Get Adobe Flash player

مقدمو : هن مختصر تحرير ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته امام حسين (ع) جي عظمت ۽ فضيلت کي قرآن پاڪ جي آيتن مان ثا بت ڪيو وڃي ۽ انهن آيتن جي تفسير ۾ شيعه سني عالمن جي تفسيرن کي ذڪر ڪيو ويو آهي اميد ته اها ڪاوش ڌڻيءَ در قبول پوندي

جيئن ته امام حسين (ع) سيد الشهداء جي شان ۽ عظمت لاءِ قرآن ۾ ڪيتريون آيتون موجود آهن جن مان اسان هتي ڪجهه اهم آيتن کي هتي ذڪر ڪريون ٿا .

1_ آيت مودة :

الله سائين قرآن پاڪ ۾ ارشاد ٿو فرمائي:

قل لا اسئلڪم عليه اجرا الّا المودّ ة في القربى [1]

چئو ته اوهان کان ان(رسالت پهچائڻ ) تي ڪوبه اجر نه ٿو گھران توهان سواءِقريبن سان مودة جي.

 

تفسير:

احمد بن حنبل مسند حنبل ۾ ۽ ابو نعيم حافظ ثعلبي طبراني ، حاڪم مرازي ،شبراوي،ابن حجر،زمخشري،ابن منذر،ابن ابي حاتم،ابن مردويه ۽ سيوطي ۽ ٻين ڪيترئن ئي اهل سنت جي عالمن پنهنجي ڪتابن ۾ ابن عباسکان نقل ڪيو آهي ته جڏهن هيءَ آيت نازل ٿي ته اصحابن چيو اي الله جا رسول (ص) جن تنهنجي قريبن جي محبت اسان مٿان واجب ٿي آهي،اهي ڪير آهن ؟ انهيءَ سوال جي جواب ۾ رسول خدا (ص) فرمايو ته اهي علي،فاطمه ۽سندس ٻه فرزند يعني حسن ۽ حسين آهن[2]

انهيءَ کان وڌيڪ هي ته امام شافعي محبت اهل بيت (ع) جي باري ۾ چوي ٿو ته:

يا اهل بيت رسول الله حبکم فرض من الله في القر آن انزله کفاکم من عظيم القدر انکم من لم يصلّ عليکم لا صلوٰة له

اي رسول خدا (ص ) جا اهل بيت توهان جي محبت الله سائين قرآن پاڪ ۾ واجب ڪئي آه ۽ توهان جي عظمت لاءِاهو ڪافي آهي تهجيڪو توهان تي درود نه موڪلي سندس نماز جائز ناهي [3]

معروف شيعه مفسر علامه طبرسي پنهنجي تفسير مجمع البيان ۾ حاڪم حسڪانيءَ جي ڪتاب شواهد التنزيل کان نقل ڪري ٿو ته رسول خدا (ص) فرمايو : الله نبين کي مختلف وڻن مان پيدا ڪيو آهي جڏهن ته مون ۽ علي (ع) کي هڪ وڻ مان پيدا ڪيو آهي آئون ان وڻ جو اصل آهيان ۽ علي (ع) ان جي شاخ آهي ۽ فاطمہ ان ميوي پيدا ٿيڻ جو سبب آهي حسن (ع) ۽حسين (ع) ان اجا ميوا آهن ۽ شيعه ان وڻ جا پن آهن ۽ پوءِ وڌيڪ فرمايائين ته جيڪڏهن شخص صفا ۽ مروه جي وچ ۾ هزار سال ڊوڙي ۽ وري هزار سال الله جي عبادت ڪري ايستائين جو پراڻي مشڪ وانگر ٿي وڃي پر جيڪڏهن اهلبيت سان محبت نه رکندو هجي ته الله سائين ان کي اونڌي منهن دوزخ ۾ اڇلائيندو انهي کان پوءِ هي آيت تلاوت فرمايائون قل لا اسئلکم عليه اجرا الا المودة في القربى [4]

