Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 49 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

حضرت اميرالمومنين علي عليه السلام ۽ حضرت امام حسن عليه السلام جي شهادت کان بعد بني اميه جي دور ۾ اسلامي دنيا ۾ خريد ڪيل روايتون گهڙيندڙن راوين جو ڪارو دور شروع ٿيو.  ان سلسلي جو هڪ  خطرناڪ  ۽ تمام گهڻو نقصانڪار ڪم، بغير وقفي جي شيعت جي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ، شيعت جي پاڪ چهري کي مٽائڻ ۽ هن انسان ساز مڪتب سان مقابلو ڪرڻ هو.

بنو اميه نٿي چاهيو ته حقيقي دين ۽ ان جي تعليمات جو وڻ سندس حقيقي مفسرن يعني اهلبيت عليهم السلام  جي ذريعي امت جي درميان وڌي ويجهي تيار ٿئي.

بنو اميه جو اهو طور۽ طريقو هلندو رهيو ايسيتائين جو پهرين هجري جي پڇاڙي ۾ امام محمد باقر عليه السلام پنهنجي دور انديشي سان پهرين تشيع جي هڪ عظيم درسگاهه جو بنياد مديني جي  سرزمين تي رکيو، وڏن وڏن محدثن ۽ فقيهن هن امام جي خدمت ۾ مسلسل ايتري تربيت حاصل ڪئي جو انهن مان هر هڪ  شيعا مذهب جو بنيادي حصو سمجهيو وڃي ٿو.

انهن مان امام باقر عليه السلام ۽ ان کان بعد امام جعفرصادق عليه السلام جن جي خدمت ۾ تربيت حاصل ڪندڙ حديث ۽ فقه جو هڪ برجسته چهرو جناب فُضيل بن يسار آهي.

مختصر زندگي نامو 

اسلامي مورخن جي قول مطابق جناب فُضيل  پهرين هجري جي پوئين ا ڌ صدي جي آخري سالن ۾ ڪوفي شهر ۾ پيدا ٿيا. سندن جواني ان شهر ۾ ڱذري ۽ان کان بعد پاڻ بصري ويا ۽ زندگي جي آخري ڏهاڙن تائين اتي رهيا  ان جي ڪري ئي پاڻ ( بصري )جي لقب سان مشهور ٿيا.1

۽ وڏي پٽ جو نالو قاسم رکڻ  ڪري  سندن ڪنيت “ ابولقاسم” آهي البته بعض ڪتابن ۾ سندن ڪنيت ابو مسور پڻ آئي آهي

سندن مشهور لقب (نهدي) آهي، مدرس خياباني پنهنجي  ڪتاب ۾ (جنهن ۾ هن تمام محدثن جا لقب آندا آهن) لکي ٿو ته جناب فضيل جو سلسله نسب قبيله بني نهد تائين پهچي ٿو.

هن قبيلي جا ماڻهو يمن جي سرزمين تي رهندا هيا ۽ نهد بن ليث جا پوري اولاد يمني آهي.2

جناب فضيل جي والد جو نالو يسار آهي جن جي باري ۾ جناب فضيل جي زندگي مان وڌيڪ معلومات حاصل نه ٿي سڱهي آهي

جناب فضيل حجت خدا جي خدمت ۾

هي عظيم الشان محدث امام باقر عليه السلام جي علمي چشمن مان سيراب ٿيا ۽ سندن خاص اصحاب مان ليکيا ويندا هئا، پاڻ امام محمد باقر عليه السلام جي شهادت کان پوءِ سن 114ق.۾ امام جعفر صادق عليه السلام جي خدمت مبارڪ ۾ آيا ۽ علم جي سمنڊ مان فيض پرائڻ لاءِ امام جعفر صادق(ع) جي شاگردن جي ٽولي ۾ شامل ٿيا ۽ پنهنجي زندڱي جي آخري ڏهاڙن تائين پنهنجي امام سان ربطن کي مضبوط ڪندا رهيا.

جناب فضيل جي ولايت سان گهِري عقيدت  جي ڪري  امام جعفر صادق عليه السلام هڪ حديث ۾ سندن واکاڻ فرمائي آهي.3

جناب فضيل گهڻو فيض امام محمد باقر عليه السلام ۽ امام جعفرصادق عليه السلام جن کان حاصل ڪيوآهي ۽ ان کان علاوه سندن سوانح عمري ۾ زڪريا بن عبد الله نقاص ۽عبدالواحد مختار جا نالا به استاد جي طورملن ٿا.4

زڪريا بن عبد الله ڪوفي جو رهاڪو ۽امام محمد باقر عليه السلام ۽ امام جعفر صادق عليه السلام جي راوين مان آهي.5

پرعبدالواحد مختار انصاري جناب فضيل جو نالو مشايخه حديث جي گروه (مشيخه صدوق) ۾ ذڪر ڪيو آهي.6

