Get Adobe Flash player

3_فدڪ۽ سندن شهادت جو رد ٿيڻ

حضرت زهرا سلام الله عليها کان فدڪ کسڻ واري واقعي ۾ ائين ته اهلبيت ع جي مظلوميت جا ڪيترائي پهلوءَ موجود آهن،ليڪن حضرت علي عليه السلام جي لاءِ سڀ کان اهم پهلو سندن شهادت جو قبول نه ٿيڻ آهي.

ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اوهان کي آگاهه ڪندا هلون ته حضرت رسول الله ص جو پنهنجي مشهور صحابي ۽ حضرت علي سلام جي ادنى خادم حضرت خذيمه بن ثابت جي هڪ گواهي ٻن گواهين جي برابر قرار ڏيندي فرمايو ته خذيمه جي هڪ گواهي ٻن گواهين برابر آهي [1] جڏهن ته ان جي مقابلي۾ حضرت علي عليه السلام خليفة الله،وصي رسول الله۽صديق اڪبر هجڻ سان ايمان ۾ خديمه بن ثابت کان ڪيترائي درجابلند هئا ليڪن افسوس جو سندن گواهيءَ کي هڪ عام گواهه جي حيثيت ۾ به قبول نه ڪيو ويو جڏهن ته پاڻ صديق اڪبر هئا جيئن هڪ روايت ۾ آيو آهي ته پاڻ فرمايائون(عَنْ عَبَّادِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ قَالَ عَلِيٌّ أَنَا عَبْدُ اللَّهِ وَأَخُو رَسُولِهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَأَنَا الصِّدِّيقُ الْأَكْبَرُ لَا يَقُولُهَا بَعْدِي إِلَّا كَذَّابٌ .. )[2] ترجمو: مان الله جو ٻانهو،رسول الله جو ڀاءُ آهيان،آءُ صديق اڪبر آهيان۽اها دعوى مون کان بعد ڪوڙي کانسواءِ ڪو نه ڪندو.

ڇا حضرت علي عليه السلام نعوذبالله پنهنجي گواهيءَ ۾ ڪوڙو هئو يا سندن مقام حذيمه بن ثابت کان گهٽ هئو جو سندن گواهي قبول نه ڪئي وئي.....؟ ڇا سندن گواهي جو رد ٿيڻ حضرت علي الله سان ظلم نه هئو؟

4_ عثمان جي قتل جو بي بنياد الزام

ڇا اها حضرت علي عليه السلامجي مظلوميت ناهي جو سندن مٿان بي گناهه هوندي به عثمان جو قتل جو الزام لڳايو وڃي ۽ ان بهاني جنگ جمل۽صفين جهڙين خوني جنگين ۾ هزارين مسلمانن جو خون وهايو وڃي،جڏهن ته تاريخ گواهه آهي ته حضرت علي عليه السلام عثمان جي قتل ٿيڻ جي آخري لحظي تائين ان قتل کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا،جڏهن عثمانجي گهر جو پاڻي بند ڪيو ويو ته پنهنجي فرزندن کي پاڻي ڏئي سندن گهر موڪليائون.ان گهر جي حفاظت لاءِ حسن۽ حسين عليه السلام کي بيهاريائون[3].جڏهن ته ان جي مقابلي ۾خون عثمان جو انتقام،حضرت علي عکان وٺڻ جو نعرو هڻڻ وارا، يا پاڻ ان جي قتل ۾ حصي وارا هئا يا وري ڄاڻي واڻي سستي ڪندي عملي طور تي عثمان جي ڪابه مدد نه ڪئي هئائون .

