Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 55 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

جيڪڏهن عام نظر سان ڏسجي ته اسان جا ٻارنهن ئي امام علم جي لحاظ کان هر شيءِ جي ڄاڻ رکن ٿا ۽ هرشيءِ کان آگاهه آهن.دنيا ۾ جيڪي به علم پاتا وڃن ٿا انهن سڀني بابت پوري پوري ڄاڻ رکن ٿا،اهو ئي سبب آهي ته هردور ۾ علم جا ديوانا امامن جي اڳيان پويا پروانن جيان پرواز ڪندا رهيا آهن. ۽ امام جي الهي علم مان ڪسب فيض ڪندي پنهنجي علم جي اڃ اجهائيندا رهندا آهن.پرجيتري قدر ماڻهو امام جعفر صادق عليه السلام کان ماڻهن ڪسب فيض ڪيو،ڪنهن ٻئي امام جي دور ۾ اهڙا بهره مند نه ٿي سگهيا.

امام ع جي شاگردن جو تعداد چار هزار کان ٻارنهن هزار تائين لکيو ويو آهي ”[1]

امام عه جا شاگرد ڪي عام ماڻهو نه هئا بلڪه انهن شاگردن مان ڪي محدّث هئا ته مفسر،ڪي محقق هئا ته ڪي پنهنجي فرقن جا باني ۽ رئيس.امام جي علم ۽ دانش هر پنهنجي ۽ پرائي جو ڪنڌ سندن دروازي تر جهڪائي ڇڏيو،جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي جهالت جي اونداهين مان ڪڍي علم جي نوراني واٽ تي لڳائي ڇڏيو.اهو ئي سبب آهي جو حنفين جي امام ابو حنيفه کي امام جي تعريف ۾ هيئن چوندين ڏسون ٿا ته ”مون امام جعفر صادق عه کان وڌيڪ ڪو عالم ۽ دانشمند ناهي ڏٺو.“. ”[2]

امام عه جي شاگردن جي ذهانت ۽ڏاهپ جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهي ٿو ته امام جا ڪيترائي شاگرد هڪ علم سان گڏوگڏ ٻين به مخلتف علمن ۾ اسپيشليٽ هئا.جڏهن ته امام جا ڪجهه مايه ناز شاگرد ستن علم تائين به پنهنجي مهارت مڃائي چڪا هئا.ليڪن تنهن هوندي به امام عه هر علم لاءِ پنهنجص ڪجهه خاص شاگردن جي سندن قابليت کي مدنظر رکندي تربيت ڪئي ۽ جڏهن ماڻهو امام کان سوال ڪرڻ يا علمي مسئلو پڇڻ ايندا هئا ته امام عليه السلام کين پنهنجي شاگرد ڏانهن راهنمائي ڪندا هئا ته اهڙو مسئلو منهنجي فلان شاگرد کان وڃي پڇندو ڪر توکي مون ڏانهن اچڻ جي ضرورت ناهي.

امام عه السلام جي عظيم يونيورسٽيءَ مان فيض پرائيندڙ سندن شاگردن کي مختلف اسلامي ۽ دنياوي علمن جي جي لحاظ کان ڪيترن ئي گروهن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو.ليڪن هيءُ پنج گروهه اهم آهن.

1_علم تفسير

علم تفسير ۾ هوئن ته امام عه جا ڪيترائي شاگرد هئا ليڪن هيٺان ٽي شخص پنهنجو مٽ پاڻ هئا ۽ اڄ به تاريخ علم تفسير ۾کين وڏي عزت سان ياد ڪيو وڃي ٿو

1_ زرارة بن اعين: هن جو شمار امام صادق عليه السلام جي انهن چئن شاگردن ۾ ٿئي ٿو جن تي پاڻ فخر ڪندا هئا.هيءُ علم تفسير سان گڏ علم حديث،روايت نگاري سميت ٻين به ڪيترن ئي اسلامي علمن جو ماهر هيو.

2_ابان بن تغلب: هن شمارپڻ امام جي انهن چئن مايه ناز شاگردن ۾ ٿئي ٿو.ابان کي امام عه مسجد نبوي ۾ ويهاريو ته هو ماڻهن کي درس ڏئي ۽ سندس مجلس درس کي ڏسي ڪري امام فخر ڪندا هئا .ابان علم تفسير سان گڏ علم فقه جو تمام وڏو ماهر هيو هيءُ علم صادق ع اسلام جي دور جو مسلم مجتهد هيو جنهن علم فقاهت امام صادق وٽان پرايو.

