Get Adobe Flash player

هن ڪائنات جي خالق پنهنجي ڪنهن به مخلوق کي بغير ڪنهن مقصد جي پيدا نه ڪيو آهي، ايستائين جو سندس ڪنهن به ننڍي ۾ ننڍي مخلوق تي نگاهه ڪجي ته ان ۾ به ايترا راز سمايا اٿس جو اڄ جي تمام تيزي سان ترقي جا رستا طي ڪندڙ دنيا انهن خدا ئي رازن آڏو عاجزي جا گوڏا ٽيڪيندي نظر ٿي اچي، ڪنهن جي ڇا مجال جو سندس مخلوق جي تمام رازن کي سمجهڻ جي دعوى ڪري سگهي، ۽جڏهن اسان رازن جي دنيا ۾ پير پايون ٿا ته اهو ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته الله ۽ سندس پياري رسول (ص)، جيتري اهميت اهل بيت عليهم السلام جي محبت کي ڏني آهي هوند جو ڪنهن ٻئي مسئلي کي ايتري ڏني هجي، جڏهن هر نبي ۽ رسول پنهنجي امت کي اهو جواب ڏيندو ٿو نظراچي ته منهنجي رسالت جو اجر خدا جي ذات ئي ڏئي سگهي ٿي ته اتي وري پاڻ سڳورا (ص) سندن پالڻهار جي حڪم سان هڪ طرف ته دنياوي هر اجر وٺڻ کان انڪار ڪندا نظر ٿا اچن ته ٻئي طرف وري پنهنجي امت کي سندس رسالت جو اجر سندن اهل بيت (عليهم السلام) سان

مودّت ۽ محبت ٻڌائيندي ٿا ڏيکارجن، حقيقت ۾رسالت جو هي اجر هڪ اهڙو سرمايو آهي جو سوين سينگارن سان سنواريل دنيا جي ان سان ڀيٽ ئي نه ٿي ڪري سگهجي، اهڙو اجر جيڪو هن دنيا ۾ هر ايمان واري انسان لاءِ عزت جو سهرو ۽ آخرت ۾ وري ان جي اهميت جو اندازو لڳائڻ لاءِ نبين جي سردار جو هي فرمان ئي ڪافي آهي:من اراد دخولَ الجنّة بغير حسابٍ فليحبَّ اهل بيتى جيڪو شخص جنت ۾ بغير حساب جي وڃڻ چاهي ٿو، ان کي گهرجي ته منهنجي اهل بيت (عليهم السلام) سان محبت ڪري ۽ سنڌ ڌرتي جي ڀٽائي گهوٽ پيغمبرن جي پيشوا جي هن حديث جي عڪاسي ڪندي خاندان آل محمد سان محبت رکندڙ مومنن جي اندر ۾ وسندڙ اهل بيت (عليهم السلام) جي محبت کي ڏاڍن سهڻن لفظن ۾ پيش ڪيو:

محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن

تن جو صرافن اڻ توريو اگھايو.

لطيف هن بيت ۾ سمجهايو ته هي محبت ئي آهي جيڪا هر عمل کي سونهن ٿي بخشي، رنڊا روڙڻ، ڪشالا ڪٽڻ ۽ خدا جي بارگاهه ۾ آزيون نيازيون ڪرڻ به تڏهن ڪم اينديون جڏهن خدا جي محبوبن جي محبت من ۾هوندي، جڏهن الله سائين جي پاڪ ڪتاب ڏانهن ٿا نگاهه ڪيون ته آيت مودّت ۾ اهل بيت (ع) سان محبت ايتري ته واضح ٿي ڏسڻ ۾ اچي جو اهل سنت جي ڪجهه عالمن به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هن آيت مان سمجهه ۾ ٿو اچي ته اهل بيت عليهم السلام جي محبت واجب آهي.2 ائمه عليهم السلام جن به ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي آهي ته هي آيت اسان جي شان ۾ نازل ٿي آهي ۽ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي اهلسنت جي ڪجهه مفسرن امام حسن عليه السلام جن جو اهو خطبو ذڪر ڪيو آهي جيڪو پاڻ سندن والد بزرگوار حضرت امير المومنين علي عه جن جي شهادت کان پوءِ ڏنو هو، جنهن ۾ پاڻ فرمائن ٿا ته : انا من اهل البيت ...... آئون انهن اهل بيت مان آهيان جن جي محبت الله تعالى آيت مودّت ذريعي تمام مسلمانن تي واجب ڪئي آهي. 3

