Get Adobe Flash player

قرآن مجيد جو واجب سجدو:

قرآن مجيد جي چئن سورتن ۾ سجدي واري آيت آهي. جيڪڏهن ڪو انسان ان آيت جي پاڻ تلاوت ڪري يا ٻيو ڪو ان آيت جي تلاوت ڪري ۽ هي ان آيت کي ٻڌي ته کيس آيت جي تلاوت ختم ٿيڻ جي فوراً بعد هڪ سجدو انجام ڏيڻ گهرجي.

واجب سجدي واريون سورتون هيءُ آهن

1_ سورت نمبر 32 حم سجده

2_سورت نمبر 41 فصلت

3_ سورت نمبر53 نجم

4_ سورت نمبر 96 علق

ڪجهه مسئلا

1. جيڪڏهن ڪو شخص قرآن مجيد وارو واجب سجدو ڪرڻ وساري ڇڏي ته کيس ياد اچڻ جي صورت ۾ اهو سجدو ڪرڻ گهرجي.

2. جيڪڏهن سجدي واري آيت رڪارڊ ذريعي ٻڌي ته سجدو ڪرڻ لازم نه آهي.

3. جيڪڏهن سجدي واري آيت لائوڊ اسپيڪر يا ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن تان براه راست نشر ٿي رهي هجي ته سجدو ڪرڻ واجب آهي.

4. سجدي واري آيتن لاءِ سجدي ڪرڻ وقت پيشاني اهڙين شين تي رکڻ کپي جن تي سجدو ڪرڻ جائز آهي. جڏهن ته سجدي جي تمام شرطن جو لحاظ رکڻ ضروري آهي.ليڪن ذڪر پڙهڻ واجب نه آهي بلڪه مستحب آهي.

تشهد:

هر ٻي رڪعت ۽ واجب نمازن جي آخري رڪعت ۾ سجدن کانپوءِ دوزانو ويهي تشهد پڙهڻ گهرجي.يعني اشهد ان لا اله الا الله وحده لا شريک له واشهد ان محمدا عبده ورسوله اللهم صل على محمد وآل محمد.

سلام

1. هر نماز جي آخري رڪعت ۾ تشهد کان پوءِ سلام پڙهي نماز تمام ڪرڻ گهرجي.

2. سلام ۾ هيٺين ٻن مان هڪ جو پڙهڻ واجب آهي.

السلام علينا وعلى عبادالله الصالحين

السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته.

3. انهن ٻن سلامن کان پهريان هيٺيون سلام پڙهڻ مستحب آهي.

السلام عليڪ ايها النبي ورحمة الله وبرڪاته

ترتيب

نماز هن ترتيب سان پڙهڻ گهرجي، تڪبيرة الاحرام، قراءت ،رڪوع، سجود،۽ ٻي رڪعت ۾ سجدن کان پوءِ تشهد پڙهڻ ۽ آخري رڪعت ۾ سجدن کان پوءِ تشهد ۽ تشهد کان پوءِ سلام پڙهڻ.

موالات

1. موالات يعني نماز جي واجبات کي هڪٻئي پٺيان ائين انجام ڏيڻ جو انهن وچ ۾ فاصلو ڊگهو نه ٿئي.

2. جيڪڏهن نماز جي اجزاء جي درميان وچ ۾فاصلو ايترو ڊگهو ٿي وڃي جو چيو وڃي ته اهو شخص نماز نه پيو پڙهي ته ان جي نماز باطل آهي.

قنوت:

1. نماز جي ٻئي رڪعت ۾ الحمد ۽ سورت پڙهڻ کان بعد ۽ رڪوع ۾ وڃڻ کان پهريان قنوت پڙهڻ مستحب آهي، يعني هٿن کي مٿي کڻي منهن سامهون آڻي ڪا دعا يا ذڪر پڙهي.

2. قنوت ۾ ڪو به ذڪر پڙهي سگهجي ٿو، ايستائين جو هڪ دفعو سبحان الله چوڻ به ڪافي آهي ۽ هي دعا به پڙهي سگهجي ٿي. ربنا آتينا في الدنيا حسنة و في الآخرة حسنة وقنا عذاب النار

تعقيب نماز

1. نماز جي باب ۾ تعقيب جي معنى نماز جي اختتام تي سلام پڙهڻ کان پوءِ ذڪر،دعا پڙهڻ،يا قرآن مجيد پڙهڻ ۾ مشغول ٿيڻ .

2. ضروري ناهي ته تعقيب عربي ۾ هجي پر بهتر آهي ته دعا جي ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل شيون پڙهيون وڃن.

3. تسبيح حضرت زهرا سلام الله عليها يعني 34 مرتبه الله اڪبر 33مرتبه الحمدلله 33سبحان الله پڙهڻ مستحب آهي.

سبق ويهين جو خلاصو

1. سورت حم سجده، فصلت،نجم۽ علق ۾ سجدي واريون آيتون آهن، انهن آيتن کي پڙهڻ يا ٻڌڻ تي سجدو واجب ٿئي ٿو.

2. ٽيپ رڪارڊ ذريعي سجدي واري آيت ٻڌڻ سان سجدو واجب نٿو ٿئي پر جيڪڏهن لائوڊ اسپيڪر يا وري ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن مان براه راست ڪنهن انسان جي آواز نشر ٿيندي هجي ته ان صورت ۾ سجدو واجب ٿيندو.

3. ٻي رڪعت ۽ نماز جي آخر ۾ تشهد پڙهڻ واجب آهي.

4. سلام سان نماز ختم ٿيندي آهي ۽ سلام نماز جي آخري رڪعت ۾ پڙهيو ويندو آهي .

5. نماز جي اجزاء ۾ ترتيب جو لحاظ رکڻ واجب آهي.

6. نماز جي بنيادي اجزاء جي ترتيب هن ريت آهي. تڪبيرة الاحرام، قراءت،رڪوع،سجود، ۽ ٻي رڪعت ۾ سجدن کان پوءِ تشهد پڙهڻ ۽ آخري رڪعت ۾ سجدن ۽تشهد کان پوءِ سلام پڙهڻ.

7. نماز جي اجزاء کي هڪٻئي پٺيان انجام ڏيڻ گهرجي ، جيڪڏهن انهن جي وچ ۾ فاصلو ڊگهو ٿي وڃي ته نماز باطل آهي.

(؟) هيٺين سوالن ......................جا جواب ڏيو؟

1. قرآن مجيد ۾ واجب سجدي واريون آيتون لکو؟

2. نماز ۾ تشهد جي جڳهه بيان ڪريو؟

3. نماز جي واجب ۽ مستحب مقدار کي بيان ڪريو؟

4. ترتيب ۽ موالات جي فرق کي بيان ڪريو ؟

5. قنوت جي باري ۾ هن سبق ۾ ذڪر ٿيل دعا کان علاوه ٻي ڪا دعا لکو؟