Get Adobe Flash player

حضرت امير المومنين عليه السلام جا فضائل اهل سنت جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ مختلف جڳهن تي ذڪر ٿيا آهن جيتوڻيڪ ڪجهه حاسدن گذريل ڪجهه سالن کان انهن ڪتابن مان سندن فضائلن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

اسان هن مقالي حضرت علي عليه السلام جا فقط اهي فضائل ذڪر ڪيون ٿا ،جيڪي اهل سنت جي ٻن اهم ڪتابن صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ آيا آهن اميد ته اسان جي هيءَ ڪوشش قبول ٿيندي.

 

1_ عليءَ سان دشمني الله سان دشمني آهي.

ابوذر چوي ٿو ته هذان خصمان اختصموا في ربّهمواري آيت ٽن سچن مومنن ۽ٽن پڪن ڪافرن جي باري ۾ آئي آهي جيڪي قريش مان آهن جيڪي هڪٻئي جي مقابلي ۾ آيا ۽جنگ ڪيائون .اهي علي،حمزه ۽عبيده بن حارث جيڪي الله طرفان هيا جڏهن ته مشرڪن طرفان شيبه،عتبه ۽وليد هيا.[1]

هڪ ٻئي روايت ۾قيس حضرت علي عليه السلام کان نقل ڪري ٿو تهاها آيت اسان جي باري ۾ نازل ٿي آهي [2]

2_عليءَ سان محبت ايمان جي علامت۽ساڻس دشمني ڪرڻ نفاق جي نشاني آهي

حدثنا أبو بَکرِ بن أبي شَيْبَةَ حدثنا وَکِيعٌ وأبو مُعَاوِيَةَ عن الاَعْمَشِ ح وحدثنا يحيى بن يحيى واللفظ له أخبرنا أبو مُعَاوِيَةَ عن الْأعْمَشِ عن عَدِيِّ بن ثَابِتٍ عن زِرٍّ قال قال عَلِيٌّ وَالَّذِي فَلَقَ الْحَبَّةَ وَبَرَأ النَّسَمَةَ إنه لَعَهْدُ النبي الْأمِّيِّ صلى الله عليه وسلم إلي أنْ لَا يُحِبَّنِي إلا مُؤْمِنٌ ولا يُبْغِضَنِي إلا مُنَافِقٌ[3]

عدي بن ثابت رزکان نقل ڪري ٿو ته حضرت علي عليه السلام جن فرمايو:ان خدا جوقسم،جنهن داڻي کي چيريو۽انسان کي خلقيو .هيءُ پيمانو مون کي رسول الله کان مليو آهي،مون سان ڪو محبت نه ڪندو سواءِ مومن جي ۽مون سان ڪو بغض نه رکندو سواءِ منافق جي.

3_علي عليه السلام جي نماز

حدثنا إِسْحَاقُ الْوَاسِطِيُّ قال حدثنا خَالِدٌ عن الْجُرَيْرِيِّ عن أبي الْعَلَاءِ عن مُطَرِّفٍ عن عِمْرَانَ بن حُصَيْنٍ قال صلى مع عَلِيٍّ رضي الله عنه بِالْبَصْرَةِ فقال ذَكَّرَنَا هذا الرَّجُلُ صَلَاةً كنا نُصَلِّيهَا مع رسول اللَّهِ صلى الله عليه وسلم فذكر أَنَّهُ كان يُكَبِّرُ كُلَّمَا رَفَعَ وَكُلَّمَا وَضَعَ[4]

مطرف بن عبدالله چوي ٿو ته عمران بن حصين بصره شهر ۾ حضرت علي عليه السلام جي اقتدا ۾نماز پڙهڻ کان بعد مون کي چيائين اي مطرف هن انسان مون کي رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم واري نماز ڏياري ڇڏي آهي ڇو جو رسول خدا ص پڻ هر رڪوع۽سجدي کان پوءِ هر ويهڻ ۽اٿڻ کان پوءِ تڪبير چوندا هئا.

