Get Adobe Flash player

الله جي ولي،پيغمبر اڪرم ص جي وصي۽ ڪائنات جي امير مولا،حضرت علي عليه السلام جي عظمت تي دنيااڄ به حيران آهي جو چوڏنهن سئو سال گذرڻ باوجود سندن فضليتن جي عميق سمنڊ جو ڪنارو نظر نه ٿو اچي ۽ ان ۾ موجود فضيلتن۽ڪرامتن جا املهه موتي ختم ٿيڻ بجاءِ جيئن پوءِ تيئن وڌندا پيا ظر اچن.اڄ تائين سندن شان ۾ لکيل هزارين ڪتاب به سندن عزت ۽ عظمت جي بلند وبالا پهاڙ اڳيان ذري برابر به نٿا بڻجن .جڏهن ته سندن پراسرار زندگيءَ جا هزارين راز اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ گم آهن جيڪي شايد ئي ڪڏهن ماڻهن جي سامهون اچي سگهن،ليڪن افسوس ان ڳالهه تي آهي ته جئين مولا امير عليه السالم جا فضائل وڌيڪ آهن،سندن مصيبتون به ايتريون ئي عظيم آهن،سندن مٿان ظلم جا ايترا ته وڏا پهاڙ ٽوڙيا ويا آهن جو حلم۽ صبر جي انتها تي پهتل امير مولا به پنهنجي مٿان ٿيل ظلمن کي ياد ڪندو نظر اچي ٿو مثلا هڪ جاءِ تي پنهنجي دل جي آهه ڪڍندي فرمائن ٿا: ما زلت مظلوماً منذ قبض اللّه نبيه صلى اللّه عليه واله والى يوم الناس هذارسول الله جي وڃڻ کان وٺي اڄ تائين مان هميشه مظلوم رهيو آهيان [i]

مسجد ڪوفه ۾ سندن خطبي دوران ڪنهن مظلوم جي دانهن ٻڌائون ته (وا مظلمتاه، مون سان ظلم ٿيو آهي) ته کيس پاڻ وٽ گهرائي چيائون”إنّما لک مظلمة واحدة ، وأنا قد ظلمت عدد المدر والوبر “ توتي ته فقط هڪ ظلم ٿيو آهي، جڏهن ته مون تي بيابان ۾ موجود واريءِ جي ذرڙن برابر ظلم ٿيا آهن.[ii]

جڏهن پنهنجي مٿان ٿيل ظلمن جي داستان کي لفظن جي سانچي ۾ قيد نه ڪري سگهيا ته ٻين کي پنهنجي ڏک ۽درد ڀري حالت جو احساس ڏياريندي فرمايائون:صبرت وفى العين قذى و فى الحلق شجى أرىتراثىنهباًمون ان حال ۾ صبر ڪيو جڏهن (ڄڻ) ته اک ۾ ڪنڊو چُڀيل هجي ۽ نڙيءَ ۾ هڏي ڦاٿل هجي جڏهن ته ڏٺم پئي ته منهنجي ميراث کي لٽيو پيو وڃي.[iii]

سوال اهو آهي ته آخر اهي ڪهڙا ظلم هئا جن حضرت علي عليه السلام جي جهڙي عظيم شخصيت کي اهي لفظ چوڻ تي مجبور ڪيو .جڏهن ته اها ڳالهه طي آهي ته اهي جملا سئو فيصد سچ تي مبني آهن ۽ انهن لفظن ۾ ڪوبه وڌاءِ نه ٿو ٿئي سگهي هن مقالي ۾ اسان اها ڪوشش ڪنداسين ته سندن مٿان ٿيل بيشمار ظلمن مان ڪجهه ڏي اشارو ڪيون ته جئين ڪنهن حد تائين حضرت علي عليه السلام جي مظلوميت جا ڪجهه پهلوءِ سامهون اچي سگهن.ليڪن ان کان پهريان رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم کان سندن فضيلت ۽ عظمت جي باري ۾ صادر ٿيل ڪجهه حديثن تي هڪ نظر وجهون ٿا ته جئين پوءِ سندن فضليت کي مد نظر رکنديسندن مظلوميتکي سمجهي سگهون.

