Get Adobe Flash player

سوره بقره آيت 267

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ أَنفِقُواْ مِن طَيِّبَاتِ مَا كَسَبْتُمْ وَمِمَّا أَخْرَجْنَا لَكُم مِّنَ الأَرْضِ وَلاَ تَيَمَّمُواْ الْخَبِيثَ مِنْهُ تُنفِقُونَ وَلَسْتُم بِآخِذِيهِ إِلاَّ أَن تُغْمِضُواْ فِيهِ وَاعْلَمُواْ أَنَّ اللّهَ غَنِيٌّ حَمِيدٌ

ترجمو:

اي ايمان وارو! پنهنجي ڪمائيءَ جي پاڪ حصي مان ۽ توهان لاءِ جيڪو ڪجهه زمين مان ( معدنيات، گاهه ۽ وڻَ ٽڻَ) ٻاهر آندا اٿئون، تن مان خرچ ڪيو ۽ ان مان ناپاڪ خرچ ڪرڻ جي پٺيان نه وڃو،جڏهن ته توهان پاڻ (اهڙو مال) وٺڻ وقت اکيون پيا ٻوٽيندا آهيو، بيشڪ الله بي پرواهه ۽ ساراهه لائق آهي.

شان نزول:

پاڪ مال خرچ ڪرڻ:

امام جعفرصادق عليه السلام کان روايت آهي ته هي آيت انهن جي باري ۾ نازل ٿي آهي جيڪي جاهليت واري زماني ۾ پنهنجي دولت وياج ذريعي ڪٺي ڪري ان مان الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا هيا، ته الله سائين کين ان ڪم کان روڪيو ۽ حڪم ڪيائين ته پاڪ ۽ حلال مال منجهان الله جي واٽ ۾ خرچ ڪريو.[1]

تفسير مجمع البيان جو ليکڪ هي حديث نقل ڪرڻ کان پوءِ امام علي عليه السلام کان روايت ڪري ٿو ته: هي آيت انهن جي لاءِ نازل ٿي آهي جيڪي سڪل۽ گهٽ ماس وارين کجين کي سٺين کجين سان ملائي پوءِ الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا هئا، تنهن ڪري کي حڪم ڪيو ويو ته اهي انهي ڪم کان پاسو ڪن.[2]

هي ٻه شان نزول پاڻ ۾ ڪنهن به قسم جو ٽڪراءُ نٿا رکن ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته آيت ٻنهي قسمن جي ماڻهن جي باري ۾نازل ٿي هجي هڪڙن جي حوالي سان معنوي پاڪائي ڏانهن ۽ ٻين جي حوالي سان مادي پاڪائي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ مقصد هجي.

پوءِ به هن ڳالهه ڏي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته: سوره بقره جي آيت 275 مطابق، اهي ماڻهو جن جاهليت جي زماني ۾ پنهنجو مال وياج وسيلي گڏ ڪيو هيائون ۽ آيت نازل ٿيڻ کان پوءِ انهن وياج تان هٿ کنيو، ته گذريل مال انهن تي حرام نه هو، يعني هي قانون گذريل حالات کي شامل نه هو، پر ڇو جو اهو به يقين آهي ته هي مال حلال هجڻ باوجود به ٻين مالن کان فرق رکي ٿو، حقيقت ۾ هي مال اهڙي ملڪيت وانگر آهي جيڪا مڪروهه طريقي سان حاصل ڪئي وڃي.(تنهن ڪري اهڙي ڪم کان کين روڪيو ويو آهي.)

سوره بقره آيت 272

لَّيْسَ عَلَيْكَ هُدَاهُمْ وَلَـكِنَّ اللّهَ يَهْدِي مَن يَشَاء وَمَا تُنفِقُواْ مِنْ خَيْرٍ فَلأنفُسِكُمْ وَمَا تُنفِقُونَ إِلاَّ ابْتِغَاء وَجْهِ اللّهِ وَمَا تُنفِقُواْ مِنْ خَيْرٍ يُوَفَّ إِلَيْكُمْ وَأَنتُمْ لاَ تُظْلَمُونَ

ترجمو:

(اي پيغمبر) توتي اُنھن (ڪافرن) کي ھدايت (يعني سندن دل ۾ اثر پيدا ڪرڻ) لازم نه آھي، پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي ۽ جيڪو ڪجھ چڱو خرچ ڪندا آھيو سو اوھان لاءِ ئي آھي(پر) الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ کان سواءِ کانسواءِ خرچ نه ڪريو، ۽ جيڪو ڪجھ چڱو خرچ ڪيو ٿا، (اُن جواجورو) توھان کي پورو ڏبو ۽ توھان تي ظلم نه ڪبو.