امام عليه السلام جنگ جمل ۽صفين برپا ڪرڻ وارن جي باري ۾ فرمائن ٿا:و انهم ليطلبون دما، هم سفکوه» اهي ان خون جو حساب پيا وٺن جيڪو پاڻ وهايو هئن. يافرمايو اٿائون[4]

معاويه سان مخاطب ٿيندي فرمايائون: فاما اکثارک الحجاج علی عثمان و قتلته فانک انما نصرت عثمان حيث کان النصر لک، و خذلته حيث کان النصر له [5]

تون جيڪو (هن وقت)عثمان ۽ان جي قتل تي زور پيو ڏئين، تو ان وقت عثمانجي مدد پئي ڪئي جڏهن اها تنهنجي فائدي ۾ هئي،جڏهن اها تنهنجي نقصان۽عثمان جي فائدي ۾ ٿئي ته تو کيس ڇڏي ڏنو.

ان کان پوءِ پاڻ سندن مٿان انالزام لڳائڻ وارن جي حقيقي مقصد کي وائکو ڪندي فرمائن ٿاوَ اللَّهِ مَا اسْتَعْجَلَ مُتَجَرِّداً لِلطَّلَبِ بِدَمِ عُثْمَانَ إِلَّا خَوْفاً مِنْ أَنْ يُطَالَبَ بِدَمِهِ لِأَنَّهُ مَظِنَّتُهُ. هن عثمان جي خون جو انتقام وٺڻ ۾ ان لاءِ جلدي ڪئي، جو ڊپ هئس ته متان ٻيا کائنس عثمان جي قتل جو قصاص ورتو وڃي ڇو جو ڇو جو سندس دامن عثمان جي قتل واري معاملي ۾ صاف نه هئو ” [6]

امام جي ڪلام مان خبر پوي ٿي ته امام تي عثمان جي قتل جو الزام هڻڻ جا ٻه سبب هئا هڪ ته جئين اهي ماڻهو جن جو پنهنجو دامن ان سلسلي ۾ صاف نه هئو پنهنجي جان ڇڏائڻ پيا چاهن ٻيو ڪجهه ماڻهو ڏسن پيا ته کين سياسي فائدو عثمان جي قتل سان حاصل ٿيندو نه ان جي زندهه رهڻ سان.

5_تهمتون۽ بهتان

دنيا جو عجيب نظام آهي جو ڪڏهن ته فاسقن ۽ فاجرن جي شان ۾ انهن جي چاپلوسي ڪندي قصيدا پڙهيا وڃن ٿا ته ڪڏهن حق جي امام تي به ڪوڙيون ڳالهيون ۽ بهتان هنيا وڃن ٿا.هتي اسان ڪجهه کي بيان ڪيون ٿا .

1_ حضرت علي عهکي ڪوڙو ڪرڻ

حيرت جي ڳالهه آهي جو اهي مسلمان جيڪي ٻين خليفن جي وڃڻ کانپوءِ کين صديق اڪبر پيا چون ليڪن حضرت علي عليه السلامجي حڪومت هوندي به کين”نعوذ بالله“ڪوڙو پيا چون.ڇا مظلوميت ان کان وڌيڪ ٻئي ٿي سگهي جو حضرت علي عليه السلام کي پنهنجي ئي دور حڪومت ۾ اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻيون پيون پون .جيڪي اڄبه اسان کان گوارا نه ٿيون ٿين،حضرت علي عليه السلامان باري ۾ پنهنجي غم و غصي جو اظهار ڪندي نهج البلاغه ۾فرمائن ٿا:وَ لَقَدْ بَلَغَنِي أَنَّكُمْتَقُولُونَعَلِيٌّيَكْذِبُقَاتَلَكُمُاللَّهُتَعَالَىفَعَلَىمَنْأَكْذِبُأَعَلَىاللَّهِفَأَنَاأَوَّلُمَنْآمَنَبِهِأَمْعَلَىنَبِيِّهِفَأَنَاأَوَّلُمَنْصَدَّقَه [7]

مون ٻڌو آهي ته اوهان چئو ٿا ته علي ڪوڙ ٿو ڳالهائي،خدا توهان کي قتل ڪري ڇا مان الله تي ڪوڙ ٿو هڻان ؟ جڏهن ته مان ان تي سڀ ايمان پهريان ايمان آڻڻ وارن مان آهيان،يا مان ان جي رسول تي ڪوڙ ٿو هڻان؟ جڏهن ته مون سڀ کان پهريان ان جي تصديق ڪئي آهي...