اهڙي طرح زمخشري تفسير ڪشاف ۾ محبت اهلبيت جي باري ۾ هڪ حديث نقل ڪئي آهي . انهي حديث کي فخر رازي ۽ قرطبي به پنهنجن تفسيرن ۾ زمخشري کان نقل ڪيو آهي جنهن ۾ مقام اهلبيت ۽ سندن محبت جي عظمت روشن ٿئي ٿي. حديث ڪجھ هن ريت آهي ته جيڪو شخص آل محمد جي محبت ۾ هن دنيا مان ويندو اهو شهيد آهي. آگاه رهو! ته جيڪوبه شخص آل محمد جي محبت ۾ هن دنيا مان هليو ويو،الله ان جا سڀئي گناه بخشي ڇڏيندو. آگاه رهو! ته جيڪو شخص آل محمد (ص) جي محبت ۾ هن دنيا مان ويو، اهو ڄڻ توبه جي حالت م ويو آگاه رهجو ته جيڪو به شخص هن دنيا مان اهلبيت (ع) جي محبت ۾ ويو،اهو مؤمن ڪامل وانگر دنيا مان ويو ،آگاه رهو جيڪو به اهل بيت جي محبت ۾ هندنيا مان ويو ،موت جا فرشتا کيس جنت جي خوشخبري ڏيندا.

۽ انهي کان پوءِ کيس نڪير ۽ منڪر به خوشخبري ڏيندا. آگاه رهو جيڪو آل محمد (ص) جي محبت ۾ هندنيا مان ويو ،کيس احترام سان جنت ڏانهن موڪليو ويندو ائين،جيئن ڪنوار کي مڙس ڏانهن وٺي ويندا آهن . آگاه رهو !جيڪو به آل محمد (ص) جي محبت ۾ هن دنيا مان هليو ويو ته سندس قبر ۾ جنت جا ٻه دروازا کوليا ويندا .آگاه رهو ! جيڪو به آل محمد (ص) جي محبت ۾ هن دنيا مان ويو ته الله سائين سندس قبر کي رحمت جي فرشتن جي زيارتگاه قرار ڏيندو . آگاه رهجو جيڪو به آل محمد (ص) سان بغض ۽ دشمني واري حالت ۾ هن مان ويو ته اهڙي ئي حالت ۾ کيس محشر جي ميدان ۾ آندو ويندو۽ سندس پيشانيءَ تي لکيل هوندو ته هي شخص الله جي رحمت کان مايوس آهي. آگاه رهجو! جيڪو به شخص آل محمد (ص) جي بغض ۽ دشمني جي حالت م هن دنيا مان مري ويو، اهو ڪافر ٿي دنيا مان ويو. آگاه رهجو جيڪو به آل محمد (ص) سان بغض ۽ دشمني واري حالت ۾ هن دنيا مان ويو اهو شخص جنت جي خوشبوبه نه سگھيندو .[5]

2_آيت تطهير:

الله سائين قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو ته:

انّما يريد الله ليذهب عنکم الرّجس اهل البيت و يطهرکم تطهيرا [6]

الله فقطاهو چاهي ٿو ته توهان اهلبيت کان هر قسم جي پليديءَ کي پري رکي ۽ توهان کي ائين پاڪ رکي جيئن پاڪ رکڻ جو حق آهي

(رجس) يعني ناپاڪ شيءِ ڪافي جڳھن تي(رجس) گناھ، شرڪ،بخل،حسد يا باطل عقيدي جي معنى ۾ به آيو آهي . ۽ رجس تي الف لام جنس آهي يعني هر طرح جي ناپاڪائي کي شامل آهي. جڏهن ته تطهير يعني (پاڪ ڪري ڇڏڻ ) هتي نجاست ۽پليديءَ کان پري رکڻ تي تاڪيد ٿيل آهي . يعني الله پاڪ اهلبيت (ع) کي هر نا پاڪائي کان پري رکي ڪري پاڪ رکيو آهي.