شان نزول:

خير جي رستي تي خرچ ڪرڻ:

تفسير مجمع البيان ۾ ابن عباس کان نقل ٿيو آهي ته: مسلمان، نامسلم ماڻهن تي خرچ ڪرڻ  لاءِ راضي نه هئا ته هي آيت نازل ٿي ۽ ضرورت جي وقت انهن جي ڪمن کي انجام ڏيڻ جي مسلمانن کي اجازت ڏني وئي.[3]

هن آيت جي سلسلي ۾ ان جهڙو هڪ ٻيو شان نزول به آيو آهي، اهو هن ريت آهي ته: اسماء نالي هڪ مسلمان عورت ، ”عمرة القضاء“ جي سفر ۾ رسول اڪرم جن سان گڏ هئي، هن عورت جي ماءُ ۽ ڏاڏي هن وٽ آيون ۽ کانئس مدد گهريائون ته انهن جي مشرڪ ۽ بت پرست هجڻ ڪري کانئن مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيائين ۽ چيائين ته پيغمبر کان اجازت وٺان ڇاڪاڻ ته توهان اسان جي دين جون پيروڪار نه آهيو، ان کان پوءِ پاڻ سڳورن جن جي خدمت ۾ اچي اجازت گهريائين ته مٿين آيت نازل ٿي.[4]

سوره بقره  آيت273

لِلْفُقَرَاء الَّذِينَ أُحصِرُواْ فِي سَبِيلِ اللّهِ لاَ يَسْتَطِيعُونَ ضَرْبًا فِي الأَرْضِ يَحْسَبُهُمُ الْجَاهِلُ أَغْنِيَاء مِنَ التَّعَفُّفِ تَعْرِفُهُم بِسِيمَاهُمْ لاَ يَسْأَلُونَ النَّاسَ إِلْحَافًا وَمَا تُنفِقُواْ مِنْ خَيْرٍ فَإِنَّ اللّهَ بِهِ عَلِيمٌ

ترجمو:

اھڙن فقيرن کي (خيرات ڏيڻ گهرجي) جيڪي الله جي واٽ ۾ روڪيل ھجن، جيڪي ( سولي زندگي گذارڻ لاءِ واپار لاءِ) سفر ڪري نه سگھندا هجن، ناواقف (سندن) بي طمعي سببان کين آسودا ڀائيندا آھن، پر سندين پيشانين مان کين سڃاڻي وٺندين، چنبڙي ماڻھن کان سوال نه ڪندا آھن، ۽ جيڪو چڱو خرچ ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.

شان نزول:

مانَ وارن فقيرن کي الله جي واٽ ڏيڻ:

امام محمد باقر عليه السلام جن کان نقل ٿيل آهي ته: هي آيت اصحاب صفه جي باري ۾ نازل ٿي آهي. (اصحاب صفه لڳ ڀڳ چارسؤ ڄڻا انهن مسلمانن منجهان هئا جيڪي مڪي شريف ۽ مديني جي آس پاس جا رهاڪو هئا، تن جومديني ۾ نه ڪو مٽ مائٽ هو ۽ نه ئي ڪو رهڻ لاءِ ڪا جڳهه هئي، ان ڪري اهي مسجد نبوي ۾ ترسيل هئا ۽ پنهنجو پاڻ کي جنگ لاءِ تيار ڪيو ويٺا هئا.)

پر سندن مسجد ۾ رهڻ مسجد جي شان جي خلاف هو، تنهن ڪري کين اهو حڪم ڏنو ويو ته مسجد جي ٻاهران صُفَّه ( هڪ تمام وڏي جڳهه) واري پاسي منتقل ٿين ته هي آيت نازل ٿي ۽ مسلمانن کي حڪم مليو ته انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دل نه هڻن.[5]

ڪجهه مفسرن وري اها وضاحت ڪئي آهي ته اهي پيغمبر جا پهريدار ۽ محافظ هئا.[6]

سوره بقره آيت: 274

الَّذِينَ يُنفِقُونَ أَمْوَالَهُم بِاللَّيْلِ وَالنَّهَارِ سِرًّا وَعَلاَنِيَةً فَلَهُمْ أَجْرُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ وَلاَ خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلاَ هُمْ يَحْزَنُونَ

ترجمو:

جيڪي پنھنجا مال رات توڙي ڏينھن لڪ ڇپَ ۽ کلم کلا خرچ ڪندا آھن، تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ اَجر آھي ۽ نه ئي کين ڪو ڊپ آھي ۽ نه ئي اُھي غمگين رھندا.

