Get Adobe Flash player

تمام ڪيترين ئي روايتن ۾ آيو آهي ته جڏهن حضرت امام حسين عليه السلام جن شهيد ٿيا ، نجات جي هي ٻيڙي خون جي دريا ۾ رنگين ٿي ته آسمان خون جا ڳوڙها وهايا ، سج رنگ ڳاڙهو ويس ڪيو، سنسار عزاداري وارو روپ اپنايو، ملائڪ زارو زار روئڻ لڳا ، پکين اکين مان لڙڪ وهايا ، هر جاندار ۽ غير جاندار مخلوق تاريخ جي وڏي مظلوم هستي جي شهادت تي پنهنجي پنهنجي انداز پرسا ڏنا، سنڌ ڌرتي جي ڀٽ ڌڻي ڪائنات جي اهڙي ڏکاري ماحول کي پنهنجي هن لفظن ۾ پيش ڪيو

حســن مــــير حسيــن کي رنـــو ٽـــن ٽولـــــــن

گهر ماڻهين،جهنگ مروئين،اڀن ۾ ملڪن

پکيــــن پاڻ پڇـــــاڙيو ته لــــڏيا هــــوت وڃن

الا شهــــــزادن ســــــوڀون ڏئيــن ســـــچا ڌڻي

هتي اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته آخرڪار هن عالم جي هر ذري نينوا جي مظلوم تي ڪيئن ڳوڙها وهايا . اهو ڪيئن ته ٿو ٿي سگهي ته هڪ غير جاندار شيءِ گريو ڪري؟ ان سوال جو جواب معلوم ڪرڻ لاءِ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته هن دنيا جو هر ذرو پنهنجي وجود ۾ هڪ قسم جو شعور ۽ احساس رکي ٿو ، اثر قبول ڪرڻ ۽ پنهنجو اثر ٻئي تي ڇڏڻ جهڙيون ٻئي خاصيتون ان ۾ موجود آهن ،اها ڳالهه قرآني آيتن ، روايتن ۽ اڄ ڪلهه جي جديد علمي انڪشافات ذريعي تمام گهڻي پڌري ٿي چڪي آهي ، جنهن جي هڪ سادي مثال ريڊيي ، ٽيپ رڪارڊ ، ڪيمرا ۽ ٻين شين جي ڏئي سگهجي ٿي ، جيڪي تصوير کي ڪيچ ڪري پاڻ ۾ محفوظ ڪرڻ ۽ ڪنهن مناسب موقعي تي ان کي ٻئي جي حوالي ڪرڻ جو ڪم بهترين انداز ۾ انجام ڏين ٿا ، يا هوا ۾ اهڙن جُزن ((cells جو موجود هجڻ جيڪي انسان جي زبان مان يا ڪنهن به شي مان نڪرندڙ آواز کي ڪيچ ڪري هڪٻئي جي حوالي ڪن ٿا ، ۽ جيستائين اهو آواز پهچي ٿو ته ان ۾ سڄو انهن جُزن ((cells جو ئي ڪردار هوندو آهي جن مان هڪڙا جُزا ((cells آواز ڪيچ ڪري ٻين جي حوالي ڪندا آهن ، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها ڏي وٺ واري ڪيفيت نه هجي ته اسان جو ڪوبه آوازڪنهن تائين پهچي نه سگهندو .

