Get Adobe Flash player

مهاڳ:

1994 عيسوي ۾ آيت الله جعفر سبحاني جي نگراني ۾ سيد رضا حسيني نسب هڪ ڪتاب تحرير ڪيو جنهن جو نالو”شيعه پاسخ مي دهد“رکيائين يعني ”شيعه جواب ڏين ٿا“ ان ڪتاب ۾ مختلف ديني ۽ ثقافتي سوالن جا بهترين جواب ڏنا ويا آهن۔ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو اسان هتي پيش ڪريون ٿا ۽ الله تعالى کان دعا آهي ته اسان کي هن ڪتاب جي پوري ڪرڻ لاءِ توفيق عنايت فرمائي. جيئن ته ڪتاب ۾ ذڪر ٿيل ڪجهه سوالن جا جواب  مختصر آهن ۽ ڪن جا جواب طويل آهن تنهنڪري اسان طويل جوابن وارن سوالن کي قسطن جي صورت ۾ آڻينداسين

پهريون سوال:”وعترتي اهل بيتي ......” صحيح آهي يا “و سنتي”..... ؟

سوال جي توضيح:

اسلامي دنيا ۾ خاص ڪري علم حديث جي دانشورن وٽ حديث ثقلين تمام گهڻي مشهور حديث آهي، جنهن کي محدثن پنهنجي ڪتابن ۾ ٻن طريقن سان نقل ڪيو آهي:

إِنِّي تَارِکٌ فِيکُمُ الثَّقَلَيْنِ کِتَابَ اللَّهِ وَ عِتْرَتِي أَهْلَ بَيتِي إِنْ تَمَسَّکْتُمْ بِهِمَا لَنْ تَضِلُّوا ...

إِنِّي تَارِکٌ فِيکُمُ الثَّقَلَيْنِ کِتَابَ اللَّهِ وَ سنتي إِنْ تَمَسَّکْتُمْ بِهِمَا لَنْ تَضِلُّوا ...

يعني اصل اختلاف هيٺين ٻن شين ۾ آهي

الف: ”ڪتاب الله و عترتي اهل بيتي“

ب: ”ڪتاب الله و سنتي“

لحاظه سوال اهو آهي ته انهن ٻنهي مان ڪهڙو جملو صحيح آهي يا ٻين لفظن ۾ وعترتي اهل بيتي ....” صحيح آهي يا “و سنتي”..... ؟

جواب:

پيغمبر اڪرم(ص) کان جيڪا حديث صحيح ۽ معتبر طريقي سان نقل ٿي آهي، ان ۾ لفظ “اهل بيتي” آيو آهي ۽ اها روايت جنهن ۾ ”اهل بيتي“ جي جڳهه لفظ “سنتي” آيو آهي، سنَد جي حوالي سان ناقابل قبول ۽غلط  آهي، جڏهن ته  جنهن حديث ۾ “و اهل بيتي” آهي ان جي سنَد مڪمل طور تي صحيح آهي.

لفظ  “و اهل بيتي”  واري حديث  جي سنَد

هن مضمون جي حديث کي ٻن وڏن محدثن نقل ڪيو آهي.

1_مسلم پنهنجي صحيح ۾ زيد بن ارقم کان نقل ڪري ٿو ته:هڪ ڏينهن پيغمبر اڪرم(ص) خم نالي هڪ تلاءَ_ جيڪو مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ آهي_ جي ڪناري هڪ خطبو ارشاد فرمايو،جنهن ۾ خدا جي حمد ۽ ثنا کان پوءِ ماڻهن کي نصيحت ڪئي ۽ فرمايائون:

الا ايهاالناس، فانما انا بشر يوشک ان ياتي رسول ربي فاجيب و انا تارک فيکم الثقلين، اولهما کتاب الله فيه الهدي والنور، فخذوا کتاب الله واستمسکوا به، فحث علي کتاب الله و رغب فيه ثم قال: و اهل بيتي اذکرکم الله في اهل بيتي. اذکرکم الله في اهل بيتي. اذکرکم الله في اهل بيتي.”[1]

ترجمو:اي انسانو! بيشڪ آءُ هڪ انسان آهيان ۽ قريب آهي جو منهنجي پالڻهار جو موڪليل نمائندو اچي ۽ آءُ سندس سڏ تي لبيڪ چوان،آءُ اوهان وٽ ٻه وزني شيون ڇڏيون ٿو وڃان، هڪ الله جو ڪتاب آهي جنهن ۾ هدايت ۽ نور آهي، خدا جي ڪتاب کي وٺو ۽ ان سان لاڳاپيل ۽ چنبڙيل رهو ۽ پوءِ پيغمبر اڪرم(ص) الله جي ڪتاب تي عمل ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي ۽ سندس رغبت ڏياري، تنهن کان پوءِ فرمايائون ۽ ٻئي شيءِ منهنجا اهل بيت (ع) آهن، پنهنجي اهل بيت بابت آءُ توهان کي خدا جي ياد ڏياريان ٿو.

