Get Adobe Flash player

38: سوره بقره آيت 238 : حَافِظُواْ عَلَى الصَّلَوَاتِ والصَّلاَةِ الْوُسْطَى وَقُومُواْ لِلّهِ قَانِتِينَ

سڀني نمازن ۽ (خاص طور) نماز وسطى (ظهر نماز) کي بجا آڻڻ ۾ ڪوشش ڪريو، ۽ الله خاطر فرمانبردار ٿي بيھو

39: سوره بقره 239:ف َإنْ خِفْتُمْ فَرِجَالاً أَوْ رُكْبَانًا فَإِذَا أَمِنتُمْ فَاذْكُرُواْ اللّهَ كَمَا عَلَّمَكُم مَّا لَمْ تَكُونُواْ تَعْلَمُونَ

پوءِ جيڪڏھن (جنگ يا ڪنهن ٻئي خطري ڪري ) ڊڄو ته پيادا يا سواري تي نماز پڙهو، پوءِ جڏھن ڊپ لهي وڃيوَ تڏھن الله کي ياد ڪيو (نماز کي ساڳي اصلي صورت ۾ انجام ڏيو) جهڙي ريت جن شين کي توهان نه ڄاڻندا هيَوَ توهان کي سيکاريائين.

شان نزول :جماعت نماز ۾ شريڪ ٿيڻ

ڪجهه منافق موسم گرم هجڻ کي مسلمانن جي صفن ۾ اختلاف وجهڻ لاءِ بهانو بڻائي جماعت نماز ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪندا هئا،جنهن جي ڪري ڪجهه مومن پڻ جماعت نماز ۾ شريڪ ٿيڻ کان ڪيٻائيندا هئا،۽ مسلمانن جي جماعت گهٽ ٿي وئي،پاڻ سڳورا (ص) پڻ ان ڳالهه جي ڪري ناراض هئا،ايستائين جو کين ڌمڪي ڏنائون، تنهن ڪري “زيد بن ثابت” جي هڪ روايت ۾ آيو آهي ته: تمام سخت گرمي جي باوجود پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم ظهر جي نماز جماعت سان ڪرائيندا هئا ۽ اها نماز سندن اصحاب لاءِ تمام سخت هوندي هئي، ايستائين جو ڪڏهن ته سندن پٺيان هڪ ٻن صفن کان وڌيڪ ماڻهو نه هوندا هئا،تنهن ڪري فرمايائون ته: آئون چاهيان ٿو ته جيڪي نماز ۾ شريڪ نه ٿا ٿين تن جي گهرن کي ساڙي ڇڏيان، ته تنهن وقت مٿين آيت نازل ٿي ۽ ظهر جي نماز (کي جماعت سان) پڙهڻ  جي تاڪيد ڪئي.[1]

پاڻ سڳورن (ص) جي ايتري سختي ٻڌائي ٿي ته: جماعت ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو سبب رڳو سخت گرمي نه هئي، پر ڪجهه ماڻهن چاهيو پئي ته ان بهاني سان  اسلام ۽ پاڻ سڳورن (ص) کي ڪمزور ڪن ۽ مسلمانن جي صفن ۾ تفرقي جو سبب ٿين، ته پاڻ سڳورن (ص) جن انهن جي مقابلي ۾ سختي سان پيش آيا.

40: سوره بقره آيت 243: أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ خَرَجُواْ مِن دِيَارِهِمْ وَهُمْ أُلُوفٌ حَذَرَ الْمَوْتِ فَقَالَ لَهُمُ اللّهُ مُوتُواْ ثُمَّ أَحْيَاهُمْ إِنَّ اللّهَ لَذُو فَضْلٍ عَلَى النَّاسِ وَلَـكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لاَ يَشْكُرُونَ

ڇا انھن ماڻهن کي ڏانھن نه ڏٺئي؟ جيڪي پنھنجي ديس مان موت جي ڊپ کان نڪتا ۽ جڏهن ته اُھي ھزارين هُئا، پوءِ الله کين فرمايو ته مري وڃو (ته مري ويا)، وري کين جياريائين، الله ماڻھن تي وڏو فضل ڪرڻ وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن

شان نزول: مردن کي زندهه ڪرڻ

شام جي ڪنهن شهر ۾ طاعون جي بيماري اچي پکڙي ۽ تمام حيرت انگيز انداز ۾ تيزي سان ماڻهو هڪٻئي جي پٺيان مرندا ٿي ويا، ان دوران موت کان نجات جي خيال سان ان علائقي کي ڇڏي ويا، ڇاڪاڻ ته اهي اتان کان ڀڄڻ ۽ موت مان نجات پائڻ کان پوءِ پاڻ ۾ قدرت ۽ مستقل مزاجي جو احساس ڪرڻ لڳا ۽ خدائي ارادي کان اکيون ٻوٽيندي طبيعي اسباب جي دوکي ۾ اچي ويا هئا، ته الله سائين به کين ان بيابان ۾ ساڳي بيماري ۾ تباهه ڪري ڇڏيو.   

