Get Adobe Flash player

ڪڏهن ممڪن آهي ته نماز گذار نماز جي ڪنهن حصي کي انجام ڏيڻ يانه ڏيڻ جي باري ۾ شڪ ڪري مثلاَ نٿو ڄاڻي ته تشهد پڙهيو آهي يا نه، هڪ سجدو ڪيو آهي يا ٻه سجدا، يا نماز جي رڪعتن ۾ شڪ ڪري ٿو. مثلاَ نٿو ڄاڻي ته هن وقت ٽين رڪعت پڙهي رهيو آهي يا چوٿين . نماز ۾ شڪ جي باري ۾ ڪجه خاص احڪام آهن جن سڀني کي هن مختصر ڪتاب ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ته نه آهي پر مختصر طور تي شڪ جا قسم ۽ ان جي حڪمن کي بيان ڪيون ٿا.

نماز ۾ شڪ جا قسم:

1_ نماز جي جزن ۾ شڪ

الف:جيڪڏهن نماز جي جزن کي انجام ڏيڻ جي باري ۾ شڪ پوي، يعني انسان نه ڄاڻيندو هجي ته هن جزء کي انجام ڏنو آهي يا نه؟ ان کان بعد ايندڙ جزءُ پڻ اڃان شروع نه ڪيو هجائين،ته ان صورت کيس مشڪوڪ جزء انجام ڏيڻ گهرجي. پر جيڪڏهن بعد واري جزء ۾ داخل ٿي چڪو هجي ۽ بعد ۾ شڪ ڪري ته پوءِ کيس شڪ جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي بلڪه پنهنجي نمازجاري رکي ۽ نماز صحيح آهي.

ب:جيڪڏهن نماز جي ڪنهن جزء جي صحيح هئڻ جي باري ۾ شڪ ڪري، يعني نه ڄاڻيندو هجي ته نماز جي جنهن جزء کي انجام ڏنو اٿائين،صحيح انجام ڏنائين يا نه، ته ان شڪ جي پرواهه نه ڪري ۽ نماز صحيح آهي.

2_ نماز جي رڪعتن ۾ شڪ

الف:اهي شڪ جيڪي نمازکي باطل ڪن ٿا.

1_ جيڪڏهن ٻه رڪعتي يا ٽه رڪعتي نماز جي رڪعتن جي شڪ پوي(جئين صبح ۽مغرب جي نماز) ته نماز باطل آهي.

2_چار رڪعتي نماز جي پهرئين رڪعت ۾ شڪ ڪرڻ سان نماز باطل ٿي وڃي ٿي يعني جيڪڏهن شڪ پوي ته هڪ رڪعت پڙهي آهي يا هڪ کان وڌيڪ رڪعتون ته ان صورت ۾ جي نماز باطل آهي.

3_جيڪڏهن نماز جي دوران اها خبر نه پويس ته گهڻيون رڪعتون پڙهي چڪو آهي ته نماز باطل آهي.

ب: اهي شڪ جن جي پرواه نه ڪرڻ گهرجي

1_ مستحبي نمازن ۾ شڪ

2_نماز جماعت ۾ شڪ . ”انهن ٻنهي جي وضاحت بعد ۾ ڪئي ويندي.“

3_سلام پرهڻ کانپوءِ ۽ نماز پوري ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن نماز جي رڪعتن ۽ جزن ۾ شڪ پوي ته نماز ٻيهر پڙهڻ ضروري نه آهي.

4_جيڪڏهن نماز جو وقت گذرڻ کانپوءِ شڪ ڪري ته نماز پڙهي آهي يا نه؟ ته ان صورت ۾ ٻيهر نماز پڙهڻ جي لازم ناهي

ج: چار رڪعتي نماز ۾ شڪ

شڪ

قيام ۾

رڪوع ۾

رڪوع کانپوءِ

سجدي ۾

سجدن کانپوءِ

نماز صحيح هئڻ تي نماز گذار جو وظيفو

2 ۽3 ۾ شڪ

باطل

باطل

باطل

باطل

صحيح

ٽن تي بنا رکندي هڪ رڪعت نماز احتياط بيهي ڪري يا ٻه رڪعتون ويهي ڪري پڙهي

2۽ 4 ۾ شڪ

باطل

باطل

باطل

باطل

صحيح

چئن رڪعتن تي بنا رکي نماز پوري ڪري ۽ ان کان بعد ٻه رڪعتون نماز احتياط بيهي ڪري پڙهي

3۽ 4 ۾ شڪ

صحيح

صحيح

صحيح

صحيح

صحيح

چئن رڪعتن تي بنا رکي نماز تمام ڪري، بعد هڪ رڪعت نماز احتياط بيهي ڪري يا ٻه رڪعتون ويهي پڙهي

4۽5 ۾ شڪ

صحيح

باطل

باطل

باطل

صحيح

جيڪڏهن قيام جي حالت ۾ شڪ ٿئي ته رڪوع ڪرڻ بغير ويهي رهي ۽ نماز تمام ڪري بعد ۾ هڪ رڪعت نماز احتياط بيهي ڪري يا ٻه رڪعتون ويهي پڙهي، پرجيڪڏهن ويٺي شڪ ٿئي ته چئن تي بنارکي ٻه سجدا سهوڪري.

