Get Adobe Flash player

2_ حضرت علي عليه السلام جي گهر کي باهه۽ حضرت محسن جو سقط ٿيڻ

اسلامي تاريخ جي پيشانيءَ تي بيعت وٺڻ لاءِ خاندان وحي،اهل بيت رسول عليهم السلام جي در کي باهه ڏئي ساڙڻ وارو اهڙو ته ڪارو ٽڪو آهي جيڪو ڪڏهن به صاف ٿي نه سگهندو.اڄ چوڏنهن سئو سال گذرڻ باوجود ان دردناڪ حادثي جا آثار امت اسلاميه مٿان پنهنجي پوري آب وتاب سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا.مسئلوفقط هڪ بيعت جو ناهي جيڪو درگذر ڪري ڇڏجي . بلڪه مسئلو اخلاقي قدرن جو آهي جيڪي پائمال ٿيو،مسئلو انساني حقن جو آهي جيڪي لتاڙيا ويا،مسئلو اسلام جي وجود ۾ دل جي حيثيت رکندڙ اصول جو آهي جنهن کي جڙن اکاڙيو ويو.اسلام جو پهرئين ڏينهن کان وٺي اهو نعرو آهي ته پوري دنيا جي دينن جي برخلاف اسلام امن اخلاق،مرضي۽آزاديءَ جو دين آهي.ڪنهن ڪافر کي به مجبور نه ٿو ڪري سگهجي ته هو مسلمان ٿئي(لا اکراه في الدّين)ڪنهن مشرڪ کي به مجبور نه ٿو ڪري سگهجي ته هو اسلام جي پيروي ڪري.اسلام جو هر حڪم مصلحت تي مبني آهي .سندس ڪنهن به حڪم ۾ ماڻهن لاءِ فردي يا اجتماعي ضرر يا زيان ناهي(لاضرر ولاضرار في الاسلام)ليڪن هن واقعي ۾ ڏسون ٿا ته نه فقط اسلام جي اصولن جي رعايت نه ڪئي وئي بلڪه انساني۽ اخلاقي قدرن جي به لٿاڙ ڪئي وئي.

مولا علي عليه السلام جي مظلوميت جو هيءُ داستان نهايت عجيب آهي.هڪ طرف ته رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جي خلافت جو مسلمه حق کسيو ويو ۽ ٻيا سندن جاءِ تي ناحق ويهي رهيا ته ٻئي طرف وري اهي ساڳيا ئي ماڻهو سندن کان ئي بيعت وٺڻ آيا ته اسان کي رسول الله جو جانشين مڃ .. نه فقط زباني ڌمڪيون ڏنائون بلڪه عملي طور به سندن گهر تي ماڻهن جي انبوه وٺي آيا.در کي باهه ڏنائون.سندن گهرواريءَ کي ڌڪ هنيائون ايستائين جو حضرت زهرا سلام الله عليها جي بطن ۾ موجود حضرت علي عليه السلام جو فرزند حضرت محسن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ ئي پنهنجي پرودگار ڏانهن موٽي ويو.

شيعه توڙي سني تاريخدانن هن واقعي کي مختلف طريقن سان ذڪر ڪيو آهي اسان هن واقعي تي تبصري ڪرڻ کان پهريان انهن دانشمندن جي ڪجهه قولن کي ذڪر ڪيون ٿا ته جيئن چڱي نموني حضرت علي عليه السلام جي مظلوميت چٽي ٿي سگهي.

1_زباني ڌمڪي

ابن ابي شيبه (محمد بن اسماعيل بخاريءَ جو استاد) پنهنجي ڪتاب المصنف ۾ هن واقعي کي هئين ذڪر ڪري ٿو:

أنه حين بويع لأبي بكر بعد رسول الله ( ص ) كان علي والزبير يدخلان على فاطمة بنت رسول الله ( ص ) فيشاورونها ويرتجعون في أمرهم ، فلما بلغ ذلك عمر بن الخطاب خرج حتى دخل على فاطمة فقال : يا بنت رسول الله ( ص ) ! والله ما من أحد أحب إلينا من أبيك ، وما من أحد أحب إلينا بعد أبيك منك ، وأيم الله ما ذاك بمانعي إن اجتمع هؤلاء النفر عندك ، إن أمرتهم أن يحرق عليهم البيت ....

