Get Adobe Flash player

سن 61 هجريءَ ۾ حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي با وفا ساٿين سان نينوا جي سرزمين تي حق ۽ باطل جي اهم ترين معرڪي ۾ پنهنجي مقدس خون سان اها تاريخ رقم ڪئي جيڪا صديون گذرڻ باوجود پنهنجي پوري آب و تاب سان چمڪي رهي آهي ۽ سوين سالن گذرڻ کانپوءِ به اڄ دنيا جي لاءِ اوتري ئي ڪارساز آهي جيتري پنهنجي دور ۾ بڻي .قيام عاشور ا جا سبب ۽ علتون ڪهڙيون هيون ان سوال جو جواب اسان ڪنهن ٻئي جاءِ تي ئي ڏينداسين ليڪن هن مقالي ۾ اسان جي نظر ان واقعي کانپوءِ بالعموم انساني تاريخ ۽ خاص ڪري اسلامي دنيا تي ان واقعي جي ڇڏيل اثرن تي آهي ته اسلامي تاريخ جي ان خوني ترين حادثي اسلامي معاشري تي ڪهڙا اثر ڇڏيا؟ ڇا جنهن هدف لاءِ امام حسين عليه السلام ڪربلا جي رڻ پٽ کي سجايو اهو حاصل به ٿيو يا نه؟ تاريخ ۾ شايد ئي ڪو محقق ۽ دانشمند اهڙو گذريو هجي جنهن قيام عاشورا جي اسلامي معاشري ٿي ڇڏيل اثرن کان انڪار ڪيو هجي.قيام عاشورا جي نتيجي ۾ اسلامي دنيا ۾ اهو انقلاب آيو جنهن جي لهر صدين تائين قائم رهي.جنهن هردور ۾ پنهنجي اثرن کي گهري کان گهرو ڪندي .ڪربلا ۾ يزدي لشڪر جي ظاهري فتح کي جلد ئي اهڙي شڪست ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو جو شمشير مٿان خون جي اها فتح ڏسي دنيا اچرج ۾ پئجي وئي.نينوا جي رڻ پٽ ۾ ڪسجي ويل شهيدن جي خون سوين ۾ ميل ڏور يزدي محل جي پاڙن ۾ اهو زلزلو پيدا ڪيو جو ڏسندي ئي ڏسندي بنو اميه جي ڪوڙ ۽ فريب جي واريءَ تي ٺهيل ڪوڙي عظمت جو محل زمين بوس ٿي ويو ۽ ائين شام جي سرزمين تي بنو اميه جي اها تمام عزت۽ غرور خاڪ ۾ ملي ويو جيڪا هنن عمر جي زماني کان وڏي يزيد جي زماني تائين وڏي محنت ۽ ڪوشش سان حاصل ڪئي هئي.قيام عاشورا سبب شامين سميت پوري دنيا اڳيان بنو اميه جو اصل مڪروهه چهرو سامهون آيو ته جيڪي نبيءَ جي نانءَ تي سندس منبر جا وارث پيا سڏرائين سي ئي حقيقت ۾ اهي قاتل آهن جن جا هٿ آل رسول صلى لله عليه وآله وسلم جي خون سان رنگين آهن.

 

قيام عاشورا اسلامي معاشري تي ڪيترائي اثر ڇڏيا آهن جن جي بيان ۾ اسان جي بزرگ عالمن سوين صفحن تي مشمتل ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن ليڪن هن مختصر مقالي ۾ اسان قيام عاشورا جي اسلامي معاشري مٿان ڇڏيل تربيتي اثرن مان ڪجهه مکيه اثرن کي ذڪر ڪنداسين.