شيخ طوسي کيس حضرت امام باقر عليه السلام ۽امام جعفرصادق عليه السلام جي دوستن مان شمار ڪيو آهي.7

پاڻ زراره ۽ فضيل جا استاد آهن ۽ بعض روايات مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو محدثي پرور پيشه هيو ۽ حلال ۽ حرام جو گهڻو خيال رکندا هيا، ان جي ڪري ئي شيعه عالمن جناب فضيل ڏانهن سٺي نسبت ڏني آهي.8

پاڻ علم حاصل ڪرڻ ۽ امامن جي بارگاهه مان فيض حاصل ڪرڻ جي اعتبار سان ايتري ته مقام جا مالڪ آهن جو بصري جي حوزه علميه جا هڪ مثالي استاد طو سڃاتا ويا. علم طلب ڪرڻ وارا ۽ حديثن تلاشي ماڻهو هن ثمردار وڻ جي سايي ۾ اچي علم جو ثمر حاصل ڪندا هيا

سندن  ڪيترائي شاگرد آهن جن مان گهڻا ته شيعه مذهب جا مشهور محدث ۽ خاص شخصيت

جا مالڪ رهيا آهن جن جا نالا هي آهن

· ابان بن عثمان؛

· جميل بن درّاج؛

· حسن بن محبوب؛

· حمّاد بن عثمان؛

· يونس بن عبدالرّحمن؛

· علي بن رئاب؛

· حريز بن عبداللّه سجستاني؛

· علاء بن رزين؛

· عبداللّه بن سنان؛

· جميل بن صالح.9

اها ڳالھ واضح رهي ته  جيڪي هن جليل القدر عالم دين جا شاگرد آهن، انهن مان اڪثر  (اصحاب اجماع ) آهن جن جي  فضل، ڪمال ۽ علم تي اڄ ڏينهن تائين اسان جا عالم دين متفق آهن

حديث جي دنيا مهارت جو فن

جيڪڏهن جناب فضيل جي روايتن جي وادي ۾ منزلت کي ڏسڻ چاهيون ته جيڪا شئ دين محمدي جي سلسلي ۾حديثن جي اعتبار سان جناب فضيل جي باري ۾ اسان تائين پهتي آهي سا هي آهي ته اڪثر روايتون جيڪي جناب فضيل جن نقل ڪيون آهن اهي فقه جي باري ۾ آهن  جيتوڻيڪ انهن روايتن ۾ توحيد-ولايت، عصمت اهلبيت عليهم السلام ۽ اخلاق اهل بيت عليهم السلام جي باري ۾ به روايتون نقل ٿيل آهن ليڪن جناب فضيل جي گهڻي نگاهه احڪام الاهي جي بيان ۽ ان  انهن کي ڦيلائڻ تي هئي اهو ئي سبب آهي جو جناب فضيل جي لقبن مان هڪ لقب (فقيه شيعه) آهي.10                                       

جناب فضيل  جو مقام

جناب فضيل جي محدث هجڻ واري فضيلت مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ هڪ با ڪمال شخصيت جا مالڪ ۽ هڪ سچي صحابي طور سڃاتا ويندا هئا ۽ ايتري منزلت تي پهتل هيا جو امامن جي زبان مان گهڻي تعريف سندن شان ۾ ذڪر ٿي آهي.

محدث بهشتي

ڪشي، ابراهيم ابن عبدالله کان روايت ڪري ٿو ته جڏهن به امام جعفر صادق عليه السلام جناب فضيل کي ڏسندا هئا فرمائيندا هئا ته :تواضع رکندڙ انسان کي خوشخبري ڏي ته جيڪو به چاهي ته جنتي ماڻهو کي ڏسي کيس گھرجي ته اهو فضيل کي ڏسي.11۽12

زمين جي جناب فضيل سان محبت 

ڪشي ٻي جڳهه تي فضيل بن عثمان کان نقل ڪري ٿو ته حضرت امام صادق عليه السلام فرمايو آهي ته :زمين جناب فضيل سان محبت ڪري ٿي ۽ جناب فضيل جي ڪري  سڪون حاصل ڪري ٿي.13۽14

ابن ابي عمير شيعا محدثن جي هڪ گروهه کان روايت نقل ڪري ٿو ته جڏهن به امام جعفرصادق عليه السلام جناب فضيل کي روئندي ڏسندا هئا ته فرمائيندا هئا مبارڪ هجي خدا جو خوف رکڻ واري انسان کي، ۽ ڪيترائي دفعا پاڻ فرمايائون ته فضيل منهنجي بابا امام محمد باقر عليه السلام جي اصحاب منجهان آهي ۽ مان ان ڳالهه کي پسند ڪريان ٿوته انسان پنهنجي پيءُ جي دوستن کي دوست رکي.15۽16

چوٿين صدي جي علم رجال جي عالم شيخ ڪشّي چوي ٿو ته :

تمام عالم ۽ شيعا فقيه جناب فضيل جي عدالت ۽ وثاقت (اعتماد جوڳي هجڻ ) تي متفق آهن ۽ سندن روايتن کي صحيح سمجهن ٿا ۽ کين امام محمد باقر عليه السلام ۽ امام جعفرصادق عليه السلام جو سڀني کان وڏو فقيه صحابي ڪري مڃين ٿا. 17

جناب فضيل بن يسار جا ٻه پٽ هئا جن جا نالا قاسم۽ علاء هئا، جيڪي پڻ پنهنجي پيءُ وانگر وڏا محدث هئا.

