Get Adobe Flash player

رسول خدا حضرت محمد مصطفى (ص) جو فرمان آهي ته حسن (ع) منهنجو گل آهي ۽ منهنجو هي فرزند سيد ۽ سردار آهي، ۽ جلد ئي الله سائين سندس ذريعي ٻن گروهن جي وچ ۾ صلح برقرار ڪندو.شيعه مذهب کي اهو افتخار حاصل آهي ته خدا کيس اهڙا امام ۽ رهبر عطاء ڪيا آهن جو ٻئي ڪنهن به مذهب وارن کي نصيب نه ٿيا آهن، انهن منجهان هڪ امام حسن (ع) آهي، جنهن جي فضيلت جي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته هو رسول خدا (ص) جو نواسو، ۽ حضرت امام علي و بيبي فاطمه (ع) جو فرزند دلبند،اسان جو ٻيون امام ۽ چوٿون معصوم آهي، جنهن جي طهارت جي خدا قرآن ۾ گواهي ڏني آهي، هو جنت جي جوانن جو سردار آهي، رب پاڪ جا لک ٿورا جو هن اسان کي امام حسن (ع) جهڙي هادي جو مريد ۽ غلام بڻايو آهي، جنهن انسان جا اهڙا امام هجن ان تي واجب آهي ته سندن معرفت حاصل ڪري. هڪ معصوم امام جي معرفت حاصل ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن، انهن منجهان هڪ هي آهي ته سندن ڪلام کي ٻڌي ان تي غور ڪجي . اسان به هن مقالي ۾ انهيءَ طريقي تي عمل ڪندي امام حسن (ع) جي معرفت جي اونهي سمنڊ ۽ عميق دريا ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا . ان اميد تي ته شايد سندس معرفت جا ڪجهه موتي حاصل ٿي وڃن. اسان هن مقالي ۾ امام (ع) جي پاڪ ڪلام مان فقط چاليهه حديثون ذڪر ڪيون ٿا ته جيئن امام حسن (ع) جي ڪجهه معرفت حاصل ڪري سگهون.

حديث نمبر :1:حق ۽ باطل جي درميان ڪيترو فاصلو آهي

هڪ شامي مرد امام حسن (ع) کان ڪجهه سوال ڪيا جن منجهان هڪ سوال هي هيو ته حق ۽ باطل جي وچ ۾ ڪيترو فاصلو آهي؟ امام (ع) سندس سوال جو جواب ڏيندي فرمايو:

بَيْنَ الْحَقِّ وَ الْبَاطِلِ أَرْبَعُ أَصَابِعَ فَمَا رَأَيْتَهُ بِعَيْنِكَ فَهُوَ الْحَقُّ وَ قَدْ تَسْمَعُ بِأُذُنِكَ بَاطِلًا كَثِيراً [i]

حق ۽ باطل جي وچ ۾ ٻن آڱرين جو فاصلو آهي، جنهن شيءِ کي توهان پنهنجي اکين سان ڏسو ٿا اها حق آهي،۽ گهڻو ڪري توهان جون ٻڌل شيون باطل هونديون آهن.

حديث نمبر :2:ڪاميابي جا مُکيا رستا

يَا ابْنَ آدَمَ عِفَّ عَنْ مَحَارِمِ اللَّهِ تَكُنْ عَابِداً- وَ ارْضَ بِمَا قَسَمَ اللَّهُ سُبْحَانَهُ تَكُنْ غَنِيّاً- وَ أَحْسِنْ جِوَارَ مَنْ جَاوَرَكَ تَكُنْ مُسْلِماً- وَ صَاحِبِ النَّاسَ بِمِثْلِ مَا تُحِبُّ أَنْ يُصَاحِبُوكَ بِهِ تَكُنْ عَدْلا...[ii]

اي بني آدم! خدا جي حرام ڪيل شين کان دور رهه ته عابد ٿي ويندي، الله جي ورڇ تي راضي رهه ته بي نياز ٿي ويندي، پنهنجي پاڙي وارن سان سٺو سلوڪ رک ته مسلمان ٿي ويندي،۽ ماڻهن سان اهڙي طرح رهه جهڙي طرح تون انهن جي صحبت پسند ڪرين ٿو ته ته عادل بڻجي ويندي.

