Get Adobe Flash player

22- سوره بقره آيت 186

وَإِذَا سَأَلَكَ عِبَادِي عَنِّي فَإِنِّي قَرِيبٌ أُجِيبُ دَعْوَةَ الدَّاعِ إِذَا دَعَانِ فَلْيَسْتَجِيبُواْ لِي وَلْيُؤْمِنُواْ بِي لَعَلَّهُمْ يَرْشُدُونَ

ترجمو: ۽ (اي پيغمبر) جڏھن مُنھنجا ٻانھا توکان مُنھنجي پُڇا ڪن (تڏھن چؤ) ته آءٌ ويجھو آھيان، جڏھن (ڪو) مُون کي سڏي ٿو تڏھن سڏيندڙ جو سڏ ورنايان ٿو تنھنڪري مُنھنجو حُڪم قبول ڪرڻ گھرجين ۽ مون تي ايمان آڻڻ گھرجين ته متان اهي هدايت پائن.

شان نزول : چئو ته خدا سڀني جي قريب آهي.

ڪنهن پيغمبر (ص) کان سوال ڪيو : ڇا اسان جو خدا اسان جي ويجهو آهي جو اسان هن کي آهسته پڪاريون ؟ يا اسان کان پري آهي جو اسان وڏي آواز (رڙ) سان سڏ ڪيون؟ مٿين آيت نازل ٿي (۽ انهن جواب مليو ته اوهان جو خدا اوهان جي نزديڪ آهي.)[1]

23_ سوره بقره آيت 187

أُحِلَّ لَكُمْ لَيْلَةَ الصِّيَامِ الرَّفَثُ إِلَى نِسَآئِكُمْ هُنَّ لِبَاسٌ لَّكُمْ وَأَنتُمْ لِبَاسٌ لَّهُنَّ عَلِمَ اللّهُ أَنَّكُمْ كُنتُمْ تَخْتانُونَ أَنفُسَكُمْ فَتَابَ عَلَيْكُمْ وَعَفَا عَنكُمْ فَالآنَ بَاشِرُوهُنَّ وَابْتَغُواْ مَا كَتَبَ اللّهُ لَكُمْ وَكُلُواْ وَاشْرَبُواْ حَتَّى يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الْخَيْطُ الأَبْيَضُ مِنَ الْخَيْطِ الأَسْوَدِ مِنَ الْفَجْرِ ثُمَّ أَتِمُّواْ الصِّيَامَ إِلَى الَّليْلِ وَلاَ تُبَاشِرُوهُنَّ وَأَنتُمْ عَاكِفُونَ فِي الْمَسَاجِدِ تِلْكَ حُدُودُ اللّهِ فَلاَ تَقْرَبُوهَا كَذَلِكَ يُبَيِّنُ اللّهُ آيَاتِهِ لِلنَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ

ترجمو :روزي جي رات ۾ اوھان لاءِ پنھنجين زالن سان صُحبت ڪرڻ حلال ڪئي ويئي، (جو) اُھي اوھان جو ڍڪ آھن ۽ اوھين اُنھن جو ڍڪ آھيو. الله ڄاتو ته اوھين پاڻ سان خيانت ڪندا ھيؤ پوءِ اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو ۽ اوھان کي معاف ڪيائين، پوءِ ھاڻي ساڻن صُحبت ڪريو ۽ الله اوھان لاءِ جيڪي (اولاد) لکيو آھي تنھن جي طلب ڪريو ۽ (ايستائين) کائو ۽ پيئو جيستائين ڪاري ڌاڳي کان باکه جو اڇو ڌاڳو اوھان لاءِ پڌرو ٿئي، پوءِ روزو رات توڻي پورو ڪريو، ۽ جنھن حالت ۾ اوھين مسجدين ۾ اعتڪاف وارا ھجو ته اُنھن (زالن) سان صُحبت نه ڪريو. اِھي الله جون حدون آھن پوءِ اُنھن کي ويجھا نه وڃو، اھڙيءَ طرح الله ماڻھن لاءِ پنھنجا حُڪم پڌرا ڪندو آھي ته مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن.