يادگيري:

1. جيڪو ڪجهه نماز ۾ پڙهيو يا انجام ڏنو وڃي ٿو اهو نماز جو حصو يا هڪ جزء آهي.

2. جيڪڏهن نماز گزار شڪ ڪري ته نماز جي ڪنهن جزء کي پڙهيو آهي يا نه ؟ ۽ اڃان ٻئي جزء ۾ داخل نه ٿيو هجي ته مشڪوڪ جزء کي انجام ڏئي پر جيڪڏهن ٻئي جزء ۾ داخل ٿي ويو هجي ته شڪ جي پرواهه نه ڪري، ان لحاظ سان جيڪڏهن مثلاً تشهد شروع ڪرڻ کان پهريان شڪ ڪري ته هڪ سجدو انجام ڏنو آهي يا ٻه ؟ ته ٻيو سجدو انجام ڏيڻ گهرجي، پر جيڪڏهن تشهد جي دوران يا اٿي بيهڻ کان پوءِ شڪ ڪري ته ٻيو سجدو ڏ يڻ ضروري نه آهي ۽ نماز صحيح آهي.

3. نماز جي جزن مان ڪنهن جزء کي انجام ڏيڻ کان پوءِ شڪ ڪري، مثلاً الحمد يا ان جي ڪنهن لفظ کي پڙهڻ کان بعد ۾ شڪ ڪري ته صحيح پڙهيم يا نه، ته ان شڪ جي پرواهه نه ڪري ۽ نماز صحيح آهي.

4. جيڪڏهن مستحبي نمازن جي رڪعتن ۾ شڪ ڪري ته ٻن تي بنا رکڻ گهرجي (يعني اها نيت ڪري ته ٻئين رڪعت پڙهي پيو) ڇاڪاڻ ته وتر نماز کان علاوهه مستحبي نمازن ۾ هڪ يا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ جي باري ۾ شڪ ٿئي ته ٻن رڪعتن تي بنا رکبي ۽ نماز صحيح آهي.

5. نماز جماعت ۾ جيڪڏهن پيش نماز شڪ ڪري ليڪن ماموم (مقتدي)کي شڪ نه ٿئي مثلاً الله اڪبر چئي ڪري امام کي مطلع ڪري،ته ان صورت ۾ امام جماعت کي پنهنجي شڪ جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح جيڪڏهن ماموم شڪ ڪري ليڪن امام جماعت شڪ نه ڪري ته جهڙي طرح امام جماعت نماز ادا ڪري ماموم کي به اهڙي طرح عمل ڪرڻ گهرجي ۽ نماز صحيح آهي.

6. جيڪڏهن نماز کي باطل ڪندڙ شڪيات مان ڪو شڪ پيش اچي ،ته ٿوري دير غور و فڪر ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ڪجهه به ياد نه اچي ۽ شڪ باقي رهي ته نماز ٽوڙي ٻيهر شروع ڪرڻ گهرجي.

نماز احتياط :

1. جن موقعن تي نماز احتياط واجب ٿئي ٿي مثلاً ٽي ۽ چار رڪعتن ۾ شڪ، ته سلام کان پوءِ نماز جي حالت ختم ڪرڻ بغير اٿي بيهي بغير اذان اقامت جي نماز احتياط پڙهڻ گهرجي.

نماز احتياط ۽ ٻين نمازن جي درميان فرق:

· ان نماز (احتياط) جي نيت زبان تي نه آڻڻ گهرجي.

· ان نماز ۾ الحمد کانپوءِ ٻئي سورت ۽ قنوت نه آهي.( ڀلي ٻه رڪعتي به هجي)

· الحمد آهسته پڙهڻ گهرجي (احتياط واجب جي بنا تي)

2. جيڪڏهن نماز احتياط هڪ رڪعت واجب هجي ته ٻنهي سجدن کان پوءِ تشهد ۽ سلام پڙهي ۽ جڏهن ٻه رڪعتون نماز احتياط واجب هجي ته پهرين رڪعت ۾ تشهد نه پڙهي بلڪه هڪ ٻي رڪعت (تڪبيرة الاحرام جي بغير) پڙهي ۽ ٻي رڪعت جي اختتام تي تشهد پڙهڻ کان پوءِ سلام پڙهي.