2_ حضرت علي عه مديني ۾ هڪ وڏي حادثي جوسبب آهي

هن روايت تي کي ڏسو: ما قدم أبو هريرة العراق مع معاوية عام الجماعة ،جاء إلى مسجد الكوفة ... وقال : يا أهل العراق ، أتزعمون أنى أكذب على الله وعلى رسوله ، وأحرق نفسي بالنار ! والله لقد سمعت رسول الله صلى الله عليه وآله يقول : ( إن لكل نبي حرما ، وإن حرمي بالمدينة ، ما بين عير إلى ثور ، فمن أحدث فيها حدثا فعليه لعنة الله والملائكة والناس أجمعين ) ، وأشهد بالله أن عليا أحدث فيها : فلما بلغ معاوية قوله أجازه وأكرمه.

جڏهن ابوهريره معاويه سان گڏ عام الجماعه واري سال ڪوفه آيوته مسجد ڪوفه ۾ وارد ٿيو...چيائين اي اهل عراق ڇا اوهان گمان ڪيو ٿا ته مان الله ۽ ان جي رسول تي ڪوڙ هڻندس؟۽پنهنجي پاڻ کي جهنم جي باهه ۾ ساڙيندس؟ خدا جو قسم رسول الله ص کان ٻڌم ته فرمايائون:. هرنبيءَ جو حرم آهي منهنجو حرم مدينو آهي،عير کان وٺي ثور تائين(حرم جي حد آهي) جنهن به ان حرم ۾ حادثو ڪيو ان تي الله،ملائڪ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي، پوءِ ابوهريره چيو مان خدا کي گواهه بڻائيندي شاهدي ٿو ڏيان ته علي ان حرم ۾ حادثي جو سبب ٿيو آهي.جڏهن معاويه کي اها خبر پئي ته ابوهريره کي انعام و اڪرام ڏنائين ”[8]

6_سندن حڪم جي نافرماني

حضرت علي عليه السلام جي مظلوميت جي مختلف پهلوئن مان هڪ اهو آهي ته سندن بيعت ڪندڙ به سندن فرمانبرداي نه پيا ڪن،سندن پنهنجي ئي لشڪر ۾ اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي سندن فرمان تي لبيڪ نه پيا ڪن.جنهن جي نتيجي ۾ حضرت علي عليه السلام پنهنجي خلافت جي عظيم مقصدن کي پائڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا اهو ئي سبب جو معاويه جي بغاوت ڪامياب وئي جنهن سازشن سان اسلامي سلطنت جي هڪ حصي کي ڦٻائي جيڪو هرگز علي عليه السلام جي لاءِ آسان نه هئو لهذا پاڻ هميشه ڪوفين جي مختلف لفظن ۾ مذمت ڪندا رهيا جيڪي سندن فرمان تي وڙهڻ لاءِ تيار نه هئا.مثلا هڪ جاءِ تي پنهنجي لشڪر وارن کي تنبيه ڪندي فرمائن ٿا: كَمْ أُدَارِيكُمْ كَمَا تُدَارَى الْبِكَارُ الْعَمِدَةُ وَ الثِّيَابُ الْمُتَدَاعِيَةُ كُلَّمَا حِيصَتْ مِنْ جَانِبٍ تَهَتَّكَتْ مِنْ آخَرَ كُلَّمَا أَطَلَّ عَلَيْكُمْ مَنْسِرٌ مِنْ مَنَاسِرِ أَهْلِ الشَّامِ أَغْلَقَ كُلُّ رَجُلٍ مِنْكُمْ بَابَهُ وَ انْجَحَرَ انْجِحَارَ الضَّبَّةِ فِي جُحْرِهَا وَ الضَّبُعِ فِي وِجَارِهَا ... وَ اللَّهِ لَكَثِيرٌ فِي الْبَاحَاتِ قَلِيلٌ تَحْتَ الرَّايَاتِ وَ إِنِّي لَعَالِمٌ بِمَا يُصْلِحُكُمْ وَ يُقِيمُ أَوَدَكُمْ وَ لَكِنِّي لَا أَرَى إِصْلَاحَكُمْ بِإِفْسَادِ نَفْسِي.