شان نزول : روزي جو رات تائين هجڻ:

اسلامي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ابتدا ۾ روزي جو حڪم هيئن هئو ته مسلمانن لاءِ صرف رڳو رات جي سمهڻ کان پهريان کائڻ پيڻ جائز جيڪڏهن ڪو شخص کاڌي پيتي کان پهريان سمهي رهندو هو ته سمهڻ کان پوءِ انهيءَ شخص تي کائڻ پيڻ حرام ٿي ويندو هو.

۽ رمضان شريف جي مهيني ۾ مسلمانن تي پنهنجي گهر وارين سان همبستري ڪرڻ حرام هئي.

هڪ ٻڍڙو صحابي جنهن جو نالو ”مطعم بن جبير“ ٻڌايو ٿو وڃي ٿو پڻ انهي حالت ۾ به روزا رکندو هئو. هڪ ڏينهن افطار جي وقت گهر آيو۽ گهر واريءَ کي افطار جي لاءِ کاڌو خوراڪ کڻڻ لاءِ چيائين جيستائين هن جي گهر واري اچي هن ضعيف کي ننڍ کڻي وئي، جڏهن جاڳيو ته هن چيو : مونکي هاڻي افطار ڪرڻ جو ڪو حق ڪونهي، انهي حالت ۾ رات جو سمهي رهيو ۽ صبح جو وري روزي سان خندق(جنگ احزاب جو موقعو هو) کوٽڻ لاءِ مديني جي ويجهو ئي حاضر ٿيو. ڪم ڪندي ڪندي ضعيفي ۽ روزي سبب هي شخص بي هوش ٿي ويو، ته پيغمبر صلى الله عليه وآله وسلم هن جي حالت ڏسي ڪري متاثر ٿيو.

اهڙي طرح ڪجهه جوان به پنهنجي پاڻ تي ڪنٽرول ۾ نه هجڻ ڪري رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ پنهنجي گهر وارين سان همبستري ڪندا هيا.

انهي ڪري هيءَ آيت نازل ٿي ۽ مسلمانن کي اجازت ڏني وئي ته سڄي رات ۾ ڪهڙي به وقت کاڌو کائي سگهن ٿا ۽ پنهنجي گهر وارين سان همبستري به ڪري سگهن ٿا.[2]

24_ سوره بقره آيت 189

يَسْأَلُونَكَ عَنِ الأهِلَّةِ قُلْ هِيَ مَوَاقِيتُ لِلنَّاسِ وَالْحَجِّ وَلَيْسَ الْبِرُّ بِأَنْ تَأْتُوْاْ الْبُيُوتَ مِن ظُهُورِهَا وَلَـكِنَّ الْبِرَّ مَنِ اتَّقَى وَأْتُواْ الْبُيُوتَ مِنْ أَبْوَابِهَا وَاتَّقُواْ اللّهَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ.

ترجمو: (اي پيغمبر) توکان چنڊن (يعني مھينن) بابت پڇن ٿا، چؤ ته اِھي ماڻھن لاءِ (وقت) ۽ حج لاءِ وقت مُقرر ٿيل آھن، ۽ چڱائي (ھن ۾) نه آھي ته (احرام جي حالت ۾) گھرن ۾ سندن پٺين پاسن کان اچو( اها شي حج جي ٽائيم تي جاهليت جي زماني ۾ مرسوم هئي) پر (اصل) چڱائي (اُنھيءَ لاءِ) آھي جيڪو (الله کان) ڊڄي،۽ گھرن ۾ سندن درن کان اچو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو.

