Get Adobe Flash player

هن ننڍڙي مقالي ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي امام حسن ؑ جي زندگي جو مختصر جائزو ورتو وڃي ۽ سندن ولادت کان شهادت تائين جي حالات بابت مختصر آگاهي ڏني وڃي

ولادت

امام حسنؑ جي ولادت مشهور قول مطابق 15 رمضان المبارڪ سن 2 هجري مديني منوره ۾ ٿي ۾ امامؑ جي ولادت باسعادت وقت رسول خدا (صلى الله عليه وآله ) مديني منوره کان ٻاهر هئا ليڪن امام جي ولادت جي خبر ٻڌڻ شرط پاڻ جلد مديني ڏانهن موٽي آيا ۽ سڀ کان پهريان بي بي فاطمہ جي گھر پهچي بيبي اسماءِ کي فرمايائون:منهنجي فرزند کي کڻي اچ . جيئن امام کي آندو ويو ته پاڻ سڳوڙن کين بوسا ڏئي سندن ساڄي ڪن ۾ آذان ۽ کاٻي ڪن ۾ اقامت چيائون.ايتري لله وحي نازل ٿي ۽ امر ٿيو هن فرزند جو نالو حضرت موسى جي ڀاءُ هارون عليهما السلام جي وڏي پٽ شبر رکو جنهن کي عربي ۾ حسن چوندا آهن رکو. [1]

ڪنيت ۽ القاب :

امام حسن ؑ جي ڪنيت” ابو محمد “ جڏهن ته مشهور لقب هن ريت آهن مجتبى،تقي،ذڪي،سيد،سبط ،ولي [2]

امام حسن عليه السلام جي رسول الله ص سان شباهت

امام مجتبى ؑ رسول الله (ص) سان تمام گھڻي شباهت رکندا هئا.پاڻ سڳورا امام حسن عه کي ڏسي ڪري فرمائيندا هئا: ته ”اشبهت خلقي و خلقي “ اي حسن تون صورت ۽ سيرت ۾ مون جهڙو آهين.

امام حسن ؑ اها پهرين شخصيت آهي جنهن جي ڪري جناب فاطمہ زهراء جي گھر ۾ خوشين جي لهر ڊوڙي .امام ؑ ننڍپڻ کان ئي تمامگهڻا هوشيار ذهين ۽ حافظي ۾ قوي هئا .ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪا وحي رسول الله ص ٿيندي هئي ۽ پاڻ مسجد ۾ پنهنجي اصحاب کي ٻڌائيندا هئا ته امام عه ان کي چڱيءَ ريت ياد ڪريپنهنجي والده گرامي بيبي فاطمه زهرا س کي تلاوت ڪري ٻڌائيندا هئا. هڪ روايت ۾ آيو آهي ته [3] هڪ ڏينهن جيئن امام حسن ؑوالده اڳيان آيتن جي تلاوت شروع ڪئي ته اتي حضرت علي عه اچي ويا ليڪن امام حسن کي تلاوت ڪندي ڏسي هڪ پاسي بيهي سندن آواز ٻڌڻ لڳا ته اوچتو امام جي آواز ۾ هٻڪ اچي وئي ته پاڻ پنهنجي والده کي ڏسي چيائون:امان اڄ بابا علي يا نانا رسول الله ص جو وجود محسوس پيو ڪيان جنهن ڪري منهنجي آواز ۾ هٻڪ پئي اچي. [4]

امام حسن عليه السلامرسول خدا جي نظر ۾

امام حسن ؑ شان ۾ رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن جي زبان تان ڪيتريون ئي حديثون جاري ٿيون آهن ۽ سندن ڪيترائي عملپڻ سندن شان ئي ٻڌائين ٿا انهن مان ڪجهه کي هتي بيان ڪريون ٿا.