حديث نمبر:3:جهنم جي باهه کان بچڻ جو بهترين نُسخو

مَنْ صَلَّى فَجَلَسَ فِي مُصَلَّاهُ إِلَى طُلُوعِ الشَّمْسِ كَانَ لَهُ سِتْراً مِنَ النَّارِ [iii]

جيڪو شخص نماز پڙهي سج اڀرڻ تائين پنهنجي مصلي تي ويٺو رهي ته کيس (جهنم جي) باهه کان بچڻ جي سپر حاصل ٿي ويندي.

حديث نمبر :4: قرآن هدايت جو چراغ ۽ قلوب جي شفاء آهي

أَنَّ هَذَا الْقُرْآنَ فِيهِ مَصَابِيحُ النُّورِ وَ شِفَاءُ الصُّدُور [iv]

هن قرآن ۾ نور جا ڏيئا ۽دلين جي شفاء آهي.

حديث نمبر :5:خدا جون حجتون

إِنَّ لِلَّهِ تَعَالَى مَدِينَتَيْنِ إِحْدَاهُمَا فِي الْمَشْرِقِ وَ الْأُخْرَى فِي الْمَغْرِبِ فِيهِمَا خَلْقٌ لِلَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ لَمْ يَهُمُّوا بِمَعْصِيَةٍ لَهُ قَطُّ وَ اللَّهِ مَا فِيهِمَا وَ مَا بَيْنَهُمَا حُجَّةٌ لِلَّهِ عَلَى خَلْقِهِ غَيْرِي وَ غَيْرُ أَخِي الْحُسَيْن [v]

خداوندعالم جي لاءِ ٻه شهر آهن:هڪ شهر مشرق ۾ ۽ ٻيو مغرب ۾ آهي، ۽ انهن ٻن (شهرن) ۾ خدا جا (اهڙا) بندا آهن جيڪي سندس نافرمانيءَ جي باري ۾ سوچين به نٿا. خدا جو قسم انهن ٻنهي شهرن ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ خدا لاءِ سندس مخلوق مٿان ڪا به حجت نه آهي سواءِ منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ حسين (ع) جي.

حديث نمبر :6:قرآن جي عظمت

مَا بَقِيَ فِي الدُّنْيَا بَقِيَّةٌ غَيْرُ هَذَا الْقُرْآنِ فَاتَّخِذُوهُ إِمَاماً يَدُلَّكُمْ عَلَى هُدَاكُمْ [vi]

(جيڪڏهن)هن دنيا ۾ قرآن کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ باقي نه رهي تڏهن به قرآن کي پنهنجو امام ۽ پيشوا قرار ڏيو،اهو توهان کي نجات طرف راهنمائي ڪندو

حديث نمبر :7: رسول ۽ آل رسول جي زيارت جو ثواب

امام حسن (ع) پنهنجي ناني جي خدمت ۾ عرض ڪندي چيو ته بابا مونکي ٻڌايو ته جيڪو شخص توهان جي زيارت ڪري ته ان جو اجر ڇا آهي؟ پاڻ سڳورن صه فرمايو:

مَنْ زَارَنِي أَوْ زَارَ أَبَاكَ أَوْ زَارَكَ أَوْ زَارَ أَخَاكَ كَانَ حَقّاً عَلَيَّ أَنْ أَزُورَهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ حَتَّى أُخَلِّصَهُ مِنْ ذُنُوبِه‏ [vii]

جنهن منهنجي،تنهنجي بابي (علي ع) جي يا تنهنجي يا تنهنجي ڀاءُ (حسين ع) جي زيارت ڪئي ته ان جو منهنجي مٿان حق آهي ته قيامت جي ڏينهن آئون هن جي زيارت ڪيان ته جيئن کيس گناهن کان نجات ڏيان.