۽ ان جملي کي 3 ٽي دفعا دهرايو.

ان حديث جي متن کي دارمي به پنهنجي ڪتاب سنن الدارمي ۾ نقل ڪيو آهي[2]، تنهن ڪري چوڻ گهرجي ته حديث ثقلين جي ذڪر ٿيل فقري لاءِ اهي ٻئي سنَدون چٽي ڏينهن جيان روشن آهن ۽ انهن ۾ ڪو به خدشو نه آهي.

2_ترمذي پڻ سنن ترمذيءَ ۾ان حديث جو متن “عترتي اهل بيتي” جي لفظ سان نقل ڪيو آهي. حديث جو متن هن ريت آهي:

اني تارک فيکم ما ان تمسکتم به لن تضلوا بعدي، احدهما اعظم من الاخر:کتاب الله حبلٌ ممدود من السماء الي الارض،وعترتي اهل بيتي،و لن يفترقا حتي يردا علي الحوض فانظروا کيف تخلفوني فيهما. [3]

ترجمو: آءُ توهان وٽ ٻه شيون ڇڏيون ٿو وڃان، جيستائين توهان انهن سان چنبڙيل ۽ لاڳاپيل رهندو ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندو، انهن ٻن شين منجهان هڪ،ٻئي کان وڏي آهي، الله جو ڪتاب اها رسي جيڪا آسمان کان زمين تائين لٽڪيل آهي ۽ ٻيو منهنجا اهل بيت (ع) آهن ۽ اهي ٻئي هڪٻئي کان ڪڏهن به جدا نه ٿيندا ايستائين جو حوض ڪوثر تي مون سان اچي ملاقات ڪن، تنهن ڪري اهو ڏسجو ته توهان مون کان پوءِ انهن سان ڪهڙو ورتاءُ ٿا ڪريو.

لفظ “و سنتي” واري حديث جي سنَد

اها روايت جنهن ۾ “اهل بيتي” جي جڳهه “سنتي” لفظ آيو آهي، جعلي ۽ هٿ ٺوڪي آهي ان جي سند ضعيف آهي ۽ کيس اموي حڪومت جي درٻارين گهڙيو آهي.

1_حاڪم نيشاپوري پنهنجي ڪتاب مستدرڪ ۾ مذڪوره مضمون کي هيٺين سندن سان نقل ڪيو آهي.

عباس بن ابي اويس” عن “ابي اويس” عن “ثور بن زيد الديلمي” عن “عکرمه” عن “ابن عبا” قال رسول الله: “يا ايها الناس اني قد ترکت فيکم، ان اعتصمتم به فلن تضلواابدا کتاب الله و سنة نبيه.” [4]

ترجمو: اي انسانو! مون توهان وٽ ٻه شيون ڇڏيون آهن،اگر توهان انهن ٻنهي سان لاڳاپيل ۽ چنبڙيل رهندو ته ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندو ۽ اهي الله جو ڪتاب ۽ پيغمبر اڪرم(ص) جي سنت آهن.

ان حديث جي انهي مضمون جي راوين ۾ هڪ اهڙو پيءُ ۽ پٽ آهن جيڪي سنَد جي دنيا ۾ آفت ۽ مصيبت ليکيا ويندا آهن، اهي پيءُ ۽ پٽ اسماعيل بن ابي اويس ۽ ابو اويس آهن ڪنهن به انهن جي موثق ۽ ڀروسي وارو هجڻ جي شاهدي نه ڏني آهي بلڪه انهن جي باري ۾ اهو مشهور آهي ته ٻئي ڪوڙا ۽ حديثون گهڙيندڙ آهن

