Get Adobe Flash player

حضرت امام علي عليه السلام جي خطبن جي مجموعي نهج البلاغه جي مکيه خطبن مان هڪ خطبو خطبة المتقين آهي جنهن کي خطبه همام به چوندا آهن ڇاڪاڻ ته هن خطبي کي مولا علي عليه السلام پنهنجي هڪ صحابي همام جي اصرار تي صادر فرمايو. جنهن امام جي خدمت ۾ عرض ڪيو هيو ته اي امير المؤمنين! مون کي متقين(پرهيزگارن) جي صفتن بابت ائين ٻڌايو جو ڄڻ ته آءُ کين پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهيان.؟ امام ڪجهه دير کان پوءِ کيس فرمايو: اي همام! تقوى اختيار ڪر ۽ نيڪي ڪر ڇاڪاڻ ته خداوند متعال پرهيزگارن ۽ نيڪوڪارن سان گڏ آهي. ليڪن همام ان مختصر جواب تي راضي نه ٿيو ۽ اصرار ڪيائين ته وڌيڪ تفصيل سان جواب ملي ته امام عليه السلام هيءُ عظيم خطبو ڏيندي متقين ۽ پرهيزگارن جي صفتن کي تفصيل سان بيان ڪيو.هن مقالي ۾ اسان امام جي ان خطبي جو مختصر جائزو وٺندي پنهنجي وس آهر سندن ڪلام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين

 

خطبي تي مختصر نظر:

حضرت علي عليه السلام هن خطبي ۾ مجموعي طورمتقين جون 110 صفتون بيان ڪيون آهن. جيڪڏهن خطبي ته وڌيڪ غور ڪيون ته معلوم ٿئي ٿو ته خطبو ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ تقسيم ٿئي ٿو مثلا ڪنهن جاءِ تي پرهيزگارن جي شخصي صفتن کي بيان ڪيو ويو آهي ته ڪٿي سندن اجتماعي ۽ معاشرتي گڻن کي ٻڌايو ويو آهي. نهن جاءِ تي سندن عقيدتي ۽ ديني معرفت جي بلنديءَ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته ڪٿي سندن گفتار ۽ رفتار واري مقام کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪٿي وري پرهيزگارن جي علامتن ۽ نشانين جي باري ۾ بحث ٿيو آهي ته جيڪڏهن معاشري ۾ پرهيزگارن کي سڃاڻڻ چاهيون ته ڪهڙين نشانين سان سڃاڻي سگھون ٿا .خطبي جي آخري حصي ۾ هڪ عجيب واقعي جو ذڪر آهي جيڪو همام لاءِ پيش آيو،ته خطبو پورو ٿيڻ کانپوءِ همام رڙ ڪري بيهوش ٿي ويو ۽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪير ڇڏيائين.

الله بي نياز آهي

خطبي جي شروعات ۾ هڪ اهم نڪتي ڏانهن اشارو ڪندي فرمائن ٿا : خداوند متعال هر شئ کان بي نياز آهي،(تنهنڪري جيڪڏهن) هن خطبي ۾ تقوى جي باري ۾ جيڪي ڪجهه سخت ۽ ڏکيا حڪم ذڪر ٿيا آهن سي خدا وند متعال جي عزت ۽ عظمت وڌائڻ لاءِ ناهن بلڪه اهي حڪم انسان جي ترقي جون منزلون طي ڪرڻ لاءِ آهن، فرمائن ٿا :فانّ اللَّه عزّ و جلّ خلق الخلق حيث خلقهم غنيّا عن طاعتهم امنا لمعصيتهم لانّه لا تضرّه معصية من عصاه منهم و لا ينفعه طاعة من اطاعه منهم (الله تعالى _ جيڪو پاڪ ۽ وڏي مرتبي ۽ مان وارو آهي _ مخلوق کي پيدا ڪيو جڏهن ته هو سندن اطاعت کان بي نياز ۽ سندن نافرماني کان امان ۾ آهي ڇاڪاڻ ته کيس گناهگارن جي نافرماني ڪو نقصان نه ٿي پهچائي ۽ نه ئي وري اطاعت ڪرڻ وارن جي اطاعت کيس ڪو فائدو پهچائي ٿي.)