سجدي سهو:

1. جن صورتن ۾ سجده سهو واجب ٿئي ٿو جيئن ويهڻ جي حالت ۾ چار ۽ پنج رڪعتن جي وچ م شڪ جي صورت ته نماز جا سلام پڙهڻ بعد ٻه سجدا انجام ڏيڻ گهرجن جن ۾ هي ذڪر پڙهيو وڃي” بسم الله و بالله اللهم صلّ على محمد وآل محمد“، بلڪه بهتر آهي ته هن نموني چئي ”بسم الله وبالله السلام عليڪ ايهاالنبي ورحمة الله وبرڪاته،“ ان کانپوءِ ويهي تشهد ۽ سلام پڙهي.

2. سجدي سهو ۾ تڪبيرة الاحرام نه آهي.

سبق ٽيهويهون ۽ چويهون جو خلاصو:

1. جيڪڏهن نماز گذار نماز هڪ جزء ۾ ان کان بعد واري جزء ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان، شڪ ڪري ته کيس مشڪوڪ جزءِ انجام ڏيڻ گهرجي.

2. ليڪن ٻئي جزءَ ۾ داخل ٿي ويو هجي ته کيس ان شڪ جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي.

3. جيڪڏهن نماز جي ڪنهن جزءِ جي صحيح هئڻ جي باري ۾ شڪ ڪري ته پرواه نه ڪري.

4. جيڪڏهن ٻه يا ٽي رڪعتي نماز جي رڪعتن جي تعداد ۾ شڪ ٿئي ته نماز باطل آهي.

5. هيٺين صورتن ۾ شڪ جر پرواهه نه ڪرڻ گهرجي.

· مستحبي نمازن ۾

· نماز جماعت ۾

· نماز جو سلام پڙهڻ کان پوءِ

· نماز جي وقت گذري وڃڻ کان پوءِ.

6. جن صورتن ۾ نماز جي رڪعتن ۾ شڪ ڪرڻ سان نماز باطل ٿئي ٿي،ان صورت ۾ جيڪڏهن شڪ جي رحجان وارو طرف چئن رڪعتن کان وڌيڪ نه هجي ته ان تي بنا رکي وڃي.

7. نماز احتياط ، واجب نماز جي احتمالي ڪمي جي تلافي (پورائو) آهي. ٽن ۽ چئن رڪعتن جي درميان شڪ جي صورت ۾ هڪ رڪعت نماز احتياط پڙهي وڃي ۽ ٻن ۽ چئنب رڪعتن جي درميان شڪ جي صورت ۾ ٻه رڪعت نماز احتياط پڙهي وڃي.

8. نماز احتياط ۽ ٻين نمازن جي درميان هيٺ ذڪر ٿيل فرق آهي.

· نيت زبان تي نه آڻڻ گهرجي.

· ان نماز ۾ الحمد کانپوءِ ڪا ٻئي سورت ۽ قنوت نه آهي.

· الحمد آهسته پڙهيو وڃي.

9. سجدي سهو نماز کان فوراً بعد ۽ ٻئي سجدا گڏ انجام ڏيڻ گهرجن ۽ ان ۾ تڪبيرة الاحرام نه آهي.

هيٺين سوالن جا جواب ڏيو؟

1. جيڪڏهن نماز گذار تسبيحات اربعه پڙهڻ وقت جيڪڏهن شڪ ڪري ته تشهد پڙهيو آهي يا نه؟ ته ان جو ڇا حڪم آهي؟

2. نماز جي جزن ۾ شڪ جا ڪي به چار مثال بيان ڪريو؟

3. جيڪڏهن فجر ۽ مغرب جي نماز ۾ رڪعتن جي تعداد ۾ شڪ ٿئي ته فريضو ڇا آهي؟

4. جيڪڏهن چار رڪعتي نماز جي رڪوع ۾ شڪ ٿئي ته ٽين رڪعت آهي يا چوٿين، ته ڇا حڪم آهي؟

5. جيڪڏهن ڪوئي شخص چئين بجي شام کان پوءِ شڪ ڪري ته ظهر ۽ عصر جي نماز پڙهي آهي يا نه، ته ان جو فريضو ڇا آهي؟

6. جيڪو شخص تڪبيرة الاحرام چوڻ کان پوءِ شڪ ڪري ته صحيح چئي آهي يا نه، ته ان جو ڇا فريضو آهي؟

7. جيڪڏهن قيام جي حالت ۾ چار ۽ پنج رڪعتن جي درميان شڪ ٿئي ته ڇا حڪم آهي؟

8. ڇا توهان کي خبر آهي ته نماز احتياط ۾ الحمد ڇو آهستي پڙهڻ گهرجي؟

9. ڇا اوهان کي اڄ تائين ڪڏهن نماز ۾ ڪو شڪ ٿيو آهي؟ جيڪڏهن جواب ها آهي ته وضاحت ڪريو ته ڇا ڪيوءَ ؟

10. سجده سهو ڪئين انجام ڏبا آهن؟.