Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 10 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

مقدمو:

ڪربلا جو ميدان اهو ميدان آهي جنهن پنهنجي مقدس مٽيءَ ۾ انهن ٻاهتر شهيدن جو خون سمايو آهي جن جي خون جي هرقطري مان وفا، شجاعت ۽مودت اهلبيت جا انمول سبق ملن ٿا. انهن شهيدن ۾ حضرت حبيب بن مظاهر به آهي .رسول الله (ص) جو هيءُ عظيم صحابي پنهنجي بزرگي،عظمت ۽ نوراني چهري ۾ پنهنجو مثال پاڻ هيو.جنهن پنهنجي جان،زبان ۽خون سان آل رسول(عليهم السلام) جي حفاظت ڪئي.هن مختصر تحرير ۾ اسان حضرت حبيب بن مظاهر جي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اميد ته ڌڻيءَ در قبول پوندي.

حضرت حبيب بن مظاهر حضرت علي عليہ السلام جي دور ۾

حضرت حبيب بن مظاهر رسول خداﷺ جي صحابه منجھان هيا جڏهن ته رسول خداﷺ جي رحلت کان پوء حضرت امير المومنين علي ابن ابي طالب جي خاص اصحابن ۾ سندن شمار ٿئي ٿو[1] پاڻ امام علي عه جي قيادت ۾ ڪيترين ئي جنگين ۾شريڪ ٿيا پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريائون. حضرت علي ابن ابي طالب جي پاڪ صحبت جي ڪري اسرار الاهي کان به واقف هيا . فضل بن زبيره کان هڪ روايت ۾ نقل ٿيو آهي ته هڪ دفعه حبيب بن مظاهر گھوڙي تي سوار ٿي اچي رهيو هو ته سامهون حضرت ميثم تمار مليس جيڪو پڻ گھوڙي تي سوار هيو. حضرت حبِيب بن مظاهر فرمايو ته آئون هڪ اهڙي شخص کي ڏسي رهيو آهيان جنهن جو ڪم کارڪون کپائڻ آهي. اهو شخص ڪجھ ڏينهن کان پوء علي عليہ السلام جي محبت ۾ کجي جي وڻ تي لٽڪيل هوندو .

حضرت ميثم فرمايو ته آئون به هڪ شخص کي ڏسان ٿو جنهن جو چهرو نوراني آهي ۽ ڏسان ٿو ته رسول خداﷺ جي پٽ جي مدد ڪندي شهيد ڪيو ويندو ۽ سندس سر ڪوفي ۾ ڦيرايو ويندو.اتي موجود ماڻهن جڏهن انهن ٻنهن جون ڳالهيون ٻڌيون ته هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته ٻئي ڪوڙ هڻي رهيا هئا ڀلا ڪنهن پنهنجو اچڻ وارو ڏينهن ڏٺو آهي ؟ ڪجھ دير کان پوء رشيد هجري اتي آيو ۽ ماڻهن کان پڇڻ لڳو ته ڇا توهان حبيب بن مظاهر ۽ ميثم کي ڏٺو آهي ته ماڻهن وراڻيو ته هي ٻئي هاڻي ڪجھ وقت پهريان گھوڙي تي سوار ٿي هتان گذريا آهن ۽ هي گفتگو ڪري رهيا هيا . رشيد فرمايو ته خدا ميثم تي رحم ڪري هو حبيب جي باري ۾ وساري ويٺو آهي ته جيڪو شخص حبيب کي قتل ڪندو اهو ٻين قاتلن کان هزار دينار وڌيڪ انعام حاصل ڪندو ته اهي ماڻهو هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته هي شخص انهن ٻنهي کان به وڌيڪ ڪوڙو آهي .

فضل (راوي ) چوي ٿو ته ڪجھ وقت کان پوء مون حضرت ميثم کي عمرو بن حُرَيث جي گھر جي سامهون وڻ تي ٻڌل ڏٺو ۽ حبيب بن مظاهر جو سر ڪوفي جي بازارن ۾ رلندي ڏٺم[2] حضرت حبيب بن مظاهر مولاء ڪائنات حضرت علي عليہ السلام سان گڏ ڪوفي ۾ آيا ۽ کائن پوء ڪوفي ۾ ئي رهڻ لڳا [3]

