Get Adobe Flash player

34_ سوره بقره آيت 224،225

وَلاَتَجْعَلُواْاللّهَ عُرْضَةً لِّأَيْمَانِكُمْ أَنتَبَرُّواْ وَتَتَّقُواْ وَتُصْلِحُواْ بَيْنَ النَّاسِ وَاللّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ(224) لاَّيُؤَاخِذُكُم ُاللّهُ بِاللَّغْو ِفِيَأَيْمَانِكُم ْوَلَكِن يُؤَاخِذُكُم بِمَاكَسَبَتْ قُلُوبُكُمْ وَاللّهُ غَفُورٌحَلِيمٌ (225)

ترجمو:خدا کي پنهنجي قسمن جي چ ۾ واسطو نه بڻايو، ته جيئن توهان نيڪي ڪيو ۽ پرهيزگار ٿيو ۽ ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرايو ۽ الله ٻڌندڙ آگاهه آھي.الله توھان کي توھان جي بنا ڌيان واري قسمن کڻڻ ڪري سزا نه ڏيندو، پر توھان جي دلين جيڪا ( اختياري) نيت ڪئي آھي تنھن تي سزا ڏيندو، ۽ الله بخشڻھار بُردبار آھي.

 

شان نزول: سچا ۽ ڪوڙا قسم

پاڻ سڳورن جن جي ”عبدالله بن رواحه“ نالي هڪ صحابي جي ناٺي ۽ ڌيءَ جي درميان اختلاف ٿي پيو ته رسول الله جي صحابي اهو قسم کنيو ته توهان جي اصلاح لاءِ مان ڪو به قدم نه کڻندس ۽ ڪنهن به قسم جي دخل اندازي نه ڪندس، ته مٿين آيت نازل ٿي ۽ اهڙن قسمن کڻڻ کان روڪيو ويو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته ان قسم جو ڪو بنياد ڪونهي.[1]

35_ سوره بقره آيت 229

الطَّلاَقُ مَرَّتَانِ فَإِمْسَاكٌ بِمَعْرُوفٍ أَوْ تَسْرِيحٌ بِإِحْسَانٍ وَلاَ يَحِلُّ لَكُمْ أَن تَأْخُذُواْ مِمَّا آتَيْتُمُوهُنَّ شَيْئًا إِلاَّ أَن يَخَافَا أَلاَّ يُقِيمَا حُدُودَ اللّهِ فَإِنْ خِفْتُمْ أَلاَّ يُقِيمَا حُدُودَ اللّهِ فَلاَ جُنَاحَ عَلَيْهِمَا فِيمَا افْتَدَتْ بِهِ تِلْكَ حُدُودُ اللّهِ فَلاَ تَعْتَدُوهَا وَمَن يَتَعَدَّ حُدُودَ اللّهِ فَأُوْلَـئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ

ترجمو:طلاق ( جنهن ۾ رجوع ڪري سگهجي ٿو، اها) ٻه مرتبه آهي؛ ( ۽ هر مرتبي،) اهو ضروري آهي ته پنهنجي گهر واري جي حفاظت ڀلي نموني سان انجام ڏئي ( ۽ ٺاهه ڪري)، يا هن کي نيڪي کيس ڇڏي ڏي. ۽ توهان جي لاءِ اهو جائز ڪونهي ته جيڪو ڪجهه انهن کي ڏنو اٿو واپس وٺو سواءِ ان جي ته اهي ٻئي الله جي حدن کي نه پوري ڪرڻ کان ڊڄن، پوءِ جيڪڏھن (اي مسلمانؤ) اوھين ڊڄو ته ٻئي الله جي حدن کي پورو ڪري نه سگھندا ته (زال) جيڪا شي عيوض ۾ ڏئي تنھن (جي ڏيڻ ۽ طلاق وٺڻ ) ۾ ٻنھي تي گناھ نه آھي. اِھي الله جون حدون آھن اُنھن کان اڳتي لنگھو، ۽ جيڪي الله جي حدن کان لنگھي ويندا، سي ئي ظالم آھن.

شان نزول: ٽن مرتبن کان وڌيڪ طلاق نٿي ٿي سگهي

هڪ عورت،رسول اڪرم جي گهروارين مان هڪ گهرواري ڏي وئي ۽ پنهنجي گهر واري جي شڪايت ڪيائين ته هو لڳاتار کيس طلاق ڏي ٿو ۽ وري رجوع ڪري ٿو ته جيئن مون کي نقصان پهچائي ( جاهليت جي دور ۾ مرد کي اهو حق حاصل هوندو هو جو هو پنهنجي گهر واري کي هڪ هزار دفعه طلاق ڏئي ۽ وري رجوع ڪري ۽ ان تي ڪا حد به جاري نٿي سگهندي هئي) جڏهن اها شڪايت رسول خداﷺ جي خدمت ۾ پهتي ته مٿين آيت نازل ٿي ۽ طلاق جي حد ٽن دفعن تائين لاڳو ڪئي وئي.[2]

36_ سوره بقره آيت230

فَإِن طَلَّقَهَا فَلاَ تَحِلُّ لَهُ مِن بَعْدُ حَتَّىَ تَنكِحَ زَوْجًا غَيْرَهُ فَإِن طَلَّقَهَا فَلاَ جُنَاحَ عَلَيْهِمَا أَن يَتَرَاجَعَا إِن ظَنَّا أَن يُقِيمَا حُدُودَ اللّهِ وَتِلْكَ حُدُودُ اللّهِ يُبَيِّنُهَا لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ

ترجمو:پر (ٻن طلاقن ۽ رجوع ڪرڻ کان پوءِ ٽيون مرتبو ) طلاق ڏنائين ته ان کان پوءِ اها عورت هن تي حرام ٿي ويندي، سواءِ ان جي جو هي هڪ ٻيو مڙس ڪري ۽ جيڪڏهن (ٻيو مڙس) هن کي طلاق ڏي ته پوءِ رجوع ڪرڻ ۾ ڪو گناهه ڪونهي، ان صورت ۾ جو اهي الله جي حدن جو احترام کي مڃين. اهي الله جون حدون آهن جيڪي (الله سائين) ان ٽولي لاءِ جيڪو ان کان واقف آهي بيان ٿو ڪري.