3_عطاء بن ابي رياح:هيءُ پڻ علم تفسير جي تمام وڏوعالم ٿي گذريو آهي جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته پوري مڪي شريف ۾ علم تفسير جو سندن کان وڏو ڪو ماهر نه هئو. ”[3]

ان کان علاوه امام جي شاگردن ۾ علم تفسير و علوم جي مشهور عالم جو نالو وٺي سگهجي ٿو جيڪي اڄ شيعن کان وڌيڪ اهل سنت جي عالمن وٽ وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا.جهڙوڪ: عڪرمه،ابوعبدالله،عبدالرحمن بن قاسم وغيره ”[4]

2_علم حديث

علم حديث ۾ امام پاڪ جي شاگردن جي شهرت جو اندازو ان تاريخ جي هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ”فقط ڪوفي شهر ۾ 900 راوي اهي هئا جي ڊاريڪٽ امام صادق عه کان روايتون نقل ڪندي چوندا هئا تهحدثّني جعفر بن محمد...(مون کي جعفربن محمد ٻڌايو)“ . ”[5]

تاريخ مطابق فقط ابان بن تغلب امام صادق عه کان 30 هزار،جڏهن ته محمد بن مسلم امام صادق عه السلام کان سورنهن هزار حديثون نقل ڪيون آهن ”[6]“.جڏهن ته جابر بن يزيد جون حديثون ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن.

امام جي هڪ شاگرد ابو حمزه ثابت بن دينار کي پنهنجي وقت ۾ لقمان زمان ۽ سلمان عصر جو لقب مليو.

علم حديث ۾ امام جي مشهور شاگردن ۾ عبدالله بن سنان،ابو ايوب السختياني،يحيى بن سعيد انصاري،ابو عمرو العسلاء،يزيد بن عبدالله بن الهاد،ابان بن عثمان،ابراهيم بن سعد،عاصم بن حميد،علي بن صالحاهم آهن. ”[7]

3_علم فقه

علم فقه پڻ انهن اهم علمن مان هڪ آهي جن کي امام صادق عه السلام جي دور ۾ ترقي ملي ۽ ڪيترائي فقيه جن مان ڪن پنهنجيون مستقل فقهون پڻ ٺاهيون هن ئي دور سان تعلق رکن ٿا.

تاريخ ۾ ملي ٿو ته امام صادق عه سان جا گهٽ ۾ گهٽ 123 شاگرد اهڙا هئا جي علم فقه ۾ مهارت رکڻ سان گڏ هن علم ۾ صاحب نظر هئا.انهن سڀني ۾ ابان بن تغلب جو نالو سڀني کان اهم آهي. ”[8]“.

ابان بن تغلب کي امام محمد باقر عه مسجد نبوي ۾ ويهاري فرمايوته هتي ويهي ماڻهن کي فتوى ڏي. جڏهن ته ابان کي مسجد نبوي ۾ فتوى ڏيندي ڏسي امام جعفر صادق عليه السلام فخر وچان فرمائيندا هئا : اي ابان مون کي اها ڳالهه تمام گهڻي پسند آهي ته تو جهڙو شاگرد منهنجي حبدارن،دوستن ۽ راوين مان آهي. ”[9]“.

علم فقه جو ماهر ابوبصير امام جو اهو شاگرد آهي جنهن ڏانهن پاڻ ماڻهن کي موڪليندا هئا ته اهو مسئلو ابوبصير کان پڇو”[10]“.زرارة بن اعين کي اهل سنت جو مشهور عالم ابن نديم زراره بن اعين فقط فقيه بجاءِ فقهاءَ الرجال جي فهرست ۾ شمار ڪيو آهي.

انهن کان علاوه عبدالله سنان،جميل بن صالح،جميل بن دراج،محمد بن مسلم،يزيدبن معاويه،حمران۽ابوبصير پڻ علم فقه جا مشهور عالم گذريا آهن. ”[11]

4_علم عقائد ۽ ڪلام

ڪنهن به مذهب جي دفاع ۾ علم عقائد ۽ ڪلام جو ڪردار نهايت ئي اهم هوندو آهي ۽ ان علم جا ماهر حقيقت ۾ ان مذهب جا چوڪس دربان هوندا آهن ته ڪا غلط شيءِ،ڪا ناروا تهمت يا منحرف ڳالهه مذهب مٿان نه اچي.اهو ئي سبب آهي جو امام صادق عليه السلام علم ڪلام ۾ مختلف شاگردن کي مختلف روشن سان تربيت ڪيو ڪنهن کي مناظري لاءِ ته ڪنهن کي شبهن جي جواب لاءِ ته ڪن کي دشمنن جي يلغار جو جواب ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيائون.انهن شاگردن ۾ مفضل بن عمر جيڪو مسجد ۾ شيعن جي راهنمائي ڪندو هئو،هشام بن حڪم جيڪو مناظري جو تمام وڏو ماهر هيو ۽ مومن طاق جيڪو مخالفن جي شهبن جا جواب ڏيندو هيو .نهايت اهم آهن