آءُ توهان سان ڪيستائين اهڙي نرمي ڪندو رهان جيڪا ان بيمار اٺ سان ڪئي وڃي جنهن جو ٿوهو کوکلو ٿي ويو هجي يا ان پراڻي ڪپڙي وانگر جنهنجي هڪ پاسي کي سبيو وڃي ته ٻيو حصو ڦاٽي پوي ٿو .جڏهن به شام جي طرف کان ڪو لشڪر اچي ٿو ته توهان مان هر هڪ ائين گهر ۾ در بند ڪري ويهي رهي ٿو جيئن ڳوهه پنهنجي ٻر ۾۽ وڇون پنهنجي سوراخ ۾.خدا جوقسم توهان پنهنجي گهر جي صحن ۾ جنگ جي ميدان کان وڌيڪ ويٺل ٿا ڏسجو،مون کي اوهان کي سڌو ڪرڻ جو طريقو اچي ٿو ليڪن مان نه ٿو چاهيان ته پنهنجو دين برباد ڪري اوهان جي اصلاح ڪريان.

عادل حڪمران جي اطاعت ڪرڻ جتي ظلم آهي اتي معاشري جي لاءِ اجتماعي آفت جوباعث بڻجي ٿي

7_سندن فضيلتن جو لڪائڻ

حضرت علي عليه السلامجي حق ۾ ٿيل سنگين ظلمن مان هڪ اهو آهي ته سندن باري ۾ بيان ٿيل بيشمار فضيلتن لڪايو ويو ته جئين سندن عزت ۽عظمت ماڻهن جي سامهون اچي نه سگهي.جنهن ۾ بنواميه وارا سڀني کان اڳرا هئا .ابن ابي الحديد نهج البلاغه تي لکيل پنهنجي شرح ۾ ان جو اظهار ڪندي لکي ٿو:قال [ابو جعفر]: وقد صحأنبنيأميةمنعوامنإظهارفضائلعليعوعاقبواعلىذلكالراويلهحتىأنالرجلإذاروىعنهحديثالايتعلقبفضلهبلبشرائعالدينلايتجاسرعلىذكراسمهفيقولعنأبيزينب.[9]

ابو جعفر چوي ٿو ته اهو مطلب ته صحيح آهي ته بنو اميه حضرت عليه السلام جي فضائلن کي بيان ڪرڻ کي ممنوع ڪري ڇڏيو هئو ۽ان جي فضائلن جي بيان ڪندڙن کي سزا ڏيندا هئا ايستائين جو جيڪڏهن ڪو شخص شرعي مسئلن ۾ به سندن روايت بيان ڪندو هئو ته علي عليه السلام جو نالو وٺڻ جي جرت نه ڪندو بلڪه چوندو هو ته ابو زنيب هيئن چيو...

ڪنهن دانشمند ڪيترو نه ڀلو جملو حضرت علي عليه السلام جي باري ۾ چيو آهي ته :مون کي تعجب آهي علي عه تي جنهن جي فضيلتن کي دوستن ڊپ وچان۽دشمنن حسد جي ڪري لڪايو ليڪن پوءِ سندس فضيلتون ايتري وڏي مقدار ۾ اسان تائين پهتيون آهن.

