Get Adobe Flash player

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ‏

الم(1)

اللَّهُ لَا إِلَاهَ إِلَّا هُوَ الْحَىُّ الْقَيُّومُ(2)

نَزَّلَ عَلَيْكَ الْكِتَابَ بِالْحَقّ‏ِ مُصَدِّقًا لِّمَا بَينْ‏َ يَدَيْهِ وَ أَنزَلَ التَّوْرَئةَ وَ الْانجِيلَ(3)

مِن قَبْلُ هُدًى لِّلنَّاسِ وَ أَنزَلَ الْفُرْقَانَ  إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُواْ بَِايَاتِ اللَّهِ لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيدٌ  وَ اللَّهُ عَزِيزٌ ذُو انتِقَامٍ(4)

ترجمو:

1. الم

2. الله اها ذات آهي ، جنهن کان سواءِ عبادت لاءِ ڪير به لائق ڪونهي، جيڪو زنده (۽ دنيا کي ) بهترين سنڀالڻ وارو آهي.

3. (هي اها ذات آهي ) جنهن تو تي (اي رسول) ڪتاب کي نازل ڪيو ، جيڪو پهرين ڪتابن  جي تصديق ڪري ٿو ۽ انهي توريت ۽ انجيل کي نازل ڪيو.

4. انهي کان پهريان انسانن جي رهنمائي ۽ هدايت لاءِ موڪليائين ۽ فرقان (حق ۽ باطل کي جدا ڪرڻ واري قانون) کي نازل ڪيائين، جنهن به الله جي آيتن جو انڪار ڪيو ته انهن جي لاءِ سخت عذاب آهي ۽ الله (بدڪارن ۽ لجوج ڪافرن جي ڪيف تي) طاقتور ۽ انتقام وٺڻ وارو آهي.

شان نزول

پيغمبر (ص) جي عيساين جي موڪليل نمائندن سان ملاقات

ڪجهه مفسرن جو چوڻ آهي ته : هن سورت جون اسي کان مٿي آيتون انهي ملاقات جي باري ۾ نازل ٿيون آهن،اها ملاقات رسول اڪرم(ص) نجران[1] جي عيسائين جي نمائندن سان ٿي هئي ، جيڪي انهن عيسائين جي طرفان اسلام جي تحقيق ۾ مديني آيا هئا.

اهي موڪليل نمائندا سٺ ڄڻا هئا . انهن مان چوڏهن شخص اهي هئا جيڪي نجران قبيلي جا مان ۽ عزت وارا ڪوٺيا ويندا هئا ۽ انهن چوڏهن مان ٽي ڄڻا اڳواڻ شمار ڪيا ويندا هيا ۽ عيسائي پنهنجن مشڪلاتن کي انهن ٽن ڄڻن جي اڳيان پيش ڪندا هيا.

انهن ٽن شخصيتن مان هڪ جو نالو” عاقب“ هو، جنهن کي ”عبدالمسيح“ به چيو ويندو هو.

هو پنهنجي قوم جو اڳواڻ ۽ امير ڪوٺيو ويندو هو ۽ هن جي قوم ڪڏهن به هن جي فيصلي جي مخالفت نه ڪندي هئي.

۽ ٻي جو نالو ”سيد“ هو ۽ انهي کي ”ايهم“ پڻ چيو ويندو هو ۽ هو سفر جي پروگرامن کي ترتيب ڏيندو هو ۽ عيسائين جو هن تي پورو ڀروسو هوندو هو.

۽ ٽين جو نالو ”ابو حارثه “ هو، جيڪو وڏي ڄاڻ وارو ۽ بهترين پهچ وارو هيو ۽ ڪيترائي ڪليسا هن جي نالي سان ٺهيل هيا ۽ عيسائين جي سڀني ديني ڪتابن کي سنڀالي رکيو هيائين.

انهي سٺ ڄڻن جو گروپ قبيله  ”بني ڪعب“ جي لباس ۾ مدينه پهتو ۽ مسجد نبي ۾ انهي ٽائيم آيا جو رسول اڪرم (ص) وچين جي نماز مسلمانن سان گڏ پڙهي چڪا هئا، انهن سٺ ڄڻن کي بهترين ۽ رونق وارو لباس پاتل هيو . هڪڙي صحابي جي قول مطابق : اسان اهڙي بهترين لباس ۾ ڪو اهڙو موڪليل نمائندو نه ڏٺو هو.

