Get Adobe Flash player

وضوءَ جو فلسفو:

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته وضو جا ٻه فائدا واضح ۽ روشن آهن، هڪ ظاهري فائدو جئين پاڪيزگي ۽ صفائي،ٻيا اخلاقي ۽ معنوي فائدا، ڏينهن ۽ رات ۾ پنج ڀيرا منهن ۽ هٿن کي ڌوئِڻ انساني جسم لاءِ نهايت مُفيد آهي، ڇوجو مٿي ۽ پيرن جي کل تي مسح ڪرڻ سان اهي عُضوا پاڪ ۽ صاف رهن ٿا، جهڙوڪ اڳتي هلي ڪري غسل جي فلسفي ۾ پڻ بيان ڪيو ويندو ته کل تائين پاڻيءَ جو پهچڻ،سمپاٿٽيڪ (Syapathetic) ۽پيرا سمپاٿٽيڪ (Para Syapathetic) اَعصاب کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بيحد اثرائتو ۽ ڪارآمد آهي.

اهڙي نموني اخلاقي ۽ معنوي لحاظ کان به هي عمل قربةً الى الله هجڻ ڪري تربيتي لحاظ کان پڻ موثر آهي، ان سان انسان پاڻ کي،مٿي کان وٺي پيرن تائين الله جي اطاعت ۽ بندگي ۾ حاضر سمجهي ٿو، امام رضا (ع) کان نقل ٿيل هڪ حديث ۾ آيو آهي ته :

وضوءَ جو حُڪم ان ڪري ڏنو ويو آهي ته ان سان عبادت جي شروعات ٿيندي آهي، (ڇاڪاڻ ته) جڏهن ٻانهو خدا جي بارگاه ۾ حاضر ٿئي ٿو، ۽ (پنهنجي پالڻهار) سان مناجات ۽ رازنياز ڪري ٿو ته ان وقت (کيس) پاڪ هجڻ گهرجي،الله جو مطيع۽ نجاست ۽ گندگيءَ کان پري رهي،ان کان علاوهه وضو سبب بڻجي ٿو ٿه انسان جي چهري تان ننڊ ۽ ٿڪاوٽ جا اثر دور ٿي وڃن ۽ انسان جي دل،خدا جي بارگاه ۾ حاضر ٿي ڪري نورِ پاڪائي حاصل ڪري.[1]

غسل جي فلسفي ۾ بيان ٿيڻ واري وضاحت سان وضو جو فلسفو پڻ وڌيڪ واضح ٿي ويندو.

غُسل جو فلسفو:

ڪجهه ماڻهو سوال ڪن ٿا ته انسان جي مُجنب (مٿو ميرو) ٿيڻ جي صورت ۾ اسلام غسل جو حڪم ڇو ڏنو آهي جڏهن ته رڳو مخصوص عضوو ميرو ٿيندو آهي؟!جڏهن ته ٻيو سوال اهو ڪيو ويندو آهي ته پيشاب ۽ منيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ جپه پيشاب اچڻ کانپوءِ صرف پاڻيءَ سان ڌوئڻ لازم آهي ۽ مجنب ٿيڻ جي صورت ۾ سموري بدن کي ڌوئڻو (يعني غسل ڪرڻو) هوندو آهي؟

هن سوال جو هڪ جواب مختصر آهي ۽ ٻيو تفصيلي.

مختصر جواب

انساني جسم منجهان مني نڪرڻ سان فقط مخصوص حصي تي اثر نه پوندو آهي (يعني پيشاب ۽ پائخاني وانگر نه آهي) بلڪه ان جو اثر بدن جي ٻين سڀني حصن تي به ٿيندو آهي،مني نڪرڻ سان انسان تي سستي طاري ٿئي ٿي ۽ سندس سڀئي لڱ ۽ عضوا سُست ٿي ويندا آهن، جيڪا ان ڳالهه جي نشاني آهي ته ان جو اثر تمام بدن تي ٿيندو آهي.