رسول الله (ص) کان بعد جڏهن ابوبڪر جي بيعت ٿي ته حضرت علي۽ زبير هضرت زهرا جي گهر گڏ ٿيا ته جيئن ان مسئلي جي باري ۾ مشورو ڪن.جڏهن اها ڳالهه عمر بن خطاب تائين پهتي ته حضرت زهرا (س) وٽ پهتو ۽ چيائينس ته اي بنت رسول الله اسان کي رسول الله ص ۽ ان کان بعد توکان وڌيڪ ٻيو ڪير پيارو ڪونهي.ليڪن جيڪڏهن اهي تو وٽ گڏ ٿيا ته اها محبت مانع نه ٿيندي جو مان حڪم ڪيان ته هن گهر کي باهه ڏين.....[i]

ڇا جنهن جو حق ائين رات واهه کسيو وڃي ڇا ان کي حق ناهي جو هو پنهنجي گهر ۾ ويهي پنهنجي ويجهن دوستن سان ان بابت صلاح مشورو ڪيو وڃي..؟

ڇا حڪومت جي ڪنهن قدم خلاف گهر ۾ ويهي صلاح مشوري ڪرڻ جو جرم گهر کي باهه ڏيڻ آهي..؟

2_حضرت زهرا س جي جواب تي اصرار

اهل سنت جو عالم علامه بلاذري لکي ٿو:

إن أبابکر آرسل إلي علي يريد البيعة ، فلم يبايع ، فجاء عمر و معه فتيلة . فتلقته فاطمة علي الباب فقالت فاطمة : يابن الخطاب ! أتراک محرّقا عليّ بابي ؟! قال : نعم ، و ذلک أقوي فيما جاء به أبوک .[ii]

ابوبڪر حضرت علي ع ڏي بيعت لاءِ ماڻهو موڪليو،ليڪن پاڻ بيعت نه ڪيائون ته عمر هڪ ٽولو وٺي آيو ته در وٽ حضرت زهرا ملي ۽کيس چيائين:اي خطاب جا پٽ: ڇا مان اهو ڏسندس ته تون منهنجي در کي باهه ڏيندي..؟ ته چيائين ها ۽ اهو تنهنجي پيءُ جي دين لاءِ ڀلو آهي.

جيڪڏهن هن توايت کي مٿين سان ملائي ڏسون ته مطلب اهو ٿيندو ته جڏهن حضرت زهرا عمر کي پنهنجي در جي اهميت جتائيندي سوال ٿي ڪري ته جيڪڏهن تون مون سان ۽ منهنجي بابا سان ايتري محبت آهي ته ڇا پوءِ به تون اسان جي گهر کي باهه ڏيندي؟ ته جواب ۾ نه فقط عمر جو اسرار ظاهر ٿئي ٿو بلڪه ڏسون ٿا ته عمر ان کي شرعي رنگ ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي .

سوال اهو آهي ته ڇا پنهنجي مفاد ۽ راءِ کي درست ڪرڻ لاءِ ان تي شريعت جو رنگ ڏيڻ صحيح آهي؟اهو به فقط ان لاءِ ته ڪير وقت جي خليفي جي بيعت ڪري؟جڏهن ته اسان ڏسون ٿا ته رسول الله (ص) پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ ڪنهن مشرڪ کي به مسلمان ٿيڻ لاءِ زبردستيءَ کان ڪم نه ورتو نه ئي کي ڌمڪيون ڏنائين ته توهان جا گهر ساڙيا ويندا .؟

3_ڌمڪيءَ کي عملي جامو پهرائيندي در کي باهه ڏئي در کي سائنڻ زهرا (س)مٿان ڪيرائڻ.