4_ ”ابو تراب“ رسول الله کان مليل لقب

حدثنا عبد اللَّهِ بن مَسْلَمَةَ حدثنا عبد الْعَزِيزِ بن أبي حَازِمٍ عن أبيه أَنَّ رَجُلًا جاء إلى سَهْلِ بن سَعْدٍ فقال هذا فُلَانٌ لِأَمِيرِ الْمَدِينَةِ يَدْعُو عَلِيًّا عِنْدَ الْمِنْبَرِ قال فيقول مَاذَا قال يقول له أبو تُرَابٍ فَضَحِكَ قال والله ما سَمَّاهُ إلا النبي صلى الله عليه وسلم وما كان والله له اسْمٌ أَحَبَّ إليه منه[5]

ابو حازم چوي ٿو هڪ ماڻهو سهل ابن سعد وٽ آيو ۽چيائين فلاڻو ماڻهو (مديني جو والي) رسول الله جي منبر جي ڀر ۾ بيهي علي ع کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائي.سهل پڇيسته ڇاٿو چوي؟جواب ڏنائين ته کيس ابوتراب چوي ٿو. ابوحازم چوي ٿو ته اهو ٻڌي سهل کليو۽چيائين:خداجو قسم اهو نالو۽ڪنيت خود رسول الله ص ئي علي ع کي ڏنو هيو۽علي ان نالي کي سڀني نالن کان وڌيڪ پسند ڪندو هيو.

5_ علي قضاوت۽ فيصلي ڪرڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ برتر

حدثنا عَمْرُو بن عَلِيٍّ حدثنا يحيى حدثنا سُفْيَانُ عن حَبِيبٍ عن سَعِيدِ بن جُبَيْرٍ عن بن عَبَّاسٍ قال قال عُمَرُ رضي الله عنه أَقْرَؤُنَا أُبَيٌّ وَأَقْضَانَا عَلِيٌّ وَإِنَّا لَنَدَعُ من قَوْلِ أُبَيٍّ وَذَاكَ أَنَّ أُبَيًّا يقول لَا أَدَعُ شيئا سَمِعْتُهُ من رسول اللَّهِ صلى الله عليه وسلم وقد قال الله تَعَالَى (ما نَنْسَخْ من آيَةٍ أو نُنْسِهَا)[6]

بخاري پنهنجي ڪتاب صحيح بخاري ۾ ابن عباس کان نقل ڪري ٿو ته عمر بن خطاب چوندو هيو ته : اسان مان سڀني کان وڌيڪ بهتر فيصلو ڪرڻ وارو علي ع آهي.

اهو اعتراف جيڪو ٻئين خليفي کان ٿيو آهي اهو سندس جملو ناهي بلڪه اهو خود رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم کان ٻڌو اٿائينجو پاڻ فرمايو اٿائون ته «أقضاهم عليٌّ» و «أقضاها عليٌّ».

قضاوت ڪرڻ لاءِ قاضيءَ لاءِ تقوى، پرهيزگاريءَ سان گڏوسيع معلومات رکڻ جو ضروري آهي تنهنڪري جيڪڏهن علي عليه السلام فيصلي ڪرڻ ۾ ٻين کان وڌيڪ برتر آهي ته حتما علي عليه السلام پوري امت ۾ علم ۽ تقوى ۾ بهوڌيڪ آهي.

6_علي، عه خدا۽ رسول سان محبت ڪري ٿو ۽ خدا۽ رسول عليءَ عه سان محبت ڪن ٿا.

