ٿيل ٽوٽل مسلمانن جو تعداد چو نهن هو جن مان ڇهه ڄڻا مهاجرن مان ۽ اَٺَ ڄڻا انصار مان. بحارالانوار، ج19، ص205 ۽ 206 ۽ 260 ، مستدرک سفينة البحار، ج1، ص300، تاريخ طبري، ج2، ص171، البداية والنهاية، ج3،ص366، نورالثقلين،ج1،ص320، ۽ 409 تفسير ابن کثير، ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾، الدرالمنثور، ج2، ص10.