Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 80 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

گذريل بحثن مان واضح ٿيوته هڪ خاص نظم جهان ۾ موجو تمام شين  ۾ ڏسڻ ۾اچي ٿو ۽ ممڪن نه آهي جوڪوبه عاقل انسان انهيءَ نظم جيڪو مختلف موجودات ۾ پاتووڃي ٿو شڪ ڪري ، مادي جهان جي ننڊي مان ننڊي ذري (ايٽم) کان وٺي وڏي ۾وڏو ڪهڪشان ۽ ڪڪرهرجڳهه ۾۽ سڀني شين تي هڪ خاص ۽ دقيق نظم هلي رهيوآهي انسان کان جانورن تائين، گاهه، ٻوٽن کان جمادات ( غير جاندار ) ۽ زمين جي موجودات کان آسمانن تائين سڀ جا سڀ هڪ خاص هدف جي بنا تي وجود ۾آيل آهن ۽ ڪجهه دقيق قوانين جوسلسلو انهن سڀني تي حڪومت ڪري ٿو. واضح آهي ته جيڪڏهن جهان تي نظم ۽ قانون حڪومت نه ڪري ها ته دنيا ۾علم جوڪوبه وجود نه هجي ها ڇو ته علمن مان مراد انهي نظام ۽عمومي قانونن کي سڃاڻڻ ۽ڪشف ڪرڻ آهي جيڪي جهان تي حڪمراني ڪري رهيا آهن جيڪڏهن انسان جي بدن جي سلولن جو چرڻ ڦرڻ، واڌ ويجهه ۽ جسم جي ڦرڻ جي حرڪت هڪ خاص طريقي ۽ نظم سان نه هجي ها ته فيزيولوجي وڍ ٽڪ ( آپريشن ) ۽ علم طب ڪيئن وجود ۾اچن ها جيڪڏهن ستارن وغيره جي هل چل هڪ خاص ۽ دقيق نظم تي نه هجي ها ته علم نجوم ۽ستارن جي سڃاڻ وارو علم ڪيئن وجود ۾اچي ها، جيڪڏهن دقيق نظم نه هجي ها ته نجومي سج ۽چنڊ گرهڻ جي ڪيئن اڳڪٿي ڪري سگهن ها ۽ ڪيئن هميشه جي لاءِ سج اڀرڻ ۽ لهڻ جو وقت لکن ها، انهي ئي نظم جي اثر جي ڪري جيڪو جهان تي حاڪم آهي علم انهي ئي نظم جي وضاحت بيان ڪرڻ آهي جيڪو هر وجود ۾موجود آهي علم ۽ نظم جو پاڻ ۾ رابطو هڪ واضح  شين مان آهي قرآن مجيد ڪيترن ئي آيتن ۾خدا کي سڃائڻ لاءِ دليل نظم تي  ضرور ڏنو آهي جن مان ڪجهه جايون ذڪر ڪيون سين يعني قرآن جي نظم ۾خدا کي سڃاڻڻ لاءِ بهترين ۽واضح ترين واٽ خلقت جي نظام ۽ هستي جي نشانين جومطالعوآهي

برهان نظم جوبنياد

هي برهان ٻن اصلي بنيادن ( صغرا ۽ ڪبرى ) ۽ هڪ نتيجي تي بيٺل آهن
( 1 )
جهان هستي هڪ دقيق ۽ حساب ٿيل نظام جي بنياد تي خلق ٿيل ۽ موجودات جي هر ذري تي قانونن جوسلسلوجنهن ۾ڪنهن به قسم جي تبديلي۽ مٽاسٽا ممڪن نه آهي، حڪومت ڪري ٿو

( 2) جتي به نظم ۽ تدبير حساب مطابق ٿيل آهي ممڪن نه آهي جو اهو هڪ اتفاقي حادثي سان پيدا ٿيو هجي بلڪه يقيناً انهيءَ کي هڪ علم ۽قدرت سان ميلاپ ۽ رابطو هجڻ گهرجي .