جيڪڏهن تاريخ فقط ايترو لکي ها ته اسان سمجهون ها ته اها بيعت وٺڻ لاءِ فقط هڪ ڌمڪي ئي هئي ته جيئن هڪ وسيع مفاد حاصل ڪيو وڃي ائين عمر بن خطاب جي قدم جي ڪجهه حد تائين درستگي ٿي وڃي ها ليڪن اهل سنت جو هڪ ٻيو عالم مسعودي شافعي پنهنجي ڪتاب اثبات الوصية ۾ لکي ٿو:

فهجموا عليه وأحرقوا بابه ، واستخرجواه منه كرهاً ، وضغطوا سيّدة النساء بالباب حتّى أسقطت محسناً [iii]

پوءِ گهر تي حملو ڪيو ويو انجي در کي ساڙيو ويو ۽ انهن ٻنهي (شايد مراد حضرت علي ۽ زبير آهي) کي زوريءَ گهر کان ٻاهر آندو ويو.۽حضرت زهرا (س) کي در جي (طاق) سان ايترو ته زور ڏنو يو جو (سندن بطن ۾ موجود)محسن سقط ٿي ويو.

پنهنجي مقصد جي حصول لاءِ آخري قدم کنيو ويو ۽ حضرت علي عليه السلام جي اکين اڳيان سندن گهر تي حملو ڪيو ويو، در کي باهه ڏني وئي،۽کين زوريءَ ٻاهر آندو ويو ۽ ان وچ ۾ کين اهو به ڏيکاريو ويو ته سندن گهر واريءَ سان ڇا پيو ٿئي...

3_ حملي ڪرڻ وارن جي اخلاق اعلى نمونو

افسوس اهو جو جن حضرت علي عليه السلام جي گهر تي حملو ڪيو انهن نه فقط در کي باهه ڏني ۽ گهر ۾ بي اجازت داخل ٿي گهر وارن کي هراسان ڪيو بلڪه پنهنجي اخلاق جو عملي مظاهرو به ڪيو جنهن کي نقل ڪندي اهل سنت جو مشهور عالم ابن حجر عسقلاني پنهنجي ڪتاب لسان الميزان ۾ لکي ٿو:

إنّ عمر رفس فاطمة حتّى أسقطت بمحسن[iv]
عمر حضرت بيبي زهرا سلام الله عليها کي اهڙي ته لت هئين جو حضرت محسن سقط ٿي ويو

هن عبارت کي علامه صفدي پنهنجي ڪتاب الوافي بالوفيات ۾ هن طرح ذڪر ڪيو آهي :

انّ عمر ضرب بطن فاطمة يوم البيعة حتّى ألقت المحسن من بطنها[v]

بيعت واري ڏينهن عمر حضرت زهرا (س) جي بطن ۾ اهڙو ته ڌڪ هنيو جو محسن سقط ٿي ويو

جيڪڏهن انهن ٻنهي جملن تي غور ڪجي ته خبرپوندي ته حضرت علي عليه السلام کان زوريءَ بيعت وٺڻ لاءِ سندن گهرواريءَ مٿان تشدد ڪري کين ذهني ٽارچر ڪيو ويو ته جيڪڏهن بيعت نه ڪندي ته اسان ڪيتري حد تائين وڃِي سگهون ٿا...؟

اتي ذهن ۾ پهريون سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا اسلام جي عدالتي نظام ۾ ڪجهه به مجرم کي (نعوذ بالله جيڪڏهن حضرت علي عليه الاسلام جرم هجن ها....) ان جي گهر وارن کي پريشان ڪرڻ صحيح آهي...؟

ان کان وڌي ڪري اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪنهن عام مسلمان جي ناموس مٿان اهڙو حملو ڪرڻ ....اهو به سندس ئي اکين اڳيان.....جائز آهي ؟

آخري سوال وري اهو آهي ته ڇا ڪنهن به مسلمان عورت مٿان حملو ڪرڻ.،ان تي جسماني تشدد ڪرڻ، اهڙي نموني ان جو ٻار ساقط ڪرڻ. جائز آهي..؟ ۽ جيڪڏهن حرام آهي ته اهڙي ڏوهه جي سزا ڇا آهي...