ان ڳالهه جو واضح دليل هيءُ آهي ته الله سائينءَ جو وجود هر لحاظ کان بي انتها ۽ ڪامل مطلق (هر لحاظ کان مڪمل) آهي، سندس وجود ۾ ڪا کوٽ نه آهي جو ٻانهن جي اطاعت سان پوري ٿئي، ۽ ان جي ابتڙ جيڪڏهن پوري دنيا ڪافر ٿي وڃي، تڏهن به سندس شان ۽ عظمت ۾ ڪا گھٽتائي نه ٿي اچي سگھي ڇاڪاڻ ته مخلوق ۾ ايتري سگھ ئي ناهي جو سندس ذات پاڪ کي نقصان رسائي سگھي.

ان کان علاوهه مخلوق وٽ جيڪو ڪجھ آهي،سو کين الله تعالى طرفان ئي مليو آهي ۽ سندس فيض جي برڪت سان آهي، ته پوءِ سندس فيض کي ڏانهس موٽائڻ جي تڪ نه ٿي بڻجي.

سڄي مخلوق سندس ئي وڇايل دسترخوان تان کائڻ واري ۽ سندس ئي وجود سان لاڳاپيل آهي، جيڪڏهن هڪ لحظي لاءِ به سندن رابطو الله تعالى کان ڪٽجي وڃي ته نابود ٿي ويندا.

انسان جي دنياوي زندگي

امام B ماڻهن جي دنياوي زندگي ۾ سندن مادي حالت ڏانهن اشارو ڪن ٿا جيڪو حقيقت ۾ سندن معنوي حالت کي بيان ڪرڻ جو مقدمو آهي :“ فقسم بينهم معايشهم، و وضعهم من مواضعهم ” الله سائينءَ سندن (مخلوقات) رزق ۽ روزي کي (حڪمت سان) سندن وچ ۾ تقسيم ڪيو ۽ هر هڪ کي پنهنجي (مناسب) جاءِ تي رکيو .

امام جو اهو ڪلام قرآن مجيد جي سوره زخرف جي آيت 32 ڏانهن اشارو آهي جنهن ۾ الله سائين فرمائي ٿو: نَحْنُ قَسَمْنَا بَيْنَهُم مَّعِيشَتَهُمْ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَرَفَعْنَا بَعْضَهُمْ فَوْقَ بَعْضٍ دَرَجَاتٍ ” اسان دنياوي زندگي ۾ سندن معيشت( ۽رزق روزي ) جا وسيلا سندن وچ ۾ تقسيم ڪيا ۽ ڪجھ کي ٻين تي برتري ڏني سين.

يعني الله تعالى انسان جي سڀني مادي ضرورتن کي سندس اختيار ۾ ڏنو آهي.

واضح آهي ته رزق روزيءَ جي تقسيم جي معني اها ناهي ته انسان کي بغير ڪنهن ڪوشش ۽ تڪليف ڪرڻ جي گهر ويٺي ملي ويندي. الله تعالى هر شئ جي بنيادي شين کي خلق ڪيو ۽ سڀني کي ڪوشش ۽ عمل جي دعوت ڏني آهي، الله تعالى ٻانهن کي جيڪي ظاهري مقام ڏنا آهن اهي به بغير ڪوشش ۽ تڪليف سهڻ جي هٿ نه ٿا اچن.

هتي ان نڪتي ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن اڄوڪي دنيا ڪجهه ماڻهو بک جي ڪري مري وڃن ٿا ته ان جو ڪارڻ رزق جي گھٽتائي ناهي بلڪه ڪجهه ٻين ماڻهن جي جي بي انصافي،ظلم،خودغرضي۽ منافع خوريءَ سبب آهي،ايستائين جو جيڪڏهن ڏڪر۽ خشڪ سالي جي سخت ڏينهن ۾ به جيڪڏهن عدل انصاف سان رزق ورهايو وڃي ته ڪوبه بکيونه رهندو.الله سائينءَ نه فقط انسانن جي رزق ڏئي ٿو بلڪه سڀني حيوانن ۽ جاندارن جي روزي ڏني رسائي ٿو ايستائين جو جانورن جي پيٽ ۾ موجود ٻچن ۽ پکيءَ جي بيضي ۾ موجود جاندارکي به نه وساريو اٿس.