8_ منبرن تان کين گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي رسم

غيرت مند ماڻهن جي دشمني، دشمن جي هن دنيا مان وڃڻ تائين ئي هوندي آهي .ليڪن حضرت علي عليه السلام سان دشمني ڪندڙ ماڻهن پنهنجي دشمنيءَ ۾ ان حد تائين ڪريل هئا جو سندن وڃڻ کان پوءِ به کين بخش نه ڪيائون۽ منبرن تان کين گهٽ وڌ ڳالهائڻ کي باقاعده رسم جي صورت ڏنائون ۽ ان کي هڪ اهم شرعي فرض وانگر مسلسل هلائيندا رهيا ،ايستائين جو عمر بن عبدالعزيز ان کي بند ڪرايو .

ان پليد رسم کان مڪي ۽ مديني جا منبر به امان ۾ نه هئا .حموي معجم البلدان ۾ لکي ٿو:لعن علي بن أبي طالب،رضي الله عنه ،على منابر الشرق والغرب ... منابر الحرمين مكة والمدينة . علي عليه السلام کي مغرب ۽مشرق جي منبرن تان گهٽ وڌ ڳالهايو ويو ....(ايستائين جو) مڪي۽مديني جي منبرن تان.”[10]

اهل سنت جو نامور اديب۽مفسر زمخشري لکي ٿو ته حضرت علي عليه السلام تي ستر هزار منبرن تانتبّرو ڪرايو ويو .هي لکي ٿو :إنّه كان فى أيّام بنى اميّة أكثر من سبعين ألف منبر يلعن عليها علىّ بن أبى طالب بما سنّه لهم معاوية من ذلك.بنو اميه جي دور ۾ ستر هزار کان وڌيڪ منبر هئا جن تان حضرت علي عليه السلام تيمعاويه جي سنت تي عمل ڪندي تبرا ڪئي ويندي هئي [11]

ڇا اهو ظلم ناهي ته مڪي ۽ مديني جا اهي منبر جن تان الله جو پاڪ رسول علي عليه السلام جا فضائل بيان ڪندي نه ٿڪبو هئو .انهن ئي منبرن تان علي عليه السلام کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي،سندن مٿان تبرا ڪيا وڃن ؟

9_کين گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان انڪار جي سزا

بنو اميه جي دور ۾ جتي حضرت علي عليه السلام کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو اتي جيڪڏهن ڪير کين گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان انڪار ڪندو هئو ته ان کي سزا ڏني ويندي هئي.

اهل سنت جو مشهور عالم ذهبي پنهنجي ڪتاب سيراعلام النبلاءِ ۾ ابن ابي ليلى جو داستان بيان ڪندي لکي ٿو:روي عن أبي حصين، أن الحجاج استعمل عبد الرحمن بن أبي ليلى على القضاء ثم عزله ، ثم ضربه ليسب أبا تراب رضي الله عنه.ابو حصين روايت ٿو ڪري ته حجاج عبدالرحمن بن ابي ليلى کي قاضي ڪري رکيو هئو پوءِ کيس معذول ڪري مار ڏنائين ته جيئن حضرت علي عليه السلام کي گهٽ وڌ ڳالهائي.”[12]

10_عليءَ جونالو رکڻ جي سزا موت آهي.

حضرت علي عليه السلام سان دشمنيءَ جي حد ايتري ته وڌي چڪي هئي جو سندن دشمن اهو گوارا نه ڪندا هئا ته ڪير پنهنجي نئين ڄاول ٻار تي علي نالو رکي.اهو ئي سبب آهي ته علم رجال وارن علي بن رباح جي سوانح حيات ۾ لکن ٿا ته :كانتبنوأميّةإذاسمعوابمولودإسمهعلى،قتلوهفبلغذلكرباحاًفغيّرإسمبنيه”بنو اميه وارا جڏهن ٻڌندا هئا ته ڪنهن نئين ڄاول ٻارجو نالو علي آهي ته ان کي قتل ڪري ڇڏيندا آهن“،جڏهن اها خبر رباح کي پئي ته هن پنهنجي پٽ جو نالو مَٽائي ڇڏيو“ ”[13]