1:جيڪو انسان چاهي ٿو ته هو جنت جي جوانن کي زيارت ڪري ته کيس گهرجي ته منهنجي ٻچڙي حسن ؑ ڏانهن ڏسي[5]

2.هڪ ڏينهن رسول خدا منبر تي ويا ۽ پاسي ۾ امام حسن ؑ کي به ويهاري اصحابن ڏي ڏسي فرمايائون.”هي منهنجو پٽ آهي ۽ الله سائينءَ جو ارادو اهو آهي ته هن فرزند جي برڪت سان اسلامي امت مٿان صبح کي برقرار رکي (يعني زندگي جاري ۽ ساري رهي ). [6]

3.هڪ صحابي چوي ٿو ته مون رسول الله صه کي ڏٺو ته امام حسن ؑ سندس ڪلهن مبارڪن تي سوار آهن ۽ پاڻ دعا گهري رهيا هئا : ” اي منهنجا پروردگار! آء حسن سان محبت ڪيان ٿو رکان ٿو. ۽ تون به هن ساڻس محبت رک [7]

4.انس بن مالڪ نقل ڪري ٿو ته الله جي رسول ؐ امام حسن ؑ جي باري ۾ مونکي فرمايو:اي انس حسن منهنجو فرزند ۽ منهنجي دل جو ميوو آهي جنهن هن کي رنجايو،ان مونکي رنجايو ۽ جنهن مون کي رنجايو ان الله سائين کي رنجايو. [8]

5.ابو واضح جي ڌي چوي ٿي ته الله جي رسول ؐ جناب فاطمہ زهراء پنهنجي پٽن کي الله جي رسول وٽ وٺي وئي ۽ چيائون ته: بابا هي ٻئي تنهنجا پٽ آهن کين ڪجهه عطا ڪريو. ته الله جي رسول ؐ فرمايو ته هيبت ۽ عبادت حسن ؑ کي ڏنم شجاعت ۽ سخاوت حسين کي ڏنم [9] اهڙي طرح امام حسن ؑ کي اهو فخر حاصل آهي ته پاڻ پنهنجي زندگي جا 9 سال الله جي رسول ؐ جي جهوليءَ ۾ ۽ سندن پرورش ۾ گذاريا.

امام حسن عليه السلام جو اخلاق

امام حسن ؑ پوري زندگي انسانيت جي هدايت ۽ اسلام جي تبليغ ۾ ۾ گذاري ته جيئن ماڻهون اسلام جي ويجھو ٿين.سندن اخلاق اسلامي اخلاق جو بهترين نمونو هئو،ايستائين جو دشمنن سان به سهڻي اخلاق سان پيش ايندا هئا.هڪ روايت ۾ آهي ته هڪ ڏينهن امام حسن ؑ پنهنجي سواري تي ڪٿان گذري رهيا هئا ته هڪ بد اخلاق شامي شخص سندن اڳيان اچي کين گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو ليڪن امام کيس هڪ لفظ به نه چيو ۽ صبر سان سندس بڪواس ٻڌندا رهيا جڏهن هو خاموش ٿيو ته امام ؑ سواري تان هيٺ لهي کيس کلي سلام ڪيو ۽ فرمايائون:اي شخص آءُ سمجھان ٿو ته تون پرديسي آهين.جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي گھرج اٿئي ته توکي ڏيان،جيڪڏهن بک لڳي اٿئي ته طعام (ماني )کارايائين،جيڪڏهن لباس نه اٿئي ته توکي بهترين لباس ڏيان . جيڪڏهن پناهه گهرجئي ته توکي پناه ڏيان.جيڪڏهن ڪا حاجت اٿئي ته پوري ڪيان. هل اڄ منهنجو هلي مهمان ٿي رھ جيستائين هتي آهين تون منهنجو مهمان رهندي. ان شامي شخص جڏهن امام جو اهڙو اعلى اخلاق ۽ ڪردار ڏٺو ته پشيمان ٿي روئڻ لڳو ۽ چيائين ته آئون شاهدي ٿو ڏيان، زمين تي تون ئي الله جو حقيقي جانشين آهين ۽ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته پنهنجي رسالت کي ڪهڙي جاء تي مقرر ڪري. آئون اڄ کان پهريان تنهنجو ۽ تنهنجي والد عليؑ جو دشمن هيس پر هاڻي توکي پوري مخلوق وڌيڪ عزيزسمجھان ٿو[10]