هنآيت ۾ جيڪو ٻيو اهم لفظ استعمال ٿيل آهي اهو اهلبيت (ع) آهيعلماء اسلام ۽ قرآن جا مفسّر انهي ڳالھ تي اتفااق رکن ٿا ته اهو اشارو اهلبيت (ع) ۽ پيغمبر ڏانهن آهي ۽ اها شيءِ ظاهري آيت مان سمجھ ۾ اچي ٿي اهلبيت (ع) مطلق آهي پر انهن جي با وجود قرآئن ۽ نشانيون موجود آهن جيڪي هن آيت کان پهريان ۽ پوءِ اچي ڪري صاف ظاهر ٻڌائن ٿيون ته بيت مان مراد رسول خدا(ص) جو گھر آهي. جيئن ڪيترن ئي شيعه سني ڪتابن ۾ به موجود آهي هي آيت صرف پنجن ماڻهن سان مخصوص آهي۽ اهي هي آهن رسول خدا (ص) علي (ع) فاطمہ (س) حسن ۽حسين عليهم السلام .

آيت الله مڪارم شيرازي حفظہ الله پنهنجي تفسير ۾ لکي ٿو ته هي آيت صرف انهن پنجنن سان مخصوص ۽ ٻيو ڪوبه ان ۾ شامل نه آهي[7]

شيعه سني ڪتابن ۾ متواتر حديثن مان اهو صاف ظاهر آهي ته آية تطهير انهن پنجن شخصن تي جيڪي چادر ڪساء جي هيٺ هئا نازل ٿي .۽ حديثون جيڪي هن آيت جي تفسير ۾ وارد ٿيون آهن اهي امام حسين (ع) جي جلالت ۽ عصمت تي دلالت ڪن ٿيون.

مشهور ۽ معروف سني دانشمند حاڪم حسڪاني شواهد التنزيل ۾ مختلف روايتن ۽ طريقن سان هن آيت جي شان نزول کي نقل ڪيو آهي ته هيءَ آيت انهن لاءِ آهي جيڪي رسول الله سان گڏ چادر هيٺ گڏ ٿيا يعني حضرت علي،بيبي فاطمه،امام حسن ۽ حسين عليهم السلام [8]

ڪربلا جي واقعي کان پوءِ جڏهن امام حسين (ع) جي سر مبارڪ جي جسارت ۽ گستاخي ڪئي وئي ته اتي ويٺل وائله بن اسقع اٿي بيٺو ۽ چيائين ته خدا جو قسم آئون هميشه علي (ع) فاطمہ (س)حسن ۽ حسين (ع) کي دوست رکان ٿو ڇاڪاڻ تهآئون هڪ ڏينهن الله جي رسول (ص) سان ملاقات ڪرڻ لاءِ سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس. پاڻ سڳورا (ص) بيبي امّ سلمه جي گھر ۾ موجود هئا . ٿوري دير ۾ امام حسن (ع) آيو ته مون ڏٺو رسول اڪرم (ص) ان کي پنهنجي جھولي ۾ ساڄي طرف کان ويهاريو ۽ سندس منهن مبارڪ کي چميائنس . ان کان پوءِ امام حسين (ع) آيو انهيءَ کي پنهنجي جھولي ۾ کاٻي طرف ويهاريائين ۽ سندس منهن مبارڪ کي چميائنس ان کان پوءِ حضرت فاطمہ (س) آئي ان کي پنهنجي سامهون ويهاريائين پوءِ حضرت علي (ع) کي سڏايائين ۽ پاڻ فرمايائونانّما يريد الله ليذهب عنڪم الرجس اهل البيت ويطهّرکم تطهيرا .[9]

واحدي اسباب نزول ۾، مناقب ۾ ۽ طبراني نقل ڪيو آهي ته آيہ تطهير پنجن ماڻهن جي حق ۾ نازل ٿي آهي (محمد (ص) علي (ع) فاطمہ (س) حسن (ع) حسين (ع) [10]

هي آيت ۽ متواترحديثون حضرت امام حسين (ع) جي عصمت تي دلالت ڪن ٿيون ۽ اهو به ثابت ڪن ٿيون ته امام حسين (ع) جو هر عمل قدم صحيح ۽برحق آهي

