Get Adobe Flash player

سال 26 هجري قمري ۾ قمر بني هاشم حضرت ابوالفضل االعباس عليه السلام هن دنيا ۾ اکيون کوليون .سندن والدهبيبي فاطمه بنت حزام بن خالد بن ربيعه بن عامر ڪلبي آهي . جنهن جي ڪنيت امّ البنين آهي . حضرت فاطمة الزھرا سلام الله عليها جي شھادتکان ڪجھ عرصو بعد امير المؤمنين جناب عقيل کي فرمايو ته منهنجي لاءِ عرب جي هڪ بهادر خاندان مان رشتو ڳوليو وڃي جناب عقيل حضرت بيبي فاطمه ڪلابيه (امّ البنين )سان رشتو طيءِ ڪيو ۽ اھڙي طريقي سان شادي انجام ٿي. امير المؤمنين (ع) کي هن با عظمت خاتون مان چار پٽ،عباس،عثمان، جعفر ۽ عبدالله پيدا ٿيا حضرت عباس (ع) چئن ڀائرن ۾ سڀني کان وڏا هيا ۽ جناب فاطمه (امّ البنين ) جي خاندان اهلبيت (ع) سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت هئي جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏھن ڪربلا جي واقعي کان پوءِ حضرت امّ البنين کي سندن چئني پٽن جي شهادت جي خبر ڏني وئي ته فرمايائون تهمون کي مولا حسين (ع) جي خبر ٻڌايو. جڏهنکين امام حسين (ع) جي شهادت جي خبر ڏني وئي ته فرمايائون: منهنجي دل جون رڳون پاره پاره ٿي ويون منهنجي اولاد ۽ منهنجي هر شيءِ مولا حسين (ع) تان قربان!!

 

حضرت غازي عباس (ع) جي عظمت

اگر اهو ڏسڻ چاهيون ته حضرت عباس (ع) جوائمه معصومين وٽ ڇا مقام آهي ته سندن متعلق ائمه معصومين ( ع ) جا حديثن جو مطالعو ڪجي .انهن حديثن مان ڪجهه کي اسان هتي ذڪر ڪيون ٿا.

1_امام حسين عليه السلام

عاشور ي رات جڏھن دشمن مام حسين (ع) جي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ آيا ۽ عمر بن سعد للڪارڻ شروع ڪيو ته امام حسين (ع) حضرت عباس (ع) کي فرمايو ! اي منهنجا ڀاءُ: آءُ توتان قربان وڃان . گهوڙي تي سوار ٿي انهن ظالمن ڏانهن وڃو ۽ کائن چڇو ته ڇا ٿا چاهين ؟ ان روايت ۾ ٻه نڪتا اهم آهن هڪ اهو ته حضرت عباس (ع) جي شخصيت جي مدح تي دلالت ڪري ٿو،جڏهن ته ٻيو نڪتو اهو آهي ته مولا حسين:حضرت عباس (ع) کي پنهنجو نمائندو بڻائي ڪري دشمن جي لشڪر طرف موڪلين ٿا. جيڪي ٻئي ڳالهيون حضرت غازي عباس جي عظيم رتبي کي ٻڌائن ٿا.

اهڙي طرح عاشورا جي ڏينهن جڏهن حضرت عباس (ع) زخمي حالت ۾زين کان زمين تي آيا ته مولا حسين (ع) فرمايو:( الآن انڪسر ظهري وقلت حيلتي) يعني هينئر منهنجي چيلھ ٽٽي پئي ۽ منهنجو چارو گھٽجي ويو.اهو جملو پڻ حضرت عباس (ع) جي شخصيت ۽ امام (ع ) جي سندن مٿان بي پناهه اعتماد کي بيان ڪري ٿو