حضرت مسلم بن عقيل جي بيعت ڪرڻ

جڏهن حضرت مسلم بن عقيل ڪوفي ۾ آيا ته حضرت حبيب پنهنجي دوست مسلم بن عوسجه سان گڏ حضرت مسلم بن عقيل جي بيعت ڪندي فرمايائون ته “ رحمک الله قد قضيت ما في نفسک بواجز من القوم و انا (والله الذي لاالہ الا هو ) لعلى مثل انت عليہ [4] خدا توتي رحم ڪري تو پنهنجو وظيفوانجام ڏنو،خدا جو قسم جنهن کان سواء ڪوئي لائق عبادت ناهي ته اسان به پنهنجو وظيفو انجام ڏيندا سون . جڏهن عبيدالله بن زياد،ڪوفي جي حڪومت سنڀالي ۽ حضرت مسلم بن عقيل ۽ هاني بن عروہ جي شهادت ٿي وئي ته حضرت حبيب بن مظاهر پنهنجي قبيلي جي مدد سان ڪجھ ڏينهن لاء لڪي ويا ته جيئن مناسب موقعي تي امام حسين جي خدمت ۾ حاضر ٿئي.

حضرت حبيب جو امام حسين عليہ السلام جي خدمت ۾ پهچڻ

جڏهن امام حسين ڪربلا ۾ پهتا ته حضرت حبيب بن مظاهر پنهنجي دوست حضرت مسلم بن عوسجه سان گڏ ڪربلا جا راهي ٿيا پاڻ ڏينهن جوآرام ۽ رات جو سفر مخفيانه سفر ڪندا هئا ته ائين يزيدي فوج کان لڪيل هجن [5] نيٺ پاڻ ست محرم ڪربلا ۾ پهتا

حضرت حبيب ۽ بني اسد جو قبيلو

محمد بن ابي طالب کان روايت آهي ته حضرت حبيب جڏهن ڪربلا پهتو ۽ امام جي فوج تي نگاھ ڪرڻ کان پوءِ محسوس ڪيائين ته فوج تمام گھٽ آهي جڏهن ته دشمن جي فوج جيئن پوءِ تئين وڌي رهي آهي ته امام جي خدمت ۾ عرض ڪيائين ته مولى هتي ويجھو بني اسد جو قبيلو رهندو آهي اگر توهان اجازت ڏيو ته آئون انهن وٽ وڃان ۽ کين توهان جي مدد جي دعوت ڏيان. جيڪڏهن خدا کين هدايت ڪئي ته انهن کي وٺي توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيندس

امام طرفان اجازت ملڻ تي حضرت حبيب قبيلي بني اسد وارن وٽ ويو.جڏهن سڀ گڏ ٿيا ته حبيب هڪ خطبو ڏنو جنهن جو خلاصو هن ريت آهي : اي بني اسد وارو آئون توهان وٽ هڪ انمول شيءِ کڻي آيو آهيان جهڙي طرح ڪو شخص پنهنجي قبيلي لاء قيمتي شيءِ کڻي ايندو آهي

هي حسين آهي امير المؤمنين جو پٽ، فاطمه بنت پيغمبر جو نور نظر، هو هڪ ننڍڙي فوج سان آهي جيڪا مؤمنن جي فوج آهي ۽ غيرتمند فوج آهي هن توهان جي ويجھو (ڪربلا۾) خيمه لڳايا آهن ۽ دشمن جي هڪ وڏي فوج سندس پويان آهي جيڪا چاهي ٿي ته نورنبيءَ جي نواسي کي شهيد ڪري. توهان رسول خداﷺ جي عزت جي حفاظت ڪريو،خدا جو قسم اگر توهان سندس مدد ڪئي ته خدا توهان کي دنيا ۽ آخرت جي نعمتن سان نوازيندو .آئون توهان کي پنهنجو ٿو سمجھي ڪري هن سرفرازي جي دعوت ٿو ڏيان توهان جا جوان منهنجي اولاد وانگر آهن ۽ توهان جا بزرگ منهنجي لاء به عزت وارا آهن [6]

