Get Adobe Flash player

مهاڳ

الله تعاليٰ، انسان کي فطرت جي عظيم گوهر سان نوازيو آهي. جيئن ته الله سائين قرآن ۾ فرمائي ٿو: )فَأَلْهَمَهَافُجُورَهَاوَتَقْوَاها(1 . پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ(عليه السلام) اندر ۾ وڌائينس. هن عظيم نعمت ذريعي انسان اندر اها صلاحيت رکيائين ته هو چڱن ۽ برن ڪمن کي پرکي پاڻ کي ڪمال جي راھ جو راهي ڪري، پر اهو انسان جڏهن ايمان جي ڪمزوري يا غفلت جي ننڊ سبب هن عظيم نعمت کان غافل ٿي گناھ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو آهي ته تڏهن هن جو اندر آلودهه ۽ دل، ناپاڪ ٿي پوندي آهي؛2 ڇاڪاڻ ته گناھ دنيا ۽ آخرت جي سڀني مصيبتن ۽ بد بختين جي پاڙ آهي. جهڙي طرح انسان جون نيڪيون آخرت ۾ ثواب ۽ دنيا ۾ نعمتن جي روپ ۾ ظاهر ٿينديون آهن اهڙي ئي ريت سندس گناھ پڻ هڪ پاسي کان سندس اعمال نامي کي داڳي ڇڏيندو آهي ته وري ٻئي پاسي کان دنيا ۾ هن لاءِ بدبختين جو ڪارڻ ٿيندو آهي ۽ ڪجھ روايتن جي مطابق ته گناھ جي ڪري سندس دل تي ڪارو داڳ اڀرندو آهي جيڪو آهستي آهستي وڌي سندس پوري وجود کي انڌير ڪري ڇڏيندو آهي،3 نتيجي ۾ هن جي ظاهري شڪل ۽ صورت ته انسانن واري هوندي آهي پر حقيقت ۾ انسانيت کان مسخ ٿي (بگڙجي(عليه السلام) حيوانيت جو روپ ڌاري چڪو هوندو آهي، جنهن ڪري هو الله سائين جي قرب ۽ انساني ڪمالات جي منزل کان گھڻو پري نڪري وڃي ٿو.

انساني زندگيءَ تي گناهه جي هنن برن نتيجن کي ڏسندي ضروري سمجھيوسين ته قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ان مطلب کي وائکو ڪجي ته گناھ انسان جي زندگيءَ تي ڪهڙا برا اثر ڇڏي ٿو ته جيئن اسان پاڻ کي گناھن ڏانهن ويندڙ واٽ کان روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي پنهنجي خلقت جي اصلي مقصد ۽ هدف جي راھ اختيار ڪيون، جيڪا راھ اسان کي سندس ڪمال جي منزل تائين رسائي ٿي جتي هو دنيا ۽ آخرت جي سعادت ۽ ڀلائي ماڻي ٿو.

قرآن ۽ روايتن ۾ گناهن جي مختلف اثر ۽ نتيجن ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جن مان ڪي انسان جي دنياوي زندگيءَ تي اثرانداز ٿين ٿا ته ڪي وري سندس معنوي زندگيءَ تي. جيڪي هن ريت آهن:

1. نعمتن کان محرومي ۽ قومن جي نابودي

گناھ جو هڪ بدترين نقصان اهو آهي ته انسان کان نعمتون کسي سندس زندگيءَ ۾ مصيبتن ۽ بلائن جو ڪارڻ ٿيندو آهي، چاهي اها مصيبت ۽ بلا زميني بلا جي صورت ۾ هجي جهڙوڪ : زلزلو، ٻوڏ، زمين جو ڦاٽڻ. يا آسماني بلا جي روپ ۾. جهڙوڪ : تيز هوا جو طوفان، ڪاري انـــــــــڌاري، پــــــٿرن جــي برسات وغيره، جيڪي ڌڻي تعاليٰ طرفان عذاب ۽ ڏمر بڻجي انسان کي ناس ڪريو ڇڏين. تاريخ ۾ اهڙين کوڙ قومن جا مثال موجود آهن جيڪي پهرين ته سک ۽ آسايش ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيون هيون پر جڏهن گناهن ۾ گرفتار ٿيون تڏهن سندن گناهن، نه رڳو سک ۽ نعمتون کانئن کسي ورتيون بلڪه مٿن عذاب نازل ڪري هن ڌرتي تان ئي کين مٽائي ڇڏيو. قرآن مجيد ۾ پڻ اهڙين ڪيترن ئي قومن جو ذڪر ٿيو آهي جن ۾ عاد ۽ ثمود جي قومن جا نالا مٿانهان آهن جن جا گناھ ئي سندن بربادي جو ڪارڻ ٿيا.