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته دنيا جي خلقت کان وٺي اڄ تائين جيڪي به آواز وجود ۾ آيا آهن سي فضا ۾ موجود آهن ، ايستائين جو جيڪڏهن انسان ڪا اهڙي مشينري ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي جيڪا آواز کي ڪيچ ڪرڻ ۽ ان کي منتقل ڪرڻ جو ڪم ڏئي سگهي ته اهو ڪري سگهجي ٿو جو صديون پهرين جيڪي آواز وجود ۾ آيا هئا تن کي ڪيچ ڪري انهن کي اسان تائين منتقل ڪري ، ڇاڪاڻ ته اهي سڀئي لفظ ، ڪلما ۽ جملا فضا ۾ موجود آهن ۽ فضا پنهنجي دل ۾ انهن کي محفوظ ڪري رکيو آهي ، ان ڪري جمادات به پاڻ ۾ هڪ قسم جو احساس ۽ شعور رکن ٿا ، ۽ جيڪڏهن ڪو انسان ملڪوتي نگاهه جو مالڪ هجي ته ڪنهن به وسيلي کان بغير انهن آوازن کي ٻڌي ۽ ٻين تائين منتقل ڪري سگهي ٿو، قرآن مجيد جي هن آيت ۾ هن مطلب ڏانهن اشارو ڪيوويو آهي ، “تُسَبِّحُ لَهُ السَّمَاوَاتُ السَّبْعُ وَالأَرْضُ وَمَن فِيهِنَّ وَإِن مِّن شَيءٍ إِلاَّ يسَبِّحُ بِحَمْدَهِ وَلَـکِن لاَّ تَفْقَهُونَ تَسْبِيحَهُمْ [1] ست ئي آسمان، زمين ۽ جيڪو ڪجهه انهن ۾ آهي اهي خدا جي تسبيح ٿا ڪن ، ۽ (ڪائنات جي ) هر شيءِ خدا جي تسبيح ڪري ٿي ، پر توهان انهن جي تسبيح نه ٿاسمجهو.

ها ! البته اهي هستيون جن جي اکين آڏو دنياوي پردا ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿا ڪري سگهن ، اهي ملڪوتي نگاهن سان اهو ڪجهه ڏسن ٿا جيڪو ٻيا نه ٿا ڏسي سگهن ، حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا : انّا لنرى انّ تنقض الجدار هو تسبيحه [2] اسان ديوار جي ڏرڻ جو آواز ڏسون ٿا ۽ اها انهي جي تسبيح آهي.

قرآن مجيد جي هڪ ٻي آيت ۾ ارشاد ٿئي ٿو: أَلَمْ تَرَأَنَّ اللَّهَ يسَبِّحُ لَهُ مَن فِى السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَالطَّيرُ صَافَّاتٍ کُلٌّ قَدْ عَلِمَ صَلَاتَهُ وَتَسْبِيحَهُ [3]ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ جيڪا مخلوق آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سا خدا جي تسبيح ڪري ٿي ، ۽ (آسمان هيٺيان ) پکي پرواز جي وقت الله جي تسبيح ڪن ٿا ، هر هڪ پنهنجي پنهنجي نماز ۽ تسبيح کي ڄاڻي ٿو.

هن آيت مان اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته هر شيءِ خدا جي تسبيح ڪري ٿي ايستائين جو پکي پکڻ به الله سائين جي عبادت ڪن ٿا ، ۽ انهن جي نماز آهي جنهن کي سٺي نموني ڄاڻن ٿا . حضرت امام جعفر صاددق عليه السلام جن فرمائن ٿا : نهى رسول الله صلى الله عليه و اله عن ان توسم البهائم فى وجوهها و ان يضرب وجوهها فانها تسبح بحمد ربها ” [4] حضرت رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جن جانورن جي منهن تي تازيانو يا اهڙو ڌڪ هڻڻ جو نشان ٺهي وڃي ان کان منع ڪندا هئا ، ڇاڪاڻ ته اهي ان منهن سان الله سائين جي تسبيح پڙهن ٿا . ۽ اهڙي طرح سندن فرمان مبارڪ آهي : ما من طير يصاد فى بر و لا بحر و لا شيى ء يصاد من الوحش الا بتضييعه التسبيح ” [5]خشڪي يا دريا ۾ جيڪو به حيوان شڪار ٿئي ٿو ته هو خدا جي تسبيح ڪرڻ کان محروم ٿي وڃي ٿو .