تفصيلي جواب:

دانشمندن جي تحقيق مطابق انسان جي بدن موجود رڳون ٻن قسمن جون آهن جن سان جسم جو سڄو نظام ڪنٽرول ٿيندو آهي، “سمپاٿٽيڪ (Syapathetic) ۽ پيرا سمپاٿٽيڪ (Para Syapathetic) “سمپاٿٽيڪ رڳن” جو ڪم بدن جي نظام ۾ تيزي ۽ تِکائي پيدا ڪرڻ آهي ۽ “پيرا سمپاٿٽيڪ رڳن” جي خصلت جسم منجههُ سُستي پيدا ڪرڻ آهي، حقيقت ۾ انهن ٻنهيءَ جو ڪم ڳاڏيءَ ۾ ريس ۽ بريڪ وانگر آهي،انهن سان بدن ۾ توازن ۽ برابري قائم رهي ٿي.

ڪڏهن انسان بدن سان اهڙا ح واقعا پيش اچن ٿا جن جي ڪري اهو توازن ختم ٿي ويندو آهي، هڪ مسئلو (Climax) (جنسي لذت جو عروج تي پهچڻ) پيدا ٿئي ٿو ۽ جيڪو گهڻو ڪري مني نڪرڻ مهل، پيش اچي ٿو.ان موقعي تي پيراسمپاٿٽيڪ(Para Syapathetic) اَعصابُ، سمپاٿٽيڪ (Syapathetic) اعصاب تي غالب اچي وڃن ٿا ۽ نتيجي ۾انسان جو توازن منفي صورت ۾ بگڙجي ويندو آهي. ماهرن جي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته سمپاٿٽيڪ (Syapathetic) اعصابن، جو بگڙيل توازن ٻيهر برقرار ڪرڻ ۾ انساي جسم جو پاڻي سان ملڻ تمام گهڻو اثرائتو آهي. .لهذا جنسي ملاپ يا مني نڪرڻ کان پوءِ اسلام ۾ غسل جو حڪم تمام گهڻي حڪمت ڀريو آهي ته غسل ذريعي سڄي جسم کي پاڻيءَ سان ڌوتو وڃي تان جو پوري بدن جو بگڙيل توازن وري صحيح حالت۾ موٽي سگهي.[2]

البته غسل جو فائدو رڳو ان ئي شئ ۾ منحصر نه آهي، ان فائدي کان علاوه غسل هڪ طرح جي عبادت پڻ آهي جنهن جي اخلاقي اثرن جو انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن نيت ۽ قصد قربت جي کانسواءِ غسل انجام ڏنو وڃي ته انسان جو غسل صحيح نه آهي، حقيقت ۾ ميلاپ ڪرڻ يا مني نڪرڻ سان نه فقط انسان جو بدن گندو ٿي ويندو آهي بلڪه ان سان گڏوگڏ انساني روح مادي شهوتن ڏانهن حرڪت ڪندو آهي ۽ جسم سستي ۽ ڪاهلي جي طرف مائل هوندو آهي. غسل جنابت سان نه فقط انسان جو بدن پاڪ،صاف ٿي ويندو آهي سندس روح به پاڪ ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته قصد قربت جي نيت سان انجام ڏنو ويندو آهي آهي، ائين غسل جنابت جو ٻيڻو اثر هوندو آهي، هڪ جسم ۽ ٻيو روح تي، ڇاڪاڻ ته غسل سان روح خدا ۽ معنويت جي طرف مائل ٿئي ٿو ۽ جسم صفائي ۽ پاڪائيءَ ڏانهن.

غسل جنابت جو وُجوب بدن کي پاڪ ۽ صاف رکڻ ڪارڻ هڪ اهم اسلامي حُڪم آهي، ڇاڪاڻ ته اوهان کي ڪيترائي اهڙا ماڻهو مليا هوندا جيڪي هونئن ته پاڪائيءَ ۽ صفائي جو خيال نٿا رکن، پر هن اسلامي حڪم ڪري مجبور آهن ته پنهنجي بدن کان گندگي کي دور ڪن،۽ پنهنجي جسم کي پاڪ ۽ صاف رکن. اها ڳالهه قديم زماني جي ماڻهن سان مخصوص نه آهي،بلڪه اڄ به ڪيترائي اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي ڪجهه خاص سببن ڪري صفائي جو خيال نٿا رکن،(البته اسلام جو اهو حڪم هڪ عام قانون آهي ايسيتائين جو اگر جن ماڻهوءَ هينئر ئي پنهنجي بدن کي ڌوتو هجي ۽ مٿي ميرو ٿئي تب کيس غسل ڪرڻو پوندو.