شافعي فقه جي پيشوا، امام شافعي ان ئي آيت ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو يا أَهلَ بَيْتِ رَسُولِ اللَّهِ حُبُّکُمْ فَرْضٌ مِنَ اللَّهِ فِی القُرآنِ أَنزَلَهُ4

يعني: اي رسول خدا جا اهل بيت! توهان جي محبت الله تعالى طرفان قرآن ۾ فــــرض ڪئي وئي آهي. هن مقام تي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فخر رازي هن آيت مان اهل بيت عليهم السلام جي محبت جي واجب هجڻ تي بحث ڪندي ٽي دليلون ذڪر ڪيون آهن.5

تنهن جو مطلب ته اهل بيت عليهم السلام جي محبت اهل تشيع ۽ اهل سنت وٽ هڪ مڃيل مڃايل حقيقت آهي ۽ ان جي اهميت کي ڏسندي هن مقام تي هي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا راز آهي جو حضرت رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جن سندن رسالت جو اجر سندن اهل بيت(عليهم السلام) جي مودّت ٻڌايو؟ ان راز کي پرکڻ کان پهرين هڪ نڪتي جي طرف ڌيان ڇڪائڻ ضروري آهي، اهو هي ته اها هڪ حقيقت آهي ته پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم جن الله سائين جا آخري پيغمبر آهن ۽ اهڙي ريت اسلام الله سائين جو آخري دين آهي، جيڪو قيامت تائين هلڻو آهي، ان جي ڪري عقل جي تقاضا اها آهي ته ان دين کي اڳتي هلائڻ وارو، حيثيت ۾ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جن جي برابر هجي ته جيئن ماڻهو سندن ديني مسائل ۾ ان ڏانهن ئي رجوع ڪن ۽ جيئن دين قيامت تائين رهڻو آهي تيئن دين جي ان محافظن جو به قيامت تائين هجڻ ضروري آهي ۽ اهي محافظ، اهل بيت عليهم السلام ئي آهن. جيئن ته کوڙ ساريون روايتون ان مطلب کي سمجهائن ٿيون. ۽ جڏهن اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته اهل بيت عليهم السلام سان محبت جو راز به چڱي طرح معلوم ٿي وڃي ٿو، هن مقام تي ان راز کي سمجهڻ لاءِ قرآن مجيد جي ڪجهه مفسرن جي نظر کي ذڪر ڪجي ٿو. قرآن مجيد جو برک مفسر علامه طباطبائي لکي ٿو:

اهل تشيع ۽ اهل سنت متواتر روايتن کي ذڪر ڪيو آهي ته حضرت رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جن ماڻهن کي الله تعالى جي ڪتاب (قرآن مجيد) ۽ اصول دين ۽ فروع دين کي سمجھڻ لاءِ اهل بيت (عليهم السلام) ڏانهن رجوع ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي، جيئن ته حديث ثقلين، حديث سفينه ۽ انهن جهڙين ٻين حديثن ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ سان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته اهل بيت(عليهم السلام) جي محبت کي رسالت جو اجر قرار ڏيڻ جو مقصد فقط اهل بيت جي پيروي ڪرڻ جو حڪم ڪرڻ ئي هو، ان جي ڪري رسالت جو عنوان قرار ڏنل اهل بيت (عليهم السلام) جي مودّت به پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جن جي رسالت ۽ دين ڏانهن (ماڻهن کي سڏڻ) ۽ ان دين کي باقي رکڻ ئي آهي، تنهن جي ڪري هن آيت جي تفسير انهن آيتن سان ڪنهن به قسم جو ٽڪراءُ نه ٿي رکي جن ۾ اجر رسالت جي نفي ڪئي وئي آهي .6 (جيئن ته قرآن مجيد جي ڪجهه آيتن ۾ ٻين نبين ۽ پاڻ سڳورن(ص) جن پاران رسالت جو اجر وٺڻ کان انڪار ڪندي ان اجر کي خدا جي ذات تي ڇڏيوويو آهي)