جناب فضيل جي علمي ڪاوشن مان فقط هڪ ڪتاب  باقي رهيو آهي ۽ وڏن وڏن شيعا راوين  ان ڪتاب مان روايتن کي نقل ڪيو آهي.18

جيڪي روايتون هن  جليل القدر امام جي صحابي کان نقل ٿيون آهن سي تمام گهڻيون آهن جن جو تعداد لڳ ڀڳ (254)  تائين پهچي ٿو، اهي روايتون هڪ قيمتي ميراث جي عنوان سان اڄ به شيعا عالمن ۽ مجتهدن جي لاء هدايت جو چراغ آهن. 19

وفات

علوم آل محمد کي ڦيلائڻ کان بعد ٻين صدي هجري جي پوين پنجن ڏهاڪن جي اچڻ کان پهرين جناب فضيل جو روح هن فاني جهان مان  لاڏاڻو ڪري بهشت جو راهي ٿيو، پاڻ جناب امام جعفر صادق عليه السلام جي دور ۾ هن فاني جهان کي الوداع ڪئي ۽ امام جعفرصادق عليه السلام پنهنجي هن با اخلاص شاگرد جي حق ۾ خدا وند متعال کان مغفرت جي دعا فرمائي هئي.34 هن بزرڱوار جي قبر جي جڳهه معلوم نه آهي، پراحتمال اهو آهي ته شايد پاڻ بصري شهر ۾ ئي انتقال ڪيو هو.

جناب فضيل کان نقل ٿيل ڪجهه روايتون

جناب فضيل امام جعفر صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته پاڻ فرمايائون: هڪ مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي، هو پنهنجي مسلمان ڀاءُ تي ظلم نه ڪندو آهي کيس دوکو نه ڏيندو آهي ۽ ان کي ذليل ۽ خوار نه ڪندو آهي، هو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي غيبت نه ڪندو آهي نه ان سان خيانت ڪندو آهي ۽ ان کي پنهنجي مدد ۽ احسان کان محروم نه رکندو آهي.20۽21

حضرت  امام محمد باقر عليه السلام جن فرمايو ته: سڀ کان پهرين وڌيڪ مصائب ۽مشڪلاتون نبين جي لاءِ آهن ۽ ان کان پوءِ سندن جانشينن لاءِ آهن ۽ انهن کان بعد انهن  نيڪ ۽سٺن ماڻهن  جي لاءِ آهن جيڪي ايمان ۽ ڪردار ۾ سندن نزديڪ هجن.22

حوالا

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

1.رجال شيخ طوسي، ص 132، ش 1، ص 271؛ رجال نجاشي، ص 309، جامعه مدرّسين؛ رجال ابن داود، ص 152؛ نقدالرجال، تفرشي، ص 269.

2.ريحانة الادب، ج 6، ص 27.

3.رجال طوسي، ص 132 و 271؛ مجمع الرجال، ج 5، ص 58؛ رجال نجاشي، ص 309.

4 .بهجة الآمال،ج6،ص57؛طبقات الفقهاء،ج2،ص450.

5.رجال طوسي، ص 123 و 199.

6.من لايحضره الفقيه، ج 4، ص 29، بخش مشيخه7.رجال طوسي، ص 128 و 238.

7.تنقيح المقال، ج 2، ص 223.

8.  9 ۽ 10. جامع الروات، ج 2، ص 11؛ معجم رجال الحديث، ج 13، ص 335.

11. بشّرالمخبتين، مَن احبَّ اَن ينظُر رجلاً مِن اهل الجنّة فلينظُر الي هذا.

12.رجال کشي، ج 2، ص 473

13.بخّ بخّ مرحباً بمَن تَأنِسُ به الارض.

14.ساڳيو، ص 473

15. کان يقولُ انّ فضيلاً مِن اصحاب ابي و انّي لاُحِبُّ الرّجل اَن يُحبّ اصحاب ابيه ساڱيو ص 470

16 .ساڳيو        ص 470

17.رجال کشّي ج 2 ص517

18.رجال نجّاشي، ص 219

19.معجم الرجال، ج 13، ص 336؛ طبقات الفقهاء، ج 2، ص 451.

20.رجال نجاشي، ص 309

21.المسلم اخ المسلم لايظلمه و لايغشّه و لا يخذله و لايغتابه و لايخونه و لايحرمه

22.سلامت الدين والبدن خير من المال والمال زينت الحيات الدنيا .. ص 253