قيام عاشورا جا مکيه تربيتي اثر

1. ذلت جي زندگيءَ کان عزت جو موت بهتر

قيام عاشور ا جو مهم ترين اثر ماڻهن ۾ ان شعور جو پيدا ٿيڻ هئو ته ذلت،حقارت جي ڀرئي ماحول ۾ گهٽجي زنده رهڻ کان آزاديءَ ڀري فضا ۾ عزت سان دنيا ڇڏڻ بهتر آهي .امام حسين عليه السلام طرفان ”هيهات من الذّلة “ جو نعرو انسانيت لاءِ اهو پيغام هيو ته انسان لاءِ هڪ زندگي اها آهي جنهن ۾ ذلت حقارت ۽ غلاميءَ جو ڳٽ پائي ّظالمن جي ها ۾ ها ملائي هر ظلم ۽ ستم تي خاموشي اختيار ڪجي فقط ان لاءِ ته جيئن سندس زندگي بچي پوي.جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ هڪ آزاد انسان وانگر عزت سان زنده رهڻ آهي جڏهن انسان مجبور ٿي وڃي ته انهن ٻنهي راهن مان ڪنهن هڪ رستي جو انتخاب ڪري ته حسيني پيروڪارن کي ذلت جي زندگيءَ تي عزت ڀرئي موت کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.ڪنهن ظالم جي ظلم خلاف ڪنڌ جهڪائڻ کان حق جي راهه ۾ سر ڪٽائڻ بهتر آهي.

امام حسين عليه السلام جو فرمان آهي ته ”الموت اولى من ركوب العار و العار اولى من دخول النار“[1] موت ذلت کي قبول ڪرڻ کان بهتر آهي ۽ ذلت دوزخ ۾ وڃڻ کان بهتر آهي.هڪ ٻئي جاءِ تي فرمائن ٿا لا و الله،لااعطيهم بيدى اعطاء الذليل و لا اقر اقرار العبيد [2]

خدا جو قسم! هرگز سندن هٿن ۾ ذليلن وانگر هٿ نه ڏيندس ۽ هرگز غلامن وانگر بيعت نه ڪندس

” الا و ان الدعى بن الدعى قد رکزنى بين‏السلة و الذلة..،هيهات منا الذلة “[3]

حراميءَ جي حرامي پٽ مون کي تلوار ۽ ذلت (مان هڪ کي اختيار ڪرڻ) تي مجبور ڪيو آهي... اسان هرگز ذلت کي قبول نه ڪنداسين.

شعر امام حسين عليه السلام جي خيالات جي عڪاسي ڪندي، ڪنهن شاعر ڪيڏو نه ڀلو شعر چيو آهي ته ” الحسين الذى راى الموت فى‏العز حياة و العيش فى الذل قتلا حسين اهو آهي جنهن عزت واري موت کي زندگي ۽ ذلت ڀرئي زندگيءَ کي موت سمجهو“

قيام عاشورا جي نتيجي ۾ اسلامي دنيا ۾ تقريبا سئو سالن جي طويل خاموشي ۽ سڪوت ٽٽو ۽ جيڪي ماڻهو جان بچائڻ ۽ موت جي خوف کان ظالمن اڳيان دٻجي خاموش هئا تن کي زبان ملي .رسول الله ص جي رحلت کان پوءِ پهرئين خليفن جي دور ۾ بالعموم ۽ خاص ڪري معاويي جي دور ۾ ماڻهن کان اظهار راءِ جو حق کسيو ويو حضرت ابوذر غفاري،عبدالله بن مسعود،حجر بن عدي،ڪميل بن زياد،ميثم تمار ۽ انهن جهڙا سوين سوين صحابي ظلم خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيا ويا.حڪمرانن جي انهن ظالمانه ڪارواين جي نتيجي ۾ امام حسين عليه السلام جي دور تائين ماڻهن ۾ ڪو اهڙو نه رهيو هيو جيڪو آزاديءَ سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهي يا حڪمرانن جي ڪنهن سڌي يا ڪڌي ڪم تي اعتراض واري سگهي .جيڪڏهن اها روش هلندي رهي ته اسلام دنيا ۾ اهو وقت پري نه هيو جو پوري قوم بنو اميه جي غلاميءَ ۾ هجي ها ۽ سندن جان مال ۽ عزت آبرو سندن هٿن مان نڪري حڪمرانن جي هٿن ۾ اچي ها. ليڪن امام حسين عليه السلام جي قيام جي نتيجي ۾ اها خاموشيءَ ٽٽي ۽ ماڻهن ۾ حق لاءِ آواز اٿارڻ .سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ ۽غلط کي ۽ صحيح کي صحيح چوڻ جي سگهه پيدا ٿي ۽ موت جوخوف ٽٽو جنهن جو نتيجو سوين تحريڪن جي صورت ۾ سامهون آيو جيڪي ظالم حڪومتن خلاف اٿيون جڏهن ته انهن سڀني تحريڪن جو نالو ”هيهات من الذلة“ .ئي هيو.