3_ آيه مباهله

مَنْ حَآجَّكَ فِيهِ مِن بَعْدِ مَا جَاءكَ مِنَ الْعِلْمِ فَقُلْ تَعَالَوْاْ نَدْعُ أَبْنَاءنَا وَأَبْنَاءكُمْ وَنِسَاءنَا وَنِسَاءكُمْ وَأَنفُسَنَا وأَنفُسَكُمْ ثُمَّ نَبْتَهِلْ فَنَجْعَل لَّعْنَةُ اللّهِ عَلَى الْكَاذِبِينَ [11]

ان کان پوءِ به جو تو وٽ ڄاڻپ آئي جيڪو توسان اِن بابت جھڳڙو ڪري ته چؤ ته اچو ته (اسين) پنھنجن پُٽن ۽ اوھان جي پُٽن ۽ اسان پنھنجين عورت ۽ اوھان پنهنجي عورتن ۽اسان پنهنجي نفس کي ۽ اوھان پنهنجي نفس کي سڏيون، پوءِ مباهلو ڪريون ۽ دُعا گھرون پوءِ الله جي لَعنت ڪُوڙن تي ڪريون

اهي جيڪي آيتون امام حسين (ع) جي فضيلت ، عظمت ۽ بلندي تي دلالت ڪن ٿيون انهن مان آيه مباهله به هڪ آهي جڏهن نحران جي نصارى الله جي وجود جو انڪار ڪيو ۽ مسلسل ٽن ڏينهن تائين رسول خدا (ص) انهن کي سمجھائيندو رهيو پر نه مڃائون ته آيه مباهله نازل ٿي ۽ کين نجرانين سان مباهلي ڪرڻ جو حڪم مليو. لهٰذا رسول خدا (ص) . هنمباهلي ۾ پاڻ سڳوراحضرت علي،فاطمہ ،حسن ۽ حسين عليهم السلام کي ساڻ وٺي ويا جن سندن سچي نبي هجڻ جي تصديق ڪئي ۽ سندس دعا تي آمين چوڻ لاءِ حاضر ٿيا .جڏهن نجرانين رسول الله (ص) سان گڏ انهن مقدس هستين کي ڏٺو ته مباهلي کان انڪار ڪيائون ۽ جزيو ڀرڻ قبول ڪيائون.

 

4_ آيه نفس مطمئنه

يَآ أَيَتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّةُارْجِعِى إِلَى‏ رَبِّکَ رَاضِيَةً مَّرْضِيَّةً فَادْخُلِى فِى عِبَادِى وَادْخُلِى جَنَّتِى‏

اي نفس مطمئن تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِي ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي.تنھنڪري (تون) منھنجي خاص ٻانھن ۾شامل ٿي ٿيءُ ۽ منھنجي بھشت ۾ داخل ٿيءُ

امام جعفر صادق (ع) فرمائن ٿا سوره فجر کي هر واجب ۽ مستحب نماز ۾ پڙهو ڇاڪاڻ ته هي سوره حسين بن علي (ع) جي آهي جيڪوبه هن سوره کي پڙهندو سندس جنت ۾ درجا بلند هوندا ۽ امام حسين (ع) سان گڏ محشور ٿيندو . (9)[12] هتي هي ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته هن سوره کي امام حسين (ع) جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو شايد هي سبب هجي ته امام حسين (ع)نفس مطمئنهجو اهم مصداق آهي .انهي خاطر ليالي عشر (ڏھ راتيون ) جي هڪ تفسير محرم جي ڏهن ڏينهن سان ٿيل آهي جيڪي امام حسين (ع) سان مخصوص آهن [13]

حوالا................



[1]_(الشورى آيت 23)

[2]_الغدير ج 2ص 307

[3]_شرح المواهب زرقاني ج7ص7

[4]_مجمع البيان ج9ص43

[5]_تفسيرکشاف ج4ص 220تفسير فخر رازي ج27ص165تفسير قرطبي ج8 43کان 58 تائين

[6]_ احزاب 33

[7]_ تفسير نمونه ج 17 ص 293

[8]_شواهد التنزيل ج 2 ص31

[9]_صحيح مسلم ج 7 ص130

[10]_اسباب النزول ج 1 ص 368 فوائد السمطين ج 1 ص24

[11]_(آل عمران آيہ 61)

[12]_9) مجمع البيان ج 10 ص481

[13]_10)تفسير نمونه ج 26 ص439