2_ امام زين العابدين عليه السلام

جڏهن امام زين العابدين (ع) نظر حضرت غازي عباس جي فرزند عبيد الله بن عباس تي پئي ته امام جي اکين کان ڳوڙها جاري ٿيا ويا ۽ پاڻ روئيندي فرمايائون رسول خدا ( ص ) لاءِ ڪوبه ڏينهن جنگ احدواري ڏينهن کان وڌيڪ سخت نه هيو ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن پيغمبر (ص) جو چاچو الله ۽رسول جو شينهن حضرت حمزه بن عبدالمطلب شهيد ٿيو. ان کان پوءِ پيغمبر (ص) لاءِ جنگ موته کان وڌيڪ سخت ڪو ڏينهن نه هيو ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن پيغمبر (ص)سوٽ حضرت جعفر بن ابي طالب (ع) شهيد ٿيو پوءِ امام زين العابدين (ع) فرمايو ته امام حسين (ع) لاءِ ان ڏينهن کان وڌيڪ سخت نه هيو جنهن ڏينهن 30هزار ماڻهو ساڻن وڙهن لاءِ آيا جيپنهنجي مسلمان هجڻ جو گمان پيا ڪن جڏهن ته انهن مان هرهڪ سندن خون جو پياسو هيو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي زور تي ،بغض ۽ ڪيني وچان تي کي شهيد ڪرڻ پيو چاهي.خدا رحمت نازل ڪري منهنجي چاچي عباس تي جنهن سچي قرباني ۽ ڏکيو امتحان ڏنو ۽ پنهنجي جان پنهنجي ڀاءَ تان قربان ڪري ڇڏي ايستائين جو ٻئي بازو به ڪٽرائي ڇڏيائين.(ان قربانيءَ عيوض) خداوند متعال جنت ۾ کيس ٻه پر عطا ڪندو جنهن سان پاڻ بهشت ۾ملائڪن سان گڏ پرواز ڪندو جھڙي طرح خدا حضرت جعفر بن ابي طالب (ع ) کي ٻه پر عطا ڪيا ۽ بيشڪ حضرت عباس (ع) خدا جي بارگاھ ۾ اھڙو مقام ۽ منزلت رکي ٿو جو قيامت جي ڏينهن تمام شهيد کيس ڏسي حسرت ڪندا .

3. حضرت امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه الشريف)

امام زمانه (ع) پنهنجي ان زيارت نامه ۾ جنهن کي شهداءِ ڪربلا ءِ لاءِ پڙهيواٿن حضرت عباس (ع) کيمخاطب ٿي فرمائن ٿا :

السّلام عـلى ابى الفـضل العـباس بن اميرالمؤ منين المواسى اخاه بنفسه الاخذ لعذه من امسه ، الفادى له ، الواقى السّاعى اليه بمائه المقطوعة يداه لعن اللّه قاتله يزيد بن الرّقاد الجهنى و حکيم بن الطّفيل الطّائى

منهنجو سلام هجي ابوالفضل عباس عليه السلام تي جيڪو اميرالمومنين جو فرزند آهي.جنهن پنهنجي ڀاءُ لاءِ قربان ڏئي،پنهنجي دنيا سان آخرت کي سنواريو،۽پنهنجي ڀاءُ مٿان فدا ٿيو.پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪيائين ايستائين جو سندن بازو ڪٽجي ويا.خدا جي لعنت هجي سندس قاتلن يزيد بن الرقاد الجهني و حڪيم بن طفيل الطائي مٿان.

حضرت غازي عباس (ع) جو علمي مرتبو

حضرت عباس ( ع ) ان خاندان ۾ اک کولي ۽ جيڪو علم ۽ حڪمت جو مرڪز هيو.جناب عباس (ع) امام علي (ع) ۽امام حسين (ع ) کان ڪسب فيض ڪيو علم جي اعليٰ مقام کي حاصل ڪيو.اهو ئي سبب آهي جو خاندان عصمت کان حضرت عباس( ع ) جي باري ۾ نقل ٿيل آهي ته زق العلم زقاء : جھڙِ طريقي هڪ پکي پنهنجي ٻچي کي سڌو سئنون کاڌو کارائيندو آهي اهڙي نموني جناب عباس (ع ) کي علم سيکاريو ويو آهي . علامه محقق شيخ عبدالله حقاني ڪتاب تنقيح المقال ۾ قمر بني هاشم جي علم ۽ تقوا جي باري ۾ فرمائن ٿا ته حضرت عباس ( ع) عادل،مورد اعتماد،با تقوا ۽پاڪ شخصيت آهن جن جوشمار ائمه معصومين عليهم السّلام جي فقيه ۽ دانشمند اولاد ۾ ٿئي ٿو.