11_سندن مزار سئو سال کان وڌيڪ عرصي تائين مخفي رهي

خانه ڪعبه ۾ ايندڙ علي ،مسجد ڪوفه ۾ شهيد ٿيندڙ علي عه جنهن جا فضايل مشرق کان مغرب تائين بيان ڪيا وڃن ٿا ، ان جي مظلوميت جي انتها اها هئي جو سندن مزار 100 سال کان به وڌيڪ عرصي تائين مخفي رهي ايستائين جو امام جعفر صادق عليه السلام پنهنجي اصحابن کي ان جي نشاندهي ڪئي. شيخ مفيد پنهنجي ڪتاب الارشاد ۾ لکي ٿو: و تولى غسله و تكفينه ابناه الحسن و الحسين ع بأمره و حملاه إلى الغري من نجف الكوفة فدفناه هناك و عفيا موضع قبره بوصية كانت منه إليهما في ذلك ... فلم يزل قبره ع مخفيا حتى دل عليه الصادق جعفر بن محمد ع في الدولة العباسية

حضرت علي عليه السلام کي سندن فرزندن حسن۽حسين عليهما السلام غسل۽ ڪفن ڏنو ۽کين سندن وصيت مطابق ڪوفي کان نجف واري پاسي خفيه دفن ڪيو ويو،سندن قبر ايستائين مخفي هي جو امام جعفر صادق عليه السلام ان کي بنو عباس جيدور ۾ ظاهر ڪيو . ”[14]

سيد ابن طاؤس لکي ٿو: فاقتضي ذالكأنأوصىبدفنهعليهالسلامسراخوفامنبنيأميةوأعوانهموالخوارجوأمثالهمفربمالونبشوهمععلمهمبمكانهحمل ذلك بني هاشم على المحاربة والمشاققةحضرت علي عليه وصيت ڪئي ته کين خفيه طور دفن ڪيو وڃي متان بنو اميه،سندن پيروڪارن يا خارجين کي خبر پوي ۽ اهي سندن قبر کوٽڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ائين بني هاشم ۽ انهن جي وچ ۾ ويڙهه وڌي“ . ”[15]

12_سندن قبر کوٽڻ جي سازش

شريف انسان احسان جو بدلو احسان سان چڪائيندا آهن ليڪن پليد انسان پنهنجي پليديءَ جي ڪري احسان فراموش ٿي ڪري دشمني پاڙيندو آهي اهڙو ئي حال اهلبيت عليهم السلام جو ابدي دشمن مروان جو آهي.قاضي نعمان بن محمد پنهنجي ڪتاب شرح الاخبار ۾ سندس خباثت جي داستان بيان ڪندي لکي ٿو: قد كان علي عليه السلام أسره يوم الجمل، فمن عليه وأطلقه، فما راعى ذلك ولا حفظه بلقد شاور معاوية اللعين في نبش قبر علي صلوات الله عليه لما غلب على الامر... يحرضه بذلك على نبش قبر علي عليه السلام، ويذكره قتلى بدر من بني عبد الشمس، ومن قتل منهم على الكفر غير موسد ولا مدفون.[16]

مروان کي علي عليه السلام جنگ جمل ۾ گرفتار ڪيو ليڪن پوءِ سندس مٿان احسان ڪندي آزاد ڪيائين،ليڪن مروان احسان فراموشي ڪئي۽جڏهن معاويه حڪومت تي ويٺو ته کيس مشورو ڏنائين ته حضرت علي عليه السلام جي قبر کوٽي وڃي....کيس حضرت علي جي قبر کوٽڻ جي تشويق ڏياريندي،ياد پئي ڏياريائين ته جنگ بدر ۾ جيڪي قتل ٿي ويا هئا اهي عبدالشمس جي خاندان مان هئا۽جيڪي ان جنگ ۾ قتل ٿيا هئا اهي بغير دفن ڪفن جي رهجي ويا هئا.