امام حسن عليه السلام جون گھرواريون ۽ اولاد

امام حسن ؑ جي چون ڪل چار گهرواريون هيون جن مان کي 8 پٽ ۽ 6 ڌيون اولاد ٿيو البته انهن مان فقط حسن مثنى ۽ زيد صاحب نسل هيا.باقي ٻين جي اولاد مان جي باري ۾ تاريخ خاموش آهي [11]

امام حسنؑجا فضائل

امام حسن عليه السلام جو نسب:سندن والد اميرالمومنين علي مرتضى ؑ ۽ والده فاطمہ زهراء جيڪا دنياجي عورتن لاء نمونه عمل آهي.ڏاڏو ابوطالب ؑ جنهن جي جھولي ۾ نبوت ۽ رسالت پروان چڙهي،جنهن پوري زندگي نبوت ۽ رسالت جي حفاظت ۾ گذاري ڇڏي ۽ سندن ڏاڏي فاطمہ بنت اسد هئي جنهن لاء ايتروئي چوڻ ڪافي آهي ته سندن پاڪ وجود لاءِ ڪعبة الله جيڪو مسلمانن جو قبلو آهي پنهنجي ديوار۾ در ڏنو.سندس نانو رحمة العالمين جيڪو بغير وحي جي هڪ لفظ به نه ڳالهائيندو هو ۽ سندنس ناني بيي خديجة الڪبرى جو اسلام لاءِ ڏنل قربانيون ڪنهن کان لڪل ناهن. جنهن پنهنجو پورو مال دين اسلام مٿان لٽائي ڇڏي،سندس چاچو جعفر طيار بن ابي طالب آهي جنهن کي الله سائين جنت ۾ ٻه پر عطا ڪيا ۽ سندس ڀاء امام حسين عه جنهن جي فضيلت کان ڪوبه مسلمان انڪار نٿو ڪري سگھي سندس ڀيڻ زينب ڪبرى جيڪا واقعه ڪربلا کانپوء اسلام جي بقاء جو سبب بڻجي وئي.

اهلبيت عليهم السلام جي شان ۾ نازل ٿيل هر آيت جو هڪ بهترين مصداق امام حسن عليه السلام به آهن چاهي اها آيت انما يريد الله هجي يا آيت مودت ۽ آيت مباهله هجي. رسول الله ص جي هڪ حديث ئي سندن شان ۾ ڪافي آهي ته فرمايائون:

” لوکان العقل رجل لکان الحسن “ [12]

جيڪڏهن عقل ڪنهن انسان جي شڪل ۾ اچي ها ته اهو حسن ؑ هجي ها .

امام حسنؑ جي باري ۾ تاريخ لکڻ وارا لکن ٿا ته امامؑ هميشه الله جي ياد ۾ رهڻ وارا هوندا هئا هميشه نماز جو انتظار ڪندا هئا. ۽ جڏهن نماز جو وقت ويجهو ٿيندو هئو ۽ پاڻ وضو ڪندا هيا ته امام جي چهري مبارڪ جو رنگ مٽيل ڏسبو هئو.جڏهن ان بابت کائن سوال ڪيو ويو ته جواب ۾ فرمايائون ٿا :خداوند متعال جي بارگاه ۾ ويندي هر ٻانهي جي چهري جو رنگ ائين مٽجڻ گهرجي[13] عبادت ۾ گذاريل هر لمحي کي زندگي جا بهترين لحظا سمجھندا هيا. کائن سوال ٿيو ته توهان نماز ۾ سهڻو لباس ڇو پهريندا آهيو؟ ته فرمايائون : مسجد ۾ وڃڻ وقت پاڻ کي ٺاهي سنواري وڃو انهي لاء الله پاڻ سهڻو آهي ۽ سهڻائيءَ کي ئي پسند ڪري ٿو [14] امام حسن ؑ پنهنجي پوري زندگي ۾ 25 حج پيرين پنڌ ڪيا ۽ [15] امام حسن ؑ پنهنجي والد سان گڏ جنگ صفين ۾ به شرڪت پڻ ڪئي