2. ظلم خلاف اٿي کڙو ٿيڻ گهرجي

قيام عاشورا جو ٻيون مهم تربيتي اثر ماڻهن ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻ هيو ته ظالم ڪيڏو به طاقتور ڇونه هجي سندس ظلم خلاف اٿي کڙو ٿيڻ گهرجي.ڪربلا ۾ ٻاهتر جي مقابلي ۾ لک کان وڌيڪ يزيدي ڪارندا موجود هئا ليڪن اهي ظلم خلاف اٿندڙن 72 ڄڻن کي جهڪائي نه سگهيا.تلوار،تير ۽ نيزن سان سندن سر کي بدن کان جدا ضرور ڪين. ليڪن انهن سرن کي جهڪائي نه سگهيا.سندن مضبوط ارادن کي ختم نه ڪري سگهيا.ظلم خلاف اهڙو احتجاج ۽ قيام سبب بڻيو جو قيام عاشورا هميشه لاءِ ظلم خلاف اٿڻ جي علامت تي ويو.

حضرت امام حسين عه حر ۽ سندس لشڪر کي نصيحت ڪندي حضرت رسول الله ص کان هيءَ حديث نقل فرمائن ٿا:

أيها الناس إن رسول الله (ص) قال من رأی سلطانا جائرا مستحلا لحرام الله ناكثا عهده مخالفا لسنة رسول الله يعمل فی عباد الله بالإثم و العدوان فلم يغير عليه بفعل و لا قول كان حقا علی الله أن يدخله مدخله .

اي انسانو!رسول الله ص جن فرمايو:جيڪو شخص ظالم حڪمران کي ڏسي جيڪو الله جي حرام کي حلال سمجهندو هجي،الله جي عهد کي ٽوڙيندو هجي ،رسول خدا جي سنت جي مخالف ڪندو هجي،ماڻهن سان ظالمانه رفتار رکي ليڪن هو پنهنجي قول يا فعل سان ان تي اعتراض نه ڪري ته الله کي حق حاصل آهي ته ساڻس (آخرت ۾) ان حڪمران وارو سلوڪ ڪري.

يعني امام حسين حر کي اهو ٻڌائڻ چاهين پيا ته هيءُ قيام اسانجو شرعي وظيفو آهي ته ظلم خلاف اٿون ۽ پنهنجي قول ۽ عمل سان رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جي قول کي پاڻي ڏيون.اهو ئي سبب آهي جو امام حسين عليه السلام ظالم سان گڏ ويهڻ کي پنهنجي لاءِ عار پيا سمجهن جڏهن ٿا ظالم خلاف وڙهندي موت کي سعادت پيا سمجهن.سندن هيءُ فرمان اڄ به زنده قومن لاءِ سر مشق آهي ته ” إنّي لا أري الْمَوْتَ إلاّ سَعادَة، وَ لاَ الْحَياةَ مَعَ الظّالِمينَ إلاّ بَرَماً. [4] (آءُ موت کي سعادت ۽ ظالمن سان گڏ زندگيءَ کي ننگ کانسواءِ ڪجهه نه ٿو سمجهان)

قيام عاشورا کانپوءِ ظالم حڪمرانن خلاف اٿندڙ تحريڪن ۾ قيام توابين،قيام مختار،قيام زيد بن علي جهڙين عظيم تحريڪون،قيام عاشورا جي نتيجي ۾ ئي وجود ۾ آيون جن ۾ الله جي مخلص ٻانهن وقت ظالم حڪمرانن خلاف جهاد جو علم بلند ڪيو ۽ پنهنجو ديني فريضو پورو ڪيائون