قرآن مجيد ۾ ڪجھ قومن جي نابودي جو ڪارڻ سندن گناھ کي ڄاڻايو ويو آهي. ارشاد ٿئي ٿو :

او لم يسيروا في الارض فينظروا کيف کان عاقبة الذين کانو من قبلهم کانوا اشدّ منهم قوة و آثارا في الارض فاخذهم الله بذنوبهم. 4

ڇا اهي زمين ۾ سير نٿا ڪن جو ڏسن ته انهن ماڻهن جو انجام ڪهڙو ٿيو جيڪي کانئن اڳ هيا، اهي ســــگھ، ۽ زمــــــين ۾ مـــــوجود نشـــــانين جي لحاظ کان تمام ڏاڍا هيا، پوءِ خــــــــدا کين ســــــندن گناهن جي ڪري مٽائي ڇڏيو. ( مطلب ته اهي سندن گناهن جي ڪري نه رڳو پاڻ مٽجي ويا بلڪه سندن اهڃاڻ ۽ آثار به باقي نه رهيا(عليه السلام)

هڪ ٻي آيت ۾ ارشاد آهي :

الم يرواکم اهلکنا من قبلهم من قرن مکّنّاهم في الارض ما لم نمکن لکم و ارسلنا السماءَ عليهم مدرارا و جعلنا الانهار تجري من تحتهم فاهلکناهم بذنوبهم و انشانا من بعدهم قرنا آخرين 5

ڇا انهن نه ڏٺو جو اسان انهن کان پهرين ڪجھ نسلن کي ناس ڪيوسين، جن کي زمين تي اهڙي قدرت ڏني هئي سين جيڪا توهان کي به ڪونه ڏني سين، ۽ آسمان کي مٿن لاڳيتو وسايو سين ۽ سندن هيٺان وهندڙ نهرون بڻايون سين، پوءِ انهن کي سندن گناهن جي ڪري نابود ڪري ڇڏيو سين ۽ انهن کان پوءِ (سندن جڳھ تي ) ٻين نسلن کي وجود ۾ آندوسين .

امير المومنين علي(عليه السلام) نهج البلاغه ۾فرمائن ٿا :

و ايمُ الله! ما کان قوم قط فى غض نعمة من عيش فزال عنهم الا بذنوب اجترحوها، لان الله ليس بظلام للعبيد. و لوان الناس حين تنزل بهم النقم، و تزول عنهم النعم، فزعوا الى ربهم ... 6

خدا جو قسم ! ڪابه قوم جيڪا نعمتن ۾ خوشحال زندگي گذاري رهي هئي ۽ پوءِ ان کان اها زندگي کسجي وئي، تنهن جو ڪو سبب ناهي سواءِ ان گناهن جي جيڪي انهن قومن انجام ڏنا؛ ڇاڪاڻ ته خدا پنهنجن ٻانهن تي ظلم نه ڪندو آهي. پوءِ به جن ماڻهن تي عذاب نازل ٿيندو آهي ۽ نعمتون کسجي وينديون اٿن جيڪڏهن سچي نيت ۽ دل جي پوري ڌيان سان خدا جي بارگاھ ۾ روئي پاڏائن ته ڌڻي تعاليٰ کسجي ويل نعمتون کين موٽائي ڏيندن ۽ بگڙي ويل ڪمن کي پڻ سنواري ڇڏيندن.