حضرت علي عليه السلام جي مظلوميت جي عڪاسي

هاڻي جيڪڏهن اسان ڪجهه دير لاءِ پنهنجي پاڻ کي حضرت علي عليه السلام جي جاءِ تي رکي پاڻ کان سوال ڪيون ٿا ڇا اسان اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهنداسين..؟ڇا اسان برداشت ڪنداسين ته ڪير اسان جي در تي ماڻهن جو هجوم وٺي اسان کي ڌمڪيون ڏئي...؟ اسان جي در کي باهه ڏئي،نامحرم ماڻهن سان گهر ۾ داخل ٿئي جڏهن ته اسان جا ٻار به اندر هجن..؟ اسان جي حالت ان وقت ڇا هوندي جڏهن اسان جي سامهون ڪير اسان جي گهر واريءَ مٿان تشدد ڪري جنهن جي نتيجي ۾سندس پيٽ ۾ موجود ٻار سقط ٿي وڃي.وري اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ به اسان کي اهڙي ڳالهه مڃڻ تي مجبور ڪيو وڃي جنهن ۾ حق به اسان سان هجي ..!!!!

ليڪن حضرت علي عليه السلام انهن سڀئي ظلم ٿيڻ بعد به مجبور هئا ته صبر ڪن .ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي رسول الله (ص) جي وصيت هئي ته ٻئي پاسي اسلام جو اجتماعي مفاد...لهذا حضرت علي عليه السلام صبر ڪيو ليڪن ان وقت جيڪا سندن حالت اهي ان کي تاريخ پنهنجي ورقن ۾ هيئن درج ڪيو آهي:

ورنّ حينذاك صوت الزهراء عند مدخل الدار ... فإن هي إلاّ رنة استغاثة أطلقتها : يا أبت رسول الله ... تستعدي بها الراقد بقربها في رضوان ربّه علي عسف صاحبه ، حتي تبدّل العاتي المدل غير إهابه فتبدّد علي الأثر جبروته...وعند ما نكص الجمع ، وراح يفرّ كنوافر الظباء المفزوعة أمام صيحة الزهراء ، كان عليّ يقلّب عينيه من حسرة وقد غاض حلمه ، وثقل همّه ، وتضبضت أصابع يمينه علي مقبض سيفه كهمّ من غيظه أن تغوض فيه ...“ [vi]

ان وقت حضرت زهرا سلام الله عليها در وٽان صدا بلند ٿي ته اي منهنجا بابا الله جا رسول... ڄڻ ته کين سڏين پيون ته اچو ۽ مون کي هن ظلم کان بچايو...جڏهن حضرت زهرا س جي ان صدا جي ڪري ماڻهن واپس ٿيڻ شروع ڪيو ته عمر ڊنل هرڻ وانگر فرار ٿي ويو...جڏهن ته حضرت علي عليه السلام (جي حالت اها هئي جو) شديد غم و غصي ۽ حسرت سان هيڏانهن هوڏانهن پئي نهاريائون جڏهن ته سندن هٿ تلوار جي هٿئي تي پئي ڦريو لڳي پيو ته ڄڻ پنهنجي شديد غصي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون....

جيڪڏهن مٿين روايت تي غور ڪيو وڃي ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسلام جو مشهور پهلوان،شجاع ترين سپاهي جنهن هر جنگ ۾ پنهنجي تلوار جا عظيم جوهر ڏيکاريندي دشمنان اسلام کي نيست ونابود ڪيو آهي ته جنهن جو نالو ٻڌندي ئي وڏن وڏن پهلوانن جون دليون دهلجي وينديون هيون.جيڪو اڪيلو ئي سوين ڪافرن مٿان حاوي هوندو هيو ان کي آخر ڇا ٿيو جو اهڙو چپ ٿي ويو جو پنهنجي ئي گهر ۾ پنهنجي گهروارن مٿان ظلم ڪرڻ وارن کي روڪي نه سگهيو....جنگ جي خوف کان پهاڙن م پناهه وٺڻ وارن بزدلن کي دڙڪو ڏئي نه سگهيو...؟

ته جواب ساڳيو ئي آهي ته عظيم مقصد جي حصول لاءِ عظيم قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن.حضرت علي عليه السلام جي لاءِ ٻه رستا هئا هڪ اهو ته پنهنجي ظاهر حق لاءِ تلوار کڻي طاقت جي زور تي پنهنجو حق واپس وٺن ها جنهن جو نتيجو امت مسلمه جي تقيسم ۽ اسلام جي برباديءَ جي شڪل ۾ اچي ها جڏهن ته ٻيو رستو اهو هئو ته صبر ڪن ۽اهڙا ظلم برداشت ڪندي اسلام جي بقا جي جنگ وڙهن.قربانيون ڏئي اسلام کي ابديت جي راهه تي لڳائي اربين مسلمانن جي ايمان لاءِ محفوظ رستو پيدا ڪن.