1_ علي حق جو محور آهي

حضرت رسول خدا ص پنهنجي ڪيترين ئي حديثن ۾حضرت علي عليه السلامکي حق جو محور ۽مرڪز قرار ڏنو آهي مثلا:

1_حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ عَبَّادٍ الْمَكِّيُّ...عَنْ عَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ أَبِي سَعِيدٍ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ: كُنَّا عِنْدَ بَيْتِ النَّبِيِّ (ص) فِيْ نَفَرٍ مِنَ الْمُهَاجِرِينَ وَالأَنْصَارِ، فَخَرَجَ عَلَيْنَا ...قَالَ: وَمَرَّ عَلِيُّ بْنُ أَبِي طَالِبٍ فَقَالَ: «الْحَقُّ مَعَ ذَا، الْحَقُّ مَعَ ذَا» ”[iv]

اسان ڪجهه مهاجر ۽انصار رسول الله ص جي گهر وياسينته پاڻ ٻاهر نڪري آيا...اتان علي ابن ابي طالب جو گذر ٿيو ته رسول الله ص ان ڏانهن اشارو ڪندي ٻه دفعا فرمايو ته :حق ان سان گڏ آهي

2_ سعد بن وقاص کان نقل ٿيو آهي ته اِنِّي سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ (ص) يَقُولُ لِعَلِيٍّ: "أَنْتَ مَعَ الْحَقِّ وَالْحَقُّ مَعَكَ حَيْثُ مَا دَارَ”[v]

مون رسول الله ص کان ٻڌو ته حضرت علي عليه السلام کي پئي چيائون ته تون حق سان گڏ۽حق تو سان گڏ آهي جتي به هجين“

2_ عليعلم۽ حڪمتجودروازوآهي

1_ حَدَّثَنَا أَبُو الْعَبَّاسِ ... عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمَا، قَالَ: قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ: " أَنَا مَدِينَةُ الْعِلْمِ وَعَلِيٌّ بَابُهَا، فَمَنْ أَرَادَ الْمَدِينَةَ فَلْيَأْتِ الْبَابَ ".[vi]

حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته فرمايائون ته رسول فرمايو ته آءُ علم جو شهر آهيان ۽ علي ان جو دروازو آهي جنهن کي شهر گهرجي اهو دروازي کان اچي.

2_ حَدَّثَنَا إِبْرَاهِيمُ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ الْكَشِّيُّ، ... عَنْ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ، قَالَ: قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ: " أَنَا دَارُ الْحِكْمَةِ وَعَلِيٌّ بَابُهَا "[vii]

حضرت علي عليه السلام کان روايت آهي ته فرمايائون ته رسول الله ص فرمايو ته: آءُ حڪمت جو شهر آهيان ۽ علي ان جو دروازو آهي.

3_ عليءَ سان دشمني الله سان دشمني آهي.

ابوذر چوي ٿو ته هذان خصمان اختصموا في ربّهمواري آيت ٽن سچن مومنن ۽ٽن پڪن ڪافرن جي باري ۾ آئي آهي جيڪي قريش مان آهن جيڪي هڪٻئي جي مقابلي ۾ آيا ۽جنگ ڪيائون .اهي علي،حمزه ۽عبيده بن حارث آهن جيڪي الله طرفان هيا جڏهن ته مشرڪن طرفان شيبه،عتبه ۽وليد هيا.