ڪجھ حديثن ۾ نعمتن جي کسجڻ جو ڪارڻ واضح انداز ۾ گناهن کي ڄاڻايو ويو آهي جيئن ته امام صادق(عليه السلام) فرمائن ٿا :

. ما انعم الله علي عبد نعمةفسلبها ايّاه حتيٰ يذنب ذنبا يستحق بذلک السلب .. 7

الله سائين سندس بندي کان ڏنل نعمت تيستائين نه کسيندو آهي جيستائين هو ڪو اهڙو گناھ ڪري وجھي جنهن ڪري نعمتون کسجي وڃن ٿيون.

هڪ ٻي حديث ۾ امام(عليه السلام) فرمائن ٿا :

ان الله قضى قضاء حتما الا ينعم على العبد بنعمة فيسلبها اياه حتى يحدث العبد ذنبا يستحق بذلک النقمة.. 8

خداوند حتمي فيصلو ڪيو آهي ته ڪابه نعمت انسان کي عطا نه ڪندو آهي جو اها نعمت کانئس کسي وٺي ايستائين جو هو ڪو اهڙو گناھ ڪري وجھي جنهن ڪري عذاب جو مستحق بڻجي.

امام سجاد(عليه السلام) هڪ ڊگھي روايت ۾ پڻ مختلف گناهن ۽ انهن جي اثر کي بيان ڪن ٿا جن مان ڪجھ اهڙن گناهن جو پڻ تذڪرو ڪن ٿا جيڪي نعمتن جي تبديلي جو سبب ٿين ٿا :

.الذنوب الّتي تغيِّر النعم ، البغي علي الناس و الزوال عن العادة في الخير و الصطناع المعروف و کفران النعم و ترک الشکر ..9

اهي گناھ جيڪي نعمتن کي تبديل ڪري ٿا ڇڏين ( سي چئن قسمن جا آهن) : 1_ ماڻهن مٿان ظلم ڪرڻ، 2_ نيڪ ڪمن جي عادت کي ڇڏي ڏيڻ، 3_ نعمتن جي مقابلي ۾ ناشڪري ڪرڻ، 4_ ۽ شڪر کي ڇڏي ڏيڻ.

ساڳي حديث ۾ امام سجاد (ع) اڳتي فرمائن ٿا:

.و الذنوب التي تزل النعم: عصيان العارف، و التطاول علي الناس، الاستهزاء بهم، و السخرية منهم .. 10

اهي گناھ جيڪي نعمتن جي نابودي جو ڪارڻ ٿين ٿا سي هي آهن: 1. گناھ جو علم هوندي به گناھ ڪرڻ، 2. ماڻهن جا حــــــق پائــــمال ڪرڻ، 3. انهن جو مذاق اڏائڻ، 4. ۽ انهن کي خوار ڪرڻ.

ان کان علاوه ٻيون کوڙ ساريون آيتون ۽ حديثون آهن جن ۾ گناهن کي نعمتن جي کسجڻ ۽ قومن جي بربادي ۽ زوال جو ڪارڻ ٻڌايو ويو آهي. ۽ جڏهن اسين تاريخ جا ورق اٿلايون ٿا ته اهو ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جيڪا به قوم گناھن ۾ گرفتار ٿي، ايتري قدر جو گناھ انهن ۾ عام رواج بڻجي ويو، تڏهن کانئن نعمتون کسجي ويون ۽ اهي هن ڌرتي تان نابود ٿي ويون، نه رڳو ايترو بلڪه سندن سڀ نشان به مٽجي ويا جيئن ته مٿين آيتن ۾ پڻ اها ڳالھ واضح طور تي ملي ٿي. ۽ سندن نالو ئي تاريخ جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ باقي رهيو ته جيئن بعد ۾ اچڻ وارا عبرت حاصل ڪن. پر اسان تاريخ جي اهڙن واقعن مان ڪيتري قدر عبرت وٺون ٿا ان جو جواب هر شخص پنهنجي اندر ۾ جھــــــاتي پــــائي ڄــــــــاڻي سگھي ٿو. ان سلسلي ۾ امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:

. ما اکثر العبر و اقلَّ الاعتبار. 11

عبرتون ڪيتريون ته گھڻيون، پر عبرت پرائڻ ڪيتري ته گھٽ آهي!

