Get Adobe Flash player

1_ سلام، خدا جي نالن منجهان آهي.

السَّلَامَ: اسْمٌ مِنْ أَسْمَاءِ اللَّهِ تَعَالَى.[1]

سلام خدا جي نالن منجهان هڪ نالو آهي.

2_ امام حسين (ع) جو قاتل حرامي هيو.

كَانَ قَاتِلُ يَحْيَى بْنِ زَكَرِيَّا وَلَدَ زِنًا وَ قَاتِلُ الْحُسَيْنِ بْنِ عَلِيٍّ ع وَلَدَ زِنًا وَ لَمْ تَحْمَرَّ السَّمَاءُ إِلَّا لَهُمَا.[2]

حضرت يحيى بن زڪريا (ع) جو قاتل حرامزادو (حرامي) هو ۽ حضرت امام حسين (ع) جو قاتل پڻ حرامي هو، ۽ آسمان انهن ٻن هستين جي شهادت کان سواءِ ڪنهن جي لاءِ به سُرخ نه ٿيو هو. (آسمان فقط انهن ٻنهي جي شهادت تي گريو ڪيو هيو).

3_ وصيت حق آهي.

الْوَصِيَّةُ حَقٌّ وَ قَدْ أَوْصَى رَسُولُ اللَّهِ ص فَيَنْبَغِي لِلْمُسْلِمِ أَنْ يُوصِي.[3]

وصيت حق آهي، رسول خدا (ص) به وصيت ڪئي هئي، ان ڪري هر مسلمان کي گهرجي ته وصيت ڪري.

4_ ڏکئي ۾ڏکي عبادت.

إِنَّ أَشَدَّ الْعِبَادَةِ الْوَرَع.[4]

سڀني عبادتن مان وڌيڪ سخت عبادت پرهيزگاري آهي.

5_الله جا ڏينهن، ٽي آهن.

أَيَّامُ اللَّهِ ثَلَاثَةٌ يَوْمُ يَقُومُ الْقَائِمُ وَ يَوْمُ الْكَرَّةِ وَ يَوْمُ الْقِيَامَة.[5]

ايامُ الله(الله جا ڏينهن) ٽي آهن: هڪ اهو جنهن ڏينهن قائم (آل محمد ص) قيام ڪندو، ٻيو رِجعت وارو ڏينهن ۽ ٽيون قيامت جو ڏينهن.

6_شراب جي حرام هجڻ جو راز.

حَرَّمَ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ الْخَمْرَ لِفِعْلِهَا وَ فَسَادِهَا.[6]

خدا شراب کي ان ڪري حرام ڪيو آهي جو هو (انسان کي) مست ڪري ڇڏي ٿو ۽ تباهي ۽ برباديجو سبب بڻجي ٿو.

7_ٽي بهترين عمل.

ثَلَاثَةٌ مِنْ أَفْضَلِ الْأَعْمَالِ شُبْعَةُ جَوْعَةِ الْمُسْلِمِ وَ تَنْفِيسُ كُرْبَتِهِ وَ تَكْسُوَ عَوْرَتَه.[7]

ٽي شيون بهترين ۽ تمام وڏي فضيلت واري عملن منجهان آهن (1) ڪنهن بکايل مسلمان کي کاڌو کارائڻ ۔(2) سندس مشڪل آسان ڪرڻ ۔ (3)(جيڪڏهن لباس نه هجيس ته) کيس ڪپڙا پارائڻ.

8_پنج شيون اسلام جو بنياد

بُنِيَ الْإِسْلَامُ عَلَى خَمْسَةِ أَشْيَاءَ عَلَى الصَّلَاةِ وَ الزَّكَاةِ وَ الْحَجِّ وَ الصَّوْمِ وَ الْوَلَايَة.[8]

اسلام جي بنياد پنجن شين تي ٻڌل آهي:نماز،زڪات،حج،روزو۽ ولايت.

9_ عاشورا جو ڏينهن امام مهدي (عج) جي ظهور جو ڏينهن.

يَخْرُجُ الْقَائِمُ ع يَوْمَ السَّبْتِ يَوْمَ عَاشُورَاءَ يَوْمَ الَّذِي قُتِلَ فِيهِ الْحُسَيْنُ ع.[9]

قائم (امام مهدي ) (عج) ڇنڇر جي ڏينهن جيڪو عاشورا جو ڏينهن هوندو ظهور ڪندا، اهو ڏينهن جنهن ۾ امام حسين (ع) کي شهيد ڪيو ويو هو.

10_ چار فضيلت واريون مسجدون.

