Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 73 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

الله تبارڪ وتعالي انسانن جي هدايت جي لاءِ هر دور ۾ پنهنجا رسول ۽ پيغمبر موڪليا آهن،جيڪي پنهنجي نهايت اعلى اخلاق سان گڏ حڪمت ڀرئي ڪلام سان انسانن جي هدايت ڪندا رهيا آهن. حضرت محمد مصطفى صلى لله عليه وآله وسلم ۽ سندن پاڪ آل مان ايندڙ امامن اسلام کي شريعت محمديه جي روپ ۾ دنيا اڳيان ظاهر ڪيو.جن هميشه انسانيت جي ڪمال تي پهچڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو۽پنهنجي علم۽عمل وسيلي هن امت جي هدايت ۽ راهنمائي ڪئي،سندن زبان تي جاري ٿيڻ هدايت جا انمول موتي اهڙا ته قيمتي هئا جو انسانيت پيار ڪرڻ وارن سندن ڪلام کي قلم جي زنجير سان ڪتابن جي قيدخاني ۾ هميشه هميشه لاءِ محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي،جنهن جي نتيجي ۾ اڄ سوين جلد ڪتاب انهن پاڪ معصومن جي نوراني ڪلام سان مزين ٿي اسان تائين پهتا آهن.هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته آئمه معصومين عليهم السلام جي علم جي بي ڪران بحر ۽ اونهي سمنڊ مان هدايت جا املهه موتي گڏڪري سنڌ جي مومنين ڪرام تائين سندن پنهنجي ئي ٻوليءَ ۾ پهچايا وڃن ته جئين سندن دليون محمد وآل محمد عليهم السلام جي محبت سان گڏ سندن پاڪ ڪلام سان منوّر ٿي سگهن