2. دعا جي قبوليت ۾ رڪاوٽ

گناھ جي بدترين اثر مان هڪ اثر هي آهي ته دعا جي قبوليت ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو، بلڪه ڪن گناھن جي ڪري ته انسان کي دعا جي توفيق ئي ڪونه ٿيندي آهي.

ان مـــــطلب کي وائکي ڪرڻ کان اڳ بهـــــتر

آهي ته دعا جي اهميت کي مختصر طور تي بيان ڪجي ته جيئن گناھ جي هن بري اثر جي خطرناڪ هجڻ کي بهتر طريقي سان سمجھي سگھجي.

دعا جي تمام گھڻي فضيلت ۽ اهميت بيان ٿي آهي ايتري تائين جو ان کي عبادت جو درجو به ڏنو ويو آهي؛ ڇاڪاڻ ته انسان هن دعا جي ذريعي پنهنجي رب سان راز ۽ نياز ڪندو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي هر ڏکئي حال ۾ هن دعا ذريعي ئي ان کي پڪاريندو آهي ۽ هن دعا وسيلي هن جو رابطو پنهنجي رب سان هميشه برقرار رهي ٿو. ڌڻي تعاليٰ دعا جي اهميت جي باري ۾ فرمائي ٿو:

>قُلْ مَايَعْبَأ ُبِكُمْ رَبِّي لَوْلَا دُعَاؤُكُمْ ...< 12

اي پيغمبر (کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھان جي دعا نه ھجي ته منھنجي پالڻھار کي اوھان جي ڪا پرواھ نه آھي.

هڪ ٻي جاءِ تي ارشاد آهي :

>وَقَالَ رَبُّكُمُ ادْعُونِي أَسْتَجِبْ لَكُمْ إِنَّ الَّذِينَ يَسْتَكْبِرُونَ عَنْ عِبَادَتِي سَيَدْخُلُونَ جَهَنَّمَ دَاخِرِينَ<13

۽ اوھان جو پالڻھار فرمائي ٿو ته اوھين مون کان دُعا گھرو ته اوھان جي دُعا قبول ڪريان، بيشڪ جيڪي منھنجي عبادت کان وڏائي ڪندا آھن سي سگھوئي خوار ٿي دوزخ ۾ گھڙندا.

۽ حديثن ۾ پڻ دعا کي تمام گھڻي اهميت ڏني وئي آهي ايستائين جو ڪن جڳهن تي هن کي مومن جو اسلحو (هٿيار) سڏيو وڃي ٿو. جيئن ته پاڻ سڳورا (ص) فرمائن ٿا:

.الدعاءُ سلاح المومن. 14

دعا مومن جو اسلحو آهي.

امام رضا (عليه السلام) فرمائن ٿا:

.عليکم بسلاح الانبياء : فقيل و ما سلاح الانبياء؟ قال الدعاء . 15

نبين (ع) جي اسلحي کي ساڻ ڪريو. عرض ڪيائون ته مولا : نبين (ع) جو اسلحو ڇا آهي؟ امام (ع) فرمايو : دعا.

هنن حديثن ۾ دعا کي اسلحو ان ڪري چيو ويو آهي ته اسلحي جي خاصيت اها هوندي آهي ته انسان جنگ جي ميدان ۾ ان ذريعي پنهنجو دفاع ڪندي دشمن کي ناس ڪندو آهي. اهڙي ئي ريت انسان دعا وسيلي پڻ پنهنجي نفـــــساني خواهـــــــشن ۽ شيـــــطاني وسوسن سان جنگ ڪندي پنهنجي زندگيءَ جي معنوي ۽ روحاني پهلوءَ جي حفاظت ڪندو آهي ۽ ان کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي بلائن ۽ مصيبتن کي پڻ، پاڻ کان هٽائيندو آهي. جيئن ته امير المومنين(عليه السلام) ارشاد فرمائن ٿا:

.ادفعوا امواج البلاء بالدعاءِ. 16

بلائن ۽ مصيبتن کي دعا ذريعي دور ڪريو.

