Get Adobe Flash player

33_ سوره بقره آيت 219 ،220

يَسْأَلُونَكَ عَنِ الْخَمْرِ وَالْمَيْسِرِ قُلْ فِيهِمَا إِثْمٌ كَبِيرٌ وَمَنَافِعُ لِلنَّاسِ وَإِثْمُهُمَآ أَكْبَرُ مِن نَّفْعِهِمَا وَيَسْأَلُونَكَ مَاذَا يُنفِقُونَ قُلِ الْعَفْوَ كَذَلِكَ يُبيِّنُ اللّهُ لَكُمُ الآيَاتِ لَعَلَّكُمْ تَتَفَكَّرُونَ (219) فِي الدُّنْيَا وَالآخِرَةِ وَيَسْأَلُونَكَ عَنِ الْيَتَامَى قُلْ إِصْلاَحٌ لَّهُمْ خَيْرٌ وَإِنْ تُخَالِطُوهُمْ فَإِخْوَانُكُمْ وَاللّهُ يَعْلَمُ الْمُفْسِدَ مِنَ الْمُصْلِحِ وَلَوْ شَاء اللّهُ لأعْنَتَكُمْ إِنَّ اللّهَ عَزِيزٌ حَكِيمٌ (220)

. (اي پيغمبر) توکان شراب ۽ جؤا بابت پڇن ٿا، چؤ ته اُنھن ۾ وڏو گناھ ۽ ماڻھن لاءِ (ڪجھ دنياوي ) فائدا آھن، ۽ سندن فائدي کان اُنھن ٻنهيءَ جو گناھ تمام وڏو آھي. ۽ (پڻ) توکان پڇن ٿا ته (اُھي) ڇا خرچ ڪن ؟ چؤ ته ( پنهنجي ضرورت کان) وڌيڪ جيڪو آهي سو (خرچ ڪيو) اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ آيتون بيان ڪندو آھي ته جيئن اوھين سوچيو. (ته جيئن توهان ) دنيا ۽ آخرت جي باري ۾ (سوچيو) ، ۽ (اي پيغمبر) توکان يتيمن بابت پڇن ٿا، چؤ ته کين سڌارڻ ڀلو ڪم آھي، جيڪڏھن پنهنجي زندگي کي انهن جي زندگي سان گڏايو ته ( ڪا ڳالهه ڪانهي ) اهي اوھان جا (ديني) ڀائر آھن، (تنهن ڪري ديني ڀائرن وانگر ساڻن هلو) ۽ الله بگاڙيندڙ کي سڌاريندڙ کان ڄاڻي ٿو ، ۽ جيڪڏھن الله چاهي ھا ته اوھان کي سختيءَ ۾ وجھي ھا، ڇوته الله سوڀارو، حڪمت وارو آھي.

شان نزول : شراب ، جوا ۽ يتيمن جي باري ۾ سوال

پهرين آيت جي شان نزول جي سلسلي ۾ علماء جو چوڻ آهي ته : پاڻ سڳورن (ص) جن جا ڪجهه صحابي سندن خدمت ۾ آيا ۽ عرض ڪيائون ته : شراب ۽ جوا بابت ٻڌايو جيڪي عقل کي ضايع ۽ مال کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا ته اها آيت انهن جي جواب ۾ نازل ٿي .[1]