جڏهن حضرت حبيب جو خطبو ختم ٿيو ته عبدالله بن بشير اسدي اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته اي حبيب تو واقعاً اهڙي شيءِ آندي آهي جهڙي پنهنجا عزيز کڻي ايندا آهن خدا توکي جزاء خير ڏئي،آئون پهريون شخص آهيان جيڪو تنهنجي دعوت تي لبيڪ ٿو چوان . اهڙي طرح ٻيا به حضرت حبيب جي آواز تي لبيڪ چوندي اٿيا. ليڪن هڪ شخص منافقت جو ثبوت ڏيندي اتان اٿيو ۽ ابن سعد کي اچي ان واقعي جي خبر ڏني ته بني اسد جا ستر جوان،امام جي مدد جي لاء اچي رهيا آهن. جنهن تي عمر سعد پنج سئوسوار ارزق شبامي جي سرداري ۾ موڪليا ته جئين کين روڪي. يزيدي فوج رات جو فرات جي ويجھو بني اسد وارن جو محاصروڪيو ۽ جنگ ٿيڻ لڳي. جڏهن بني اسد وارن محسوس ڪيو ته اسان ان فوج سان مقابلو نٿا ڪري سگھون ته رات جي انڌيري کان فائدو وٺندي موٽي ويا[7] حضرت حبيب خالي هٿ امام حسين جي خدمت ۾ موٽي آيا ۽ مولا کي ان واقعي جي خبر ڏني ته مولا حسين جي لبن مبارڪن منجھان هي جملا جاري ٿيا “وما تشاءون الا ان يشاء ولا حول ولاقوة الا بالله [8]

حضرت حبيب جو ڪربلا جي ميدان ۾ مسڪرائڻ

شيخ ڪشي لکي ٿو ته حضرت حبيب بن مظاهر 10 محرم جي ڏينهن مسڪرائي رهيا هئا جڏهن ته هر طرف موت ئي موت نظر پئي آيو. برير بن خضير پڇڻ لڳو ته ڇا هي خوشي جو وقت آهي؟ ان تي حبيب فرمايو ته پوء اسان جي لاء ان کان وڌيڪ ڪهڙو وقت خوشي ۽ مسرت جو وندو ؟ آئون ته ڏسان پيو ته جيئن ئي هي تلوارون نيزا اسان جي ويجھو ٿا اچن تيئن ئي جنت جون نعمتون به چٽيون۽ صاف نظر ٿيون اچن[9]

امام حسين جي ڪلام جي حفاظت ڪرڻ

عاشور جي ڏينهن جڏهن امام حسين ظهر جي نمازادا ڪرڻ لاء مهلت گھري ته حصين بن تميم امام کي چوڻ لڳو ته اها نماز تنهنجي ڪنهن ڪم نه ايندي ته ان وقت حضرت حبيب ان ملعون کي فرمايو:اي شراب خور آل پيغمبر(ص) جي نماز قبول نه آهي،باقي تنهنجي نماز قبول آهي؟ان تي حصين بن تميم حملو ڪيو ته حبيب به مٿس حملو ڪيو جڏهن حبيب جي تلوار سندس منهن ۾ لڳي ان تي حصين زمين تي ڪري پيو ته يزيدي فوج حصين جي مدد ڪري کيس حبيب کان نجات ڏني

حضرت حبيب جي شجاعت ۽ شهادت

حضرت حبيب ڪربلا جي ميدان ۾ ڪيترن ئي دشمنان اهلبيت کي جهنم جو رستو ڏيکاريندي هي شعر پئي پڙهيا

انا حبيب و ابي مظاهر فارسا هيجا وحيب تسعر

انتم اعد عدّة و اکـــثر و نحن اوفي منکم و اصبر

نـحن اعلى حــجة اظهر حقا واتقى منکم و اعذر

آئون حبيب آهيان منهنجو بابو مظاهر آهي،ميدان جنگ سان ڀريل آهي هر طرف باھ آهي توهان تعداد ۾ ته اسان کان وڌيڪ آهيو پر اسان وفا ۾ توهان کان وڌيڪ آهيون

هي شعر چوندي تلوار هوا ۾ لهرائي رهيا هئا ته ان وقت بديل بن صريم تميمي سندن مٿان تلوار سان وار ڪي ۽ پنهنجي ڪجهه قبيلي وارن گڏجي سندن سر ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏيو [10]محمد بن قيس کان روايت آهي ته حضرت حبيب جي شهادت امام عليہ السلام لاء تمام مشڪل گذري پاڻ پنهنجي غم جو اظهار هن ريت فرمايو ”عندالله احتسب نفسي وحماة اصحابي “ آءُ پنهنجي ۽ پنهنجي اصحاب جون شهادتون ۽ مصيبتون خدا جي اڳيان حاضر ڪريان ٿو

سيعلموا الذين ظلموا اي منقلب ينقلبون



[1] عاشوره ص 451

[2] بحارالانوار ج 45 ص 92

[3] عاشوره ص 453

[4] ابثار العين في انصارالحسين ص 101

[5] عنصر شجاعت ج 2 ص 47

[6] ابصار العين في امام الحسين 102

[7] ابصار العين في انصار حسين ص 102

[8] انسان 76

[9] رجال الڪشي 79

[10]عنصر شجاعت ج 2 ص 57