حضرت علي عليه السلام دنيا کي دين مٿان قربان ڪندي صبر۽ شڪر کي اختيار ڪيائون شايد خطبه شقشقيه جا هي لفظ ان وقت جي ئي عڪاسي ئي آهن جو فرمايائون: صبرت وفى العين قذى و فى الحلق شجى أرى تراثى نهباً مون ان حال ۾ صبر ڪيو جڏهن (ڄڻ) ته اک ۾ ڪنڊو چُڀيل هجي ۽ نڙيءَ ۾ هڏي ڦاٿل هجي جڏهن ته ڏٺم پئي ته منهنجي ميراث کي لٽيو پيو وڃي.[vii]

3_فدڪ۽ سندن شهادت جو رد ٿيڻ

حضرت زهرا سلام الله عليها کان فدڪ کسڻ واري واقعي ۾ ائين ته اهلبيت ع جي مظلوميت جا ڪيترائي پهلوءَ موجود آهن،ليڪن حضرت علي عليه السلام جي لاءِ سڀ کان اهم پهلو سندن شهادت جو قبول نه ٿيڻ آهي.

ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اوهان کي آگاهه ڪندا هلون ته حضرت رسول الله ص جو پنهنجي مشهور صحابي ۽ حضرت علي سلام جي ادنى خادم حضرت خذيمه بن ثابت جي هڪ گواهي ٻن گواهين جي برابر قرار ڏيندي فرمايو ته خذيمه جي هڪ گواهي ٻن گواهين برابر آهي [viii] جڏهن ته ان جي مقابلي۾ حضرت علي عليه السلام خليفة الله،وصي رسول الله۽صديق اڪبر هجڻ سان ايمان ۾ خديمه بن ثابت کان ڪيترائي درجا بلند هئا ليڪن افسوس جو سندن گواهيءَ کي هڪ عام گواهه جي حيثيت ۾ به قبول نه ڪيو ويو جڏهن ته پاڻ صديق اڪبر هئا جيئن هڪ روايت ۾ آيو آهي ته پاڻ فرمايائون (عَنْ عَبَّادِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ قَالَ عَلِيٌّ أَنَا عَبْدُ اللَّهِ وَأَخُو رَسُولِهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَأَنَا الصِّدِّيقُ الْأَكْبَرُ لَا يَقُولُهَا بَعْدِي إِلَّا كَذَّابٌ .. )[ix] ترجمو: مان الله جو ٻانهو،رسول الله جو ڀاءُ آهيان،آءُ صديق اڪبر آهيان۽اها دعوى مون کان بعد ڪوڙي کانسواءِ ڪو نه ڪندو.

ڇا حضرت علي عليه السلام نعوذبالله پنهنجي گواهيءَ ۾ ڪوڙو هئو يا سندن مقام حذيمه بن ثابت کان گهٽ هئو جو سندن گواهي قبول نه ڪئي وئي.....؟ ڇا سندن گواهي جو رد ٿيڻ حضرت علي الله سان ظلم نه هئو؟

4_ عثمان جي قتل جو بي بنياد الزام

ڇا اها حضرت علي عليه السلام جي مظلوميت ناهي جو سندن مٿان بي گناهه هوندي به عثمان جو قتل جو الزام لڳايو وڃي ۽ ان بهاني جنگ جمل۽صفين جهڙين خوني جنگين ۾ هزارين مسلمانن جو خون وهايو وڃي،جڏهن ته تاريخ گواهه آهي ته حضرت علي عليه السلام عثمان جي قتل ٿيڻ جي آخري لحظي تائين ان قتل کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا،جڏهن عثمان جي گهر جو پاڻي بند ڪيو ويو ته پنهنجي فرزندن کي پاڻي ڏئي سندن گهر موڪليائون.ان گهر جي حفاظت لاءِ حسن۽ حسين عليه السلام کي بيهاريائون[x].جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ خون عثمان جو انتقام،حضرت علي ع کان وٺڻ جو نعرو هڻڻ وارا، يا پاڻ ان جي قتل ۾ حصي وارا هئا يا وري ڄاڻي واڻي سستي ڪندي عملي طور تي عثمان جي ڪابه مدد نه ڪئي هئائون .