پر ڪجهه ماڻهو ڪن هستين جي معجزي سان ٻي مخلوق جي تسبيح ٻڌن ٿا ، جيئن ته ابن عباس کان روايت آهي ته حضرموت جا ڪجهه سرڪاري عهديدار پاڻ سڳورن (ص) جن وٽ آيا ۽ اهو چوڻ لڳا: اسان کي ڪيئن خبر پوي ته توهان الله جا رسول آهيو ؟ ته پاڻ سڳورن (ص) جن پنهنجي مٺ ۾ ڪجهه پٿريون کڻي فرمايائون : هي گواهي ڏينديون ته آئون الله جو رسول آهيان ته ان وقت پٿرين پاڻ سڳورن (ص) جن جي هٿ مبارڪ تي تسبيح ڪئي ۽ سندن رسالت جي گواهي ڏنائون.[6] ۽ قرآن مجيد به پٿرن جي باري ۾ فرمائي ٿو: وَإِنَّ مِنَ الْحِجَارَهِ لَمَا يتَفَجَّرُ مِنْهُ الأَنْهَارُ وَإِنَّ مِنْهَا لمَا يَشَّقَّقُ فَيَخْرُجُ مِنْهُ الْمَاءُ وَإِنَّ مِنْهَا لَمَا يهْبِطُ مِنْ خَشْيهِ اللّهِ [7]ڪجهه پٿر اهڙا آهن جن مان نهرون ڦٽن ٿيون ۽ ڪجهه اهڙا آهن جيڪي ڦاٽندا آهن ته انهن مان پاڻي نڪرندوآهي، ۽ ڪي وري خدا جي خوف کان ( جبلن جي چوٽين کان ) هيٺ لهن ٿا.

حقيقت اها آهي ته پٿرن جي شعور ۽ احساس واري قوت ايتري ته بلند آهي جو پنهنجي پرودگار جو خوف انهن مٿان غالب آهي. ان حساب سان جيڪڏهن تاريخ ۾ آيو آهي ته جمادات بلڪه هر شي حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت تي روئي ڏنو ته ان کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي .جيئن زرارهه روايت ڪري ٿو ته امام جعفر صاق عليه السلام جن فرمايو: يا زاره ان السماء بکت على الحسين اربعين صباحا بالدم؛ و ان الارض بکت اربعين صباحا بالسواد؛ و ان الشمس بکت اربعين صباحا با الکسوف و الحمره؛ و ان الجبال تقطعت و انتثرت؛ و ان البحار تفجرت و ان الملائکه بکت اربعين صباحا على الحسين عليه السلام، و ما اختضبت منا امراه و لا ادهت و لا اکتحلت و لا رجلت حتى اتانا راس عبيد الله بن زياد و مازلنا فى عبره بعده.... [8]

اي زرارهه آسمان امام حسين عليه السلام تي چاليهه ڏينهن خون رُنو، زمين چاليهه ڏينهن ڪاري آنڌي سان ماتم ڪيو، سج چاليهه ڏينهن گرهڻ ۽ ڳاڙهو ويس ڪري گريو ڪيو ،جبل ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ٽڙي پکڙي ويا ، دريا ۽ سمنڊ ڦاٽي پيا ،۽ ملائڪن چاليهه ڏينهن لڙڪ وهايا ، اسان اهلبيت عليهم السلام مان ڪنهن به بيبي نه مٿي تي تيل هنيو ، نه اکين ۾ سرمو پاتو ۽ نه ئي وارن ۾ ڦڻي هنئي ، جيستائين اسان جي سامهون عبيدالله بن زياد (ملعون) جو سر نه آيو ، ۽ ان کان پوءِ لڳاتار روئندا رهيا آهيون.....