ڪجهه روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته: ان علائقي ۾ بيماري جي اچڻ جو اصلي سبب کين سزا ڏيڻ  هو، ڇاڪاڻ ته سندن اڳواڻ کين اهو چيو هو ته: پاڻ کي مقابلي لاءِ آمادهه ڪندي شهر مان ٻاهر نڪري وڃن،انهن ان بهاني سان ته طاعون جي بيماري ۾ مبتلا آهن، تنهن ڪري جنگ جي ميدان ۾ وڃڻ کان ڪيٻائي رهيا هئا، ته الله تعالى به کين ان ئي بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ طاعون جي بيماري انهن ۾ پکڙجي وئي، ماڻهو پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي بيابان جو رخ ڪيو، پر انهي بيماري ۾ مري ويا، ڪافي وقت گذري چڪو  ۽ “حزقيل”[2] نبي جو اتان کان گذر ٿيو ۽ الله سائين کان سندن زندهه ٿيڻ جو سوال ڪيائين، الله سائين سندس دعا قبول ڪئي ۽ اهي وري زندهه ٿي پنهنجي اصلي زندگي ڏانهن موٽي آيا. [3]

41: سوره بقره آيت 245 : مَّن ذَا الَّذِي يُقْرِضُ اللّهَ قَرْضًا حَسَنًا فَيُضَاعِفَهُ لَهُ أَضْعَافًا كَثِيرَةً وَاللّهُ يَقْبِضُ وَيَبْسُطُ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ

اھو ڪير آھي جيڪو الله کي چڱو قرض ڏئي (جيڪو مال خدا کيس عطا ڪيو آهي الله جي راهه ۾ خرچ ڪري) ته (الله) اُن لاءِ ڪيترائي ڀيرا وڌائي، ۽ الله ئي آهي جيڪو (بندن جي روزي ) گهٽ ڪري ٿو ۽ کولي (وڌائي) ٿو، (۽ سندس راهه ۾ خرچ ڪرڻ سان ڪڏهن به روزي گهٽجي نه ٿي) ۽ ڏانھنس موٽايا ويندؤ

شان نزول : نفعي وارو معاملو

هن آيت جي شان نزول جي باري ۾ هن ريت نقل ڪيو ويو آهي ته: هڪ ڏينهن پاڻ سڳورن (ص) جن فرمايو: جيڪو شخص صدقو ڏي ته جنت ۾ کيس ان کان ٻيڻو عيوض ملندس، “ابوالد حداح انصاري” عرض ڪيو:يا رسول الله (ص) ! مون وٽ ٻه باغ آهن، ڇا جيڪڏهن آئون انهن مان هڪ صدقي جي نيت سان ڏيان ته ان کان ٻيڻو عيوض جنت ۾ ملندو؟  ته پاڻ فرمايائون: ها.

عرض ڪيائين: ام الدحداح به مون سان گڏ هوندي؟ پاڻ فرمايائون ته: ها.

وري عرض ڪيائين ته: منهجي اولاد به مون سان گڏ هوندي؟ پاڻ فرمايائون ته: ها.

پوءِ ان سڀني کان ڀلو باغ پاڻ سڳورن (ص) کي صدقي جي عنوان سان ڏنو، تنهن وقت مٿين آيت نازل ٿي ۽ سندس صدقي کي ٻه ميلين (ويهه لک) تائين قرار ڏنائين ۽ “أَضْعَافًا كَثِيرَةًجي معنى به اها ئي آهي، ابوالدحداح واپس موٽي آيو ۽ ام الدحداح ۽ سندس اولاد کي انهي باغ ۾ ڏٺائين جيڪو صدقي جي طور تي ڏنوهيائين، باغ جي دروازي تي بيهي رهيو ۽ سندس دل اندر وڃڻ تي نه ٿي چاهيو، سندس گهر واري کي سڏ ڪيائين ۽ چيائين: مون هي باغ صدقي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان جي عيوض بهشت ۾ ٻيڻو عيوض خريد ڪيو آهي ۽ تون ۽ تنهنجي اولاد به مون سان گڏ هوندئو.