حدثنا قُتَيْبَةُ بن سَعِيدٍ حدثنا عبد الْعَزِيزِ يعنى بن أبي حَازِمٍ عن أبي حَازِمٍ عن سَهْلٍ ح وحدثنا قُتَيْبَةُ بن سَعِيدٍ واللفظ هذا حدثنا يَعْقُوبُ يعنى بن عبد الرحمن عن أبي حَازِمٍ أخبرني سَهْلُ بن سَعْدٍ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم قال يوم خَيْبَرَ لَأُعْطِيَنَّ هذه الرَّايَةَ رَجُلًا يَفْتَحُ الله علي يَدَيْهِ يُحِبُّ اللَّهَ وَرَسُولَهُ وَيُحِبُّهُ الله وَرَسُولُهُ قال فَبَاتَ الناس يَدُوكُونَ لَيْلَتَهُمْ أَيُّهُمْ يُعْطَاهَا قال فلما أَصْبَحَ الناس غَدَوْا على رسول اللَّهِ صلى الله عليه وسلم كلهم يَرْجُونَ أَنْ يُعْطَاهَا فقال أَيْنَ عَلِيُّ بن أبي طَالِبٍ فَقَالُوا هو يا رَسُولَ اللَّهِ يشتكى عَيْنَيْهِ قال فَأَرْسِلُوا إليه فأتى بِهِ فَبَصَقَ رسول اللَّهِ صلى الله عليه وسلم في عَيْنَيْهِ وَدَعَا له فَبَرَأَ حتى كَأَنْ لم يَكُنْ بِهِ وَجَعٌ فَأَعْطَاهُ الرَّايَةَ فقال عَلِيٌّ يا رَسُولَ اللَّهِ أُقَاتِلُهُمْ حتى يَكُونُوا مِثْلَنَا فقال انْفُذْ على رِسْلِكَ حتى تَنْزِلَ بِسَاحَتِهِمْ ثُمَّ ادْعُهُمْ إلى الْإِسْلَامِ وَأَخْبِرْهُمْ بِمَا يَجِبُ عليهم من حَقِّ اللَّهِ فيه فَوَاللَّهِ لَأَنْ يهدى الله بِكَ رَجُلًا وَاحِدًا خَيْرٌ لك من أَنْ يَكُونَ لك حُمْرُ النَّعَمِ [7]

سهل بن سعد چوي ٿو ته رسول خدا صجنگ خيبر جي موقعي تي فرمايو :سڀاڻي علم ان کي ڏيندس جنهن جي هٿان اسان کي فتح حاصل ٿيندي اهو خدا۽ رسول سان محبت ڪري ٿو۽خدا۽رسول ان کي چاهين ٿا.

سهل چوي ٿو ان رات سڀني لشڪر وارن کي ننڊ نه آهي ڇو ته هر هڪ منتظر هيو ته(سڀاڻي) علم ان کي ملندو.رسول خدا ص فرمايو علي ڪٿي آهي جواب ڏنو ويو کيس اکين۾ سور آهي رسول خدا ص پنهنجو لعاب دهن کين هنيو ۽ دعا ڪئي ته سندن اکيون صحيح ٿي ويون. ائين ڄڻ ته انهن ۾سور ئي نه هيو.ان وقت رسول خدا صه کين علم ڏنو ته پاڻ سوال پڇيائون ته : يارسول الله ڇا انهن سان ايستائين جنگ ڪيان جو اهي اسان وانگر (مسلمان)ٿي وڃن؟

رسول الله صه جن فرمايو :انهن ڏي وڃ کين اسلام جي دعوت ڏي۽ کين اسلام جا حڪم ٻڌاءِ ڇو جو خدا جو قسم! جيڪڏهن خدا تنهنجي ذريعي هڪ ماڻهوءَ جي به هدايت ڪري ته اهو تنهنجي لاءِ سرخ (رنگ جي اعلى نسل جي )اٺن کان بهتر آهي.

هيءَ روايتصحيح بخاري ۽مسلم ۾موجود آهي .ان سان گڏ اها ئي روايت هڪ ٻئي انداز به صحيح مسلم ۾ هيئن نقل ٿي آهي.: رسول خدا ص جنگ خيبر ۾ فرمايو سڀاڻي علم ان کي ڏيندس جنهن کي الله ۽ ان جو رسول سان محبت ڪري ٿو الله ان جي هٿان اسان کي فتح نصيب ڪندو.عمر چيو ته ان ڏينهن تائين من ڪڏهن اڳواڻي ۽علمداريءَ جي تمنا نه ڪئي هئم ليڪن ان ڏينهن علم جيپاسي ۾ پئي ڦريس ته متان رسول خدا علم مون کي عطافرمائن. روايت جو متن هيءُ آهي