حديث نمبر :8:حضرت محمد (ص) ۽ امام علي (ع) هن امت جا پيءُ آهن

مُحَمَّدٌ وَ عَلِيٌّ أَبَوَا هَذِهِ الْأُمَّةِ فَطُوبَى لِمَنْ كَانَ بِحَقِّهِمَا عَارِفاً وَ لَهُمَا فِي كُلِّ أَحْوَالِهِ مُطِيعاً يَجْعَلُهُ اللَّهُ مِنْ أَفْضَلِ سُكَّانِ جِنَانِهِ وَ يُسْعِدُهُ بِكَرَامَاتِهِ وَ رِضْوَانِه‏ [viii]

محمد (ص) ۽ علي (ع) هن امت جا ٻه والد آهن، خوش قسمت آهي اهو انسان جيڪو سندن حق جي معرفت رکي ٿو ۽ هر حالت ۾ انهن جي اطاعت ڪري ٿو، خدا کيس بهشت جي بهترين رهڻ وارن منجهان قرار ڏيندو، ۽ هو خدا جي لطف، ڪرم ۽ عنايت کي حاصل ڪري وٺندو.

حديث نمبر :9:محبت جو اثر

الْقَرِيبُ مَنْ قَرَّبَتْهُ الْمَوَدَّةُ وَ إِنْ بَعُدَ نَسَبُهُ وَ الْبَعِيدُ مَنْ بَعَّدَتْهُ الْمَوَدَّةُ وَ إِنْ قَرُبَ نَسَبُهُ لَا شَيْ‏ءَ أَقْرَبُ إِلَى شَيْ‏ءٍ مِنْ يَدٍ إِلَى جَسَدٍ وَ إِنَّ الْيَدَ تَغُلُّ فَتُقْطَعُ وَ تُقْطَعُ فَتُحْسَم‏ [ix]

نزديڪ ترين انسان اهو آهي جنهن کي (سندس) محبت نزديڪ ڪيو هجي، اگرچه نسبت ۽ رشتيداري جي لحاظ کان نزديڪ نه هجي، ۽ دور ترين انسان اهو آهي جنهن کي (سندس) محبت پري ڪيو هجي، اگرچه ويجهو مائٽ ئي ڇو نه هجي، ۽ ڪا به شيئ هٿ کان وڌيڪ جسم جي نزديڪ نه آهي ليڪن اگر (اهو ساڳيو) هٿ خيانت ڪري ٿو ته ڪٽيو وڃي ٿو ۽ سندس اثر محو ٿي وڃي ٿو.

حديث نمبر :10:مُروّت ۽ مردانگي ٻن شين ۾ آهي

الْمُرُوءَةُ فِي شَيْئَيْنِ اجْتِنَابِ الرَّجُلِ مَا يَشِينُهُ وَ اخْتِيَارِهِ مَا يَزِينُه [x]

مروت ٻن خصلتن۾آهي:هڪ(هي ته) انسان انهن شين کان پري رهي جيڪي سندس پستي ۽ رسوائي جو سبب ٿين ٿيون، ۽ ٻيو (هي ته) انهن شين کي اختيار ڪري جيڪي سندس زينت جو موجب بڻجن ٿيون.

حديث نمبر :11:اها ڀلائي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو شر نه آهي

الْخَيْرُ الَّذِي لَا شَرَّ فِيهِ الشُّكْرُ مَعَ النِّعْمَةِ وَ الصَّبْرُ عَلَى النَّازِلَة [xi]

اها خير ۽ ڀلائي جنهن ۾ ڪو به شر نه آهي، نعمت (جي ملڻ تي) شڪر ادا ڪرڻ ۽ مصيبت جي وقت صبر ڪرڻ آهي.

حديث نمبر :12:بهترين اک، ڪَن ۽ دِل

إِنَّ أَبْصَرَ الْأَبْصَارِ مَا نَفَذَ فِي الْخَيْرِ مَذْهَبُهُ وَ أَسْمَعَ الْأَسْمَاعِ مَا وَعَى التَّذْكِيرَ وَ انْتَفَعَ بِهِ أَسْلَمُ الْقُلُوبِ مَا طَهُرَ مِنَ الشُّبُهَات [xii]

وڌيڪ بصيرت ڀري اک اها آهي جيڪا خير جي راهه ۾ هجي(يعني جيڪا ڀلو ڏسي ٿي)، ۽ بهترين ٻڌڻ وارو ڪن اهو آهي جيڪو نصيحت کي ٻڌي ٿو ۽ ان مان فائدو وٺي ٿو، ۽ سالم ترين دل اها آهي جيڪا وسوسن کان پاڪ ۽ محفوظ هجي.