امام حسن عليه السلام والد جي شهادت کانپوءِ

حضرت امام علي ؑ جي شهادت کان پوء جيڪا 21 رمضان سن 40 هجري ۾ واقع ٿي پاڻ ماڻهن کي خطاب ڪيائون۽ پنهنجي والد جي مظلومانه شهادت جو ذڪر ڪندي ڪريو ڪيائون ۽ پوءِ فرمايائون: الله تبارڪ اوهان مٿان اسان جي اطاعت ۽ محبت کي قرآن ۾ واجب ڪيو آهي پوء طولاني خطبو ڏئي پنهنجي جاء تي ويهي رهيا. انهي وقت بن عباس اٿي ماڻهن کي چيو هي الله جي رسول جو فرزند آهي سندس بيعت ڪريو ۽ ائين سندس خلافت جو دور شروع ٿيو ليڪن معاويي جي مڪاري ۽ سندن لشڪر ۾ موجود ڪجهه م منافقن جي سازشن ان کي خلافت کي 6 مهينن کان وڌيڪ هلڻ نه ڏنو جڏهن پاڻ ڏٺائون ته سندن ظاهري حڪومت کي بچائڻ لاءِ ڪيترن ئي بيگناهن جو خون وهندو ته امام ظاهري حڪومت ۽ ڪرسيءَ کي ڇڏي ڏنو ليڪن پوءِ به ماڻهن اڳيان معاويي ۽ بنواميه جي بي ديني ۽ مڪاريءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِپنهنجي خاص شرطن تي معاويي سان صلح ڪيائون جنهن صلح نامي جي مخالفت ڪرڻ جي نتيجي ۾ جلد ئي ماڻهن اڳيان معاويو بي نقاب ٿيو ۽ سندس حقيقي چهرو ڏسڻ ۾ آيو صلح امام حسن عليه السلام جي باري ۾ تفصيلي بحث ڪنهن ٻئي مقالي ۾ تفصيل سان ذڪر ڪنداسين

امام حسن عليه السلام جا معجزا

تاريخ جي ڪتابن امام حسنؑ. جا ڪيترائي معجزا ذڪر ڪيا آهن. جن مان هتي صرف هڪ معجزو ذڪر ڪجي ٿو.معاويه سان صلح ڪرڻ کان پوءِ جڏهن امام جو لشڪر ”نخيلہ “ جي مقام تي ئي هيو ته معاويو امام جي ملاقات لاءِ آيو ۽ ڳالهين دوران کين چيائين : اي ابو محمد! ٻڌو اٿم ته رسول خدا غيب جون خبرون ٻڌائيندو هو. ڇا تون به پاڻ سڳورن وانگر غيب جون خبرون ٻڌائي سگهين ٿو؟

ڇاڪاڻ ته تنهنجي شيعن جو اهو عقيدو آهي ته زمين ۽ آسمان ۾ موجود ڪابه شيءِ اوهان کان لڪيل نه آهي توهان سڀئي شيعن جي دل جو حال ڄاڻو ٿا .

امام ؑ فرمايو : ها جئين رسول خدا ؐ هر شيءِ جو علم رکندو هو ائين آئون به علم رکان ٿو.

معاويي چيو:اهو ٻڌايو ته هن کجي جي وڻ ۾ ڪتل جا گهڻا داڻا آهن؟

امام حسن ؑ فرمايو:هن کجي جي وڻ ۾ چار هزار چار(4004) داڻا آهن.