۽ ٻي آيت جي شان نزول جي باري ۾تفسير قمي ۾ امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا ۽ مجمع البيان ۾ ابن عباس کان روايت آهي ته: جڏهن هيٺيون آيتون نازل ٿيون وَلاَ تَقْرَبُواْ مَالَ الْيَتِيمِ إِلاَّ بِالَّتِي هِيَ أَحْسَنُ يعني يتيمن جي مال کي سٺي راهه کان سواءِ ويجهو ئي نه وڃو .[2] ۽ إِنَّ الَّذِينَ يَأْكُلُونَ أَمْوَالَ الْيَتَامَى ظُلْمًا إِنَّمَا يَأْكُلُونَ فِي بُطُونِهِمْ نَارًا وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيرًا يعني :جيڪي ماڻهوناحق يتيمن جو مال کائين ٿا ته اهي پنهنجي پيٽن ۾ باهه ٿا کائين ۽ سگهوئي ساڙيندڙ باهه جي حوالي ٿيندا .[3] ته انهن آيتن ۾ سواءِ چڱي راهه جي يتيمن جي مال جي ويجهو وڃڻ کان روڪيو ويو هو . ۽ اهڙي طرح انهن جي مال کائڻ کان به روڪيو ويو ته جن جي گهرن ۾ يتيم ٻار هئا تن انهن جي سار سنڀال کان پاسو ڪري ڇڏيو ۽ کين پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنائون ، ايستائين جو ڪن کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ جن ٻاهر نه ڪڍيو پر انهن وري يتيمن لاءِ اهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هيائون جو کين ٻاهر ڪڍڻ کان گهٽ نه هئي، ڇاڪاڻ ته انهن جي لاءِ جيڪو کاڌو تيار ڪندا هئا ان کي پنهنجي کاڌي سان گڏائيندا نه هئا ¸ايستائين جو انهن لاءِ جدا کاڌو پچائيندا هئا ۽ جڏهن ڪو يتيم ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي کاڌو کائيندو هو ته جيڪو کاڌو بچندو هو سو ان لاءِ بچائي رکندا هئا ته جيئن ٻيو دفعو کيس ڏين ۽ جيڪڏهن خراب ٿي ويندو هو ته اڇلائي ڇڏيندا هئا. اهي سڀئي ڪم ان ڪري ڪندا هئا ته جيئن يتيمن جي مال کائڻ جا ذميوار نه ليکيا وڃن ، اهو ڪم يتيمن ۽ انهن جي سرپرستن جي لاءِ گهڻين مشڪلن جو سبب پئي ٿيو،ان صو رتحال کان پوءِ اهي پاڻ سڳورن (ص) جن جي خدمت ۾ پهتا ۽ ان طريقه ڪار جي باري ۾ سوال ڪيائون ته مٿيون آيتون نازل ٿيون .[4]

34_ سوره بقره آيت 221

وَلاَ تَنكِحُواْ الْمُشْرِكَاتِ حَتَّى يُؤْمِنَّ وَلأَمَةٌ مُّؤْمِنَةٌ خَيْرٌ مِّن مُّشْرِكَةٍ وَلَوْ أَعْجَبَتْكُمْ وَلاَ تُنكِحُواْ الْمُشِرِكِينَ حَتَّى يُؤْمِنُواْ وَلَعَبْدٌ مُّؤْمِنٌ خَيْرٌ مِّن مُّشْرِكٍ وَلَوْ أَعْجَبَكُمْ أُوْلَـئِكَ يَدْعُونَ إِلَى النَّارِ وَاللّهُ يَدْعُوَ إِلَى الْجَنَّةِ وَالْمَغْفِرَةِ بِإِذْنِهِ وَيُبَيِّنُ آيَاتِهِ لِلنَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ

۽ (اي مسلمانؤ ايستائين) مشرڪ عورتن کي (پنهنجي ) نڪاح ۾ نه آڻيو جيستائين ايمان آڻين، ۽ بيشڪ مؤمنياڻي ٻانھي مشرڪ عورت کان ڀلي آھي جيتوڻيڪ اوھان کي (مشرڪ عورت سونهن ، مال ۽ ملڪيت جي ڪري) تعجب ۾ وجهي، ۽ (پنهنجي عورتن کي ) مشرڪ مردن سان نه پرڻايو جيستائين ايمان آڻين، ۽ بيشڪ مؤمن ٻانھو مُشرڪ کان ڀلو آھي جيتوڻيڪ اوھان کي (مشرڪ جو مال ، ملڪيت ) عجب ۾ آڻي ڇڏي ، اِھي (مُشرڪ) باھ ڏانھن سڏيندا آھن، ۽ الله پنھنجي فرمان سان بھشت ۽ بخشش ڏانھن سڏيندو آھي، ۽ پنھنجون آيتون ماڻھن لاءِ بيان ڪندو آھي ته جيئن اُھي نصيحت پرائين.