3.فتح ۽ شڪست هدف جي آهي

قيام عاشورا جو هڪ اهم پيغام دنيا وارن لاءِ اهو ڪنهن به جنگ ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي ظاهري فتح ۽ شڪست ۾ ناهي بلڪه هدف جي حاصل ٿيڻ يا نه ٿيڻ ۾ آهي.ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام ۽ سندن با وفا ساٿين سڀني پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري ڇڏيو.جڏهن ته يزيدي لشڪر کين شهيد ڪري ظاهر فتح تي جشن ملهايو ليڪن جلد ئي تاريخ ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته جنهن فتح تي يزيد ۽ يزديت جشن پئي ملهايو اها شڪست ۾ تبديل تي وئي جڏهن ته ڪربلا وارن جي ظاهري شڪست حيرت انگيز فتح ۾ تبديل ٿي وئي .جيڪا خون جي تلوار مٿان فتح هئي ڇو ته جنهن هدف لاءِ امام حسين ۽ سندن جانثار ساٿين قرباني ڏني اهو حاصل ٿي ويو آهي ماڻهن جي بي حسي ختم ٿي وئي،موت جو خوف ختم ٿي ويو،ظالمن خلاف ماڻهو اٿي پيا ۽ يزيد ۽بني اميه جو حقيقي چهرو ماڻهن اچي ويو ته ،ايستائين جو ڪربلا جي واقعي جو اصل محرڪ يزيد جنهن امام حسين عليه السلام جي شهادت تي جشن ٿي ملهايو مجبور ٿيو ته ڪوڙ جا ڳوڙها وهائي پنهنجي ئي ڪارندن ابن زياد ۽ عمر بن سعد کي ملامت ڪندي ڏوهي ٺهرائي ۽ پنهنجي صفائي پيش ڪري

4 جهالت ۽ گمراهيءَ مان نجات

قيام عاشورا جو هڪ اهم اثر قوم کي جهالت ۽ گمراهي ءَ کان نجات ڏيڻ آهي .امام حسين پنهنجي شهادت سان ماڻهن کي جهالت جي انڌهيرن ۽ گمراهيءَ جي کاهين مان ڪڍي علم ۽ هدايت جو نور جي لاٽ کي سندن دلين ۾ اجاگر ڪيو،زيارت اربعين جا جمله آهن ته ” و بذل مهجته فيک ، ليستنقذ عبادک من الجهالة و حيرة الضلالة[5](۽ هن تنهنجي راهه ۾ پنهنجو خون ڏنو ته جئين تنهنجي ٻانهن کي جهالت ۽ گمراهيءَ جي حيرت مان نجات ڏئي)

شهيد مرتضى مطهري جو چوڻ آهي ته اتي جهالت مان مراد اها ناهي ته ان دور ۾ ماڻهو اڻ پڙهيل هيا ۽ جيڪڏهن اهي پڙهيل لکيل هجن ها ته امام حسين عليه السلام شهيد نه ٿين ها بلڪه هتي جهالت عقل جي مقابلي ۾ آهي يعني ته امام حسين عليه السلام ماڻهن جي بي خبريءَ ڪري شهيد ٿيو،ٻين لفظن ۾ امام حسين ان ڪري شهيد ٿيو ماڻهن ۾ سن 61 هجريءَ تائين رونما ٿيندڙ واقعن کي تحليل ۽ تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت نه هئي جو هو بنو اميه ۽ معاويي جي گذريل پنجاه سٺ سالن ۾ ڪيل ڪڌن ڪمن جو تجزيو ڪري اهي سمجهي سگهن ٿا سندن لاءِ امام حسين عليه السلام بنواميه ۽ آل سفيان کان وڌيڪ بهتر اڳواڻ آهي.جيڪڏهن معاويه جي مڪر ۽ فريب تي ٻڌل ظاهري شخصيت جو شڪار نه ٿين ها،آل سفيان جي ڪڌن ڪمن کي نه وسارين ها ته هرگز امام حسين عليه السلام جي خلاف يزيد جو ساٿ نه ڏين ها ۽ ڪربلا ۾ ٿيندڙ ان عظيم سانحي جا خاموش تماشائي نه بڻجن ها.[6]