امام عليه السلام جنگ جمل ۽صفين برپا ڪرڻ وارن جي باري ۾ فرمائن ٿا: و انهم ليطلبون دما، هم سفکوه» اهي ان خون جو حساب پيا وٺن جيڪو پاڻ وهايو هئن. يافرمايو اٿائون[xi]

معاويه سان مخاطب ٿيندي فرمايائون: فاما اکثارک الحجاج علی عثمان و قتلته فانک انما نصرت عثمان حيث کان النصر لک، و خذلته حيث کان النصر له [xii]

تون جيڪو (هن وقت)عثمان ۽ان جي قتل تي زور پيو ڏئين، تو ان وقت عثمان جي مدد پئي ڪئي جڏهن اها تنهنجي فائدي ۾ هئي،جڏهن اها تنهنجي نقصان۽عثمان جي فائدي ۾ ٿئي ته تو کيس ڇڏي ڏنو.

ان کان پوءِ پاڻ سندن مٿان ان الزام لڳائڻ وارن جي حقيقي مقصد کي وائکو ڪندي فرمائن ٿا وَ اللَّهِ مَا اسْتَعْجَلَ مُتَجَرِّداً لِلطَّلَبِ بِدَمِ عُثْمَانَ إِلَّا خَوْفاً مِنْ أَنْ يُطَالَبَ بِدَمِهِ لِأَنَّهُ مَظِنَّتُهُ. هن عثمان جي خون جو انتقام وٺڻ ۾ ان لاءِ جلدي ڪئي، جو ڊپ هئس ته متان ٻيا کائنس عثمان جي قتل جو قصاص ورتو وڃي ڇو جو ڇو جو سندس دامن عثمان جي قتل واري معاملي ۾ صاف نه هئو ” [xiii]

امام جي ڪلام مان خبر پوي ٿي ته امام تي عثمان جي قتل جو الزام هڻڻ جا ٻه سبب هئا هڪ ته جئين اهي ماڻهو جن جو پنهنجو دامن ان سلسلي ۾ صاف نه هئو پنهنجي جان ڇڏائڻ پيا چاهن ٻيو ڪجهه ماڻهو ڏسن پيا ته کين سياسي فائدو عثمان جي قتل سان حاصل ٿيندو نه ان جي زندهه رهڻ سان.



[i] _ المصنف ، ج8 ، ص 572

[ii] _ انساب الاشراف، بلاذرى، ج1، ص586.

[iii] _ اثبات الوصية ، ص143.

[iv] _ لسان الميزان ، ج1 ، ص268

[v] _ الوافى بالوفيات ، ج5 ، ص347 .

[vi] _ الامام علي بن أبي طالب ، عبد الفتاح عبد المقصود ، ج4 ، ص274-277 و ج1 ، ص192-193 .(عبدالفتاح عبدالمقصود اهل سنت جو مئسهور دانشمند ۽ مصر جو مشهور مولف آهي جنهن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن جن مان سڀني کان وڌيڪ بهترين ڪتاب الامام علي بن أبي طالب آهي جيڪو 9 جلدن تي مشتمل آهي جنهن کي مولف 30 سالن جي تحقيق کانپوءِ نشر ڪيو آهي)

[vii] _ نهج البلاغه ، خطبه 33(خطبه شقشقيه)

[viii] _(ڏسو ڪتاب المستدرڪ على الصحيحين ج3ص448 ۽ المعجم الڪبيرج4 ص 84)

[ix]_ سنن ابن ماجة ، ج1 ، ص 44 ، و البداية والنهاية ، ج3 ، ص 26 و المستدرك ، ج3 ، ص 112

[x] _ مروج الذهب مسعودي جلد 1 صفحو 311

[xi] _نهج البلاغه خطبو22

[xii] _نهج البلاغه،خط 37

[xiii] _نهج البلاغه خطبو 174