شان نزول : مشرڪ عورتون نڪاح لائق ناهن

مرثد نالي هڪ بهادر شخص هو پاڻ سڳورن (ص) کيس اها ذميواري ڏني ته مديني کان مڪي وڃي ۽ اتان جي ڪجهه مسلمانن کي پاڻ سان گڏ وٺي اچي ، هو پاڻ سڳورن (ص) جن جي حڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ مڪي آيو ، اتي عناق نالي هڪ خوبصورت عورت سان سندس ملاقات ٿي جنهن کي هو جاهليت واري زماني کان سڃاڻندو هو، ان عورت به کيس پهرين وانگر گناهه لاءِ آمادهه ڪرڻ چاهيو ، پر ڇاڪاڻ ته مرثد مسلمان ٿي چڪو هو تنهن ڪري ان جي چوڻ تي آمادهه نه ٿيو ، ته ان عورت ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهري ڪئي ته مرثد چوڻ لڳو اها ڳالهه پيغمبر جي اجازت تي موقوف آهي ، هو پنهنجي ذميواري پوري ٿيڻ کان پوءِ مديني واپس موٽيو ۽ پاڻ سڳورن (ص) کي اهو سڄو قصو ڪري ٻڌايائين ته هي آيت نازل ٿي جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو ته مشرڪ ۽ بت پرست عورتن سان نڪاح ڪرڻ مسلمان مردن لاءِ ڀلو ناهي [5]

35_ سوره بقره آيت222 و 223

وَيَسْأَلُونَكَ عَنِ الْمَحِيضِ قُلْ هُوَ أَذًى فَاعْتَزِلُواْ النِّسَاء فِي الْمَحِيضِ وَلاَ تَقْرَبُوهُنَّ حَتَّىَ يَطْهُرْنَ فَإِذَا تَطَهَّرْنَ فَأْتُوهُنَّ مِنْ حَيْثُ أَمَرَكُمُ اللّهُ إِنَّ اللّهَ يُحِبُّ التَّوَّابِينَ وَيُحِبُّ الْمُتَطَهِّرِينَ (222) نِسَآؤُكُمْ حَرْثٌ لَّكُمْ فَأْتُواْ حَرْثَكُمْ أَنَّى شِئْتُمْ وَقَدِّمُواْ لأَنفُسِكُمْ وَاتَّقُواْ اللّهَ وَاعْلَمُواْ أَنَّكُم مُّلاَقُوهُ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِينَ (223)

۽ (اي پيغمبر) توکان حيض (جي حڪم) بابت پُڇن ٿا، چؤ ته اُھا پليتي آھي تنھنڪري پنهنجين گهر وارين کان حيض جي حالت ۾ پري ٿيو ۽ ايستائين کين ويجھا نه وڃو جيستائين پاڪ ٿين، پوءِ جڏھن بلڪل پاڪ ٿين تڏھن جنھن واٽ کان الله اوھان کي موڪل ڏني آھي (اُنھيءَ کان) اُنھن ڏانھن اچو، ڇوته الله توبه ڪندڙن کي دوست رکي ٿو ۽ (پڻ) پاڪائي ڪندڙن کي دوست رکي ٿو.

اوھان جون گهر واريون اوھان جي پوک آھن، پوءِ ساڻن جيئن وڻيوَ لاڳاپو رکو، ۽ ( چـڱي طرح ٻار پالي ڀلو ثمر ) پاڻ لاءِ اڳتي موڪليو، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوھين سندس آڏو پيش پوندو، ۽ مُؤمنن کي خوشخبري ڏي .