۽ ڪڏهن وري ان کي مومن جي ڍال 17 ۽ ڪڏهن وري عبادت جو مغز پڻ سڏيو وڃي ٿو،18 دعا کي عبادت جو مغز چوڻ جو مطلب هي آهي ته عبادت جي قيمت ۽ حيثيت دعا سان آهي، جيئن هڪ اکروٽ جي قيمت ان جي اندر موجود مغز سان هوندي آهي جنهن کان سواءِ ان جو ڪوبه خريدار ڪونه ملندو آهي، سو عبادت به ڌڻي تعاليٰ کي دعا سان ئي گھڻي پسند آهي.

جيتوڻيڪ دعا جي اهميت ۽ عظمت جي باري ۾ هي تمام مختصر ذڪر آهي پر پوءِ به اها ڳالھ چڱي ريت واضح ٿي وئي ته دعا هڪ اسلحو، ڍال، عبادت ۽ عبادت جو مغز آهي. جيڪي ماڻهو سندن گناهن ڪارڻ هن عظيم عبادت کان محروم ٿي وڃن ٿا سي حقيقت ۾ پنهنجي زندگيءَ جي مشڪل گھڙين ۾ هڪ مضبوط پناھ ۽ اوٽ وڃائي ويهن ٿا، اهڙا ماڻهو انهن وانگر آهن جيڪي زندگيءَ جي ڏکين حالتن ۽ لاهن چاڙهن واري جنگ ۾ بنا ڪنهن اسلحي ۽ ڍال جي، بيوس ۽ پريشان هوندا آهن؛ ڇاڪاڻ ته گناهن سبب دعا جهڙو اسلحو وٽن ناهي رهندو.

امام علي عليه السلام دعاءِ ڪميل ۾گناھ کي دعا لاءِ رڪاوٽ سمجھندي فرمائن ٿا:

.اللهمَّ اغفر لي الذنوب الّتي تحبس الدعاءَ

اي خدا ! منهنجا اهي گناھ بخش جيڪي دعا کي قيد ڪن ٿا. ( يعني دعا جي قبوليت ۾ رڪاوٽ ٿين ٿا)

جيتوڻيڪ هن حديث ۾ . حبس دعا . مان اها ڳالھ واضح آهي ته گناھ دعا جي قبوليت لاءِ رڪاوٽ آهي پر اتي اها به مراد ورتي وڃي ٿي ته ڪي گناھ اهڙا آهن جن جي ڪري انسان کي دعا گھرڻ جي توفيق ئي ڪونه ٿي ٿئي. 19 ان لحاظ سان گناھ ڪڏهن دعا جي قبوليت ۾ رڪاوٽ ٿيندو آهي ته وري ڪڏهن ان گناھ جي ڪري کيس دعا جي توفيق ئي ڪونه ٿيندي آهي.

امام باقر (عليه السلام) فرمائن ٿا :

.انّ العبد يسال الله الحاجة فيکون من شانه.... 20

بندو پنهنجي رب کان حاجت طلب ڪندو آهي جيڪا الله سائين جلدي يا دير پوري ڪرڻ چاهيندو آهي. پر جڏهن هي شخص گناھ ڪندو آهي تڏهن الله فرشتي کي چوندو آهي ته : هن جي حاجت پوري نه ڪر ۽ کيس حاجت روائي کان محروم ڪر! ڇاڪاڻ ته هن مون کي غضبناڪ ڪيو آهي ۽ منهنجي بارگاھ مان محروم ٿيڻ جو سبب ٿيو آهي.

امام علي (عليه السلام) فرمائن ٿا :

.المعصية تمنع الاجابة . 21

گناھ دعا جي قبوليت ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو.