ٻنهي جي باري ۾ رجال جي عالمن جي راءِ

حافظ مزي پنهنجي ڪتاب تهذيب الڪمال ۾ اسماعيل ۽ سندس پيءُ جي باري ۾ علم رجال جي عالمن جي هي راءِ درج ڪئي آهي: يحيى بن معين(جيڪو رجال جي وڏن عالمن مان شمار ٿئي ٿو) چوي ٿو: ابو اويس ۽ سندس پٽ ٻئي ضعيف آهن

اهڙي ريت يحيى بن معين کان نقل ٿيو آهي ته ابو اويس جي پٽ تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي ابو اويس جي پٽ جي باري ۾ نسائي چوي ٿو ته: ضعيف آهي۽ اعتماد جي قابل ناهي.ابوالقاسم لالڪائي لکيو آهي ته نسائي سندس خلاف گهڻيون ڳالهيون ٻڌايون آهن، ايتري تائين چيو آهي ته سندس حديثن کي ڇڏي ڏجي.ابن عدي(جيڪو علم رجال جا عالمن منجهان آهي) چوي ٿو: ابن ابي اويس پنهنجي مامي، مالڪ کان اهڙيون عجيب غريب روايتون نقل ڪيون آهن جن کي ڪو مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهي.

ابن حجر پنهنجي ڪتاب فتح الباري جي مقدمي ۾ لکي ٿو: ابن ابي اويس جي حديث سان هرگز استدلال نٿو ڪري سگهجي، ان ڪري جو نسائيءَ سندس مذمت ڪئي آهي. حافظ سيد احمد بن صديق پنهنجي ڪتاب فتح الملڪ العلى ۾ سلمه بن شيب کان اسماعيل بن ابي اويس جي باري ۾ نقل ڪري ٿو، سلمه بن شيب چوي ٿو ته مون خود اسماعيل بن ابي اويس کان ٻڌو آهي ته: جڏهن آءُ اهو ڏسندو هئس ته مديني وارا ڪنهن مسئلي ۾ اختلاف سبب ٻن ٽولن ۾ ورهائجي ويا آهن ته ان مهل آءُ حديث ٺاهي وٺندو هئس.

ان لحاظ کان ثابت ٿئي ٿو تهن اسماعيل بن ابي اويس جو ڏوهه اهو آهي ته  جعلي حديثون ٺاهيندو هئو.

ابن معين چيو آهي ته ڪوڙو هئو، ان کانوڌيڪ اهو  آهي ته، سندس حديث کي نه صحيح مسلم نقل ڪيو آهي نه ترمذي ۽ نه وري صحاح سته منجهان ڪنهن ٻئي، ڪنهن به سندس حديث کي نقل نه ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح ابو اويس جي باري ۾ ايترو ئي ڪافي آهي ته ابو حاتم رازي پنهنجي ڪتاب جرح و تعديل ۾ سندس متعلق لکيو آهي ته ابو اويس جو حديثون ڪتابن ۾ لکيون ته وينديون آهن پر انهن مان استدلال نٿو ڪري سگهجي ان ڪري جو اهي مضبوط ۽ محڪم ناهن.

اهڙي ريت ابو حاتم ابن معين کان نقل ڪيو آهي ته ابو اويس قابل اعتماد ناهي جڏهن اها روايت صحيح نٿي سمجهي وڃي جنهن جي سَنَد ۾ اهي ٻئي ڄڻا شامل هجن ته ان روايت جو ڇاٿيندو جيڪا هڪ، صحيح ۽ قابل عمل روايت سان ٽڪرائيندي هجي.

هتي ڌيان طلب نڪتو اهو آهي ته هن حديث کي نقل ڪندڙ حاڪم نيشاپوري خود ان حديث جي ضعيف هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي، انهيءَ سبب ئي هن حديث جي سَنَد جي تصحيح ناهي ڪئي، ليڪن انهيءَ حديث جي صحيح هجڻ لاءِ هڪ اهڙو دليل پيش ڪيو آهي، جيڪو خود سَنَد جي لحاظ کان ڪمزور آهي مٿس ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، انهي ڪري اهو دليل، حديث کي مضبوط ڪرڻ بجاءِ کيس ضعيف بڻائي رهيو آهي.