پرهيزگارن جون ٽي بنيادي صفتون :

حضرت عليه السلام پرهيزگارن جون مکيه صفتون ۽ فضيلتون بيان ڪندي فرمائن ٿا: ”فالمتقون فيها هم اهل الفصائل،منطقهم الصواب،و ملبسهم الاقتصاد،و مشيهم التواضع ” يعني پرهيزگار هن دنيا ۾ فضيلت وارا آهن سندن ڳالھ سچ ۽ لباس درميانو ۽ هلڻ تواضع ۽ نوڙت سان آهي ۔

امام عليه السلام هن جملي ۾ ٽي صفتون بيان ڪيون آهن.

1) منطقهم الصواب“ هي جملو انسان جي تربيت ۽ خودسازي ۾ پهرين قدم ڏانهن اشارو آهي، اهو زبان جي اصلاح آهي، زبان اهو انساني جسم جو اهو عضو آهي جنهن سان جتي بهترين عبادت انجام ڏئي سگهجي ٿي اتي ان ذريعي ڪيترائي وڏا گناھ انجام ڏئي سگهجن ٿا، جيڪڏهن زبان جي اصلاح ٿي وڃي ته انسان جو پورو وجود اصلاح ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن اها فاسد ۽ خراب ٿي وڃي ته انسان تباهي ۽ برباديءَ جي ڪناري تي پهچي وڃي ٿو .

صواب لفظ جو مفهوم تمام وسيع آهي ۽ هر حق ۽ فائدي واري ڳالھ کي صواب چئي سگهجي ٿو. امام جو جو فرمان منطقهم الصواب اشارو آهي ته پرهيزگار هر ڪم کان پهريان پنهنجي گفتار جي اصلاح ڪن ٿا،اهو ئي سبب آهي ته سالڪن وٽ،پنهنجي اصلاح لاءِ پهريون قدم،زبان جي اصلاح آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اصلاح ٻين شين جي اصلاح جو ڪارڻ آهي، قرآن مجيد آيو آهي ته: يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَقُولُوا قَوْلًا سَدِيدًا، يُصْلِحْ لَكُمْ أَعْمَالَكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوبَكُمْ [1]

اي ايمان آڻڻ وارو! پرهيزگاري اختيار ڪريو ۽،سچي (حق ۽ سڌي) ڳالھ چئو ته توهان جا عمل، ته جيئن توهان جي اصلاح ڪري ۽ توهان جي گناھن کي بخشي.

تقوى ۽ قول سديد کان بعد، عملن جو سڌارو ۽ گناهن جو معاف ٿيڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته انهن جو پاڻ ۾ گهرو رابطو آهي۔

2_ ” و ملبسهم الاقتصاد“ جملي ۾ ملبس سان تعبير ( جيڪا ٻئين مهم فضيلت آهي) جيڪڏهن حقيقي معني ۾ استعمال ٿئي ته ظاهري لباس ڏانهن اشارو آهي يعني لباس ۾ نه اسراف ڪجي نه ڪنجوسي،نهج البلاغه جي شرح ڪندڙ مان اڪثر اها ئي معني سمجھي آهي پر جيڪڏهن آيتن جي مدد سان امام جي ڪلام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته لباس جي معنى وسيع آهي مثال طور : وَلِبَاسُ التَّقْوَىَ ذَلِكَ خَيْرٌ ذَلِكَ[2] (۽ پرھيزگاري جي پوشاڪ اھا (سڀني کان) ڀلي آھي)، وَهُوَ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ اللَّيْلَ لِبَاسًا[3] (۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي پردو بڻايو) ۽ هُنَّ لِبَاسٌ لَّكُمْ وَأَنتُمْ لِبَاسٌ لَّهُنَّ[4] ((جو) اُھي اوھان جو ڍڪ آھن ۽ اوھين اُنھن جو ڍڪ آھيو.) جيڪڏهن لباس جي معني کي ظاهري لباس ۾ محدود نه سمجھون ته ان جو وڏو مفهوم ۽ معني ٿئي ٿي، ايستائين جو انسان جي پوري زندگي کي شامل ٿئي ٿي يعني انسان جي سڄي زندگي ۾جي هر ڪم ۾ اعتدال ۽ ميانه روي، اختيار ڪرڻ آهي .

