Get Adobe Flash player

29_سوره بقره آيت 212

زُيِّنَ لِلَّذِينَ كَفَرُواْ الْحَيَاةُ الدُّنْيَا وَيَسْخَرُونَ مِنَ الَّذِينَ آمَنُواْ وَالَّذِينَ اتَّقَواْ فَوْقَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَاللّهُ يَرْزُقُ مَن يَشَاء بِغَيْرِ حِسَابٍ

ترجمو:ڪافرن لاءِ دُنيا جي زندگي سينگاري وئي ۽ (تنهن ڪري ) اهي ( فقير) مؤمنن سان ٺـٺوليون ڪندا آھن، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن قيامت جي ڏينھن تن جو مان (ڪافرن) کان مٿانهون ھوندو، (ڇو جو حقيقت اتي ظاهر ٿيندي) ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.

شان نزول: مومنن تي چٿر ڪرڻ:

قرآن جو مشهور مفسر ابن عباس چوي ٿو ته: هي آيت قريش جي انهن اڳواڻن جي باري ۾ نازل ٿي آهي، جيڪي دنيا ۾ خوشحال زندگي گذاريندا هئا ۽ اسلام جي شروعات ۾ اهي مومن جيڪي ثابت قدم هئا جيئن: عمار، بلال وغيره تن جي ظاهري ۽ دنياوي زندگي فقيري ۽ غربت واري هئڻ ڪري مٿن ٺٺولون ڪندا هئا ۽ اهو چوندا هئا ته جيڪڏهن پيغمبر ﷺ ايڏي وڏي شخصيت ۽ الله تعالى جي طرفان هجي ها هجن ها ته قوم جا سرمائيدار ۽ چڱا مڙس  سندس پيروي ڪن ها ته ان وقت  مٿين آيت نازل ٿي.[1]

30_سوره بقره آيت 214

أَمْ حَسِبْتُمْ أَن تَدْخُلُواْ الْجَنَّةَ وَلَمَّا يَأْتِكُم مَّثَلُ الَّذِينَ خَلَوْاْ مِن قَبْلِكُم مَّسَّتْهُمُ الْبَأْسَاء وَالضَّرَّاء وَزُلْزِلُواْ حَتَّى يَقُولَ الرَّسُولُ وَالَّذِينَ آمَنُواْ مَعَهُ مَتَى نَصْرُ اللّهِ أَلا إِنَّ نَصْرَ اللّهِ قَرِيبٌ

ترجمو:(اي مسلمانؤ) ڇا اوھين بھشت ۾ وڃڻ جوگمان ڪيو ٿا ؟ جڏهن ته توھان کان اڳي وارن جا توهان سان پيش نه آيا آهن ، جن کي رنج ۽ ڏُک پُھتا ۽ ايترا غمگين ٿيا جو پيغمبر ۽ ساڻس مومن چوڻ لڳا  ته : الله جي مدد ڪڏھن پھچندي؟ ( کين چيو ويو ته) آگاهه  رھو ته الله جي مدد ويجھي آھي.

شان نزول: جنت جي قيمت

ڪجهه مفسرن جو چوڻ آهي ته: جڏهن احزاب واري لڙائي ۾ مسلمانن کي خوف گهڻو ٿيو ۽ دشمن جي گهيري ۾ اچي ويا ته هن آيت مسلمانن کي صبر ۽ثابت قدمي  جي دعوت ڏني ۽ مسلمانن سان مدد جو وچن ڪيو.[2]

۽ هي روايت به آهي ته جڏهن مسلمانن اُحد واري لڙائي ۾ شڪست کاڌي ته عبدالله بن ابي، کين چيو ته : پنهنجو پاڻ کي ڪيستائين مارائيندوَ؟ جيڪڏهن محمد (ص) خدا جو پيغمبر هجي ها ته سندس صحابي نه قيدي بڻجن ها ۽ نه ئي قتل ٿين ها، ته ان وقت هي آيت نازل ٿي.[3]

31_ سوره بقره آيت 215 .

يَسْأَلُونَكَ مَاذَا يُنفِقُونَ قُلْ مَا أَنفَقْتُم مِّنْ خَيْرٍ فَلِلْوَالِدَيْنِ وَالأَقْرَبِينَ وَالْيَتَامَى وَالْمَسَاكِينِ وَابْنِ السَّبِيلِ وَمَا تَفْعَلُواْ مِنْ خَيْرٍ فَإِنَّ اللّهَ بِهِ عَلِيمٌ

ترجمو:(اي پيغمبر) توکان پڇن ٿا ته (اُھي) ڇا خرچ ڪن؟ (کين) چؤ ته جيڪو مال خرچ ڪيو ٿا  سو ماءُ ، پيءُ ، مائٽن ، يتيم ٻارن ،مسڪينن ۽ مسافرن کي (ڏيڻ) جڳائي، ۽ جيڪا چڱائي ڪندؤ (سا لھندؤ) ڇوته الله اُنکي ڄاڻندڙ آھي.

