Get Adobe Flash player

1    _دعاءِ عرفه جو تعارف

”دعاءِ عرفه “ امام حسين عليه السلام جي هڪ مشهور ۽ معروف دعا آهي جيڪا مشهور قول مطابق امام عليه السلام نائين ذوالحج تي عرفه جي ميدان ۾ پنهنجي پالڻهار سان راز ونياز ڪندي ارشاد فرمائي،هن دعا کي ٻن ڀائر بشر، بشير بن غالب نقل ڪيو آهي جن جو تعلق اسدي قبلي سان هيو،البته هيءَ دعا ان سال کان اڳ جي آهي جنهن سال امام حسين عليه السلام جڏهن امام عليه السلام يزيد جي بيعت کان انڪار ڪندي مدينو ڇڏي مڪي جي سرزمين تي حج ارادي سان داخل ٿيا ،ڇاڪاڻ ته امام جعفر صادق عليه السلام کان روايت ان سال امام عليه السلام ”يوم الترويه“ تي احرام کولي ڪوفي طرف راهي ٿيا جيڪو اٺين ذوالحج ٿئي ٿو. 

2    _دعا ۽ ان جي اهيت

دعا جي معنى

”دعا“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو ”دعو“مان ورتو ويو آهي،جيڪو ڪيترين معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي ،قرآن مجيد ۾ اهو لفظ تقريبا ستن معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي .جن مان هيءُ ٽي اهم آهن

1_ سڏڻ،يا پڪارڻ :ـ إِذْ تُصْعِدُونَ وَلاَ تَلْوُونَ عَلَى أحَدٍ وَالرَّسُولُ يَدْعُوكُمْ (جڏھن اوھين پري ٿي ڀَڳؤ ۽ ڪنھن ھڪ تي (ڪنڌ ڦيري) نه ٿي واجھايوَ ۽ پيغمبر اوھان کي اوھان جي پُٺيان سڏيندو رھيو... ) [1] 

2_طلب ڪرڻ يا چاهڻ: وَلَكُمْ فِيهَا مَا تَشْتَهِي أَنفُسُكُمْ وَلَكُمْ فِيهَا مَا تَدَّعُونَ(جيڪي اوھان جو جيءُ خواھش ڪندو سو اوھان لاءِ منجھس آھي ۽ جيڪي اوھين گھرندؤ سو (پڻ) اوھان لاءِ منجھس آھي) [2]

3_ پنڻ يا گهرڻ:جنهن کي عام طور دعا چيو وڃي ٿو: وَقَالَ رَبُّكُمُ ادْعُونِي أَسْتَجِبْ لَكُمْ (اوھان جو پالڻھار فرمائي ٿو ته اوھين مون کان دُعا گھرو ته اوھان جي دُعا قبول ڪريان) [3]

دعا جي اهميت

اسلام ۾ دعا جي تمام گهڻي اهميت آهي ائمه معصومين عليهم السلام پڻ  جتي پنهنجي ڪلام ۾ دعا جي اهميت تي  تمام گهڻو زور ڏنوآهي اتي هزارين قسمن جو دعائون مختلف موقعن تي پنهنجي اصحابن ۽شاگردن کي تعليم فرمايون اٿن ۽کين الله تبارڪ وتعالى کان پنڻ جو طريقو ڏسيو اٿن ،اسان هتي دعا جي اهيمت جي باري ڪجهه مختصر روايتون نقل ڪريون ٿا.

1_رسول الله صلى عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته: الدعاء مخ العبادت ولا يهلك مع الدعاء احد،(دعا عبادت جي مِکُ (تَتُ)آهي ۽ دعا ڪرڻ وارو هرگز تباهه نه ٿيندو ) [4] 

2_حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا:احب الاعمال الی الله - عزوجل - فی الارض الدعا (زمين تي الله تعالى وٽ سڀني کان وڌيڪ پسنديده عمل دعا آهي ) [5] 

3_امام جعفر صادق عليه السلام جو فرمان آهي ته: عليك بدعاء فانه شفاء من كل داء    .   توکي گهرجي ته دعا گهر،ڇاڪاڻ ته اها هر مرض کان شفا آهي[6] 

هن دعا کي ”دعاءِ عرفه “ ڇوٿو سڏيو وڃي..؟

”عرفه“ جو لفظ ”عرف“ جي مادي مان ورتل اهي جنهن جي معناآهي سڃاڻڻ يا آگاهي حاصل ڪرڻ. جيئن حضرت عليه السلام جو قول آهي ته”من عرف نفسه فقد عرف ربه“ (يعني جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو ان پنهنجي رب کي سڃاتو). هن دعا تي دعاءِ عرفه جو نالو ان ڪري پيو آهي جو امام حسين عليه السلام هن کي نائين ذوالحج تي جبل عرفات تي ارشاد فرمايو آهي ۽ نائين ذوالحج کي يوم عرفه چوندا آهن،۽ان ڏينهن حاجي حج جي عملن دوران عرفات جبل تي وقوف ڪندا آهن( ترسندا آهن) هاڻي باقي اهو سوال رهي ٿو ته ان جبل کي عرفات ۽ ان ڏينهن عرفه جو نالو ڪيئن پيو ؟

ان بابت اهو چئي سگهون ٿا ته عرفات ،عرفه جي جمع آهي يعني سڃاڻپ ڇاڪاڻ ته انها جاءِ خداجي معرفت ۽ سڃاڻپ ،پنهنجي نفس جي سڃاڻپ جي جاءِ آهي ته انسان ان جاءِ تي پنهنجي گناهن جي معافي گهري۽پنهنجي پالڻهارجي حقيقي معرفت حاصل ڪري سگهي ٿو.امام جعفرصادق عليه السلام کان روايت آهي ته جنت مان حضرت آدم جي نڪرڻ کان پوءِ ڪيترائي سال گرئي زاريءَ ۾ گذارڻ کان پوءِ حضرت آدم کي جبرائيل حج جي اعمالن جي تعليم ڏني ۽ نائين ذوالحج تي ان عرفات جبل تي کيس اهي ڪلمات ياد ڏياريا جن سان سندس توبه قبول ٿي.حضرت آدم ان جاءِ تي پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪيو ته کيس معافي ملي.. [7]

هڪ ٻئي قول مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام کي حج جا اعمال سيکاريا پئي ته ان وقت جڏهن ان جاءِ تي پهتا ته ان جاءِ تي حضرت ابراهيم کان سوال ڪيائين ته عرفت...؟ (ڄاڻي ورتي..؟)

هڪ ٽئين قول مطابق حضرت آدم ۽ حوا عليهما السلام جي جنت مان نڪرڻ کان پوءِ اتي ملاقات ٿي تنهن ڪري ان تي عرفات جو نالو پيو”[8]

3_” دعاءِ عرفه “ علوم آل محمد جو  اونهو سمنڊ 

آئمه مصومين عليهم السلام کان صادر ٿيل هر لفظ پنهنجي جاءِ تي بيش بها علم جو خزانو آهي جڏهن ته سندن زبان تان جاري ٿيندڙ ڪلام سمنڊ جي اونهاين مان نڪرندڙ املهه موتين جي مثل آهن جيڪي قيامت تائين انسان ذات  لاءِ ڀلائيءَ۽ هدايت جو باعث بڻجندا آهن،ليڪن جيڪڏهن دعاءِ عرفه کي علوم آل محمد عليهم السلام جو اونهو سمنڊ۽ بي ڪران بحر چئون ته ان ۾ ڪو مبالغو نه هوندو،اهو ئي سبب آهي جوايران ۾ اسلامي انقلاب جي باني حضرت آيت الله روح الله خميني کي اهو چوندي ڏسون ٿا ته ” دعاءِ عرفه انهن شين مان هڪ آهي جنهن تي شيعه قوم کي ناز ڪرڻ کپي“

3_ دعاءِ عرفه مکيه پيغام

هن مقالي ۾ ايتري  گنجايش ناهي جو دعاءِ عرفه جي مڙني پيغامن کي پنهنجي دامن ۾ سميٽي سگهي،جڏهن ته ان مقصد لاءِ اسان جي بزرگ عالمن دعاءِ عرفه تي ڪيتريون ئي شرهو لکيون آهن. اسان هتي هن دعا جي مکيه پيغامن ڏانهن اشارو ڪيون ٿا ته جيئن هن دعا جي حقيقي اهميت جي خبر پوي .

1_ الله تعالى جي حمد ۽ ثنا

امام عليه السلام پنهنجي دعا جو آغاز الله تعالى جي حمد ۽ تعريف سان ڪندي فرمائن ٿا:

اَلْحَمْدُ لله الَّذى لَيْسَ لِقَضآئِهِ دافِعٌ وَلا لِعَطائِهِ مانِعٌ وَلا كَصُنْعِهِ صُنْعُ صانِعٍ وَهُوَ الْجَوادُ الْواسِعُ فَطَرَ اَجْناسَ الْبَدائِعِ واَتْقَنَ بِحِكْمَتِهِ الصَّنائِعَ ....

سڀ تعريف ان پالڻهار لاءِ جنهن جي لکئي جو ڪو ٽاريندڙ ناهي۽ بخشش کي ڪير روڪيندڙ ناهي ۽سندس جڙيل جهڙو ڪوجوڙيندڙ ناهي،اهو ئي وڏو بخشڻهار جنهن قسمين قسمين جي شئين کي ٺاهيو۽انهن شين کي پنهنجي حڪمت سان محڪم بڻايو....
    2_ الله سان ٿيل  بيعت جي قرار..

 اَللّهُمَّ اِنّى اَرْغَبُ إِلَيْكَ وَاَشْهَدُ بِالرُّبُوبِيَّةِ لَكَ مُقِرّاً بِاَنَّكَ رَبّى وَ اِلَيْكَ مَرَدّى اِبْتَدَاْتَنى بِنِعْمَتِكَ قَبْلَ اَنْ اَكُونَ شَيْئاً مَذْكُورا ....

اي منهنجا الله! آءُ تنهنجو مشتاق آهيان،۽ تنهنجي ربوبيت جيگواهي ٿو ڏيان اهو اقرار ڪندي ته تون منهنجو پالڻهار آهين،تنهنجي طرف ئي منهنجي واپسي آهي،تو ئي مون تي نعمت جي شروعات ڪئي، ان کان پهريان آئون ڪنهن ذڪر جي قابل بڻجان.... 

3_خود شناسي (پنهنجي حقيقت جو اعتراف)

رَؤُفْتَ بى بِجَميلِ صُنْعِكَ وَسَوابِـغِ نِعَمِكَ فابْتَدَعْتَ خَلْقى مِنْ مَنِىٍّ يُمْنى وَاَسْكَنْتَنى فى ظُلُماتٍ ثَلاثٍ بَيْنَ لَحْمٍ وَدَمٍ وَجِلْدٍ ... پروردگار،تو پنهنجي سهڻي رويي ۽ عظيم نعمتن وسيلي مون تي رحم ڪيو،مونکي گندي پاڻيءِ مان خلق ڪري مون کي گوست،خون۽کل جي ٽن اونداهين ۾ رکئي... 

4_انسان جي خلق ٿيڻ جو راز 

    . ثُمَّ اَخْرَجْتَنى لِلَّذى سَبَقَ لى مِنَ الْهُدى اِلَى الدُّنْيا تآمّاً سَوِيّاً وَحَفِظْتَنى فِى الْمَهْدِ طِفْلاً صَبِيّاً وَرَزَقْتَنى مِنَ الْغِذآءِ لَبَناً مَرِيّاً

پوءِ مونکي پنهنجي طئي ٿيل (هدف يعني ڪمال تي پهچڻ طرف) هدايت (لاءِ) مڪمل صورت ۾ دنيا ۾ آندئي.۽ان وقت منهنجي حفاظت ڪئي(جڏهن مان) پينگهي ۾ٻار هئس ۽ مونکي کاڌي ۾ مٺو ۽لذيذ کير نصيب ڪئي ...

5_خدائي درسگاهه

اذا اسْتَهْلَلْتُ ناطِقاً بِالْكَلامِ ا َتْمَمْتَ عَلَىَّ سَوابغَ الاِْ نْعامِ وَرَبَّيْتَنى زايِداً فى كُلِّ عامٍ حَتّى إ ذَا اكْتَمَلَتْ فِطْرَتى وَاعْتَدَلَتْ مِرَّتى اَوْجَبْتَ  عَلَىَّ حُجَتَّكَ بِاَنْ اَلْهَمْتَنى مَعْرِفَتَكَ وَرَوَّعْتَنى بِعَجائِبِ حِكْمَتِكَ وَاَيْقَظْتَنى لِما ذَرَاْتَ فى سَمآئِكَ وَاَرْضِكَ مِنْ بَدائِعِ خَلْقِكَ َنَبَّهْتَنى لِشُكْرِكَ وَذِكْرِكَ وَاَوجَبْتَ عَلَىَّ طاعَتَكَ وَعِبادَتَكَ وَفَهَّمْتَنى ما جاَّءَتْ بِهِ رُسُلُكَ

جڏهن مون ڳالهائڻ سکيوته،تو مونکي پنهنجي عظيم نعمتن سان نوازيو،هر سال اڳئين سال کان وڌيڪ منهنجي پرورش ڪئي،ايستائين جو منهنجي خلقت کامل ٿي۽منهنجي طاقت حد اعتدال تي پهتي ته مون تي حجت کي(ائين) پورو ڪئي جو پنهنجي معرفت عطا ڪيئي،پنهنجي حڪمت جي مظهرن سان منهنجي اندر پنهنجو خوف پيدا ڪئي،زمين ۽آسمان ۾ موجود پنهنجي مخلوق وسيلي مون کي (غفلت جي ننڊمان)  بيدار ڪئي،پنهنجي شڪر ۽ ذڪر طرف مونکي توجهه ڏيارئي،مون تي پنهنجي اطاعت ۽عبادت کي واجب ڪئي۽اهو پيغام سمجهائي جيڪو تنهنجا رسول کڻي آيا هئا.

6_ الله تعالى جي اڻ کٽ نعمتن جو اعتراف

اَتْمَمْتَ عَلَىَّ جَميعَ النِّعَمِ وَصَرَفْتَ عَنّى كُلَّ النِّقَمِ.... فَاءَىَُّ نِعَمِكَ يا اِلهى اُحْصى عَدَداً وَذِكْراً اءَمْ اَىُّ عَطـاياكَ اءَقُومُ بِها شُكْراً وَهِىَ يا رَبِّ اَكْثَرُ مِنْ اَنْ يُحْصِيَهَا الْعآدّوُنَ اءَوْ يَبْلُغَ عِلْماً بِهَا الْحافِظُونَ ثُمَّ ما صَرَفْتَ وَدَرَاءْتَ عَنّى

(پالڻهار!) تو سڀ نعمتون مونکي عطا ڪيون۽ سڀ مصيبتون مون کان دور ڪري ڇڏيون...تنهنجي گهڻين نعمتن کي نالو وٺي ڳڻي سگهان ٿو ؟ ۽ تنهنجي ڪيترين عطائن تي (تنهنجو) شڪر ادا ڪري سگهان ٿو،جڏهن ته پالڻهار اهي نعمتون ان کان گهڻيون آهن جو ڳڻڻ وار انهن کي ڳڻي سگهن ۽ ياد رکڻ وارا ان جو علم رکي سگهن (جڏهن ته) اهي (مصيبتون)جيڪي تو مون کان دور ڪيون (ان کان علاوه آهن)

7_فقط هڪ نعمت جي شڪر ادا ۾ به انسان لاچار آهي.

اَنْ لَوْ حاوَلْتُ وَاجْتَهَدْتُ مَدَى الاَْعصارِ وَالاَْحْقابِ لَوْ عُمِّرْتُها اَنْ اءُؤَدِّىَ شُكْر واحِدَةٍ مِنْ اءَنْعُمِكَ مَا اسْتَطَعْتُ ذلِكَ اِلاّ بِمَنِّكَ الْمُوجَبِ عَلَىَّ بِهِ شُكْرُكَ اَبَداً جَديداً...

خدايا! جيڪڏهن  آءُ سالن جا سال ڪوشش ۽ جدوجهد ڪيان۽ پنهنجي عمر کي تنهنجي فقط هڪ نعمت جي شڪر ادا ڪرڻ ۾ گذاريان تب هرگز ائين ڪري نه سگهندس مگر تنهنجي احسان ۽ ٿوري جي..(جڏهن ته اهو احسان) پڻ مون تي نئين ۽ ابدي شڪر کي لازم ڪري ٿو ڇڏي...

8_هڪ اعلى انسان جي خواهش

اَللّهُمَّ اجْعَلْنى اَخْشاكَ كَانّى اَراكَ وَاَسْعِدْنى بِتَقويكَ وَلا تُشْقِنى بِمَعْصِيَتِكَ وَخِرْلى فى قَضآئِكَ وَبارِكْ لى فى قَدَرِكَ حَتّى لا اءُحِبَّ تَعْجيلَ ما اَخَّرْتَ وَلا تَاْخيرَ ما عَجَّلْتَ اَللّهُمَّ اجْعَلْ غِناىَ فى نَفْسى وَالْيَقينَ فى قَلْبى وَالاِْخْلاصَ فى عَمَلى وَالنُّورَ فى بَصَرى وَالْبَصيرَةَ فى دينى...

پروردگار! مون کي اهڙو بڻاءَ جو توکان ائين ڊڄان ڄڻ توکي ڏسان پيو ۽ پنهنجي تقوى ذريعي مونلي ڪامياب ڪر۽ تنهنجي نافرمانيءَ ڪري مونکي بدبخت نه بڻاءِ ،منهنجي قمسمت کي سٺو بڻائي۽ پنهنجي ازلي ارادن کي منهنجي لاءِ مبارڪ بڻاءِ ..ايستائين جو ان شيءَ جي جلدي اچڻ کي پسند نه ڪيان جنهن کي تو موخر ڪيو آهي ۽ ان شيءَ جي دير اچڻ کي پسند نه ڪيان جنهن کي تو جلدي موڪليو.اي منهنجا الله منهنجي نفس ۾ بي نيازي،منهنجي دل ۾ يقين۽ منهنجي عمل ۾ خلوص،منهنجي اکين ۾ روشني ۽ منهنجي دين ۾ بصيرت عطا ڪر

9_الله تعالى جي ڪبريائي ۽امام حسين عليه السلام جي عاجزي 

هن دعا ۾ هڪ طرف الله تعالى جي ڪبريائيءَ جو اعتراف ڪن ٿا ته ٻئي طرف پنهنجي عاجزيءَ جو اقرار ڪن ٿا.جنهن جو هڪ نموني هيءُ آهي.

يا مَوْلاىَ اَنْتَ الَّذى مَنَنْتَ اَنْتَ الَّذى اَنْعَمْتَ اَنْتَ الَّذى اَحْسَنْتَ اَنْتَ الَّذى اَجْمَلْتَ اَنْتَ الَّذى اَفْضَلْتَ اَنْتَ الَّذى اَكْمَلْتَ اَنْتَ الَّذى رَزَقْتَ اَنْتَ الَّذى وَفَّقْتَ اَنْتَ الَّذى اَعْطَيْتَ اَنْتَ الَّذى ....

اي منهنجا آقا! تون ئي آهين جنهن احسان ڪيو ، تون ئي آهين جنهن نعمتون ڏنيون، تون ئي آهين جنهن نيڪي ڪئي، تون ئي آهين جنهن سهڻو بڻايو، تون ئي آهين جنهن فضيلت ڏني، تون ئي آهين جنهن ڪمال ڏنو، تون ئي آهين جنهن رزق ڏنو، تون ئي آهين جنهن ڪامياب ڪيو، تون ئي آهين جنهن عطا ڪيو، تون ئي آهين جنهن.... 

اَنـَا يا اِلهىَ الْمُعْتَرِفُ بِذُنُوبى فَاغْفِرْها لى اَنـَا الَّذى اَسَاْتُ اَنـَاالَّذى اَخْطَاْتُ اَنـَاالَّذى هَمَمْتُ اَنـَاالَّذى جَهِلْتُ اَنـَاالَّذى غَفَلْتُ اَنـَا الَّذى سَهَوْتُ ... اَنـَا الَّذى وَعَدْتُ وَاَنـَاالَّذى اَخْلَفْتُ اَنـَاالَّذى نَكَثْتُ

اي منهنجا پالڻهار!آءُ پنهنجي گناهن جو اقرار ڪيان تون انهن کي معاف ڪر،آءُ ئي آهيان جنهن غلط ڪيو،آءُ ئي آهيان جنهن خطا ڪئي، آءُ ئي آهيان جنهن (نا فرمانيءَ جو) ارادو ڪيو، آءُ ئي آهيان جيڪو اڻ ڄاڻ آهي، آءُ ئي آهيان جنهن غفلت ڪئي، آءُ ئي آهيان جنهن وساري ڇڏيو، آءُ ئي آهيان جنهن وعدو ڪيو،آءُ ئي آهيان جنهن مخالفت ڪئي،آءُ ئي آهيان جنهن ٽوڙيو ... 

10    _بهترين پناهگاهه

يا عُدَّتى فى شِدَّتى يا صاحِبى فى وَحْدَتى يا غِياثى فى كُرْبَتى يا وَلِيّى فى نِعْمَتى يا اِلـهى وَاِلـهَ آبائى ... اَنْتَ كَهْفى حينَ تُعْيينِى الْمَذاهِبُ فى سَعَتِها وَتَضيقُ بِىَ الاَْرْضُ بِرُحْبِها وَلَوْلا رَحْمَتُكَ لَكُنْتُ مِنَ الْهالِكينَ وَاَنْتَ مُقيلُ عَثْرَتى وَلَوْلا سَتْرُكَ اِيّاىَ لَكُنْتُ مِنَ الْمَفْضُوحينَ وَاَنْتَ مُؤَيِّدى بِالنَّصْرِ عَلى اَعْدآئى وَلَوْلا نَصْرُكَ اِيّاىَ لَكُنْتُ مِنَ الْمَغْلُوبينَ

اي منهنجي سختي ۾ سهارا،اي منهنجي تنهائي جا مصاحب،اي منهنجي مصيبتن ۾ فرياد ٻڌڻ وارا اي منهنجي نعمتن جا ولي،اي منهنجي ۽ منهنجي آباءَ و اجداد جا پروردگار.. تون منهنجي وپناهگاهه آهين ،ان وقت جڏهن رستا پنهنجي وسعتن سان مون کي نڌڻڪو ڪري ڇڏين،۽ زمين پنهنجي پوري ڪشادگيءَ باوجود تنگ ٿي وڃي۽جيڪڏهن (ان حال ۾) تنهنجي رحمت نه هجي ته مان نابود ٿي وڃان ها ،تون ئي منهنجي خطائن کان درگذر ڪرڻ وارو آهي ۽ جيڪڏهن تون منهنجي گناهن کي لڪائڻ وارو نه هجي ها ته رسوا ٿي وڃان، تون ئي دشمنن جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪرڻ وارو آهي ۽ جيڪڏهن تنهنجي مدد نه هجي ها ته مان هارايل هجان ها 

    * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * * 

حوالا.............



[1]   _آل عمران 153

[2]   _فصلت 31

[3]   _غافر 60

[4]   حارالانوار، ج ۹۰، ص ۳۰۰ 

[5]   _اصول ڪافي، ج ۲، ص ۴۶۷ 

[6]   _اصول ڪافي، ج ۲، ص ۴۷۰ 

[7]   _ وسائل‏الشيعة ج : 11 ص : 236

[8]   _رسول جعفريان، آثار اسلامي مکه و مدينه، نشر مشعر