هاڻي اسان هتي سندس پيش ڪيل ڪمزور دليل کي هيٺ ذڪر ٿا ڪريون ٿا:

حديث ”و سنتي“ جي ٻئي سَنَد

حاڪم نيشاپوري، هن حديث کي ابو هريره کان مرفوع طريقي سان هڪ اهڙي سَنَد وسيلي جنهن کي اسان بعد ۾ بيان ڪنداسين هن ريت بيان ڪيو آهي

اني قد ترکت فيکم شيئين لن تضلوا بعدهما: کتاب الله و سنتي و لن يفترقا حتى يردا علي الحوض

هن متن جي سند کي حاڪم نيشاپوري هن سلسلي سان نقل ڪيو آهي:

الضبي“ عن ”صالح بن موسى الطلحي“ عن عبدالعزيز بن رفيع“ عن ”ابي صالح“ عن ”ابي هريره

هيءَ حديث به پهرئين حديث وانگر هٿ ٺوڪي آهي، هن حديث جي سَنَد جي سلسلي ۾ صالح بن موسى الطلحي نالي شخص آهي،جنهن جي باري ۾ رجال جي عظيم عالمن جا رايا بيان ڪريون ٿا:

يحيى بن معين چوي ٿو ته: صالح بن موسى ڀروسي جوڳو ناهي، ابو حاتم رازي چوي ٿو: سندس حديث ضعيف ۽ ڀروسي جوڳي ناهي، تمام ڀروسي وارن ۽ معتبر ماڻهن ڏانهن نسبت ڏئي، ڀروسي نه ڪرڻ جهڙيون حديثون نقل ڪيون اٿس

نسائي چوي ٿو ته: صالح بن موسى جون حديثون لکڻ جي لائق ناهن، هڪ ٻئي جاءِ تي چوي ٿو: هن جي نقل ٿيل حديثن کي رد ڪيو ويو آهي

ابن حجر پنهنجي ڪتاب تهذيب التهذيب ۾ لکي ٿو: ابن حبان چوي ٿو ته: صالح بن عيسى، معتبر ماڻهن ڏانهن اهڙيون ڳالهيون منسوب ڪندو آهي، جيڪي ذري برابر به انهن جي ڳالهين سان هڪ جهڙائي ناهن رکنديون، آخر ۾ سندس متعلق چوي ٿو: سندس حديث نه ته دليل بڻجي سگهي ٿي ۽ نه ئي وري حجت آهي، ابو نعيم سندس باري ۾ چوي ٿو: سندس حديث رد ٿيل آهي هميشه ناقابل اعتماد حديثون نقل ڪندو هئو.

اهڙي ريت ابن حجر پنهنجي ڪتاب تقريب ۾ چوي ٿو ته: سندس حديث رد ٿيل آهي، ذهبي پنهنجي ڪتاب ڪاشف ۾سندس متعلق لکيو آهي ته صالح بن موسى جي حديث ضعيف آهي.ايستائين جو ذهبي صالح بن موسى جي هن حديث کي پنهنجي ڪتاب ميزان الاعتدال ۾ ذڪر ڪندي چيو آهي ته صالح بن موسى جي نقل ڪيل اها حديث سندس انهن حديثن منجهان آهي جيڪي ڀروسي جوڳيون ناهن.

حديث و سنتي جي ٽئين سَنَد

ابن عبدالبر پنهنجي ڪتاب تمهيد ۾ هن حديث جي متن کي سَنَد جي هن سلسلي سان نقل ڪيو آهي:

عبدالرحمن بن يحيى“ عن ”احمد بن سعيد“ عن ”محمد بن ابراهيم الدبيلي“ عن ”علي بن زيد الفرائضي“ عن ”الحنيني“ عن ”کثير بن عبدالله بن عمرو بن عوف“ عن ”ابيه“ عن ”جده“.

امام شافعي، ڪثير بن عبدالله جي باري ۾ لکيو آهي ته: ڪوڙ جي رڪنن منجهان هڪ رڪن هئو. ابو دائود چوي ٿو ته: حد کان وڌيڪ ڪوڙن منجهان هئو.ابن حبان سندس متعلق چوي ٿو ته: ڪثير بن عبد الله، حديث جي جيڪا ڪتاب پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏا کان نقل ڪئي آهي، ان جو بنياد هٿ ٺوڪين حديثن تي ٻڌل آهي، کانئس روايت وٺڻ ۽ سندس ڪتاب مان روايت نقل ڪرڻ قطعاً حرام آهي، نقل ڪرڻ فقط ان صورت ۾ صحيح آهي جڏهن سندس ڳالهه تعجب طور يا تنقيد ڪرڻ لاءِ نقل ڪئي وڃي.