(حدثنا قُتَيْبَةُ بن سَعِيدٍ حدثنا يَعْقُوبُ يَعْنِي بن عبد الرحمن القارىء عن سُهَيْلٍ عن أبيه عن أبي هُرَيْرَةَ ان رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم قال يوم خَيْبَرَ لَأُعْطِيَنَّ هذه الرَّايَةَ رَجُلًا يُحِبُّ اللَّهَ وَرَسُولَهُ يَفْتَحُ الله علي يَدَيْهِ قال عُمَرُ بن الْخَطَّابِ ما أَحْبَبْتُ الْإِمَارَةَ إلا يَوْمَئِذٍ قال فَتَسَاوَرْتُ لها رَجَاءَ أَنْ أُدْعَى لها قال فَدَعَا رسول اللَّهِ صلى الله عليه وسلم عَلِيَّ بن أبي طَالِبٍ فَأَعْطَاهُ إِيَّاهَا وقال امْشِ .....[8])

ليڪن اهو افتخار عليءَ جي نصيب ۾ آيو ۽ رسول الله ص علم علي ع کي علم ڏئي ڪري فرمايو:يا علي دشمن جي طرف وڌ،خدا تنهنجي وسيلي خيبر جي قلعي کي فتح ڪندو......

7_ عليجي پيغمبر وٽ منزلت،موسى وٽ هارون واري منزلت آهي.

وحدثنا أبو بَكْرِ بن أبي شَيْبَةَ حدثنا غُنْدَرٌ عن شُعْبَةَ ح وحدثنا محمد بن الْمُثَنَّى وبن بَشَّارٍ قالا حدثنا محمد بن جَعْفَرٍ حدثنا شُعْبَةُ عن الْحَكَمِ عن مُصْعَبِ بن سَعْدِ بن أبي وَقَّاصٍ عن سَعْدِ بن أبي وَقَّاصٍ قال خَلَّفَ رسول اللَّهِ صلى الله عليه وسلم عَلِيَّ بن أبي طَالِبٍ في غَزْوَةِ تَبُوكَ فقال يا رَسُولَ اللَّهِ تُخَلِّفُنِي في النِّسَاءِ وَالصِّبْيَانِ فقال أَمَا تَرْضَى ان تَكُونَ مِنِّي بِمَنْزِلَةِ هَارُونَ من مُوسَى غير انه لَا نَبِيَّ بَعْدِي[9]

مصعب بن سعد پنهنجي والد کان نقل ڪري ٿو ته رسول خدا ص جنگ تبوڪ تي وڃڻ کان اڳعلي عليه السلام کي مديني ۾ پنهنجو جانشين بڻايو ته حضرت علي عليه السلام عرض ڪيو ته يارسول الله صه مون کي (جنگ تي وٺي وڃڻ بجاءِ) عورتن ۽ ٻارن وٽ پيا ڇڏي وڃو.

پاڻ فرمايائون ته ڇا تون راضي ناهين ته تنهنجو مقام مون وٽ اهو هجي جيڪو هارون جو موسى وٽ سواءِ ان جي جو تون نبي ناهين.ڇوجو مون کان بعد ڪو نبي نه ايندو.

تحقيق۽ ترجمو:خادم حسين الحسيني



[1]_صحيح البخاري ، محمد بن إسماعيل أبو عبدالله البخاري ،دار ابن کثير ,بيروت - 1407 - 1987 ،الطبعة :الثالثة ،جلد 4 ص 1458

[2]_صحيح البخاري ، ،جلد 4 ص 1458

[3]_صحيح مسلم،مسلم بن الحجاج أبو الحسين القشيري النيسابوري ،دار إحياء التراث العربي- بيروت،ج1،ص 86.

[4]_صحيح البخاري،جلد1 ص 271

[5]_ صحيح البخاريجلد 3ص 1358

[6]_صحيح البخاريج 4ص 1628

[7]_ صحيح مسلمج 4ص 1872

[8]_ صحيح مسلمج 4ص 1871

[9]_ صحيح مسلمج 4ص 1870