3_ ” و مشيهم التواضع “ هيءُ جملوفقط ظاهري رفتار ڏانهن اشارو ناهي ڇاڪاڻ ته نوڙت توڻين جو سٺو ڪم آهي پر پرهيزگارن جي پهرين مکيه صفتن ۾ شمار نه ٿو ٿئي

البته جيڪڏهن مشي کي وسيع معنى ۾ استعمال ڪجي ته ان مان مراد اها آهي ته انسان جو هر عمل ۽ رفتار نوڙ ۽ تواضع سان مليل هجي

حقيقت ۾ امام عه پنهنجي ڪلام ۾ پرهيزگارن جي ٽن بنيادي صفتن ڏانهن اشارو فرمايو آهي : سچائي، ميانه روي ۽ نوڙت.

اسلامي روايتن ۾ پڻ انهن ٽنهي صفتن جي باري ۾ تمام گھڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي.

هڪ حديث ۾ امام باقر عه فرمايو آهي : “ان هذا اللسان مفتاح کل خير و شر فينبغي للمؤمن ان يختم علي لسانه کما يختم علي ذهبه و فضته [5] هي زبان هر ڀلائي ۽ برائي جي چاٻي آهي ان ڪري مؤمن کي گهرجي ته پنهنجي زبان تي مهر هڻي (قابوءَ ۾ رکي) جهڙي طرح سون ۽ چاندي تي مهر هڻي ٿو.( يعني بند ڪري حفاظت ڪري)حضرت علي عه فرمائن ٿا : “ ما عال من اعتقد [6] يعني جنهن ميانه روي اختيار ڪئي سو ڪڏهن به محتاج نه ٿيندو.هڪ حديث ۾ امام صادق عه فرمائن ٿا :فيما اوحي الله عزّ و جلّ الي داود ع : يا داود کما اقرب الناس من الله المتواضعون کذالک ابعد الناس من الله المتکبرون [7] خدا وند متعال حضرت داود عه تي وحي ڪئي: اي داؤد! جيئن الله سائينءَ کي سڀني کان وڌيڪ ويجھو نوڙت وارا ماڻهو آهن،ائين ئي سڀني کان وڌيڪ پري ماڻهو تڪبر وارا ماڻهو آهن.

3۽ 4_ پرهيزگار حرام کان اکيون بند ڪرڻ وارا ۽ فائديمند علم کي ٻڌڻ وارا :

امام عه پرهيز ٻه ٻيون صفتون بيان ڪندي فرمائن ٿا: غضوا ابصارهم عمّا حرّم الله عليهم و وقفوا اسماعهم علي العلم النافع لهم :پنهنجي اکين کي هر ان شئ کان، جنهن کي الله تعالى حرام ڪيو آهي، بند ڪيو اٿن ۽ پنهنجي ڪنن کي فائدي مند علم ٻڌڻ لاءِ وقف ڪن ٿا.

” غضّوا “ لفظ ”غض“ مان ورتل آهي جنهن جي معنى گھٽ ڪرڻ آهي ۽ جڏهن اک جي باري ۾ استعمال ٿئي ٿو ته هيٺ ڪرڻ يا بند ڪرڻ جي معني ڏئي ٿو يعني مٿي کي هيٺ ڪرڻ ۽ نه ڏسڻ.”وقفوا “لفظ وقف مان ورتل آهي جنهن جي معنى بيهارڻ آهي پر ڪڏهن ڪڏهن فقهي اصطلاحي معني ۾ هڪ شئ کي ٻئي لاءِ وقف ڪرڻ يا ان کان وڌيڪ هڪ شئ کي ٻي شئ لاءِ مخصوص ڪرڻ، لاءِ استعمال ٿئي ٿو

تنهنڪري هن جملي جي معنى اها ٿيندي ته:پرهيزگار حرام شين ڏانهن نٿا ڏسن ۽ هميشه فائدي مند علم کي ٻڌن ٿا اڃان جييڪڏهن ان معنى ۾ وسعت آڻيون ته مراد اها ٿيندي ته:اهي هر حرام کان اکيون بند ڪن ٿا ۽ ان کان منهن ڦيرائن ٿا ۽ انهن جا ڪن فائدي مند علم لاءِ وقف آهن.

