Get Adobe Flash player

نماز گذار جڏهن تڪبيرة الاحرام چئي ۽ نماز شروع ڪري ٿو ته نماز جي پوري ٿيڻ تائين ان تي ڪجهه ڪم حرام ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن انهن مان ڪو ڪم انجام ڏنائين ته سندس نماز باطل ٿي ويندي آهي،جن کي مبطلات نماز پڻ چيو وڃي ٿو.انهن مان ڪجهه اهم هيءُ آهن.

1.کائڻ پيڻ،2.ڳالهائڻ 3.کلڻ 4.روئڻ 5.قبلي واري طرف کان موڙڻ6. نماز جي رڪن ۾ گهٽ وڌاءُ ڪرڻ 7.نماز کي ٽوڙڻ .

مبطلات نماز جا ڪجهه مسئلا.

ڳالهائڻ

1.جيڪڏهن نماز گذار ڪو اهڙو لفظ ڳالهائي جنهن ذريعي ڪا معنى سمجهائڻ چاهيندو هجي ته سندس نماز باطل آهي.

2.جيڪڏهن نماز گذار ڄاڻي واڻي ڪو اهڙو لفظ ڳالهائي جيڪو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ اکرن تي مشتمل هجي ڀلي کڻي ان لفظ زريعي ڪا معنى سمجهائڻ نه چاهيندو هجي ته احتياط واجب جي بنا تي کيس نماز ٻيهر پڙهڻ گهرجي.

 

3.نماز جي حالت ۾ ڪنهن کي سلام ڪرڻ نه گهرجي پر جيڪڏهن کيس ڪوشخص نمازيءَ کي سلام ڪري ته ان جو جواب ڏيڻ واجب آهي.سلام جو جواب هن ريت ڏيڻ گهرجي، السلام عليڪ يا السلام عليڪم ليڪن عليڪم السلام چوڻ نه گهرجي.

کلڻ ۽ روئڻ:

1.جيڪڏهن نماز گذارٽهڪ ڏئي کلي ته سندس نماز باطل آهي.

2.مسڪرائڻ سان نماز باطل نه ٿي ٿئي .

3.بغير آواز جي روئڻ يا خوف خدا يا آخرت جي لاءِ آواز سان روئڻ ،سان نماز باطل نه ٿيندي آهي.

قبلي کان منهن موڙڻ:

1.جيڪڏهن ڪو ڄاڻي واڻي قبلي کان ايتري مقدار ۾ رخ موڙي جو چيو وڃي ته سندس منهن قبلي طرف نه آهي ته سندس نماز باطل آهي.

2.جيڪڏهن نمازي پنهنجورخ مڪمل طور قبلي کان ساڄي يا کاٻي طرف موڙي ته احتياط واجب جي بنا تي کيس ٻيهر نماز پڙهڻ گهرجي پر جيڪڏهن مڪمل طور ساڄي يا کاٻي طرف نه ڦريو هجي ته نماز صحيح آهي.

نماز جي حالت کي ٽوڙڻ:

1.جيڪڏهن ڪو نماز گذار نماز جي دوران ڪو اهڙو ڪم انجام ڏئي جنهن سان نمازي جي اتصالي حالت (صورت) ٽٽي پئي مثلاً مبطلات نماز مان تاڙي وڄائڻ ۽ ٽپا ڏيڻ ۽ ڪڏڻ وغيره ڀلي ڀل ۾ انجام ڏئي تڏهن به سندس نماز باطل آهي.

2.جيڪڏهن نمازي نماز جي دوران ايتري دير خاموش ٿي وڃي جو ڏسڻ وارا چون ته نماز نه پڙهي رهيو آهي ته سندس نماز باطل آهي.

3. واجب نماز واري حالت کي ٽوڙڻ حرام آهي مگر مجبوري جي حالت ۾ جائز آهي مثلا:

1. جان جي حفاظت خاطر ،

2. مال جي حفاظت خاطر ،

3. مالي ۽ جاني ضرر کي روڪڻ لاءِ.

4. قرض ادا ڪرڻ لاءِ هيٺ بيان ٿيل شرطن سان نماز ٽوڙڻ م ڪو هرج نه آهي.

1. قرضدار قرض وٺڻ چاهيندو هجي،

2. نماز جو وقت تنگ نه هجي، يعني قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ نماز وقت اندر پڙهي سگهندو هجي،

3. نماز جي حالت ۾ قرض ادا نه ڪري سگهندو هجي.

نوٽ:بي اهميت مال لاءِ نماز ٽوڙن مڪروه آهي،

اهي ڪم جيڪي نماز ۾ مڪروه آهن.

1. اکيون بند ڪرڻ.

2. آڱرين ۽ هٿن سان کيڏڻ.

3. الحمد,،سورت يا ذڪر پڙهڻ دوران ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ خاموش ٿيڻ .

4. خضوع ۽ خشوع کي ٽوڙڻ وارو ڪو ڪم انجام ڏيڻ.

5. قبلي کان ٿورو ساڄي يا کاٻي طرف رخ موڙڻ (جيتوڻيڪ تمام گهڻو رخ ڦيرڻ سان نماز باطل ٿئي ٿي)

سبق 21 جو خلاصو:

هيٺيان ڪم نماز کي باطل ڪن ٿا.

کائڻ پيڻ،ڳالهائڻ کلڻ ،روئڻ ، قبلي طرف کان رخ موڙڻ،نماز جي رڪنن ۾ گهٽ وڌاءُ ڪرڻ،نماز جي حالت کي ٽوڙڻ .

نماز ۾ ڳالهائڻ سان نماز باطل ٿي وڃي ٿي. ڀلي کڻي ٻن اکرن وارو هڪ لفظ به هجي

ٽهڪن ڏئي کلڻ سان نماز کي باطل ٿي وڃي ٿي.

دنياوي شين لاءِ وڏي آواز سان روئڻ نماز کي باطل ڪري ٿي.

جيڪڏهن نماز گذار پنهنجو رخ مڪمل طور تي قبلي جي ساڄي يا کاٻي طرف منهن موڙي ڇڏي قبلي کي پٺي ڏي ته نماز باطل ٿي ويندي.

جيڪڏهن ڪو نماز گذار اهڙو ڪم ڪري جنهن سان نماز جي حالت ( اتصالي صورت ) ٽٽي پئي ته نماز باطل آهي.

جان ۽ مال جي حفاظت يا قرض ادا ڪرڻ لاءِ جڏهن قرضدار قرض وٺڻ اچي ۽ نماز جو وقت به تنگ نه هجي ۽ نماز جي دوران به قرض ادا نه ڪري سگهندو هجي ته نماز ٽوڙڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي.

(؟) هيٺين سوالن ......................جا جواب ڏيو؟

1. ڪهڙن ڪمن سان نماز باطل ٿئي ٿي؟

2. جيڪڏهن ڪو شخص نماز گذار کي نماز جي حالت ۾ سلام ڪري ته سندس فريضو ڇا آهي؟

3. ڪهڙي قسم جو کلڻ يا روئڻ نماز کي باطل ڪريو ڇڏي؟

4. جيڪڏهن نماز گذار کي خبرپوي ته ننڍو ٻار هيٽر جي ويجهو وڃي رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته ٻار سڙي پوي ته ڇا ان صورت ۾ نماز ٽوڙي سگهي ٿو؟

5. هڪ مسافر نماز جي حالت ۾ متوجهه ٿئي ته ريل گاڏي ڇٽڻ واري آهي ڇا اهو مسافر ريل گاڏي ۾ سوار ٿيڻ لاءِ نماز ٽوڙي سگهي ٿو؟