جڏهن هي مسجد ۾ داخل ٿيا ته انهن جي نماز جو ٽائيم هو، انهن پنهنجي رواج مطابق گهنٽي کي وڄائي ۽ مسجد جي اوڀري پاسي ۾ بيٺا ۽ نماز ۾ مشغول ٿي ويا. ڪجهه صحابين منع يا انهي عمل مان روڪڻ پي چاهيو پر پيغمبر (ص) فرمايو ته : انهن کي ڪجهه به نه چئو.

نماز کان پوءِ عاقب ۽ سيد پيغمبر جي خدمت ۾ آيا ۽ گفتگو جو آغاز ڪيائون ، پيغمبر اڪرم (ص) انهن کي اها صلاح ڏني ته : اسلام جي آئين کي قبول ڪيو ۽ خداوند متعال کي تسليم ڪيو.

عاقب ۽ سيد وراڻيا ته : اسان توکان پهريان اسلام قبول ڪيو آهي ۽ خداوند متعال کي به تسليم ڪيو آهي .

پيغمبر (ص) جن فرمايو ته : توهان ڪهڙي طرح حق جي آئين تي آهيو، انهي جي باوجود توهان جا عمل خدا کي تسليم نه ڪرڻ جي حڪايت ٿا ڪن؟ ۽ ٻيو اهو ته توهان خداوند متعال جي لاءِ اولاد جا قائل آهيو ۽ عيسى عليه السلام کي خدا جو پٽ ٿا سمجهو ۽ صليب جي عبادت ۽ انهي جي پوڄا ڪريو ٿا؟ ۽ سوئر جو گوشت کائو ٿا ۽ اهي سڀ جا سڀ حق جي آئين جا مخالف ۽ ابتڙ آهن.

عاقب ۽ سيّد جواب ڏنو ته : اگر عيسى خدا جو پٽ نه آهي ته پوءِ هن جو پيءُ ڪير آهي؟

پيغمبر (ص) فرمايو ته : ڇا توهان ان ڳالهه کي مڃيو ٿا ته هر پٽ پنهنجي پيءَ سان مشابهت رکندو آهي؟

چيائون: ها

رسول (ص) جن  فرمايو ته: ڇا خداوند متعال هر شي تي ڇانيل آهي ۽ هو قيوم آهي ۽ سڀني موجودات جو جو رزق انهي سان آهي؟

چوڻ لڳا ته : ها بلڪل ائين ئي آهي.

رسول (ص)فرمايو ته : ڇا اهي وصفون (صفتون) حضرت عيسى عليه السلام جون به آهن؟

چيائون ته: نه

۽ فرمايائون: ڇا توهان کي خبر آهي ته خداوند متعال ڪنهن به شي جيڪا زمين ۽ آسمان ۾ وجود رکي ٿي، اها انهي ذات کان لڪيل ڪونهي ۽ خداوند متعال انهن سڀني کان واقف ۽ آگاه آهي . چيائون ته : ها انهي جي اسان کي ته خبر آهي.

رسول فرمايو ته : عيسى ان شي جي جيڪا هن کي خداوند متعال سيکاري آهي انهي کانسواءِ پهريان ڪنهن شي جي خبر هيس ۽ ڄاڻيندو هيو؟

چوڻ لڳا ته : نه

پاڻ فرمايائون : ڇا ائين ڪونهي ته عيسى کي پنهنجي ماءُ ٻين سڀني ٻارن وانگر شڪم (رحم) ۾ حمل ڪيو ۽ پوءِ ٻين مائرن وانگر ان کي هن دنيا تي آندو ۽ عيسى ڄمڻ کان پوءِ ٻين ٻارن جيان کاڌو ۽ پيتو کائيندا هئا؟

چيائون ته : ها ائين هو.

پاڻ فرمايو ته : پوءِ عيسى ڪهڙي عنوان سان خدا جو پٽ آهي جيڪو ڪا به مشابهت پنهنجي پيءَ سان نٿو رکي ؟

انهي تي سڀ جا سڀ چپ ٿي ويا ۽ انهي ٽائيم  تي اسي کان مٿي آيتون جيڪي هن سورت جي ابتدا ۾ آهن ، اسلام جي معرفت ۽ انهي جي برنامن کي وضاحت سان بيان ڪيو ويو[2] .



[1] _ نجران : هي هڪ محلو آهي يمن جي اوترين جبلن ۾ جيڪو ”صنعاء“ کان ڏهن منزلن تي واقع آهي.

[2] _ مجمع البيان انهن آيتن جي هيٺان جيڪا بحث ڪئي وئي آهي ـــ الميزان، ج3، ص15، ـــ جامع البيان ، ج3، ص220 ـــ تفسير ابن ڪثير، ج1، ص376 ـــ اسباب نزول الآيات واحدي نيشاپوري، ص61 ـــ درالمنثور، ج2،ص3 .