علم نافع مان مراد ، پهرين درجي ۾ اهي علم آهن جيڪي ديني۽ معنوي لحاظ کان اهم آهب ۽آخرت جي زندگي لاءِ سعادت آڻيندڙ آهن، ٻئين درجي ۾ اهي سڀ علم اچي وڃن ٿا جيڪي هن دنيا ۾ انسانن جي عزت،عظمت،استقلال ۽ سربلندي لاءِ ڪم اچن ٿا چاهي اهي انسان جي صحت سلامتي لاءِ هجن يا زرعي ۽سائنسي ٽيڪنالاجي متعلق هجن يا وري ٻيا انساني ۽ سياسي علم هجن.

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن دنيا ۽ ظاهر جهان سڀ انسان جا سڀ رابطا الله تعالى جي جي ڏنل ٻن نعمتن سان آهي يعني اک ۽ ڪن سان ئي ٿين ٿا. انسان حقيقتن کي اک سان ڏسي ٿو يا ڪنن سان ٻڌي ٿو. لکيل تاريخ کي اک سان پڙهي ٿو الله تعالى جي پيغام ۽ ديني رهبرن ۽ گذريل بزرگن جي تجربن کي ڪن سان ٻڌي ٿو ۔ انهن ٻن شين ذريعي پنهنجي چوطرف موجود شين سان رابطو ڪري ٿو، اهي ٻه نعمتون جيڪڏهن انسان کان کسيون وڃن، ته ان وٽ ڪا شئ باقي نٿي رهي، نتيجي ۾ سندس عقل ۽ شعور ٻار جيترو رهجي ويندو، ايستائين جو زبان ۽ ٻيا حواس،انهن ٻن نعمتن جي سلامت هجڻ ڪري ڪم ڪن ٿا اهو ئي سبب آهي جو پيدائشي ٻوڙا ماڻهو هميشه گونگا هوندا آهن توڻين جو زبان صحيح ۽ سالم هجين ٿي.

هڪ حديث ۾ امام محمد باقر عه فرمائن ٿا : کل عين باکية يوم القيامة غير ثلاثة ؛ عين سهرت في سبيل الله و عين فاضت من خسية الله و عين غضت من محارم الله [8] يعني قيامت واري هر اک روئيندي سواءِ ٽن اکين جي.هڪ اها جيڪا الله تعالى جي راھ ۾ سڄاڳ رهي ٿي، ٻي اها اک جيڪا الله تعالى جي خوف ۾ ڳوڙها ڳاڙي، ٽين اها اک جيڪا حرام( ڪمن کي ڏسڻ ) کان بند ڪئي وڃي.

هڪ ٻي حديث ۾ امام حسن مجتبى عه فرمائن ٿا :ان ابصر الناس ما نفذ في الخير مذهبه و اسمع السماع ما وعا التذکير و انتفع به [9] سڀ کان وڌيڪ بصيرت ڀرئي اک اها آهي جنهن جي نظر خير ۽ ڀلائي تي هجي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڀلو ڪن اهو آهي جيڪو نصيحتون ٻڌي ٿو ۽ انهن مان فائدو حاصل ڪري ٿو.

هلندڙ.............

حوالا ..............



[1] سورة احزاب آية 70_71

[2] سورة اعراف آية 26

[3] سورة فرقان آية 47

[4] سورة بقره آية 187

[5] تحف العقول ص 218

[6] نهج البلاغه ڪلمات قصار 140

[7] وسائل الشيعه ڪتاب جهاد باب 28 حديث 2

[8] الڪافي ج 2 ص 80 باب اجتناب محارم ح 2

[9] ميزان الحڪمة ج 4 ص 551