تفسير نمونه کي سهيرندڙعالمن ان راز کي هن ريت ذڪر ڪيو ته:

ذوي القربى (اهل بيت (عليهم السلام)) سان محبت جو نتيجو پاڻ سڳورن (ص) جن جي اولاد مان اچڻ وارن ائمه معصومين (ع) جي ولايت ۽ رهبري کي قبول ڪرڻ آهي، جن جـــــي رهـــــــبري پــاڻ سڳورن (ص) جي نبوت وانگر حقيقت ۾ تمام انسانن جي سعادت جو سبب آهي ۽ جنهن جو نتيجو خود ان ڏانهن ئي ٿو موٽي.7

تفسير الفرقان واري به ان ئي مطلب کي سمجھائيندي لکيو ته:

(اهل بيت سان) مودّت جو مطلب حضرت رسول خدا (ص) جن جي رسالت ۽ پيغام کي اڳتي وڌائڻ آهي ۽ ساڻن مودّت رڳو پاڻ سڳورن (ص) سان رشيتيداري جي ڪري نه آهي .8

تفسير انوار درخشان جي ليکڪ لکيو ته:

هن آيت ۾ هڪ اهڙو حڪم ذڪر ٿيو آهي، جيڪو پالڻهار ماڻهن مٿان لاڳو ڪيو آهي ۽ احڪام جي تبليغ جي سلسلي ۾ تمام انسانن کي پاڻ سڳورن (ص) جن جي وفات کان پوءِ احڪام ۽ عقائد جي مسئلن ۾ انهن هستين جي پيروي ڪرڻ جو هڪ حڪم آهي، ڇاڪاڻ ته (سندن محبت کي) اجر رسالت قرار ڏيڻ پاڻ سڳورن (ص) جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ آهي، جـــــهڙي طــــــرح پـــــاڻ سڳورا (ص) جن تمام انسانن کي اصول دين توڙي فروع دين ۾ ســــندن پيـــــروي جــــو حڪم ڪندا هئا ۽ ڇاڪاڻ ته سندن دين هميشه رهڻ وارو آهي ان جي ڪري هر زماني جي انسانن کي گهرجي ته پاڻ سڳورن (ص) جي وفات کان پوءِ سندن اهل بيت (عليهم السلام) جي پيروي ڪن جيڪا پيروي پاڻ سڳورن (ص) جي پيروي جي برابر آهي. 9

تفسير احسن الحديث جي مصنف مودّت جي راز تي هن ريت تبصرو ڪيو ته:

مودّت جو مطلب رڳو ساڻن محبت ڪرڻ ناهي، پر ساڻن محبت ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن رهبري ۽ دين جي احڪام ۾ انهن ڏانهن رجوع ڪرڻ آهي، جيئن ته حڊيث ثقلين ۽ حديث سفينه ان حقيقت کي واضح ڪن ٿيون، ۽ پوءِ لکن ٿا : بهتر آهي ته آيت مودّت جي ڀيٽ هڪ ٻي آيت سان ڪئي وڃي جنهن ۾ الله تعالى فرمائي ٿو ته:قُلْ مَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِلَّا مَن شَاء أَن يَتَّخِذَ إِلَى رَبِّهِ سَبِيلًا 10 يعني: اي منهجا حبيب چئو ته : آئون توهان کان ڪنهن به قسم جو سوال نه ٿو ڪيان سواءِ ان جي ته جيڪو چاهي پنهنجي پالڻهار جي واٽ تي هلي. يعني آئون رڳو توهان کان االله سائين جي واٽ تي هلڻ جو خواهـــــشمند آهـــــــيان، جڏهن ته آيت مودّت ۾ فرمائي ٿو ته : آئون رڳو توهان کان اهــــل بيـــت جي مـــــحبت ٿو چـــــاهيان، جــــــنهن جـو نتيجو اهو آهي ته اهل بيت (عليهم السلام) سان محبت ڪرڻ حقيقت ۾ الله جي راهه تي هلڻ ئي آهي، ۽ خاص طور تي قُلْ مَا سَأَلْتُكُم مِّنْ أَجْرٍ فَهُوَ لَكُمْ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى اللَّهِ 11 واري آيت کي نظر ۾ رکڻ سان ان جو نتيجو معلوم ٿي وڃي ٿو، جنهن جو مطلب هي آهي ته جيڪو اجر توهان کان گهران ٿو اهو توهان جي ئي فائدي ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته اهل بيت (ع) جي مودّت دنيا ۽ آخرت جي خوشبختي جو سبب آهي. ۽ اها معنى ڪجهه روايتن ۾ به سمجھائي وئي آهي جيئن روايت ۾ آيو آهي ته: آل محمد هم الصراط المستقيم يعني: آل محمد ئي صراط مستقيم (سئين واٽ) آهن.12

مٿي ذڪر ڪيل قرآن جي مفسرن جي راين مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته اهل بيت (عليهم السلام) سان مودّت پاڻ سڳورن (ص) جي رسالت کي جاري رکڻ ۽ اهل بيت (عليهم السلام) جي ذريعي انسانيت جي هدايت ڪرڻ جي ڪري واجب ڪئي وئي آهي ۽ ڇاڪاڻ ته اهل بيت (عليهم السلام) جي مودّت سندن اطاعت جو هڪ وسيلو آهي ۽ اطاعت جو مطلب ئي اهو آهي ته جنهن سان محبت ڪئي وڃي ته هرعمل ۾ به ان جي ئي پيروي ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهڙي قسم جي اطاعت فقط اهڙي شخص جي ڪري سگهجي ٿي جيڪو معصوم (هر گناهه کان پاڪ) هجي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن معصوم نه هوندو ته ان جي رفتار ۾ غلطي ۽ خطا جو خطرو ٿي سگهي ٿو، تنهن جو مطلب اهو آهي، ته آيت مودّت اهل بيت (عليهم السلام) جي مودّت کي واجب ڪرڻ سان گڏ اهو به ٻڌائي ٿي ته اهل بيت (عليهم السلام) ئي اهي هستيون آهن جيڪي هر وڏي توڙي ننڍي گناهه کان پاڪ آهن.

حوالا :

(1) مقتل الحسين خوارزمى، ج‏1، ص‏59

(2) عمده القاري في شرح صحيح البخاري ، ج13، ص293، الکواکب الداري في شرح البخاري ، ج8 ، ص80

(3) تفسير الکبير ومفاتيح الغيب ، فخر رازي ، ج (14) 28_27، ص 166، تفسير القرآن العظيم ، ابن ڪثيرج4، ص121،

(4) ساڳيا حوالا

(5) تفسير الکبير ومفاتيح الغيب ، ج (14) 27 _28 ص166

(6) الميزان ،ج18 ،ص،66 محمد حسين طباطبائي

(7) تفسير نمونه ،ج 20 ص406 زير نظر آيت الله مڪارم شيرازي

(8) تفسير القرآن ، ج25_26 ، ص 174 ، محمد صادقي ،

(9) انوار درخشان ،حسيني همداني ، ج15 ، ص44

(10) سورت فرقان آيت 57

(11) سورت سبا آيت 47

(12) تفسير احسن الحديث ،علي اڪبر قرشي ، ج9، ص،480_483.