نسائي ۽ دار قطني چون ٿا: سندس حديث رد ٿيل آهي، امام احمد چوي ٿو: ڪثير بن عبد الله معتبر راوي ناهي، مٿس ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙي ريت سندس باري ۾ ابن معين جو به ساڳيو رايو آهي، عجب جي ڳالهه ته اها آهي جو ابن حجر التقريب جي ترجمي ۾ صالح بن موسى کي فقط ضعيف چيو آهي ۽ کيس ڪوڙو سڏيندڙن کي شدت پسند قرار ڏنو آهي، جڏهن ته علم رجال جي عالمن کيس ڪوڙو ۽ جعلي حديثون ٺاهيندڙ جا لقب ڏنا آهن.ايتري تائين جو ذهبي، سندس متعلق چوي ٿو: سندس ڳالهيون غلط۽ ضعيف آهن

سَنَد کان سواءِ متن کي ذڪر ڪرڻ

امام مالڪ ساڳئي متن کي پنهنجي ڪتاب الموطا ۾ سَنَد کان سواءِ ۽ مرسل ذڪر ڪيو آهي. جڏهن ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته اهڙي حديث جي ڪا به حيثيت ڪانهي.

هن تحقيق مان يقيني طور اهو ثابت ٿئي ٿو ته اها حديث جنهن ۾ ”و سنتي“ آهي، جعلي ۽ هٿ ٺوڪي آهي، جنهن کي ڪوڙن راوين ۽ اموي حڪومت جي درٻارين، ”و عترتي“ واري  صحيح حديث جي مقابلي ۾ ٺاهيو آهي، تنهن ڪري مسجد جي خطيبن، مقررن ۽ پيش نمازن کي گهرجي ته ان حديث کي ڇڏي ڏين، جيڪا رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم بيان ناهي فرمائي، بلڪه ان جي جڳهه تي صحيح حديث کان ماڻهن کي آگاهه ڪن ۽ اها حديث ماڻهن اڳيان بيان ڪن، جنهن کي مسلم پنهنجي ڪتاب صحيح ۾ ”و اهل بيتي“ ۽ ترمذي ”عترتي و اهل بيتي“ سان نقل ڪيو آهي، اهڙي ريت علم ۽ دانش جي اڃ رکندڙن لاءِ ضروري آهي ته حديث جو علم سکن ته جيئن صحيح ۽ ضعيف حديث کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري سگهن

آخر ۾ اسان اهو ياد ڏياريندا هلون ته حديث ثقلين ۾ لفظ ”اهل بيتي“ مان رسول اڪرم (ص) جي مراد حضرت علي عليه السلام،سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها، حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام آهن ڇاڪاڻ ته مسلم پنهنجي ڪتاب صحيح ۽ ترمذيءَ  پنهنجي سنن ، حضرت عائشه کان روايت ڪئي آهي ته:

نزلت هذه الآية على النبي صلى الله عليه وآله وسلم ”إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنْكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ وَ يُطَهِّرَكُمْ تَطْهيراً في بيت ام سلمة، فدعا النبي(ص) فاطمة و حسنا و حسينا فجللهم بکساءِ و عليُُ خلف ظهره فجلله بکساءِ ثم قال: اللهم هولاءِ اهل بيتي فاذهب عنهم الرجس و طهرهم تطهيرا. قالت ام سلمة و انا معهم يا نبي الله؟ قال انتِ على مکانک و انت الى الخير.

رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم تي هي آيت (اِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنْكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ وَ يُطَهِّرَكُمْ تَطْهيراً ) ام سلمه جي گهر نازل ٿي، ته رسول اڪرم(ص) حضرت بيبي فاطمه(س)، حسن(ع) ۽ حسين(ع) کي سڏيو انهن کي چادر ۾ ويهاريو، ان وقت علي(ع ) به رسول اڪرم(ص) جي پويان هئا کين به چادر ۾ سڏايو ۽ فرمايو: اي منهنجا الله هي منهنجا اهل بيت(ع) آهن  پليدي انهن کان پري رک ۽ کين پاڪ ۽ پاڪيزه بڻاءِ

ام سلمه چيو: اي الله جا رسول ڇا آءُ به انهن منجهان آهيان( يعني آيت ۾ جيڪو لفظ اهل بيت آيو آهي ڇا آءُ به ان ۾ شامل آهيان؟) رسول اڪرم(ص) فرمايو تون پنهنجي جڳهه تي ئي رهه(چادر جي هيٺان نه اچ) ۽ تون نيڪي جي رستي تي آهين.