هڪ روايت ۾ آيو آهي : لما قتل الحسين عليه‌السلام مطرت السماء مطراً کالدم احمرت منه البيوت و الحيطان ” [9]جڏهن امام حسين عليه السلام جن شهيد ٿيا ته آسمان تان خون جهڙو مينهن وُٺو ، جنهن جي ڪري گهر ۽ ديوارون رنگين ٿي ويون . ۽ ٻي روايت ۾ هن ريت آيو آهي : انّ الشّمسَ کانت حَمراء کانَّها دم عبيط امام حسين عليه السلام جن جي شهادت تي سج تازي خون وانگر ڳاڙهو ٿي ويو .۽ هڪ روايت ۾ آيو آهي : انّه لمّآ مضي الحسين بکت عليه السموات السبع و ما فيهنّ‌ و الارضون السبع و ما فيهنّ و ما بينهنّ و ما ينقلب في الجنه و النار من خلق ربنا و مايري و ما لايري الا البصره و دمشق و آل عثمان[10] جڏهن امام حسين عليه السلام جن شهيد ٿيا ته ست ئي آسمان زمين ۽ جيڪا مخلوق انهن ۾ ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾هئي ،جنت ۽ جهنم جي هر مخلوق ،۽ جيڪا مخلوق اک سان ڏسجي سگهجي ٿي ۽ جيڪا نه ٿي سگهجي سڀني گريو ڪيو سواءِ بصري ، شام ۽ آل عثمان جي .

البته اهو ياد رکڻ گهرجي ته هر شيءِ جو گريو پنهنجي حساب سان هوندو آهي ، جنن ،پکين ، جانورن ۽ هراها مخلوق جيڪا اک رکي ٿي ان جو گريو انسانن جي گريي وانگر آهي جيئن ته روايت ۾ آيو آهي: بکت الانس والجنّ و الطير و الوحوش علي الحسين بن علي عليه‌السلام حتي ذرفت دموعها[11] انسان ، جن ، پکي ۽جانور امام حسين عليه السلام تي ايترو ته رنا جوسندن اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويا.

حضرت علي عليه السلام جن فرمائن ٿا : منهنجا ماءُ پيءُ حسين (عليه السلام) تان قربان جيڪو ڪوفي جي پٺين پاسي شهيد ڪيو ويندو ، خدا جو قسم ڏسي رهيو آهيان حيوان سندس قبر مبارڪ مٿان گردن رکيو ويٺا آهن ، ۽ جنگل جا جانور صبح تائين مٿس گريو ڪري رهيا آهن ، خبردار جوساڻس جفا ڪيو. [12]

روايتن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته فرشتا به سندن شهادت تي روئن ٿا . ايستائين جو جهنم به سندن شهادت تي گريو ڪيو. ابو بصير روايت ڪري ٿو ته حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ سندن خدمت ۾ ڪجهه عرض ڪري رهيو هوس ته ان دوران سندن هڪ فرزند اندر آيو ، امام عليه السلام جن کيس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي سيني سان لڳايائون ۽ بوسا ڏيڻ لڳا ۽ کيس مخاطب ٿي فرمايائون :

خدا ان کي حقير جيڪو توهان جي توهين ڪري ۽ جن توهان مٿان ظلم ڪيا تن کان انتقام وٺي ۽ جيڪو توهان جي توهين ڪري تنهن کي الله ذليل ۽ خوار ڪري ۽ جيڪي توهان سان جنگ ڪن تن تي خدا لعنت ڪري ، ۽ خدا توهان جو ولي ، حافظ ۽ مددگار رهي ، (دنيا جي ) عورتن ، نبين ، صديقن ، شهيدن ۽ آسمان جي فرشتن توهان تي تمام گهڻو گريو ڪيو، تنهن کان پوءِ پاڻ رُنا ۽ فرمايائون :اي ابو بصير جڏهن حسين عليه السلام جي اولاد مان ڪنهن تي نگاهه ٿي پوي ته ان مصيبت جي ڪري جيڪا مٿن ۽ سندن اولاد مٿان آئي منهنجي اهڙي حالت ٿي وڃي ٿي جنهن جي ڪري پاڻ کي سنڀالي نه ٿو سگهان.