شان نزول : مهيني جي چنڊ جو ڇا فائدو آهي؟

هڪ حديث ۾ آيو آهي ته:”معاذ بن جبل“ رسول اڪرمﷺ سوال ڪيو ته: ڪيترائي ماڻهو اسان کان پڇن ٿا ته هي مهيني جو چنڊ ڇا آهي؟ ۽ هن جو فائدو ڪهڙو آهي؟ ( هي چنڊ ڇو آهسته آهسته پورو ٿو ٿئي ۽ وري آهسته آهسته پنهنجي پهرين حالت ۾ موٽي ٿو وڃي ؟ )

خداوند متعال مٿين آيت کي نازل ڪيو ۽ انهن جو جواب ڏنائون.[3]

هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته : يهودين جي هڪ جماعت رسول ﷺ کان پڇيو: هي مهيني جو چنڊ ڇا آهي؟ ۽ هن جو فائدو ڪهڙو آهي؟ ته مٿين آيت نازل ٿي.[4] ۽ انسانن جي زندگي جي نظام کي مادي ۽ معنوي فائدن کي بيان ڪيائين.

25_ سوره بقره آيت 190 ۽ 191.

وَقَاتِلُواْ فِي سَبِيلِ اللّهِ الَّذِينَ يُقَاتِلُونَكُمْ وَلاَ تَعْتَدُواْ إِنَّ اللّهَ لاَ يُحِبِّ الْمُعْتَدِينَ وَاقْتُلُوهُمْ حَيْثُ ثَقِفْتُمُوهُمْ وَأَخْرِجُوهُم مِّنْ حَيْثُ أَخْرَجُوكُمْ وَالْفِتْنَةُ أَشَدُّ مِنَ الْقَتْلِ وَلاَ تُقَاتِلُوهُمْ عِندَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ حَتَّى يُقَاتِلُوكُمْ فِيهِ فَإِن قَاتَلُوكُمْ فَاقْتُلُوهُمْ كَذَلِكَ جَزَاء الْكَافِرِينَ

جيڪي اوھان سان وڙھن تن سان الله جي واٽ ۾ وڙھو ۽ حد کان نه لنگھو، ڇوته الله حد کان لنگھندڙن کي پيارو نه رکندو آھي.

۽ جتي لَھونِ اتي ڪُھونِ ۽ جتان اوھان کي لوڌيائون اُتان لوڌيونِ ۽ فتنو (يعني شرڪ) ويڙھ کان ڏاڍو (بڇڙو) آھي، ۽ اوھين تعظيم واريءَ مسجد وٽ (ايسين) نه وڙھونِ جيسين منجھس اوھان سان (نه) وڙھن. پوءِ جيڪڏھن اوھان سان وڙھن ته اُنھن کي ماريو، ڪافرن جي سزا اِئين آھي.

شان نزول : جنگ جو جائز ۽ منع هجڻ.

ڪجهه مفسرن ، پهرين آيت جي لاءِ ٻه شان نزول آندا آهن.

1_هي پهرئين آيت آهي جيڪا اسلام جي دشمنن سان جنگ جي باري ۾ آئي آهي، هن آيت جي نازل ٿيڻ کان پوءِ رسول اڪرم(ص) انهن سان جنگ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ جيڪي جنگ کان پاسو پيا ڪن ته رسول اڪرم (ص) به انهن کان پاسو پئي ڪيو،ايستائين جو هي حڪم آيو ته : اُقتُلوا المشرکينَ جنهن سڀني مشرڪن سان جنگ جي اجازت ڏني.[5]

2_ ابن عباس کان نقل ٿيل آهي ته هي آيت صلح حديبيه جي موقعي تي نازل ٿي هئي، واقعو هئين آهي ته :رسول خدا(ص) 1400 اصحابين سان گڏ عمره مفرده لاءِ روانه ٿيا، جيئن ئي سرزمين حديبيه تي (مڪّه شريف جي ويجهو هڪ مڪان جو نالو آهي.) پهتا ته مشرڪن انهن کي مڪي ۾ داخل ٿيڻ ۽ مناسڪ عمره کان روڪيو، رسول اڪرم (ص) سان طويل گفتگو کان پوءِ صلح ڪيائون ته مٿين سال عمرو انجام ڏيڻ لاءِ مڪي شريف اچن ۽ مشرڪ ٽي ڏينهن خانه ڪعبه کي خالي رکندا ته جيئن مسلمان طواف ڪري سگهن.