نتيجو : نظم۽ خلقت جي جهان جي تدبيرانهي جي گواهه آهي ته انهي جوٺاهيندڙ  قدرتمند  ۽ بنائيندڙ عالم آهي جنهن دقيق حساب سان انهي جو نقشو ٺاهيو پوءِ عالم هستي جي عظيم محل جو بنياد وڌو آهي ۽ هرشئ جي خلقت انهي جي خالق جي خبر ڏيندي آهي جيڪڏهن هڪ گاڏي جووجود انهي جي ٺاهيندڙ کي ۽ هڪ ڪتاب جو وجود انهي جي لکندڙ کي بيان ڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن هڪ بلڊ نگ جووجود انهي جي ٺاهيندڙ تي گواهه آهي ته پوءِ هي وڏو نظام ۽ هن جهان جي عظيم پيدائش هڪ دانا حڪيم ۽صاحب قدرت خالق جي هجڻ تي وڏي نشاني آهي يعني اهو الله تعالى آهي

هڪ هٿرادو سياري کي ٺاهڻ لاءِ سوين ماهر ڏينهن رات محنت ۽ ڪوشش ڪن ٿا ۽پوءِ رياضي جي دقيق حسابن مطابق انهي کي فضا جي طرف موڪلين ٿا، ڇا ڪروڙين ڪهڪشائن جووجود ۽ هر ڪهڪشان ۾ڪروڙين نظام شمسي ۽ هر نظام شمسي ۾ڪروڙين سياره ۽ ستارا ۽ اهي سڀئي فضا ۾ بغير ڪنهن حادثي ۽ غلط راهه ڏانهن وڃڻ جي ۽ دقيق نظم سان هلندا رهن ٿا الله پاڪ جيڪو قادر آهي ان جي وجود تي دليل نه آهي؟

نيوٽن جوهڪ مادي پرست ماهر سان بحث

نيوٽن مشهور ستارن جو علم رکندڙ  ۽ رياضي دان، هڪ ميڪنيڪل کي حڪم ڏنو ته هڪ ننڊڙوسانچو شمسي نظام لاءِ ٺاهي انهي نظام  جا سيارا ننڍڙي بال( کينوڙو)  وانگر هئا جيڪي هڪ شمع سان هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا ۽انهن جي لاءِ هڪ ننڍڙو هينڊل ٺاهيو ويو هوانهي سان سڀ جا سڀ بال هڪ عجيب طريقي سان پنهنجي مدار ۾هلي رهيا هئا ۽ مرڪزي نقطه جي ٻاهران گهمي رهيا هئا . هڪڙي ڏينهن نيوٽن پنهجي مطالعه جي ميز تي ويٺو هو ۽ هي سانچو به انهي جي اڳيان پيو هو انهي وقت انهي جو دوست جيڪو هڪ ماهر ما تريالسيت هو، داخل ٿيو جڏهن انهي جي نظر انهي خوبصورت سانچي تي پئي ته تعجب ڪيائين ۽ جڏهن نيوٽن انهي هينڊل کي هلايو ۽انهن سيارن هڪ عجيب طريقي سان مرڪزي نقطه جي ٻاهران گهمڻ شروع ڪيوانهي مفڪر جي تعجب ۾واڌارو آيو ۽رڙ ڪيائين ته واهه ڪيڏي نه عجيب شئ آهي ۽ڪنهن هن کي ٺاهيو آهي؟ نيوٽن هن کي جواب ڏنو ڪنهن به نه پاڻ اتفاقي ٺهي پيو آهي _انهي دانشمند چيوجناب نيوٽن توهان فڪر ٿا ڪريوته آءُ بيوقوف آهيان ڪئين ٿوٿي سگهي جو هن عجيب طريقي سان پاڻ اتفاقي ٺهي پيو هجي پرانهي جو ڪو ٺاهيندڙ ضرور آهي ۽اهوبه هڪ عالم انسان آهي. انهي موقعي تي نيوٽن آرام سان اٿيو ۽انهي مادي پرست مفڪرجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيائينس منهنجا دوست اهو جيڪو ڏسين ٿواهو سواءِ هڪ سانچي جي ٻيو ڪجهه به ناهي جيڪو هڪ عظيم نظام شمسي جي شڪل ۽ صورت تي ٺاهيو ويو آهي انهيءَ حالت ۾به توهان تيارنه آهيو جو اهو قبول ڪريو ته اتفاقي ٺهيو آهي پوءِ توهان جواهو ڪهڙو عقيدو آهي ته اهو شمسي نظام انهي تمام وسعت ۽ دقيق نظام جي  باوجود، ان جو ڪو ڏاهو ۽ قدرتمند خالق نه آهي ۽ بغير ٺاهيندڙ جي ٺهي پيو آهي انهي موقعي تي مادي مفڪر ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ لا جواب ٿي ويو، ها هي اهوئي برهان نظم آهي