13_ علي عليه السلام۽ عثمان جي قاتلن ۾ فرق

تاريخ جي ورق ۾ عليه السلام سان ٿيل ظلمن جا داستان پڙهي ڏک ۽حيرت سان دل ڀرجي وڃي ٿي ۽ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيو ته ڇا ظلم جا اهڙا اهڙا روپ به سامهون اچي سگهن ٿا.؟ڇا حضرت علي عليه السلام کان وڌيڪ به ڪو مظلوم ٿي سگهي ٿو.؟

تعجب ٿئي ٿو تاريخ جي اهڙن منصفن تي جيڪي عثمان جي قاتلن کي ته دين مان خارج ٿيل مرتد،ظالم ستمگر۽خوانخوار چون ٿا،ليڪن مجسمه ايمان،مظهر عدالت،مولاي متقيان جي قاتل کي مسلمان،محب خدا و رسول سڏين ٿا پهريان عثمان جي قاتلن جي باري ۾ هيٺيان قول پڙهو:

1_ابن حزم اندلسي لکي ٿو:فسّاق،ملعونون،محاربون،سافكون دماًحراماًعمداً [17]

(عثمان جا قاتل فاسق،ملعون،دهشتگرد۽ناحق خون وهائيندڙ آهن.)

2_ابن تيميه لکي ٿو:قوم خوارج ، مفسدون فى الأرض ، لم يقتله إلّا طائفة قليلة باغية ، ظالمة ، وأمّا الساعون فى قتله فكلّهم مخطئون ؛ بل ظالمون باغون معتدون.[18]

عثمان کي قتل ڪندڙ، دين مان خارج، زمين۾فساد پيدا ڪندڙ،اهڙن ماڻهن جو ننڍو ٽولو هئو، جيڪي باغي۽ظالم هئا ۽جن به سندس قتل۾ انهن جي مدد ڪئي،اهي سڀ خطاڪار،ظالم،باغي۽حد کان تجاوز ڪندڙ هئا.

3_ابن کثير لکي ٿو: هؤلاء الذين خرجوا على أمير المؤمنين عثمان رضى اللّه عنه من جملة المفسدين فى الأرض . . . البغاة الخارجين على الإمام . . . الجهلة .[19]

اهي جن اميرالمومنين عثمان تي خروج ڪيو، اهي زمين تي فساد ڦهلائيندڙ،باغي۽پنهنجي وقت جي امام تي خروج ڪندڙنجاهلن منجهان هئا

هاڻي اچو ڏسون ته مولاي ڪائنات حضرت علي عليه السلام جي قاتل جي باري ۾ اهي ماڻهو ڇا ٿا چون.

1_ابن حزم اندلسي لکي ٿو:لا خلاف بين أحد من الأمّة فى أنّ عبد الرحمان بن ملجم ، لم يقتل عليّاً إلّا متأوّلاً مجتهداً مقدّراً أنّه على صواب...[20]

امت ۾ ان ڳالهه تي ڪوبه اختلاف ناهي ته عبدالرحمان ابن ملجم علي عهکي(قرآن جي تفسير۽) تاويل ۽اجتهاد ڪندي قتل ڪيو۽هن جو عقيدو هئو ته سندن ڪم صحيح آهي.

2_ ابن تيميه لکي ٿو:الذى قتل عليّاً كان يصلّى ويصوم ، ويقرأ القرآن ، وقتله معتقداً أنّ اللّه ورسوله يحبّ قتل علىّ ، وفعل ذلك محبّة للّه ورسوله فى زعمه ، وإن كان فى ذلك ضالاً مبتدعاً [21]

جنهن علي ع کي قتل ڪيو اهو نماز پڙهندڙ، روزو رکندڙ۽ قرآن پڙهندڙ هئو .هن علي ع کي قتل ڪيو جڏهن ته اهو عقيدو هيس ته الله ۽ ان جو رسول علي ع جي قتل کي پسند ڪري ٿو،هن اهو ڪم پنهنجي گمان ۾ الله ۽ رسول جي محبت ۾پئي ڪيو جيتوڻيڪ هو گمراهه۽بدعت گذار هئو.