مٿي ذڪر ٿيل بحث مان اها ڳالهه چڱي ريت واضح ٿي وئي ته مني نڪرڻ کان پوءِ (چاهي ننڊ جي حالت ۾ نڪري يا سجاڳيءَ جي حالت ۾) غسل ڪرڻ جي حڪمت ڇا آهي؟.[3]

تيمم جو فلسفو؟

ڪيترائي ماڻهو اهو سوال پڇن ٿا ته مٽي تي هٿ هڻي نِرڙ ۽ هٿن تي مَلڻ جو ڪهڙو فائدو آهي؟ جڏهن ته اسان کي خبر آهي ته گهڻو ڪري مٽي خراب هوندي آهي ۽ ان سان جراثيم ۽ جيوڙا منتقل ٿي سگهن ٿا.

هن سوال جي جواب ۾ ٻن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.

الف:اخلاقي فائدو

تيمم هڪ عبادت آهي، منجهس حقيقي عبادت جي عڪاسي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته انسان خدائي حڪم آڏو پنهنجي جسم جي بهترين حصي يعني پيشاني تي مٽي سان ڀريل هٿ ڦيري ٿو جيڪو خدا جي روبرو پنهنجي تواضع ۽ نِوڙت جو اظهار آهي،يعني منهنجي پيشاني ۽ منهنجا هٿ تنهنجي اڳيان تواضع ۽ انڪساري جي انتها تي پهتل آهن، ۽ پوءِ انسان نماز ۽ ٻين عبادتن ۾ مشغول ٿيندو آهي،جن لاءِ وضو يا غسل ڪرڻ شرط هوندو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته تيمم سان،انسان ۾ عاجزي ۽ تواضع،بندگي ۽ شڪرگذاري جي خاصيت پيدا ٿئي ٿي.

ب: تيمم جو جسماني فائدو.

مٽيءَ مٿان ٿيل جديد تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته مٽي منجهه تمام گهڻا اهڙا جزا (Bacterias) پاتا وڃن ٿا جن جي ڪري ڪيتريون ئي گندگيون دور ٿين ٿيون، اهي جزا جن جو ڪم آلوده ڪرڻ واري مواد جو تجزيو ۽ قسمين قسمين جي بدبوءِ ۽ ڌپ جو خاتمو ڪرڻ آهي.اهي جزا،گهڻو ڪري زمين جي مٿاڇري سطح تي معمولي گهرائي ۾ جتان سج جي روشني ۽ هوا چڱي ريت فائدو وٺي سگهن، ڪثرت سان پاتا وڃن ٿا، انهي ڪري جڏهن مُئل جانور جو لاشَ زمين ۾ دفن ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح ٻيون شيون جيڪي گندگي سان ڀريل هونديون آهن زمين تي پيل هجن ته ڪجهه مدت گذرڻ کان پوءِ سندس بدن جا اجزا ٽڙي پکڙجي ويندا آهن ٿا ۽ مٽيءَ ۾ موجود خاص جزن جي ڪري اهو بدبوءِ جو مرڪز فنا ۽ بردباد ٿي وڃي ٿو، اها ڳالهه طئي آهي ته جيڪڏهن زمين ۾ اها خاصيت نه هجي ها ته زمين ٿوري ئي عرصي ۾ ڌپ ۽ بدبوءِ جي ڍير ۾ تبديل ٿي وڃي ها،حقيقت ۾ خاڪ اينٽي بايوٽيڪ اثر رکي ٿي، جيڪا جراثيمن جي خاتمي لاءِ هڪ بهترين شئ آهي.

ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڪ مٽي نه رڳو آلوهه نه هوندي آهي بلڪه آلودگي کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ نهايت موثر آهي، ۽ ان لحاظ کان، مٽي ڪنهن حد تائين پاڻيءَ جو ڪم پڻ ڏئي ٿي، ان فرق سان ته پاڻي جراثيمن کي لوڙهي (کڻي)ويندو آهي ۽ مٽي کين (ماري) ختم ڪري ڇڏيندي آهي.

پر ڌيان رکڻ گهرجي ته تيمّم جي مٽي مڪمل طور تي پاڪ ۽ صاف هجي ڇاڪاڻ ته قرآن ڪريم “ طَيّباً ”. پاڪ جو لفظ استعمال ڪيو آهي.

ديان طلب ڳالهه اها آهي ته قرآن ڪريم ۾ تيمم جي باري ۾ لفظِ “صعيد” استعمال ٿيو آهي جيڪو “صعود” مان ورتل آهي (جنهن جي معني بلندي آهي) جيڪو انهي ئي ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته تيمم جي لاءِ زمين جي مٿاڇري مٽي ورتي وڃي جنهن تي سج جي روشني پوندي هجي ۽ جنهن ۾ جراثيم کي مارڻ واري بيڪٽري پاتي ويندي هجي، جيڪڏهن اهڙي پاڪ ۽ پاڪيزه مٽي سان تيمم ڪيو وڃي ته اها اثر رکي ٿي ۽ منجهس ذرو به نقصان نه آهي.[4]

وضو ۾ هٿن کي ڪهڙي ريت ڌوئِڻ گهرجي ۽ مٿي ۽ پير جو مسح ڪيئن ڪيو وڃي؟

سورت مائده جي آيت نمبر 6 ۾ روح جي پاڪيزگي جي طريقي ڏانهن اشارو ٿيو آهي،۽ روح جي پاڪيزگي لاءِ وضو،غسل ۽ تيمم جا احڪام بيان ٿيا آهن، پهريان مومنن سان خطاب ٿيو ۽ (پوءِ) وضو جا احڪام هي ريت بيان ڪيائين:

يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا إِذا قُمْتُمْ إِلَى الصَّلاةِ فَاغْسِلُوا وُجُوهَكُمْ وَ أَيْدِيَكُمْ إِلَى الْمَرافِقِ وَ امْسَحُوا بِرُؤُسِكُمْ وَ أَرْجُلَكُمْ إِلَى الْكَعْبَيْنِ.[5]

اي ايمان وارو! جڏهن به نماز لاءِ اٿو ته پنهنجي چهري کي ۽ ٺونٺ تائين پنهنجي هٿن کي ڌوئوۡ ۽ مٿي ۽ ڪَرايُن تائين پيرن جو مسح ڪريو.

هن آيت شريفه ۾ هٿن جي ڌوئڻ جي حد “ٺونٺ” تائين قرار ڏني وئي آهي،قرآن مجيد ۾ “مرافق” جي لفظ آيو آهي جنهن جي معني “ٺونٺيون” آهن، پر جنهن مهل ڪنهن انسان کي چيو وڃي ته “پنهنجي هٿن کي ڌوئي وٺ” ته ممڪن آهي ته اُهو ماڻهو فقط ڪَارايُن تائين ڌوئي، ڇاڪاڻ ته عام طور، هٿن کي انهيءَ حد تائين ڌوتو ويندو آهي، لهذا هن غلطي کان بچڻ لاءِ ارشاد ٿئي ٿو: ٺونٺن تائين ڌوئو “اِلى المَرافِق”.

ان تفصيل کانپوءِ اها ڳالهه روشن ٿي وڃي ٿي ته آيت ۾ لفظِ “اِلى” (يعني ٺونٺن تائين) هٿن کي ڌوئڻ جي حد کي بيان ڪرڻ لاءِ آهي نه هٿن کي ڌوئڻ جي ڪيفيت لاءِ، جئين ڪجهه ماڻهن جو خيال اهو آهي ۽ ذڪر ٿيل آيت جي معني هن ريت ڪن ٿا:هٿن کي آڱرن جي چوٽين کان ٺونٺن تائين ڌوئو.

ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ هن مثال تي غور ڪريو:جيڪڏهن اوهان ڪنهن رنگ ڪرڻ واري کي اوهان چئو هن ڪمري جي ديوارکي فرش کان هڪ ميٽر تائين رنگ ڪري ڇڏ، ته اها ڳالهه واضح آهي ته ان جو مطلب هي ناهي ته ڀت تي هيٺان کان مٿي رنگ ڪيو وڃي بلڪه مُراد هي آهي ته ايتري مقدار ۾ رنگ ٿيڻو آهي نه ان کان گهٽ ۽ نه وري ان کان وڌيڪ.

آيت ۾ هٿن جي ڌوئڻ جو مقدار معين ڪئو ويو آهي، پر ان جي ڪيفيت نبي سڳوري (ص) جي سنت ۽ سندن اهل بيت (ع) جي ذريعي بيان ٿي آهي، ته هٿن کي ٺونٺن کان آڱرين جي چوٽين تائين ڌوتو وڃي.

بِرُؤُسِكُمْ” ۾ لفظِ “ب” ڪجهه اهل لغت جي چوڻ آهي ته ڪڏهن “بعض” (من تبعيضيه) جي معنى استعمال ٿيندي آهي.آيت ۾ پڻ ائين آهي، مطلب ته مٿي جي “بعض (ڪجهه) حصي” جو مسح ڪيو، جهڙوڪ حديثن ۾ ملي ٿو ته مٿي جي اڳين (مُنڍ واري) حصي جو هٿ سان مسح ڪيو وڃي، پر جهڙي طرح ته ڪجهه اهل سنت وٽ رائج آهي ته سڄي مٿي جو مسح ڪن ٿا، هيءَ ذڪر ٿيل آيت جي مفهوم جي مطابق نه آهي.

بِرُؤُسِكُمْ” جي پُٺيان “أَرْجُلَكُمْ” جو اچڻ پاڻ هن ڳالهه جو گواهه ۽ ثبوت آهي ته پيرن جو به مسح ڪيو وڃي نه ڪي،انهن کي ڌوتو وڃي،(۽ جيڪڏهن اسين ڏسون ٿا ته “أَرْجُلَكُمْ” جي لام تي زَبر آئي آهي ته “بِرُؤُسِكُمْ” جي مَحل تي عطف ٿيو آهي نه “وُجُوهَكُمْ” تي.[6]،[7] ته پوءِ جئين مٿي جو مسح ڪيو وڃي ٿو ائين پيرن جو به مسح ڪيو وڃي نه ڪي انهن کي ڌوتو وڃي.

حوالا..........



[1]. وسائل الشيعه، جلد 1 صفحو: 257 .

[2]. جهڙوڪ حضرت علي رضا(ع) فرمان آهي: أَنَّ الْجَنَابَةَ خَارِجَةٌ مِنْ كُلِّ جَسَدِهِ فَلِذَلِكَ وَجَبَ عَلَيْهِ تَطْهِيرُ جَسَدِهِ كُلِّه (جنابت سڄي بدن منجهان ٻاهر نڪرندي آهي لهذا تمام بدن کي پاڻي سان ڌوئڻ (يعني غسل ڪرڻ) واجب آهي) (وسائل الشيعه، جلد 1 صفحو: 466) اها حديث ڄڻ ته انهي ئي شئ ڏانهن اشارو آهي.

[3]. تفسير نمونه، جلد 4 صفحو: 291

[4]. تفسير نمونه، جلد 3 صفحو: 400

[5]. سوره مائده، آيت: 6

[6]. واضح آهي ته (وُجُوهَكُمْ) ۽ (أَرْجُلَكُمْ) ۾ ڪافي فاصلو آهي، جنهن ڪري،ان تي عطف ٿيڻ پري ٿو لڳي ، ان کان سواءِ قرآن جي ڪيترين ئي مشهور قارين (أَرْجُلَكُمْ) کي زَير سان پڙهيو آهي.

[7]. تفسير نمونه، جلد4 ، صفحو: 285