شان نزول:

الله جي واٽ ۾ جڏھن خرچ ڪجي ته چڱو آهي.

ڪيترن ئي حديثن ۾ آيو آهي ته: هي آيت حضرت علي عليه السلام جي شان ۾ نازل ٿي آهي؛ ڇو جو حضرت علي عليه السلام جن وٽ چار درهم هئا، جن مان هڪ درهم رات جو، هڪ درهم ڏينهن جو، هڪ درهم سڀني جي سامهون ۽ هڪ درهم لڪ ڇپَ ۾ الله جي راهه ۾ خرچ ڪيائون ته هي آيت نازل ٿي.[7]

اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته آيت جو هڪ خاص وقت تي نازل ٿيڻ سان آيت جو مفهوم محدود نه ٿيندو آهي ۽ اهو حڪم ٻين کي شامل ٿيڻ کان نه روڪيندو آهي.

سوره بقره آيت: 278

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ اتَّقُواْ اللّهَ وَذَرُواْ مَا بَقِيَ مِنَ الرِّبَا إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ.

ترجمو:اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جيڪڏھن (الله ۽ رسول تي) ايمان رکو ٿا ته وياج مان رھيل (مطالبا) ڇڏي ڏيو.

سوره بقره آيت:279

فَإِن لَّمْ تَفْعَلُواْ فَأْذَنُواْ بِحَرْبٍ مِّنَ اللّهِ وَرَسُولِهِ وَإِن تُبْتُمْ فَلَكُمْ رُؤُوسُ أَمْوَالِكُمْ لاَ تَظْلِمُونَ وَلاَ تُظْلَمُونَ

ترجمو: پوءِ جيڪڏھن (ائين) نه ڪندؤ ته الله ۽ سندس رسول جي پاران اوھان کي جنگ جي سُڌ ھجي، ۽ جيڪڏھن توبه ڪيوَ ته اوھان لاءِ اوھان جي مالن جي موڙي آھي، نه ظلم ڪيو ۽ نه ئي توهان مٿان ظلم ڪيو ويندو.

سوره بقره آيت: 280

وَإِن كَانَ ذُو عُسْرَةٍ فَنَظِرَةٌ إِلَى مَيْسَرَةٍ وَأَن تَصَدَّقُواْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ

ترجمو: ۽ جيڪڏھن تنگدست (مسڪين) ھجي ته سگھ اچڻ تائين کيس مُھلت ڏيڻ لازمي آھي ۽ جيڪڏھن توھان ڄاڻو ٿا ته اوھان جو (قرض) بخشڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي.

سوره بقره آيت:281

وَاتَّقُواْ يَوْمًا تُرْجَعُونَ فِيهِ إِلَى اللّهِ ثُمَّ تُوَفَّى كُلُّ نَفْسٍ مَّا كَسَبَتْ وَهُمْ لاَ يُظْلَمُونَ

ترجمو: ۽ (اي انسانو) اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ الله ڏانھن موٽايا ويندؤ، پوءِ هر ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس ڪمائي جو پورو بدلو ڏنو ويندو۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.

شان نزول:

وياج حرام آهي:

تفسير علي بن ابراهيم ۾ آيو آهي ته: وياج جي آيتن جي نازل ٿيڻ کان پوءِ خالد بن وليد نالي، هڪ شخص پيغمبر اڪرم جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيائين ته: منهنجي پيءَ جو ” ثقيف“ قبيلي وارن سان وياجي واهپو هو ۽ انهن کان سندس لهڻو ليکو وٺي نه سگهيو هو، تن لاءِ وصيت ڪئي هيائين ته اهي آئون وٺي ڇڏيان، ڇا منهنجي لاءِ اهي وٺڻ جائز آهن؟

ته اهي آيتون نازل ٿيون ۽ تاڪيد سان ماڻهن کي هن ڪم کان روڪيو ويو.[8]

هڪ ٻي روايت ۾ آيو آهي ته پيغمبر هن آيت جي نازل ٿيڻ کان پوءِ فرمايائون: الا ان کل رباً منا رباالجاهليّةِ موضوع و اوّل رِباً اضعه رباالعبّاس بن عبد المطلبِ: آگاهه رهو! ته جاهليت واري زماني جا جيڪي به وياجي لهڻا ليکا ماڻهن هڪ ٻئي سان انجام پئي ڏنا سي سڀ جا سڀ ختم ڪيا وڃن ۽ سڀ کان پهريان وياجي معاملو جيڪو مان ختم ڪيان ٿو سو عباس بن عبدالمطلب جو وياجي معاملوآهي.[9]