معاويي پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنو ته اهي وڻ تان ڪتل لاهي داڻا ڳڻيا وڃن.جڏهن ائين ڪيو ويو ته ۽ داڻا ڳڻيا ويا ته اهي (4003) چار هزار ٽي ٿيا ته معاويه امام کي چيو ته هڪ داڻو گھٽ آهي؟

امام عليہ السلام فرمايو هرگز نه! داڻا اوترائي آهن جيترا مون ٻڌايا ، هڪ داڻوعبدالله بن عامر جي مٺ ۾لڪل آهي پوءِ اهو داڻو ان وٽان ئي نڪتو.

امام ؑ فرمايو:اي معاويه هاڻي مان توکي اهي خبرون ڏيان ٿو جيڪي ناني رسول الله ص مون کي ٻڌايون آهن ۽ اهي ٻڌي تون تعجب ڪندين.اهي هيءُ ته تون عنقريب زياد بن ابيہ کي پنهنجو ڀاء بڻائيندين ۽ سندس هٿان (رسول الله جي صحابي) حُجر بن عدي کي قتل ڪرائيندين پوء ان جو سر نيزي تي توڏانهن کڻين ايندا [16] .

امام حسن عليه السلام جي شهادت

امام حسن ؑ خميس جي ڏينهن مشهور قول مطابق رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جي وفات واري ڏينهن يا 49 يا 50 هجري ڌاري 47 سالن جي عمر ۾ ان زهر ذريعي شهيد ٿي ويا جيڪو معاوئي سندن اشعث ۽ امام جي گهرواري جعده بنت اشعث جي سازش سان کين ڏنو ويو هئو.

شيخ ڪليني روايت ڪري ٿي ته جعده اشعث بن قيس ڪنديءَ جي ڌي هئي جنهن امام حسن ؑ کي زهر ڏئي مسموم ڪيو . جڏهن امام ؑ جي شهادت کان پوءِ جڏهن سندن جنازو رسول الله جي پاسي ۾ دفن ڪرڻ لاءِ آندو پيو ويو تهحضرت عائشه مروان بن حڪم۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جي ورغلائڻ تي کين اتي دفن ڪرڻ نه ڏنو .ايسائين جو امام جي جنازي تي تيرن سان حملو ڪيو ويو نيٺ مجبور ٿي امام حسين پنهنجي ڀاءُ کي حضرت بيبي زهرا س جي پيرانديءَ کان جنت البقيع ۾ دفن ڪيو. شايد امام حسن عليه السلام اسلامي تاريخ جو پهريون شخص هيو جنهن جي جنازي تي تير وسايا ويا. ۽ سندن ڪفن کي خون سان رنگين ڪري گهر موٽايو ويو.

”سيعلموا الذين ظلموا ايّ منقلب ينقلبون“

حوالا ....



[1]تحليلي زندگاني سياسي امام حسن عليہ السلام ص 30

[2]اعلام الهدايہ مجمع جهاني ج 4 ص 45

[3]ترجمہ زندگاني امام حسنص 59 باقر قرشي انوشي

[4]ترجمہ زندگاني امام حصن ص 60

[5]الهدايہ والنهايہ ج 8

[6]سنن احمد بن حبل ج 5 ص 44

[7]الهدايہ والنهايہ ج 8

[8]ڪنز العمال ج 6 ص 222 ،

[9]ترجمه اعلام الورى ص 304

[10]ستارگان درخشان ص 41 محمد جواد نجمي

[11]تاريخ امام حسن وامام حسين عليهما السلام ص 31 ، 32

[12]فرائد السبطين ج 2 ص 68

[13]موسوء ڪلمات امام حسن عليہ السلام ص 268

[14]وسائل الشيعہ ص 296

[15]وسائل الشيعه ج 2 ص 321

[16]بحار الانوار ج 43 ص 329 جلاء العيون شبر ج 3 ص 334