شان نزول: پنهنجن تي خرچ ڪرڻ:

عمرو بن جموح هڪ وڏي عمر جو ۽مالدار شخص هو، پيغمبر اڪرم ﷺ کي عرض ڪيائين ته: صدقو ڪهڙي شيءَ مان ڏيان ۽ اهو صدقو ڪنهن کي ڏيان؟ ته مٿين آيت نازل ٿي.[4]

32_ سورت بقره آيت نمبر 217۽ 218:

يَسْأَلُونَكَ عَنِ الشَّهْرِ الْحَرَامِ قِتَالٍ فِيهِ قُلْ قِتَالٌ فِيهِ كَبِيرٌ وَصَدٌّ عَن سَبِيلِ اللّهِ وَكُفْرٌ بِهِ وَالْمَسْجِدِ الْحَرَامِ وَإِخْرَاجُ أَهْلِهِ مِنْهُ أَكْبَرُ عِندَ اللّهِ وَالْفِتْنَةُ أَكْبَرُ مِنَ الْقَتْلِ وَلاَ يَزَالُونَ يُقَاتِلُونَكُمْ حَتَّىَ يَرُدُّوكُمْ عَن دِينِكُمْ إِنِ اسْتَطَاعُواْ وَمَن يَرْتَدِدْ مِنكُمْ عَن دِينِهِ فَيَمُتْ وَهُوَ كَافِرٌ فَأُوْلَـئِكَ حَبِطَتْ أَعْمَالُهُمْ فِي الدُّنْيَا وَالآخِرَةِ وَأُوْلَـئِكَ أَصْحَابُ النَّارِ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ* إِنَّ الَّذِينَ آمَنُواْ وَالَّذِينَ هَاجَرُواْ وَجَاهَدُواْ فِي سَبِيلِ اللّهِ أُوْلَـئِكَ يَرْجُونَ رَحْمَتَ اللّهِ وَاللّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ *

ترجمو: (اي پيغمبر) توکان تعظيم وارن مھينن ۾جنگ ڪرڻ بابت پُڇن ٿا، چؤ ته مَنجھن ويڙھ ڪرڻ وَڏو گناھ آھي، ۽ (پر) الله جي واٽ کان روڪڻ ، الله کي نه مڃڻ ۽ تعظيم واريءَ مسجد (مسجد الحرام ) کان روڪڻ ۽ منجهس رھڻ وارن کي لوڌڻ الله وٽ (اُن کان) تمام وڏو گناھ آھي، ۽ فتنو (اهڙا نا مناسب حالات پيدا ڪرڻ جيڪي ڪفر جو شوق ڏيارين ۽ ايمان کان روڪين ) خون ڪرڻ کان تمام وڏو ڏوھ آھي. ۽ (ڪافر) هميشه اوھان سان پيا وڙھندا جيستائين اوھان کي اوھان جي دين (اسلام) کان ڦيرائين، ۽ اوھان مان جيڪي پنھنجي دين کان ڦري پوءِ ڪافر ٿي مرندا تن جي ڪئي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿي ويئي، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن*

جن ايمان آندو ۽ جن الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيو ۽ جھاد ڪيو سي الله جي ٻاجھ جا اميدوار آھن، ۽ الله وڏو بخشڻھار مھربان آھي.

شان نزول: جن مهينن ۾ جنگ حرام ڪئي وئي آهي تن ۾ جنگ ڪرڻ:

چيو ويو آهي ته هي آيت ”سريه عبدالله بن جحش“ جي باري ۾ نازل ٿي آهي.[5]

اصل واقعو هن ريت آهي ته: جنگ بدر کان پهرين پيغمبر اڪرم (ص) عبدالله بن جحش کي گهرايائون ۽ کيس هڪ خط ڏئي  اٺن ڄڻن کي ساڻس گڏ موڪليائون ۽ کيس اهو حڪم ڪيائون ته: ٻن ڏينهن جو رستو پورو ڪري پوءِ هن خط کي کولي ۽ هن خط مطابق عمل ڪري، ٻن ڏينهن کان پوءِ هن خط کوليو ته ان ۾ هي لکيل ڏٺائين: ”خط کي کولڻ کان پوءِ نخله (اها جاءِ جيڪا مڪي ۽ طايف جي درميان آهي) تائين وڃ ۽ اتان کان اسان کي قريش جي  صورتحال جي خبرچار اسان تائين پهچاءِ.

عبدالله اهو واقعو پنهنجن ساٿين کي ٻڌايو ۽ اهو به چيائين ته پيغمبر (ص) مون کي اوهان بابت  هن راهه ۾ هلڻ لاءِ مجبور ڪرڻ کان منع ڪيو اٿن تنهن ڪري جيڪو به شهادت جو شوق رکندو هجي ته مون سان گڏ هلي ، سڀ جا سڀ ساڻس هلڻ لڳا ، جڏهن نخله واري زمين تي پهتا ته قريش جي قافلي کي ڏٺائون ۽ عمرو بن حضرمي به انهن سان هو. رجب المرجب جي (هي مهينو هڪ حرام مهينن مان شمار ٿئي ٿو) مهيني جي آخري تاريخ هئي ته انهن تي حملي جي باري ۾ مشورو ڪيائون، ته ڪن جو خيال هو ته: جيڪڏهن اڄ کين ڇڏي ڏينداسين ته پوءِ هي حرم جي دائري ۾ اچي ويندا ۽ اسان جي هٿن مان نڪري ويندا، آخرڪارمٿن وڏي بهادري سان حملو ڪيائون ۽ عمرو بن حضرمي کي قتل ڪيائون ۽ قافلي کي ٻن ڄڻن سان پيغمبر (ص) جي آڏو پيش ڪيائون ته پاڻ فرمايائون : مون اوها ن کي اهو حڪم نه ڪيو هو ته توهان وڃي انهن مهينن ۾ لڙائي ڪريو جن ۾ جنگ ڪرڻ حرام آهي  مون توهان کي اهو به چيو هو ته غنيمت واري مال ۽ قيدين جي معاملي ۾ ڪا به هٿ چراند نه ڪجو، انهي تي مسلمان مجاهدن ناراضگي ڏيکاري ته مسلمانن سندن سرزنش ڪئي ۽ مشرڪ به اهي طعنا ڏيڻ لڳا ته محمد (ص) حرام مهينن ۾ جنگ ، خونريزي ۽ قيدي بڻائڻ  کي حلال ڪري ڇڏيو آهي ته ان وقت هي آيت نازل ٿي.

هن آيت جي نازل ٿيڻ کان پوءِ عبدالله بن جحش ۽ سندس ساٿين اهو اظهار ڪيو ته اسان اهو رستو جهاد جو ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ اپنايو هو ۽ پيغمبر (ص) کان پڇيائون ته: ڇا مجاهدن کي انهي جو اجر ملندو يا نه ؟ ته ان وقت   هي آيت نازل ٿي.(إِنَّ الَّذِينَ آمَنُواْ وَالَّذِينَ هَاجَرُواْ وَجَاهَدُواْ فِي سَبِيلِ اللّهِ أُوْلَـئِكَ يَرْجُونَ رَحْمَتَ اللّهِ وَاللّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ)[6]

حوالا...............



[1]_ مجمع البيان، آيت جي تفسير ۾؛ جامع البيان، ابن جرير طبري، ج2، ص454؛ تفسير آلوسي، ج2، ص100 .

[2] _ مجمع البيان، آيت مورد بحث جي ذيل ۾ ؛ بحارالانوار، ج20، ص188؛ تفسير قرطبي، ج3، ص33؛ بحرالمحيط، ج2، ص360؛ تفسير رازي، ج6، ص377؛ ۽ ٻين تفسيرن ۾ به آيو آهي.

[3]_ مجمع البيان، آيت مورد بحث جي ذيل ۾ ؛ بحارالانوار، ج20، ص188؛ تفسير قرطبي، ج3، ص33؛ بحرالمحيط، ج2، ص360؛ تفسير رازي، ج6، ص377؛ ۽ ٻين تفسيرن ۾ به آيو آهي.

[4] _ مجمع البيان مورد بحث آيت جي ذيل ۾، روح المعاني، ج2، ص91؛ تفسير ڪبير، ج6، ص23(381)؛ فقه القرآن، قطب راوندي، ج1، ص240 ۽ ٻين تفاسيرن ۾.

[5] _ ”سريه“ ان اسلامي لڙاين کي چيو ويندو آهي ته جن ۾ پيغمبر ﷺ شرڪت نه ڪئي هجي.

ڪن وري اهو چيو آهي ته : سريه انهي ٽولي کي چوندا آهن جن جو تعداد 5 کان 300 ماڻهن تائين هجي، اها ڳالهه توجه جوڳي آهي ته، ”سريه“ جو لفظ سري مان ورتل آهي، جنهن جي معنى قيمتي شيءَ آهي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي عهدي  تي پهچندا هئا ته اهي مسلمانن مان چونڊيل هوندا هئا.

مطرزي ٿو چوي ته : سريه  جو لفظ سري مان نڪتل آهي ۽ ان جي معنى رات جو نڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻوڪري اهي انهن جنگين ۾ لڪي نڪرندا هئا.

ابن حجر پنهنجي ڪتاب ”ملتقطات“ ۾ انهي ڳالهه کي قبول ڪيو ڪندي چوي ٿو  ته اسلامي لشڪر ۾ هڪ ٽولو اهڙو به هو جيڪو رات جو هلندو هو.

[6]_ بحارانوار ج19، ص118،189،190؛ اعلام الورى ص73،74؛ تفسير ابن ڪثير ج1 ص428. سنن ڪبراي بيهقي ج13، ص316، حديث 18362