شان نزول:ٽن طلاقن کان پوءِ پهرين گهر واري سان شادي جو حڪم:

هڪ حديث ۾ آيو آهي ته : هڪ عورت رسول اڪرم جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو ته: مان پنهنجي سؤٽ ”رفاعه“ جي گهر واري هيس، هن مون کي ٽي مرتبه طلاق ڏني هو، ان کان پوءِ مون “عبدالرحمن بن زبير” نالي هڪ شخص سان شادي ڪيم، اتفاقاً ان به مون کي طلاق ڏئي ڇڏيو آهي، هن مون سان همبستري به نه ڪئي آهي، ڇا مان پهرين گهر واري ڏي موٽي سگهان ٿي؟

پاڻ سڳورن جن فرمايو ته: نه صرف ان صورت ۾ موٽي سگهين ٿي؛ جڏهن تو سان ٻئي گهر واري همبستري ڪئي هجي، ان وقت مٿين آيت نازل ٿي.[3]

37_ سوره بقره آيت 232

وَإِذَا طَلَّقْتُمُ النِّسَاء فَبَلَغْنَ أَجَلَهُنَّ فَلاَ تَعْضُلُوهُنَّ أَن يَنكِحْنَ أَزْوَاجَهُنَّ إِذَا تَرَاضَوْاْ بَيْنَهُم بِالْمَعْرُوفِ ذَلِكَ يُوعَظُ بِهِ مَن كَانَ مِنكُمْ يُؤْمِنُ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ ذَلِكُمْ أَزْكَى لَكُمْ وَأَطْهَرُ وَاللّهُ يَعْلَمُ وَأَنتُمْ لاَ تَعْلَمُونَ

ترجمو:۽ جڏھن زالن کي طلاق ڏيو، پوءِ پنھنجي (عدت جي) مُدّت کي پھچن ته کين پنھنجن(اڳين) مُڙسن سان پرڻجڻ کان نه روڪيو، جڏھن ته پاڻ ۾ چڱيءَ ريت سان راضي ٿين، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو اوھان مان الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃڻ وارو ئي نصيحت پرائي ٿو، اِھو (حُڪم) توھان جي (خانداني) پاڪائي ۽ آلودگين کي پاڪ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي، ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوھين نه ٿاڄاڻو.

شان نزول:پرڻجڻ کان نه جهليو:

پيغمبر جي ”مَعقل بن يسار“ نالي هڪ صحابي جي ” جَملاء“ نالي هڪ ڀيڻ هئي جنهن پنهنجي گهر واري ” عاصم بن عدي“ کان طلاق ورتي هئي، عدت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ هي وري ٻيهر ان ڳالهه ڏي مائل هئي ته وري پنهنجي مڙس سان شادي ڪري، پر سندس ڀاءُ کيس ان ڪم کان روڪيو.

۽ اهو به چيو ويو آهي ته: هي آيت ان وقت نازل ٿي، جڏهن ” جابر بن عبدالله“ پنهنجي سؤٽ کي جي ڌيءَ کي پنهنجي پهرين گهر واري سان شادي ڪرڻ کان روڪيو هو.[4]

شايد جاهليت جي دور ۾ اهڙو حق گهڻو ڪري پنهنجي ويجهن مائٽن کي هوندو هو ته پنهنجين عورتن ۽ مائٽن جي ڌيئرن جي شادي ۽ رشتي جي معاملي ۾ دخل اندازي ڪن.

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڀاءُ ۽ سؤٽ شيعه فقه جي نظريي مطابق پنهنجي ڀيڻ ۽ سوٽِ مٿان ڪنهن به قسم جي ولايت نٿا رکن ۽ مٿين آيت به ان ناجائز دخل اندازي کان روڪي ٿي، ايستائين جو تفسير ۾ آيو آهي ته اهو حڪم وسيع آهي جڏهن انهن جو پيءُ ۽ ڏاڏو به انهي شادي ۾ رڪاوٽ نٿو بڻجي سگهي ته اهي ٻيا مائٽ ڪيئن ٿا حقدار بڻجن.

حوالا ...................



[1] _ تفسير مجمع البيان، ذيل آيت مورد بحث؛ تفسير قرطبي، ج3، ص97، هن آيت جي ذيل ۾.

[2]_ تفسير مجمع البيان، آيت جي ذيل ۾؛ ( ۽ تفسير قرطبي،تفسير ڪبير۽ تفسير روح المعاني،آيت جي ذيل ۾ پڻ هن شان نزول کي آندو ويو آهي.)

[3]_ تفسير مجمع البيان، آيت جي ذيل ۾ ( ۽ تفسير قرطبي، تفسير مراغي ۽ تفسير روح المعاني ۾ پڻ هن شان نزول کي آندو ويو آهي.)

[4]_ تفسير مجمع البيان، هن آيت جي ذيل ۾ ؛( ۽ ڪيترن ئي مفسرن پنهنجي تفسيرن ۾ جيئن: تفسير ڪبير،في ظلال القرآن ۽ تفسير روح المعاني ۾ هن آيت جي ذيل ۾ انهن ٻنهي يا هڪ شان نزول کي آندو ويو آهي.) فقه القرآن، قطب راوندي، ج2، ص181 .