ان مان ڀلي نموني سمجهي سگهجي ٿو ته: جڏهن پيغمبر اڪرم جاهليت واري دور ۾ ٿيل وياجي لهڻن ليکن تي قلم لاڳو ڪيو ته سڀ کان پهريان پنهنجي مٽن مائٽن کان شروع ڪيائين ۽ جيڪڏهن انهن ۾ڪو عباس وانگر شاهوڪار هو، جيڪو جاهليت جي دور ۾ ٻين شاهوڪارن وانگر وياج جي ڏيتي ليتي ڪندو هو، ته پيغمبر اڪرم پهريان ان جا مطالبا ختم ڪرايا.

۽ روايتن ۾ هي پڻ آيو آهي ته: پيغمبر اسلام انهن آيتن جي نازل ٿيڻ کان پوءِ مڪي جي گورنر کي حڪم ڪيائون ته: جيڪڏهن ” آل مغيره“ جيڪي مشهور وياجي هئا، وياج تان هٿ نه کڻن ته تون ساڻن جنگ ڪر.[10]



[1] _مجمع البيان ، ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾، ڪافي ج4، ص27،167 ۽168 ؛ وسائل الشيعه ج9، ص 465،466 ۽ 468 ۽ ج17، ص212 ؛ بحارالانوار، ج93، ص27،167،168 ڪجهه فرق سان.

[2]_ مجمع البيان ، ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾، ڪافي ج4، ص48، ٿوري فرق سان؛ وسائل الشيعه ج9، ص 205،206،207 ؛ بحارالانوار، ج93، ص46،47،143،145؛ سڀئي ڪجهه فرق سان آيل آهن. تفسير عياشي، ج1، ص148 ٿوري فرق سان .

[3]_تفسير مجمع البيان ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾۽ تفسير قرطبي، ۽ ٻين تفسيرن ۾ پڻ بيان ٿيل آهي.

[4]_ تفسير مجمع البيان،  تفسير قرطبي ۽ تفسير ڪبير فخر رازي ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾

[5]_ تفسير مجمع البيان، تفسير ابوالفتوح رازي، البحر المحيط، قرطبي، روح المعاني ۽ ٻين تفسيرن ۾ هن آيت جي ذيل ۾ ان ڳالهه کي مختلف طريقن سان لکيو ويو آهي.

[6]_ تفسير في ضلال القرآن، ج1، ص462 ، هن آيت جي ذيل ۾.

[7]_ نورالثقلين، ج1، ص290 ۽ 191؛ الدر المنثور لکڻ واري هن کي ابن عساڪر، طبراني، ابوحاتم، ابن جرير ۽  ٻين کان پڻ نقل ڪيو آهي (در المنثور، ج1، ص363).

ڪن جو چوڻ آهي ته : شيعه عالم ۽ اڪثر اهل سنت ان ڳالهه تي متفق آهن ته هي آيت حضرت امام علي عليه السلام جي شان ۾ نازل ٿي آهي...

اهل سنت جي عالمن مان: واحدي، ثعلبي، خوارزمي، سدّي، ڪلبي، زمخشري، طافي، قشيري، ماوردي، ابن مغازلي، ابن ابي الحديد ۽ انهن کان علاوه ٻين پڻ هن حديث کي نقل ڪيو آهي. وڌيڪ تفسير برهان ۽ تفسير اثني عشري ۾ هن آيت جي بحث ڏانهن رجوع ڪيو وڃي.

وسائل الشيعه، ج9، ص394۽ 403؛ بحارالانوار،ج36، ص61، ج40، ص105، ج41، ص33،34،35 .

[8]_ تفسير علي بن ابراهيم، ج1، ص93؛ مستدرڪ، ج13، ص334؛ وسائل الشيعه، ج18، ص131؛ بحار الانوار، ج100، ص118 .

[9]_ مجمع البيان، ذڪر ٿيل آيتن جي ذيل ۾، درالمنثور، ج2، ص109، ٿوري تفاوت سان؛ مستدرڪ، ج13، ص345؛ بحارالانوار،ج21، ص405، ج37، ص113 ۽ ج73، 349 .

[10]_ الدر المنثو، ج2، ص107،108؛ مڪاتيب الرسول، احمدي ميانجي، ج2، س667۽ 668؛ اسباب نزول آيات، واحدي نيشاپوري، ص58 .