شان نزول :ماهواري واري ڏينهن ۾ همبستري ڪرڻ

عورتون مهيني ۾ گهٽ مان گهٽ ٽي ڏينهن ۽ وڌ مان وڌ ڏهه ڏينهن ماهواري وارو خون ڏسنديون آهن ، اهو خون ڪجهه مخصوص قسم جي خاصيتن سان جيڪي فقهه جي ڪتابن ۾ ٻڌايل آهن ايندو آهي ۽ عورت کي ان حالت ۾ حائض ۽ ان خون کي حيض چئبو آهي ، علماء جو چوڻ آهي ته يهودي ۽ عيسائي دينن جا احڪام اهڙين عورتن سان جماع ڪرڻ جي باري ۾ هڪٻئي جي بلڪل ابتڙ آهن جنهن جي ڪري انهن لاءِ ڪيترا ئي سوال جنم وٺندا هئا .

ڪجهه يهودين جو چوڻ آهي ته : مردن جو اهڙي عورتن سان هر قسم جو لاڳاپو حرام آهي، پوءِ چاهي هڪ ئي دسترخوان تي ويهي ماني کائڻ هجي يا وري هڪ ئي ڪمري ۾ گڏ ويهڻ هجي ، مثال جي طور انهن جو چوڻ آهي ته جنهن جاءِ تي حائض عورت ويهي ته اتي مرد کي نه ويهڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ويهي ته مرد کي گهرجي ته پنهنجو لباس ڌوئي، نه ته ٻي صورت ۾ اهو لباس نجس آهي ، ۽ اهڙي طرح جيڪڏهن ان جي بستري تي سمهي ته پنهنجي بدن ۽ لباس کي ڌوئي . يعني اهي يهودي وٽ عورت کي ان حالت ۾ هڪ ناپاڪ وجود جي طور تي سڃاتو ويندو هو، ۽ ان کان پاسو ڪرڻ کي لازمي سمجهيو ويندو هو.

ان جي مقابلي ۾ عيسائين جو نظريو اهو هو ته حيض واري عورت ۽ حيض کان پاڪ عورت ۾ ڪنهن به قسم جو فرق ڪونهي ،ساڻن هر قسم جو لاڳاپو ايستائين جو ساڻن جنسي لاڳاپو به رکي سگهجي ٿو! عرب جا مشرڪ ماڻهو خاص طور تي مديني ۾ رهڻ وارا تقريبا يهودين جي طريقه ڪار کي پسند ڪندا هئا ۽ حيض واري عورتن سان يهودين وارو طريقو اپنائيندا هئا ۽ ماهواري واري ڏينهن ۾ کانئن جدا ٿي ويندا هئا ،۽ اهڙي قسم جا اختلاف ۽ افراط ۽ تفريط وارا معاملا سبب ٿيا جو ڪجهه مسلمان پاڻ سڳورن (ص) کان ان جي باري ۾ سوال ڪرڻ لڳا ته ان وقت مٿيون آيتون نازل ٿيون . [6]

حوالا ..........



[1] _ مستدرڪ الوسائل ج17 ، ص83، ح 20813_3 ،مجمع البيان ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾ ،زبدة البيان ، محقق اردبيلي ،ص629، اسباب نزول الآيات ،واحد نيشاپوري ، ص44،

[2] _اسراء آيت 34

[3] _نساء آيت 10

[4] _مجمع البيان ، تفسير طبري ج2، ص208، ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾

[5] _ مجمع البيان ، مثين آيت جي ذيل ۾ ، تفسير قرطبي ، ج3، ص67 ،الدر المنثور ،ج1، ص256

[6] _فقه القرآن ، قطب راوندي ج1، ص51، تفسير ابن کثير ، ج1، ص438، تفسير آلوسي ،ج2ص120سنن بيهقي ،ج2 ص12 حديث 1531