سندس گهر واري چيو: جيڪو سودو ڪيو اٿئي تنهن جي مبارڪ هجيوَ.

تنهن کان پوءِ سڀئي باغ مان ٻاهر نڪتا ۽ اهو باغ پاڻ سڳورن (ص) جي حوالي ڪيائين ته پاڻ سڳورن(ص) جن فرمايو:“بهشت ۾ ڪيترائي کجين جا وڻ جنه جون ٽاريون ابوالدحداح لاءِ سينگاريون ويون آهن.[4]

42: سوره بقره آيت256: لاَ إِكْرَاهَ فِي الدِّينِ قَد تَّبَيَّنَ الرُّشْدُ مِنَ الْغَيِّ فَمَنْ يَكْفُرْ بِالطَّاغُوتِ وَيُؤْمِن بِاللّهِ فَقَدِ اسْتَمْسَكَ بِالْعُرْوَةِ الْوُثْقَىَ لاَ انفِصَامَ لَهَا وَاللّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ

دين قبولڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي، (ڇاڪاڻ ته) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي چڪي آھي، تنھنڪري جيڪو طاغوت (يعني خُدا کانسواءِ ٻـين معبودن) کي نه مڃي ۽ الله تي ايمان رکي تنھن بيشڪ اھڙي مضبوط ڪڙي کي ورتو، جنھن کي ڇڄڻ نه آھي، ۽ الله ٻڌڻ وارو ۽ آگاهه آھي.

شان نزول: دين ۾ ڪا زبردستي ڪانهي

مشهور مفسر “طبرسي” مجمع البيان ۾هن آيت جي شان نزول جي سلسلي ۾ نقل ڪري ٿو: مديني ۾ “ابو حصين” نالي هڪ شخص جا ٻه پٽ هئا، ڪجهه واپاري جيڪي مديني ۾ مال آڻيندا هئا،  ابو حصين جي ان ٻن پٽن کي عيسائي دين ڏانهن دعوت ڪندا هئا،سندس  ٻئي پٽ به سندن اثر هيٺ اچي اهو مذهب اپنايو ۽ انهن واپارين سان گڏجي شام هليا ويا.

جڏهن ابو حصين کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جن کي ٻڌايائين ۽ کين اهو عرض ڪيائين ته پاڻ سندن پٽن کي سندن مذهب ڏانهن واپس موٽائين ۽ پوءِ وري اهو سوال ڪيائين ته: ڇا کين زبردستي طور پنهنجي دين ڏانهن واپس موٽايان يا نه؟  تنهن وقت مٿين نازل ٿي ۽ ان حقيقت کي بيان ڪيائين ته: مذهب جي اختيار ۾ ڪا زبردستي ۽ ڏاڍائي ڪانهي.[5]

“تفسير المنار” ۾ آيو آهي ته: “ابو حصين” اهو پئي چاهيو ته: زبردستي پنهنجن پٽن کي اسلام ڏانهن واپس موٽائي ته اهي ٻئي پاڻ سڳورن وٽ شڪايت کڻي آيا، ته ابو حصين پاڻ سڳورن(ص) کي عرض ڪيو ته: آئون ان ڳالهه تي ڪيئن راضي ٿيان ته منهنجا پٽ جهنم ۾ وڃن ۽ آئون کين ڏسندو رهان، ته ان وقت مٿين آيت نازل ٿي. [6]



[1] :“مجمع البيان” “ الدر المنثور” ج1، ص301،  ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾، “بحارالانوار” ج79، ص279، “تفسير قرطبي” ج3،ص208 “ بحر المحيط” ج2، ص215، ذڪر ٿيل آيت ذيل ۾

[2] :ڪجهه روايتن مطابق “ حزقيل” حضرت موسى عليه السلام کان پوءِ بني اسرائيل لاءِ ٽيون هادي هو.“مجمع البيان” ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾. “بحارانوار” ج13، ص383

[3] :“ڪافي” ج8، ص198 ۽ 199 “بحارالانوار” ج 6، ص120 ۽ 123 ۽ ج 13، ص 381، 382 ۽ 385 “مجمع البيان” ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾

[4] :“مجمع البيان” هن آيت جي ذيل ۾، “مستدرک الوسائل” ج7، ص 262، 264۽ 265 “تفسير ابن ڪثير” ۽ “تفسير ڪبير فخر رازي” ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾

[5] : “بحارالانوار” ج22، ص16، “مجمع البيان” ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾، “ اسباب نزول الآيات” واحدي نيشاپوري، ص52.

[6] : “تفسير المنار” ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾.