Get Adobe Flash player

26_ سوره بقره آيت 200

فَإِذَا قَضَيْتُم مَّنَاسِكَكُمْ فَاذْكُرُواْ اللّهَ كَذِكْرِكُمْ آبَاءكُمْ أَوْ أَشَدَّ ذِكْرًا فَمِنَ النَّاسِ مَن يَقُولُ رَبَّنَا آتِنَا فِي الدُّنْيَا وَمَا لَهُ فِي الآخِرَةِ مِنْ خَلاَقٍ

“ ۽ جڏهن پنهنجا (حج جا) اعمال پورا ڪيو، ته ان وقت الله کي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر پر ان کان به وڌيڪ ياد ڪيو، پوءِ ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته : اي اسان جا پالڻهار تون اسان کي دنيا ۾ ( ڀلائي ) ڏي ، ۽ کين آخرت ۾ ڪجهه به نصيب نه ٿيندن .”

شان نزول: گذريل ڳالهين تي هڪٻئي مٿان فخر ڪرڻ بجاءِ الله کي ياد ڪرڻ.

امام محمد باقر عليه السلام جن کان روايت آهي ته: جاهليت واري زماني ۾ جڏهن حج جي اعمال مان فارغ ٿيندا هئا، ته گڏجي ويهندا هئا، ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي اجاين ڳالهين تي هڪٻئي مٿان فخر پيا ڪندا هئا، سندن گذريل زماني جون ڳالهيون ۽ سندن سخاوتن کي ياد ڪندا هئا،ته ان وقت مٿيون آيتون نازل ٿيون جنهن ۾کين اهو دستور ڏنو ويو ته : ان (غلط) ڪم جي بجاءِ الله جو ذڪر ڪن ، ۽ سندس اڻ کٽ نعمتن ۽ عطائن کي ياد ڪن ، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي جاهليت واري زماني وارين ڳالهين تي وڏي جوش ۽ جذبي سان هڪٻئي مٿان فخر ڪرڻ بجاءِ ان جوش ۽ جذبي سان پر ان کان وڌيڪ الله تعالى جي نعمتن کي ياد ڪن .[1]

هي مطلب يا ان جهڙي ٻئي مطلب کي تمام مفسرن “ ابن عباس” يا ٻين کان روايت ڪيو اٿن ، ته جاهليت جي زماني وارا ماڻهو حج جي زماني ۾ ، سندن ابن ڏاڏن جي ڳالهين تي هڪٻئي مٿان فخر ڪرڻ لاءِ محفلون سجائيندا هئا، ۽ عڪاظ ، ذي المجاز ُ مجنه نالي بازارن ۾ جمع ٿيندا هئا ، هي بازارون رڳو سودي واپار جون بازارون نه هيون ، پر ان سان گڏوگڏ سندن ابن ڏاڏن جي ڳالهين تي فخر ڪرڻ جو مرڪز به شمار ٿينديون هيون.

27_سوره بقره آيت 204 ،205،206

وَمِنَ النَّاسِ مَن يُعْجِبُكَ قَوْلُهُ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَيُشْهِدُ اللّهَ عَلَى مَا فِي قَلْبِهِ وَهُوَ أَلَدُّ الْخِصَامِ وَإِذَا تَوَلَّى سَعَى فِي الأَرْضِ لِيُفْسِدَ فِيِهَا وَيُهْلِكَ الْحَرْثَ وَالنَّسْلَ وَاللّهُ لاَ يُحِبُّ الفَسَادَ وَإِذَا قِيلَ لَهُ اتَّقِ اللّهَ أَخَذَتْهُ الْعِزَّةُ بِالإِثْمِ فَحَسْبُهُ جَهَنَّمُ وَلَبِئْسَ الْمِهَادُ

۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جو دنياوي زندگي ۾ سندس ڳالهائڻ توکي تعجب ۾ وجهي ٿو،( ظاهري طور تي گهري محبت جو اظهار ڪري ٿو ) ۽ سندس دل جي ڳالهه تي الله کي گواهه بڻائي ٿو، جڏهن ته هو سخت دشمن آهي. ۽ (ان جي نشاني اها آهي ته ) جڏهن توکان موٽندو آهي ( تو کان واپس موٽندو آهي ) ته زمين ۾ فساد ڦيلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ، ۽ پوکن ۽ جانورن کي نابود ڪندو آهي ،۽ (جڏهن ته اهو به ڄاڻي ٿو ته ) الله فساد کي پسند نه ٿو ڪري . ۽ جڏهن کيس چيو وڃي ٿو ته الله کان ڊڄ ! ته سرڪشي کيس گناهه تي آڪڙائيندي آهي، پوءِ ان لاءِ دوزخ ڪافي آهي ، ۽ دوزخ ڪيڏو ته برو ٺڪاڻو آهي

شان نزول : ٻه روپي ماڻهن کي سڃاڻو.

هنن آيتن جا ٻه شان نزول ذڪر ٿيا آهن.

1_هي آيتوناخنس بن شريقجي باري ۾ نازل ٿيون آهن ، جيڪو هڪ خوبصورت ۽ زبان جو مٺو شخص هو ۽ پاڻ سڳورن (ص) جن سان دوستي جو اظهار ڪندو هو، سندن آڏو پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪندو هو ، ۽ اهو قسم کڻندو هو ته ساڻن محبت ڪري ٿو ،۽ الله تي ايمان رکي ٿو، ، ۽ ڇاڪاڻ ته پاڻ سڳورا (ص) جن به ظاهر جا پابند هئا، ان ڪري ساڻس سٺي نموني سان پيش ايندا هئا ۽ ساڻس محبت ڪندا هئا، پر هو اندر ۾ هڪ منافق شخص هو ، هڪ موقعي تي ڪجهه مسلمانن جي فصلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيائين ،۽ سندن جانورن کي ماري ڇڏيو هيائين ، (ان ريت سندس اندر ظاهر ٿي ويو) ان وقت مٿيون آيتون نازل ٿيون.[2]

2_ڪجهه ٻين مفسرن “ ابن عباس” کان روايت ڪئي آهي ته: ذڪر ٿيل آيتون هڪ اسلامي جنگ (سريه رجعي) ۾ نازل ٿيون هيون، جنهن ۾ پاڻ سڳورن (ص) طرفان مديني جي آس پاس ۾ رهندڙ قبيلن ۾ تبليغ لاءِ موڪليل ڪجهه مسلمان مبلغن جي شهادت واقع ٿي هئي.[3]

پر پهرين ذڪر ٿيل شان نزول آيتن جي مضمون سان گهڻو ٺهڪي ٿو، بهرحال ذڪر ٿيل آيتن مان حاصل ٿيندڙ درس هيشه لاءِ آهي ۽ ڪنهن به زماني سان مخصوص ناهي.

28_سوره بقره آيت 207

وَمِنَ النَّاسِ مَن يَشْرِي نَفْسَهُ ابْتِغَاء مَرْضَاتِ اللّهِ وَاللّهُ رَؤُوفٌ بِالْعِبَادِ

ماڻهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي االله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان سندس راهه ۾ وڪرو ڪن ٿا، ۽ الله سندس لاءِ ڏاڍو مهربان آهي.

شان نزول: ليلة المبيت وارو واقعو.

اهل سنت جو مشهور مفسر “ثعلبي” چوي ٿوته: جڏهن پاڻ سڳورن (ص) جن مديني ڏانهن هجرت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پنهنجن قرضن جي ادائيگي ۽ وٽن موجود امانتون مالڪن کي موٽائي ڏيڻ لاءِ علي (عليه السلام) جن کي پنهنجو جانشين بڻائي ويا، ۽ رات جي ٽائيم تي غار “ثور” ڏانهن وڃڻ وقت جڏهن مشرڪن مٿن حملو ڪرڻ لاءِ سندن گهر تي گهيراءُ ڪيو ته پاڻ علي (عليه السلام) کي سندن بستر تي سمهڻ جو دستور ڏنائون ، ۽ کين اهو فرمايائون ته پاڻ سڳورن (ص) جن جو سائي رنگ جومخصوص ڪپڙو (بُرد خضرمي) مٿان اوڍي ڇڏين ، ان وقت الله تعالى جبرئيل ۽ ميڪائيل کي اها وحي ڪئي ته : مون توهان جي درميان ڀائيچارو قائم ڪيو آهي ، ۽ توهان مان هڪڙي جي عمر ٻئي کان وڏي ڪئي اٿم ته توهان مان ڪير آهي جيڪو پنهنجي نفس کي فدا ڪندي پنهنجي زندگي کي ٻئي (ڀاءُ) مٿان قربان ڪري ؟ ته ٻنهي مان ڪير به حاضر نه ٿيو، وري کين وحي ٿي ته: هن وقت علي (عليه السلام) پاڻ سڳورن (ص) جن جي بستر تي ستل آهي ۽ مٿس سندس جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي ، توهان زمين تي وڃي سندس حفاظت ڪيو ،

جنهن وقت جبرئيل سندن سيراندي کان ۽ ميڪائيل سندن پيراندي کان ويٺا هيا ته جبرئيل چئي رهيوهو: مرحبا ! اي علي (ع) توهان کي آفرين هجي، الله تعالى تنهنجي ذريعي ملائڪن آڏو فخر جڳائي رهيو آهي،

ان وقت ذڪر ٿيل آيت نازل ٿي [4] ان ڪري ان تاريخي رات مٿان ليلة المبيت جو نالو پيو.

“ابن عباس” جو چوڻ آهي ته جڏهن پاڻ سڳورا(ص) مشرڪن کان ڪناره ڪش ٿي غار ڏانهن وڃي رهيا هئا، ۽ علي (عليه السلام) پاڻ سڳورن (ص) جن جي بستر تي ستا ته هي آيت ان سلسلي ۾ نازل ٿي .[5]

“ ابو جعفر اسڪافي” جو چوڻ آهي ته: علي (عليه السلام) جو رسول الله (ص) جي بستري تي سمهڻ تواتر سان ثابت آهي، نامسلم ۽ اڌ مغزي ماڻهن کان سواءِ ان ڳالهه جو ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي .[6] _[7]

حوالا...............



[1] _“مجمع البيان ” ج1، ص297، ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾، “مستدرڪ الوسائل” ج5، ص 284، ح 5864، ٿوڙي فرق سان، “بحار الانوار” ج90، ص 159، ح35، ٿوڙي فرق سان ، “تفسير عياشي” ج1، ص98، ح 270 ۽ 273 ٿوڙي فرق سان.

هي مطلب امام جعفر صادق عليه السلام جن جي حديثن ۾ به آيو آهي ( “ ڪافي” ج4، ص516، ح 3، “ وسائل الشيعه” ج7“ ص459، ح 9854، ۽ ج 14، ص 272، ح 19173 “ بحارالانوار” ج 96، ص 311، ح 32، ۽ ص 313، ح 47 )

[2] _تفسير“ابو الفتح رازي” “ طبري” “ابن ڪثير” “ شوڪاني” “ بحرالمحيط” ۽ ٻيون ڪيتيون ئي تفسيرون ، ذڪر ٿيل آين جي ذيل ۾ “ بحارالانوار” ج22، ص16.

[3] _“ تفسير ابو الفتح رازي” ج2، ص140، “ بحر المحيط” ذڪر ٿيل آيتن جي ذيل ۾ ( هن شان نزول کي گھٽ مفسرن ذڪر ڪيو آهي.

[4] _ “ بحارالانوار” ج19، ص38، 39، 64، ۽ 86۽ ج 36، ص 40۽43

[5] _“ بحارالانوار ” ج19، ص56، ح16، ۽ ج36، ص41، ح3، ۽ ص42، ح5.

[6] _جهڙي ريت “ابن ابي الحديد” “شرح نهج البلاغه” ج 13 ، ص261 ۽ 262 ۾ ان مطلب کي ذڪر ڪيو آهي ، “الغدير” ج2، ص47.

[7] _ علامه اميني“الغدير” ج2 م ص48 کان پوء لکي ٿو ته غزالي ، احياءُ العلوم ج3، ص238 ، گنجي ، ڪفايته الطالب ص114، صفوري ، نزهته المجالس ج2، ص209، ابن صباغ مالڪي ، الفصول المهمه ص33، سبط ابن جوزي حنفي تذڪره الخواص ص21، شنبلجي ، نور الابصار ص86، احمد ، مسند ،ج1 ،ص 348، تاريخ طبري ،ج2، ص 99_101، ابن سعد ، الطبقات ، ج 1، ص212، ابن هشام ، سيره نبويه ، ج2 ص291، حلبي ، سندس سيرت م ۽ يعقوبي تاريخ يعقوبي ج 2، ص 212۾ ليلته المبيت واري واقعي ۾ ذڪر ڪيو آهي .