ٻئين سال جڏهن مڪي شريف وڃڻ لاءِ تيار ٿيا ته هن ڳالهه کان ڊنا پئي ته شايد مشرڪ پنهنجي وعدي جي وفا نه ڪن ۽ عمرو ڪرڻ نه ڏين ۽ ائين جنگ ٿيندي. جڏهن ته جنگ جي صورت م پيغمبر ﷺ حرام مهينن ۾ انهن سان جنگ ڪرڻ تي راضي نه هئو ان موقعي تي مٿين آيت نازل ٿي ۽ حڪم ڏنو ويو ته : اگر دشمن جنگ جي شروعات ڪري ته توهان به انهن سان مقابلي لاءِ تيار ٿئي وڃجو.[6]

صاحب تفسير جي نظريي جي مطابق پهريون شان نزول پهرين آيت سان مربوط آهي جڏهن ته ٻيون شان نزول انهي کان بعد وارين آيتن سان مربوط آهي، بهرحال آيتن جو مفهوم ان ڳالهه تي دلالت ٿو ڪري ته سڀ جون سڀ گڏ يا ٿورڙي فاصلي سان نازل ٿيون آهن.



[1] _ تفسير مجمع البيان ، هن آيت جي ذيل ۾ ؛ عوالي اللآلي، ج2، ص82؛ بحار الانوار، ج87، ص53؛ تفسير آلوسي ۽ ٻيون تفسيرون هن آيت جي ذيل ۾ انهي ماجرا کي نقل ڪيو اٿن.

[2] _ وسائل الشيعه ، ج10 ، ص114 ، ح12993 ؛ بحارالانوار، ج90، ص10، ۽ ج93، ص271 ــ تمام گهڻين روايتن ۾ هن جي جڳهه تي، مطعم بن جبير، خوّات بن جبير انصاري، ڀاءَ آيو آهي ، عبدالله بن جبير. ( ڪافي ج4 ، ص98 ، ح 4 ؛ وسايل الشيعه ، ج10 ، ص112، ح 1299 ؛ بحارالانوار ، ج20 ، ص241، 267، و ج93، ص269، 270، 276 و ... )؛ مجمع البيان هن آيت جي تفسير ۾ آيو آهي.

[3] _ مجمع البيان آيت مورد بحث جي ذيل ۾ اها روايت نقل ٿيل آهي: بحارالانوار، ج55، ص118؛ بحرالمحيط ج2، ص229، آيت مورد بحث جي ذيل ۾. تفسير رازي ، ج5، ص280، آيت مورد بحث جي ذيل ۾. تفسير آلوسي ج2، ص71، آيت مورد بحث جي ذيل ۾ .

[4] _ مجمع البيان آيت مورد بحث جي ذيل ۾ ؛ تفسير قرطبي ج2، ص341، آيت مورد بحث جي ذيل ۾ . ۾. تفسير رازي ، ج5، ص280، آيت مورد بحث جي ذيل ۾. تفسير آلوسي ج2، ص71، آيت مورد بحث جي ذيل ۾ .

[5] _تفسير فخر رازي ، ج5 ص175؛ بحارالانوار، ج20، ص320؛ مجمع البيان، آيت مورد بحث جي ذيل ۾. تفسير ابن کثير ج1، ص386، آيت مورد بحث جي ذيل ۾.

[6] _ مجمع البيان، آيت مورد بحث جي ذيل ۾. ٻين تفسيرن ۾ به ان شان نزولن ڏي اشارو ڪيو ويو آهي. ( بحارالانوارج20، ص319. تفسير قرطبي، ج2، ص347، آيت مورد بحث جي ذيل ۾. تفسير رازي ج5، ص287، آيت مورد بحث جي ذيل ۾.