هڪ ٻئي روايت ۾قيس حضرت علي عليه السلام کان نقل ڪري ٿو تهاها آيت اسان جي باري ۾ نازل ٿي آهي [viii]

4_عليءَ سان محبت ايمان جي علامت۽ساڻس دشمني ڪرڻ نفاق جي نشاني آهي

حدثنا أبو بَکرِ بن أبي شَيْبَةَ حدثنا وَکِيعٌ وأبو مُعَاوِيَةَ عن الاَعْمَشِ ح وحدثنا يحيى بن يحيى واللفظ له أخبرنا أبو مُعَاوِيَةَ عن الْأعْمَشِ عن عَدِيِّ بن ثَابِتٍ عن زِرٍّ قال قال عَلِيٌّ وَالَّذِي فَلَقَ الْحَبَّةَ وَبَرَأ النَّسَمَةَ إنه لَعَهْدُ النبي الْأمِّيِّ صلى الله عليه وسلم إلي أنْ لَا يُحِبَّنِي إلا مُؤْمِنٌ ولا يُبْغِضَنِي إلا مُنَافِقٌ[ix]

عدي بن ثابت رز کان نقل ڪري ٿو ته حضرت علي عليه السلام جن فرمايو:ان خدا جوقسم،جنهن داڻي کي چيريو۽انسان کي خلقيو .هيءُ پيمانو مون کي رسول الله کان مليو آهي ته مون سان مومن کانسواءِ ڪو محبت نه ڪندو ۽ منافق کانسواءِ مون سان ڪو بغض نه رکندو.

5_علي ع جي اطاعت ، رسول الله جي اطاعت آهي

1_حَدَّثَنَا أَبُو الْعَبَّاسِ مُحَمَّدُ بْنُ يَعْقُوبَ، ...عَنْأَبِي ذَرٍّ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ، قَالَ: قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ لِعَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ: «مَنْأَطَاعَنِي فَقَدْأَطَاعَ اللَّهَ، وَمَنْ عَصَانِي فَقَدْ عَصَى اللَّهَ، وَمَنْأَطَاعَكَ فَقَدْأَطَاعَنِي، وَمَنْ عَصَاكَ فَقَدْ عَصَانِي».[x]

حضرت ابوذر کان روايت آهي ته رسول الله ص فرمايو:جنهن منهنجي اطاعت ڪئي ان الله جي اطاعت ڪئي ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي ان الله جي نافرماني ڪئي(ياعلي) جنهن تنهنجي اطاعت ڪئي ان منهنجي اطاعت ڪئي ۽جنهن تنهنجي نافرماني ڪئي ان منهنجي نافرماني ڪئي.

اهي هئا حضرت علي عليه السلام جي فضيلتن مان ڪجه املهه موتي جيڪي سمنڊ جي مقابلي ۾ هڪ قطري کان به گهٽ آهن. ليڪن جيڪڏهن اهي فضائل دنيا ۾ ڪجهه ٻئي ماڻهوءَ لاءِ بيان ٿين ها ته دنيا سندس قدم چمي ها ليڪن افسوس جو حضرت علي عليه السلام اهي سڀ فضيلتون رکندي به دنيا جا سڀ کان وڌيڪ مظلوم بڻجي ويا اچو ته سندن مظلوميت جي مختلف پهلوئن تي هڪ نظر وجهون

حضرت علي عليه السلام جي مظلوميت جا مختلف پهلوءَ

1_حق خلافتجو غصبٿيڻ

سڀ وڏو ظلم جيڪو حضرت عليه السلام جي ذات سان گڏپوري عالم اسلام جي حق ۾ ٿيو اهو کين خلافت جي حق محروم ڪرڻ هئو ۽ کين هڪ خاص سازش تحت ان مقام تي پهچڻ نه ڏنو ويو جنهن سان نه فقط حضرت علي عليه السلام کي پنهنجو حق ملي وڃي ها بلڪه هميشه هميشه جي لاءِ انسان ذات جي هدايت جو انتظام ٿي وڃي ها۽عالم اسلام هر قسم جي اختلاف ۽ تفرقي کان بچي وڃي ها ليڪن افسوس جو پاڻ رسول جا بلافصل جانشين هوندي به ان مقام تي پهچي نه سگهيا .ان ظلم ڏانهن اشارو ڪندي پاڻ خطبه شقشقيه ۾ فرمائين ٿا