اهي سڀ ڪجهه ڪيو ويو جڏهن ته رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن جون صريح حديثون موجود آهن ته حضرت علي عليه السلام جو قاتل پوري انسان ذات مان بدبخت۽پليد ترين شخص هئو.مثلا مسند احمد بن حنبل ۾ آيو آهي ته عمار ياسر کان نقل ٿيو آهي ته هڪ جنگ ۾ آءَ علي ع سان گڏ ويٺو هئس ته رسول خدا آيا۽ فرمايائون :

قال الا أُحَدِّثُكُمَا بِأَشْقَى الناس رَجُلَيْنِ قُلْنَا بَلَى يا رَسُولَ اللَّهِ قال أُحَيْمِرُ ثَمُودَ الذي عَقَرَ النَّاقَةَ والذي يَضْرِبُكَ يا علي على هذه يَعْنِى قَرْنَهُ حتى تُبَلَّ منه هذه يَعْنِى لِحْيَتَهُ[22]

ڇا اوهان کي سڀني انسانن مان ٻن سڀني کان وڌيڪ بدبخت ماڻهن جي باري ۾ ٻڌايان؟ چيوسين جي ها،يارسول الله ! پاڻ فرمايائون پهريون اهو جنهن حضرت صالح جي ڏاچيءَ جا پير ڪٽيا۽ٻيو اهو ياعلي جيڪو تنهنجي سر تي هتي (هٿ سان اشارو ڪندي فرمايائون) وار ڪندو۽تنهنجي ڏاڙهيءَ کي خون سان رنگين ڪندو.

بهرحال حضرت علي عليه السلام جي مٿان ٿيل ظلم ان کان گهڻا آهن جو ڳڻي سگهجن فقط ان دعا سان مقالي جي پڄآڻي ڪيون ٿا ته خداوند متعال حضرت علي عليه السلام جي يارهين فرزند ،وقت جي امام،حضرت حجت ابن الحسن عج جي ظهور ۾ تعجيل فرمائي جيڪو سندن انتقام وٺي.

 

(وَسَيَعْلَمُ الَّذينَ ظَلَمُوا أَيَّ مُنْقَلَبٍ يَنْقَلِبُون‏)

 



[1]_(ڏسو ڪتاب المستدرڪ على الصحيحين ج3ص448 ۽ المعجم الڪبيرج4 ص 84)

[2]_ سنن ابن ماجة ، ج1 ، ص 44 ، و البداية والنهاية ، ج3 ، ص 26 والمستدرك ، ج3 ،ص 112

[3]_ مروج الذهب مسعودي جلد 1 صفحو 311

[4]_نهج البلاغه خطبو22

[5]_نهج البلاغه،خط 37

[6]_نهج البلاغهخطبو 174

[7]_نهج البلاغه خطبو 71

[8]_ شرح نهج البلاغه ابن ابي حديد ج 4 ص 67

[9]_شرح نهج البلاغه ،ابن ابي الحديد ج 4 ص 73

[10]_معجم البلدان ، ج3 ، ص191 .

[11]_ربيع الابرار ، ج 2 ، ص186

[12]_ سير اعلام النبلاء ، ج4 ، ص267 .

[13]_ سير أعلام النبلاء :ج 5 ص102 ،ج 7 ص 413 ، تهذيب الڪمال : ج 20 ص 429 ،ترجمة على بن رباح

[14]_ الارشاد في معرفة حجج الله علي العباد، ج1، ص10

[15]_فرحة الغري في تعيين قبر أمير المؤمنين علي، ص54

[16]_شرح الاخبار في فضائل االائمة الاطهار، ج3، ص162

[17]_ الفِصَل ج 4 ص 161

[18]_ منهاج السنة :ج 6 ص245 ، 296 ، 297

[19]_ البداية والنهاية :ج 7 ص 208 ،حوادث سنة 35

[20]_ ڪتاب المحلي لابن حزم ج 10 ص 484

[21]_ منهاج السنة :ج1 ص 153 .

[22]_ مسند أحمد : ج4 ص263