مومن طاق امام جو شاگرد هجڻ سان گڏ بازار ۾ واپار به ڪندو هيو،تاريخ ۾ ابو حنفيه سان سندس نوڪ جهوڪ مشهور آهي.امام صادق عه جي شهادت کان پوءِ هڪ ڏينهن ابو حنفيه مومن طاق وٽ آيو ۽ کيس چيائين تنهنجو امام (جعفر صادق عه) مري ويو . (يعني سندن شهادت ٿي وئي هاڻي ٿو ڇا ڪندي؟) مومن طاق کيس جواب ۾ چيو : ۽ تنهنجو امام (شيطان) قيامت تائين زنده رهندو.! ابو حنيفه لاجواب ٿي ويو هليو. ”[12]

امام عه پنهنجي شاگرد هشام بن حڪم بابت فرمايو: هو دل هٿ ۽ زبان سان اسان جي حمايت ڪري ٿو.هو اسان جي حق دفاع ۽اسان جي مقصد کي اڳتي وڌائڻ وارو آهي. ۽ اسان جي دشمن کي ذليل ۽ رسوا ڪندڙ آهي .سندس اطاعت اسان جي اطاعت ۽ سندس دشمن اسان جو ويري آهي. ”[13]

علم ڪلام جي ٻين شاگردن ۾ حمزه طيار پڻ مشهور آهي جنهن جي حق ۾ امام عه پاڻ دعا گهري. ”[14]

5_علم ڪيميا ۽ فزڪس (طبعيات)

علم ڪيميا ۽ طبعيات ۾ سڀني کان مٿي نالو جابربن حيّان آهي جنهن کي ڪميسٽريءَ جو ابو پڻ چيو وڃي ٿو.جنهن ڪيمسٽريءَ سميت مختلف علمن ۾ 500 ڪتاب لکيا.جنهن بابت هن اعتراف ڪيو آهي ته هن اهو سڀ ڪجهه امام جعفر صادق عليه السلام کان سکيو آهي.

ابن نديم لکي ٿو ته جابر 300 رسالا فلسفي،500 رسالا طب لکيا جڏهن ته مختلف جنگي ۽غير جنگي اوزارن بابت لکيل رسالن جو تعداد 1300 آهي جڏهن ته علم منطق ۽ رياضي بابت لکيل ڪتاب ان کان الڳ آهن. ”[15]

امام صادق عليه السلام جي شاگردن جا لکيل ڪتاب

امام صادق عليه السلام جي شاگردن، امام کان سکيل علمن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا آهنليڪن افسوس جو ڪيترائي اهي ڪتاب شيعن مٿان ٿيل ظلم جي شڪار ٿي ويا ۽ مختلف ظالم بادشاهن پاران شيعن جي ساڙيل ڪتابخانن ۾ خاڪ ٿي ويا تنهن هوندي به تاريخ ۾ ملي ٿو ته:

امام عليه السلام جي 400 شاگردن مختلف علمن ۾ ڪتاب لکيا آهن جن جا نالا انهن جي مولفن سميت علم رجال جي ڪتابن ۾ موجود آهن.جن ۾ هيءُ اهم آهن

1_ ابان بن تغلب: هن ”ڪتاب التفسير“ لکيو.

2_علي بن حمزه: هن ”جامع ابواب الفقه“ لکيو.

3_ ابوبصير: هن ”تفسير القرآن“ لکيو.

4_ ابو محمد الشيباني : هن ”ڪتاب الامام“ لکيو.

5_ مومن طاق: هن ”ڪتاب الامامة “ لکيو.

6_هشام بن حڪم: هن مختلف موضوعن تي 17 ڪتاب لکيا. ”[16]

حوالا..............



[1]_ الارشاد شيخ مفيد

[2]_ تذڪرة الحفاظ ج1 ص 166

[3]_ مقدمه تفسير مجمع البيان ج1 ص 7

[4]_ اعيان الشيعه ج4 ص 170

[5]_ڪشف الغمه ج2 ص 166

[6]_ در مکتب احياگر تشيع ص 372

[7]_ در مکتب احياگر تشيع ص 373

[8]_ الامام الصادق ص 421

[9]_ ميزان الاعتدال

[10]_ وسائل الشيعه ج 5 ص104

[11]_ در مکتب احياگر تشيع ص 373

[12]_ در مکتب احياگر تشيع ص 374

[13]_ در مکتب احياگر تشيع ص 374

[14]_ در مکتب احياگر تشيع ص 374

[15]_ در مکتب احياگر تشيع ص 374

[16]_ در مکتب احياگر تشيع ص 375