حديث نمبر :13:هلاڪت جا عوامل

هَلَاكُ النَّاسِ فِي ثَلَاثٍ- الْكِبْرِ وَ الْحِرْصِ وَ الْحَسَدِ- فَالْكِبْرُ هَلَاكُ الدِّينِ وَ بِهِ لُعِنَ إِبْلِيسُ- وَ الْحِرْصُ عَدُوُّ النَّفْسِ- وَ بِهِ أُخْرِجَ آدَمُ مِنَ الْجَنَّةِ- وَ الْحَسَدُ رَائِدُ السُّوءِ- وَ مِنْهُ قَتَلَ قَابِيلُ هَابِيل [xiii]

ماڻهن جي هلاڪت ٽن شين ۾ آهي: هٺ،حرص ۽ حسد. هٺُ دين جي ضايع ٿيڻ جو سبب ٿئي ٿو ،ان جي ڪي ئي شيطان لعنتي ٿي ويو، حرص جان جي دشمن آهي ۽ اهو آدم (ع) جي جنت مان نڪرڻ جو سبب ٿيو.حسد (تمام) براين جو اڳواڻ آهي،(جڙ آهي) ۽ ا ن ڪري ئي قابيل حضرت هابيل کي قتل ڪيو هو.

حديث نمبر :14خدا جي اطاعت جو اثر

مَنْ عَبَدَ اللَّهَ عَبَّدَ اللَّهُ لَهُ كُلَّ شَيْ‏ء [xiv]

جيڪو خدا جي بندگي ڪندو خدا هر شيءِ کي ان جو مطيع بڻائي ڇڏيندو آهي.

حديث نمبر :15:ملاقات جا آداب

إِذَا لَقِيَ أَحَدُكُمْ أَخَاهُ- فَلْيُقَبِّلْ مَوْضِعَ النُّورِ مِنْ جَبْهَتِه [xv]

جڏهن توهان منجهان ڪو به هڪ پنهنجي ٻئي مومن ڀاءُ سان ملاقات ڪري ته کيس گهرجي ته سندس پيشاني منجهان نور واري جڳهه تي بوسو ڏي، (شايد مراد سجدي واري جڳهه آهي).

حديث نمبر :16شهرت جو لباس

مَنْ لَبِسَ ثَوْبَ شُهْرَةٍ كَسَاهُ اللَّهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ثَوْباً مِنَ النَّارِ [xvi]

جيڪو به شهرت وارا ڪپڙا پائيندو ته قيامت جي ڏينهن خدا کيس باهه جو لباس پارائيندو.

حديث نمبر :17:مزاح جو نتيجو

الْمِزَاحُ يَأْكُلُ الْهَيْبَةَ- وَ قَدْ أَكْثَرَ مِنَ الْهَيْبَةِ الصَّامِت [xvii]

مزاح هيبت کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. خاموش انسان گهڻي هيبت جو مالڪ هوندو آهي.

حديث نمبر :18:مسجد ۾ گهڻو وڃڻ جو اجر

مَنْ أَدَامَ الِاخْتِلَافَ إِلَى الْمَسْجِدِ أَصَابَ إِحْدَى ثَمَانٍ،آيَةً مُحْكَمَةً وَ أَخاً مُسْتَفَاداً وَ عِلْماً مُسْتَطْرَفاً وَ رَحْمَةً مُنْتَظَرَةً وَ كَلِمَةً تَدُلُّهُ عَلَى الْهُدَى أَوْ تَرُدُّهُ عَنْ رَدًى وَ تَرْكَ الذُّنُوبِ حَيَاءً أَوْ خَشْيَة [xviii]

جيڪو هميشه مسجد ۾ اچ،وڃ رکي ٿو.کيس اٺن شين مان هڪ شيءِ ضرور حاصل ٿيندي:چٽِي نشاني،نفعو پهچائيندڙ ڀاءُ، .نئين تازي ڄاڻ، اها رحمت جنهن جو انتظار هجيس،اهڙي ڳالهه جيڪا هدايت جو سبب بڻجي سگهي ٿي، يا برائي کان بچڻ جو موجب ٿي سگهي ٿي، شرم ۽ حيا جي ڪري يا خوفِ خدا جي ڪري گناهن کي ترڪ ڪرڻ.