خالق، قادر ۽ توانا جي وجود لاءِ

موحّد وزير جو برهان خداجي منڪر بادشاهه لاءِ

منڪر بادشاهه وٽ هڪ الله جي هيڪڙائيءَ تي ايمان رکندڙ وزير هو، وزير جيڪو توحيد ۽ خدا کي سڃاڻڻ لاءِ دليل ڏيندوهو بادشاهه تي ڪوبه اثرنه ڪندو هو تان جو بادشاهه جي اطلاع کان بغير حڪم ڏنائين ته هڪ بهترين علائقي ۾هڪ بهترين محل ٺاهيو وڃي ۽ مختلف قسمن جي ميون جا وڻ ۽ مختلف قسمن جا گل لڳايا وڃن هڪ ڏينهن وزير بادشاهه کي انهي محل کي ڏسڻ جي لاءِ دعوت ڏني بادشاهه کي محل ڏاڍو پسند آيو چيائين هن محل جا مستري ۽ نقشو ٺاهيندڙ ڪير آهن وزير چيو هن محل جو ڪوبه مستري ۽نقشو ٺاهيندڙنه آهي اسان اوچتو ڏٺوسين ته هي محل هتي ظاهر ٿي پيوآهي بادشاهه چيو موتي ٺٺول ٿو ڪرين! ڇا اهوممڪن آهي جوجهان ۾ ڪابه شيءَ خود پيدا ٿي پوي؟ وزير چيو جيڪڏهن اهو ممڪن نه آهي ته هي ننڊڙومحل بغير ڪنهن ٺاهيندڙجي ٺهي پوي پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي جو هي هيڏو وڏو جهان پنهنجي تمام نظامن ۽ عظمت سان، آسمان کان وٺي زمين تائين ۽ درياهه ۽اهي تمام موجودات جيڪي انهي ۾موجود آهن بغير ڪنهن خالق ۽ ٺاهيندڙ جي ٺهي پون؟ بادشاهه کي ڳالهه سمجهه ۾اچي وئي ۽وزير کي لک شاباس چيائين ۽ رب پاڪ تي ايمان رکندڙ ٿي پيو

برهان نظم جوخلاصو ۽نتيجو

o تمام خلقت جو مجموعو مثال طور

o ڪهڪشان منظوم سيارا

o انسان پنهنجي تمام رمز راز جيڪي انهي جي خلقت ۾آندا ويا آهن

o اٽم ملڪول ۽سلول

o حيوانن جي دنيا جيڪي بيشمار مختلف قسمن جا آهن

o گاهه، ٻوٽن جي دنيا جيڪي خاص اثرَ ۽ جوڙجڪ سان آهن

o سمنڊ، درياهه عجيب موجودات سان جيڪي انهي ۾رهن ٿا

o نظام ۽دقيق قانون جيڪي سڄي خلقت جي جهان ۾آهن

o اهي شيون جيڪي ڪائنات ۾آهن پرانساني عقل ۽ علم اڃان تائين انهن کي سڃاڻي نه سگهيو آهي اهي سڀ جاسڀ خداوند دانا حڪيم ۽ قادر متعال جي وجود تي دليل آهن.


سوالات
(1)
سوال: علم ڪيئن جهان جي نظم مان وجود ۾آيو آهي؟

(2) سوال: برهان نظم جو بنياد ڇا آهي؟

(3) سوال: نيوٽن ۽مادي مفڪر جي بحث جو خلاصو لکو؟

(4) سوال: خداپرست وزير جو برهان منڪر بادشاهه جي لاءِ ڇاهيو؟