امام حسين عليه السلام پنهنجي قيام ذريعي ماڻهن کي سوچ ۽ فڪر ۽ هر حادثي جي تحليل ۽ تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت عطا ڪئي ته اوهان جي معاشري ۾ جيڪو به حادثو ٿئي ٿو ته ان بابت بيحس نه بڻجو بلڪه ” ارجعوا الى عقولکم [7] پنهنجي عقل ۽ شعور ذريعي ان جي تحليل ۽ تجزيو ڪريو ته ان واقعي جي پيش اچڻ سان توهان کي ڪهڙو فائدو ۽ ڪهڙو نقصان آهي ۽ پوءِ پنهنجي عقل مطابق عمل ڪريو.

5_ ماڻهن ۾ آل رسول عه جي محبت وڌڻ

الله تبارڪ و تعالى پنهنجي پياري رسول ص جي آل کي تمام وڏي عزت ۽ عظمت عنايت ڪئي ۽هئي جيڪا ماڻهن جي دلين ۾ سندن بي پناهه محبت جو باعث پئي بڻي جنهن ڪري رسول الله ص کانپوءِ جيڪو مقام آل رسول ص کي حاصل هيو سو ڪنهن ٻئي جي نصيب ۾ نه هيو.اهو ئي سبب آهي پاڪ رسول الله ص جي رحلت کانپوءِ جيڪي مسند خلافت تي قابض ٿيا تن کي سڀ کان وڏو خطرو ماڻهن جي دلين ۾ موجود آل رسول ع جي محبت کان ٿيو،انهن رسول الله جي حديثن کي ذڪر ڪرڻ تي پابندي هئين ۽ هر حڪومتي منصب کان آل رسول ص کي کان پري رکيو ۽ ايستائين جو معاويي جي دور ۾ نه فقط جعلي حديثون ٺهرايون ويون بلڪه منبرن تان حضرت علي عليه السلام ۽ سندن آل کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کي ديني فرِيضي طور ماڻهن جي سامهون پيش ڪيو.ته جئين ماڻهن جي دلين مان هميشه هميشه لاءِ آل رسول عه جي محبت نڪري وڃي .ليڪن قيام عاشورا گذريل پنجاه سالن دوران دشمنن جي سڄي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ محبت اهل بيت عليهم السلام کي وڌايو

جرمنيءَ جي معروف مسيحي محقق ”مسيو ماربين “ چوي ٿو:

قيام عاشورا جو مهمترين اثر اهو ته دين جي رهبري ٻيهر بني هاشم جي هٿ ۾ اچي وئي،۽ خاص ڪري امام حسين عليه السلام جي نسل ۾ باقي رهي ۽ تمام ٿورڙي عرصي ۾ معاوئي ۽ سندس جانشين جي ظالمانه حڪومت جو خاتمو آيو ڪجهه ئي عرصي ۾ بنو اميه جي قدرت پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ اهڙي نابود ٿي جو اڄ انهن جو نالو نشان ئي باقي ناقي ناهي ۽ جيڪڏهن اڄ تاريخي ڪتب ۾ سندن نالو ذڪر ٿئي ٿو ته سندن پويان هزارين لعنتون به لکيون وڃن ٿيون ۽ اهو سڀ ڪجهه امام حسين عليه السلام جي قيام جو ئي نتيجو آهي.“ [8]

حوالا................



[1] _ فرهنگ سخنان امام حسين عليه السلام ص 562

[3] _ نفس المهموم، ص 131

[4] _بحار الانوار، ج 44، ص 192

[5] _ مفاتيح الجنان ،زيارت اربعين

[6] _ حماسهء حسيني، استاد مطهري، ج 3 ص 47

[7] _ حماسهء حسيني، استاد مطهري، ج 3 ص 47

[8] _ ڪتاب ”درسي که حسين به انسان ها آموخت“ مان ورتل ڏسو صفحو 44