الْمَسَاجِدُ الْأَرْبَعَةُ الْمَسْجِدُ الْحَرَامُ- وَ مَسْجِدُ الرَّسُولِ ص- وَ مَسْجِدُ بَيْتِ الْمَقْدِسِ- وَ مَسْجِدُ الْكُوفَةِ يَاأَبَا حَمْزَةَ الْفَرِيضَةُ فِيهَا تَعْدِلُ حَجَّةً وَ النَّافِلَةُ تَعْدِلُ عُمْرَة.[10]

اي ابو حمزه! انهن چئن مسجدن _مسجد الحرام.مسجد النبي،مسجد بيت المقدس،مسجد ڪوفه _ ۾ هڪ واجب نماز پڙهڻ جو ثواب هڪ حج ڪرڻ جي برابر آهي ۽ هڪ سنت نماز پڙهڻ جو ثواب هڪ عمرو ڪرڻ جي برابر آهي.

11_ رڪوع ۽ سجدي جو طريقو.

إِذَا أَرَدْتَ أَنْ تَرْكَعَ وَ تَسْجُدَ فَارْفَعْ يَدَيْكَ وَ كَبِّرْ ثُمَّ ارْكَعْ وَ اسْجُد.[11]

جڏهن تون رڪوع ۽ سجدو ڪرڻ چاهين ته پنهنجي هٿن کي بلند ڪر ۽ الله اڪبر چئو، پوءِ رڪوع يا سجدو ڪر.

12_ اهل بيت (ع) سان محبت ايمان ۽ دشمني ڪُفر آهي.

حُبُّنَا إِيمَانٌ وَ بُغْضُنَا كُفْر.[12]

اسان اهل بيت ع) جي محبت ايمان ۽ اسان سان ڪينو رکڻ ڪُفر آهي.

13_ اهل بيت (ع) جو ذڪر خدا جو ذڪر آهي.

إِنَّ ذِكْرَنَا مِنْ ذِكْرِ اللَّهِ وَ ذِكْرَ عَدُوِّنَا مِنْ ذِكْرِ الشَّيْطَانِ.[13]

اسان جو ذڪر خدا جو ذڪر آهي، ۽ اسان جي دشمنن جو ذڪر شيطان جو ذڪر آهي.

14_ شراب پيڻ جو نتيجو .

مَنْ شَرِبَ الْخَمْرَ لَمْ تُقْبَلْ صَلَاتُهُ أَرْبَعِينَ يَوْماً فَإِنْ تَرَكَ الصَّلَاةَ فِي هَذِهِ الْأَيَّامِ ضُوعِفَ عَلَيْهِ الْعَذَابُلِتَرْكِ الصَّلَاة.[14]

جيڪو ماڻهو شراب پئي ٿو ته چاليهه ڏينهن تائين سندس نماز کي قبول نٿو ڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن انهن چاليهه ڏينهن ۾ نماز کي ڇڏي ڏئي ته کيس ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو..

حوالا......



[1]. الاربعون حديثا، ص:50 ؛ الحديث الثاني و العشرون‏

[2]. الارشاد في معرفة حجج الله على العباد، ج‏2 ص:132 ؛ فصل في فضائل الإمام الحسين و مناقبه‏

[3]. من لا يحضره الفقيه، ج‏4 ص:181 ؛ باب في الوصية أنها حق علي ڪل مسلم‏

[4]. الڪافي، ج‏2 ص:77 ؛ باب الورع‏

[5]. روضة الواعظين و بصيرة المتعظين، ج‏2 ص:392 ؛ مجلس في ذڪر الاوقات و ما يتعلق بها

[6]. من لا يحضره الفقيه، ج‏3 ص:567 ؛ باب معرفة الڪبائر التي أوعد الله عز و جل عليها النار

[7]. مصادقة الاِخوان، ص:44 ؛ باب إطعام الاِخوان‏

[8]. من لا يحضره الفقيه، ج‏2 ص:74 ؛ باب فضل الصيام‏

[9]. ڪمال الدين و تمام النعمة، ج‏2 ص:654 ؛ باب‏57

[10]. من لا يحضره الفقيه، ج‏1 ص:229 ؛ باب فضل المساجد و حرمتها و ثواب من صلى فيها

[11]. الڪافي، ج‏3 ص:320 ؛ باب الرڪوع و ما يقال فيه‏

[12]. الڪافي، ج‏1 ص:188 ؛ باب فرض طاعة الأئمة ع‏

[13]. عدة الداعي ونجاح الساعي،ص:256 ؛ فصل و لا ينبغي أن يخلو للانسان مجلس عن ذڪر الله و يقوم منه بغير ذڪر

[14]. روضة الواعظين و بصيرة المتعظين، ج‏2 ص:464 ؛ مجلس في ذڪر الخمر و الربا