اي ابوبصير !فاطمه سلام الله عليها حضرت حسين عليه السلام تي رنيون ۽ اهڙي فرياد بلند ڪئي هيائون جو ان جي ڪري جهنم فرياد بلند ڪئي جو جيڪڏهن ان جا محافظ فرشتا ان جو آواز نه ٻڌن ها ۽ مٿس قابو پائڻ لاءِ تمام جلدي تيار نه ٿين ها ته جهنم پنهنجو شعلو ٻاهر ڪڍي ها ، يا پنهنجو دونهن موڪلي ها جنهن جي ڪري سڀئي زمين وارا تباهه ۽ برباد ٿي وڃن ها ، تنهنڪري جيستائين دوزخ روئڻ واري حالت ۾ هوندي آهي ته ان جا محافظ فرشتا ان جي حفاظت ڪندا رهن ٿا ،۽ ان جي درن کي مضبوطي سان پڪڙيو ويهندا آهن ، ۽ تنهن هوندي به جهنم تيستائين خاموش نه ٿي ٿئي جيستائين حضرت زهرا سلام الله عليها خاموش نه ٿين ، ۽ نزديڪ هو جو دريا ۽ سمنڊ ٽٽي پون ها ۽ هڪٻئي ۾ گڏجي وڃن ها ، ۽ دريا جي هر قطري مٿان هڪ فرشتو محافظ آهي ، ۽ جڏهن به فرشتا انهن جي آواز کي ٻڌن ٿا ته پنهنجي پرن سان ان کي خاموش ڪري ڇڏين ٿا ۽ ان تي قابو پائي ٿا وٺن ۽ هڪٻئي ۾ گڏجڻ کان بچائي ٿا وٺن،ان ڊپ کان ته جيئن (انهن جي ڇولين ) سان دنيا ، انهن ۾ موجود مخلوق ۽ زمين تي رهڻ واري مخلوق تباهه ۽ برباد نه ٿي وڃي ، ۽ دريائن جي گريي جي ڪري فرشتا رحم ڀرئي انداز ۾هميشه روئندا رهن ٿا ۽ الله سائين کي ٻاڏائيندا رهن ٿا ۽ عرشي مخلوق به روئندي رهي ٿي ،فرشتن (جي روئڻ ) جون آوازون بلند آهن ، جيڪي زمين وارن تي خوف کائيندي هميشه خدا جي تقديس ڪندا رهن ٿا ، جو جيڪڏهن انهن جو آواز زمين تي اچي وڃي ته زمين واري مخلوق جون فريادون بلند ٿي وڃن ها ، جبل ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي وڃن ها ۽ زمين پنهنجي رهڻ وارن کي لوڏي ڇڏي ها . [13]

حوالا.......



[1] _ اسراء آيت 44

[2] _ تفسير برهان: ج 4 ح 2 ص 568 ـ تفسير عياشي : ج 2 ص 316 ح 79

[3] _ سوره نور: 41.

_تفسير عياشي / ج 1 / ص 294[4]

_تفسير عياشي ، ج 1، ص 294.[5]

[6] _ مناقب اين شهر آشوب ج 1 ص 90

[7] _ سوره‌ بقره:74

[8] _ بحارالانوار ج45/ص206 باب ما ظهر بعد شهادته عليه‌السلام

[9] _ ڪامل الزيارات: ص 79

[10] _ ڪامل الزيارات: ص 80، ح 5ـ بحارالانوار: ج 45، ص 205 ح 8 باب ما ظهر بعد شهادته عليه‌السلام.

[11] _ساڳيو حوالو

[12] _ بحار الانوار ج 45 ص 205 ح 9 باب ما ظهر بعد شهادته عليه‌السلام- ڪامل الزيارات باب 26 ص 79 .

[13] _ بحارالانوار ج 45 ،‌باب ماظهر بعد شهادته عليه‌السلام