هنن حديثن مان معلوم ٿئي ٿو ته گناھ دعا جي قبول ٿيڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو. تنهنڪري جڏهن به انسان خدا کان دعا گھري ضروري آهي ته هو پهرين پنهنجن گناهن جي بخشش جي دعا گھري؛ ڇاڪاڻ ته خدا ڪمال ۽ نور جو سرچشمو آهي جنهن سان ڪابه اهڙي پليد دل رابطو برقرار نٿي ڪري سگھي جيڪا ظلمت ۽ انڌيري ۾ هجي، ان ڪري پهرين روح کي گناهن کان پاڪ ڪجي ته جيئن ان منجھ معنوي ۽ ملڪوتي جهان (عالم معنيٰ) سان رابطي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ قابليت پيدا ٿي سگھي. جيئن ته امام علي (عليه السلام) فرمائن ٿا :

.خير الدعاءِ ما صدر عن صدر نقي و قلب تقي. 22

بهترين دعا اها آهي جيڪا هڪ پاڪ صاف سيني ۽ متقي شخص جي دل مان نڪري.

دعا لاءِ رڪاوٽ ٿيندڙ ڪجھ گناهن جو تذڪرو ڪندي امام سجاد (عليه السلام) فرمائن ٿا:

.و الذنوب التي تردّ الدعاءَ : سوءُ النية و خبث السريرة ، و النفاق مع الاخوان ، و ترک التصديق بالاجابة ، و تاخير الصلوٰت المفروضات حتّيٰ تذهب اوقاتها ، و ترک التقرب الي الله عزّوجل بالبرّ و الصدقة ، و استعمال البذاء و الفحش في القول. 23

اهي گناھ جيڪي دعا لاءِ رڪاوٽ ٿين ٿا (اهي ست آهن) : 1. بري ۽ بد نيت. 2. اندر جي پليدي 3. (مومن) ڀائرن سان منافقت ڪرڻ 4. دعا جي قبوليت تي يقين نه رکڻ 5. واجب نمازن جي ادائگي ۾ ايتري دير ڪرڻ جو وقت گذري وڃي 6. نيڪي ۽ صدقي جي ذريعي خدا جو قرب حاصل نه ڪرڻ 7. ڳالهائڻ ۾ گارگند جو استعمال ڪرڻ.

هڪ ٻي حديث ۾ امام سجاد (ع) والدين کي رنجائڻ کي پڻ دعا جي قبول نه ٿيڻ جو هڪ سبب ڄاڻائن ٿا. 24

هلندڙ ..........

حوالا :

(1) سوره شمس ، آيت 8 .

(2) ما من شيءِ افسد للقلب من خطيئة ... . “ گناه کان وڌيڪ ڪابه شي دل کي ناپاڪ ڪندڙ نه آهي ... . ( اصول کافي،ج 3 ، ص 370 )

(3) امام باقر (عليه السلام) فرمائن ٿا: ما من عبد الا وفى قلبه نکتة بيضاء فاذا اذنب ذنبا خرج من النکتة نکتة سوداء فان تاب ذهب ذلک السواد وان تمادى فى الذنوب زاد ذلک السواد حتى يغطى البياض فاذا غطى البياض لم يرجع صاحبه الى الخير ابدا وهو قوله تعالى:

کلا بل ران على قلوبهم ما کانوا يکسبون.

(4) سوره غافر آيت 21 .

(5) سوره انعام ، آيت 6 .

(6) نهج البلاغه ، خ 178ص 340 .

(7) اصول کافي ، ج 3 ، ص 376 .

(8) اصول کافي ، ج 3 ، ص 375 ۽ 376 .

(9) بحار الانوار ، ج 70 ، ص 375 ايراني چاپ .

(10) معاني الاخبار ، ص 271.

(11) غرر الحڪم ، ص 741 .

(12) فرقان، آيت 77 .

(13) غافر ، آيت 60

(14) اصول ڪافي ، ج 4 ، ص 213_214 .

(15) اصول ڪافي ، ج 4 ، ص 213_214 .

(16) نهج البلاغه ، حڪمت 146.

(17) اصول ڪافي ، ج 4 ، ص 213_214 .

(18) بحار الانوار ، ج 93 ، ص 300 .

(19) هاشم محلاتي ، ڪيفر گناھ ، ص 109 . سهراب پور، آثار گناهان ، ص 143 .

(20) اصول کافي ، ج 3 ، ص 373 .

(21) غرر الحڪم ، ص 32 .

(22) اصول ڪافي ، ج 4 ، ص 214

(23) معاني الاخبار ، ص 271 .

(24) معاني الاخبار ، ص 270 .