حديث ثقلين جو مفهوم

جيئن ته رسول اڪرم(ص) عترت کي قرآن جو هم پله قرار ڏنو آهي ۽ ٻنهي کي امت جي درميان الله جي حجت قرار ڏنو آهي، تنهن ڪري ان مان ٻه نتيجا نڪرن ٿا.

1_قرآن وانگر رسول الله (ص) جي آل جو ڪلام به حجت آهي ۽ سڀني ديني ڪمن ۾ چاهي اهي عقيدي سان تعلق رکندا هجن،يا فقهه سان، ضروري آهي ته آل رسول (عه) جي ڪلام سان تمسڪ ڪيو وڃي ۽ انهن طرفان دليل ۽ رهنمائي ملڻ کان پوءِ کائن منهن موڙي ڪنهن ٻئي ڏانهن وڃڻ  نه گهرجي.

رسول اڪرم(ص) جي وفات کان پوءِ مسلمان، خلافت ۽ امت جي سياسي مسئلن ۾ رهبري واري مسئلي تي ٻن ٽولن ۾ ورهائجي ويا ۽ هر ٽولو پنهنجي ڳالهه کي حق ثابت ڪرڻ لاءِ دليل پيش ڪرڻ لڳو، جيتوڻيڪ مسلمانن ۾ انهي مسئلي تي اختلاف آهي ليڪن اهل بيت عليهم السلام جي علمي حيثيت تي ڪنهن به اختلاف جي گنجائش ناهي، ڇاڪاڻ ته سڀ مسلمان حديث ثقلين جي صحيح هجڻ تي متفق آهن ۽ هيءَ حديث عقيدي ۽ شريعت ۾ قرآن ۽ عترت کي مرجع قرار ڏئي ٿي، جيڪڏهن امت مسلمه هن حديث تي عمل ڪري ها ته سندن وچ ۾ اختلاف جو دائرو محدود ۽ اتحاد جو دائرو وسيع هجي ها

2_قرآن مجيد الله جو ڪلام هجڻ سبب قسم جي خطا ۽ غلطي کان پاڪ آهي ۽ ان ۾ خطا جو احتمال نه ٿو ڏئي سگهجي.جڏهن ته الله سائين قرآن جي وصف هن ريت بيان ڪئي آهي.

لا يَاْتيهِ الْباطِلُ مِنْ بَيْنِ يَدَيْهِ وَ لا مِنْ خَلْفِهِ تَنْزيلٌ مِنْ حَکيمٍ حَميدٍ،

باطل نه هن جي اڳيان ايندو آهي نه پويان (ڇاڪاڻ ته )اهو حميد ۽ حڪيم خدا جي طرفان نازل ٿيو آهي

هاڻي غور ڪيو ته جيڪڏهن قرآن مجيد هر قسم جي خطا کان محفوظ آهي ته ان جا برابر رتبو رکندڙ شخصيتون  به هر قسم جي خطا کان پاڪ آهن، ڇاڪاڻ ته اهو صحيح ناهي ته خطا ڪرڻ وارا ماڻهو قرآن جا برابر هجن، هيءَ حديث شاهد آهي ته اهي ماڻهو هر قسم جي خطا، غلطي ۽ گناهه کان پاڪ ۽ معصوم آهن، البته هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته عصمت جو لازمو نبوت ناهي، ڇاڪاڻ ته ممڪن آهي ته ڪو معصوم هجي ليڪن نبي نه هجي، جيئن حضرت بيبي مريم هن آيت شريف مطابق:

يا مَرْيَمُ اإِنَّ اللَّهَ اصْطَفاکِ وَ طَهَّرَکِ وَ اصْطَفاکِ عَلى‏ نِساءِ الْعالَمين‏.

اي مريم الله توکي چونڊيو ۽ پاڪيزه بڻايو ۽ عالمين جي عورتن ۾ چونڊيل قرار ڏنو آهي.

هر گناهه کان پاڪ ۽ معصوم ته آهي ليڪن پيغمبر ناهي.



[1]_ (صحيح مسلم جلد 4، ص 1803، حديث نمبر 2408، طبع عبدالباقي)

[2]_(سنن دارمي، ج 2، ص 431_432)

[3]_(سنن ترمذي، جلد5، ص 663، نمبر 37788)

[4]_(حاڪم مستدرڪ، جلد نمبر 1، ص 93