أَمَا وَ اللَّهِ لَقَدْ تَقَمَّصَهَا فُلَانٌ وَ إِنَّهُ لَيَعْلَمُ أَنَّ مَحَلِّي مِنْهَا مَحَلُّ الْقُطْبِ مِنَ الرَّحَى يَنْحَدِرُ عَنِّي السَّيْلُ وَ لَا يَرْقَى إِلَيَّ الطَّيْرُ فَسَدَلْتُ دُونَهَا ثَوْباً وَ طَوَيْتُ عَنْهَا كَشْحاً ... فَرَأَيْتُ أَنَّ الصَّبْرَ عَلَى هَاتَا أَحْجَى فَصَبَرْتُ وَ فِي الْعَيْنِ قَذًى وَ فِي الْحَلْقِ شَجًا، أَرَى تُرَاثِي نَهْباً حَتَّى مَضَى الْأَوَّلُ لِسَبِيلِهِ فَأَدْلَى بِهَا إِلَى فُلَانٍ...  فَيَا عَجَباً بَيْنَا هُوَ يَسْتَقِيلُهَا فِي حَيَاتِهِ ؟ ”[xi]

خدا جو قسم ! توهان کي خبر هجڻ کپي ته فلاڻي خلافت جو پهراڻ پائي ڇڏيو جڏهن ته چڱيءَ طرح ڄاتئين پئي ته منهنجي حيثيت اسلامي رياست ۾ ائين هئي جيئن جنڊ ۾ ڪير جي حيثيت هوندي آهي.(هن کي خبر هئي ته) علم جا چشما منهنجي وجود جي (بابرڪت) جبل مان جاري ٿين ٿا ۽ فڪرجي اوچي بلندين تائين پرواز ڪرڻ وارا (مون علي جي فڪر جي) بلندين تائين نه ٿا پهچي سگھن پوءِ آئون خلافت جي لباس کي ڇڏي پنهنجي دامن کي سميٽيندي هڪ پاسي ٿي ويس ... مون ڏٺو ته اهڙي حالات ۾ صبر ڪرڻ ئي عقلمندي آهي ۽ مون صبر ڪيو جڏهن ته ( منهنجي حالت اها هئي جو ڄڻ ته منهنجي) اک ۾ ڪنڊو چُڀيل هجي ۽ نڙيءَ ۾ هڏي ڦاٿل هجي. آئون پنهنجي ميراث کي لُٽجندي ڏسي رهيو هوس. ايستائين پهريون پنهنجو رستو وٺي روانو ٿيو ۽ خلافت کي پاڻ کان بعد لاءِ فلاڻي جي حوالي ڪيائين ... تعجب جي ڳالھ آهي ته جيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ ته خلافت تان استعفا پيو ڏئي سو مرڻ کان پوءِ اها ٻئي کي ڪيئن ڏئي ويو؟


[i]_ الشافي في الامامة ج 3 ص 110 ، الامامة والسياسة ، ج 1 ص 68

[ii]_شرح نهج البلاغه ابن ابي الحديد ج 4 ص 106 . الغارات ج 2 ص 768 .

[iii]_ نهج البلاغه ، خطبه 3

[iv]_ مسند أبي يعلي، ج2، ص318، ح1052، المطالب العالية بزوائد المسانيد الثمانية، ج16، ص147، ح3945، تاريخ مدينة دمشق وذکر فضلها وتسمية من حلها من الأماثل، ج42، ص449،

[v]_ تاريخ مدينة دمشق وذکر فضلها وتسمية من حلها من الاماثل، ج20، ص361.

[vi]_ المستدرک علي الصحيحين، ج3،، ص137 ـ 138،.

[vii]_ الجزء الثالث من المشيخة البغدادية لابي طاهر السلفي، ص16، ح48،

[viii]_صحيح بخاري, ج5, باب قتل ابي جهل ج6 , تفسير سورة الحج, ح 3747, 3751, 3750

[ix]_صحيح مسلم، ج1، کتاب الايمان، باب انّ حب الانصار. علي من الايمان، ح 87.

[x]_ المستدرک علي الصحيحين، ج3، ص139، ح4641،

[xi]_ نهج البلاغه خطبو 3(خطبه شقشقيه)