حديث نمبر :19:بي نيازي جا اسباب

تَرْكُ الزِّنَا وَ كَنْسُ الْفِنَاءِ وَ غَسْلُ الْإِنَاءِ مَجْلَبَةٌ لِلْغَنَاء [xix]

زنا نه ڪرڻ، گهر ۾ ٻهارو ڏيڻ (صاف رکڻ) ۽ ٿاءُ ڌوئي ڪري رکڻ دولتمنديءَ جو باعث آهي.

حديث نمبر :20:کاڌي کان پهرين ۽ بعد ۾ هٿ ڌئڻ جي حڪمت

غَسْلُ الْيَدَيْنِ قَبْلَ الطَّعامِ يُنْفِى الْفَقْرَ، وَبَعْدَهُ يُنْفِى الْهَمَّ [xx]

کاڌو کائڻ کان پهريان هٿ ڌوئڻ سان فقر ختم ٿي وڃي ٿو.کاڌي کان بعد ۾ هٿ ڌوئڻ سان ڏک ۽ غم ختم ٿين ٿا.

حديث نمبر :21:ڀلو سوال

حُسْنُ السُّؤَالِ نِصْفُ الْعِلْم

سٺو سوال،اڌ علم آهي. [xxi]

حديث نمبر :22:بُخل جي حقيقت

هُوَ (يعني البخل) أَنْ يَرَى الرَّجُلُ مَا أَنْفَقَهُ تَلَفاً وَ مَا أَمْسَكَهُ شَرَفا [xxii]

بخل هي آهي ته انسان جنهن شيءِ کي خرچ ڪري ته ان کي ضايع سمجهي ۽ جيڪا شيءِ سهيڙي رکي ان کي شرف ۽ عزت سمجهي

حديث نمبر :23:بهترين نصيحت

اعْمَلْ لِدُنْيَاكَ كَأَنَّكَ تَعِيشُ أَبَداً وَ اعْمَلْ لآِخِرَتِكَ كَأَنَّكَ تَمُوتُ غَداً.[xxiii]

پنهنجي دنيا جي لاءِ ائين عمل ڪر ڄڻ ته تون هميشه هن دنيا ۾ ئي رهندي. ۽ پنهنجي آخرت جي لاءِ ائين عمل ڪر ڄڻ ته سڀاڻي ئي مري ويندي

حديث نمبر :24:تقوا ۽ تفڪّر

أُوصِيكُمْ بِتَقْوَى اللَّهِ وَ إِدَامَةِ التَّفَكُّرِ فَإِنَّ التَّفَكُّرَ أَبُو كُلِّ خَيْرٍ وَ أُمُّه [xxiv]

آئون، توهان کي خدا جي تقوا ۽ مسلسل غور فڪر ڪرڻ جي تلقين ڪيان ٿو. بيشڪ غور و فڪر ڪرڻ، ڀلائيءَ جي پاڙ آهي.

حديث نمبر :25:عقل، همت ۽ دين

لَا أَدَبَ لِمَنْ لَا عَقْلَ لَهُ- وَ لَا مُرُوَّةَ لِمَنْ لَا هِمَّةَ لَهُ- وَ لَا حَيَاءَ لِمَنْ لَا دِينَ لَهُ [xxv]

جنهن کي عقل ناهي ان کي ادب ناهي، جنهن وٽ همت نه آهي ان وٽ ڀل ماڻهپي ناهي۽ جنهن جو ڪو دين ناهي ان وٽ حياءُ ناهي.

حديث نمبر :26:تعليم ۽ تعلّم

عَلِّمِ النَّاسَ عِلْمَكَ وَ تَعَلَّمْ عِلْمَ غَيْرِك [xxvi]

پنهنجو علم ماڻهن کي سيکار ۽ ٻين جو علم پاڻ سک.

حديث نمبر :27: مستجاب دعا

امام حسن بن علي (ع) ، عبدالله بن جعفر کي فرمايو:

يَا عَبْدَ اللَّهِ كَيْفَ يَكُونُ الْمُؤْمِنُ مُؤْمِناً وَ هُوَ يَسْخَطُ قِسْمَهُ وَ يُحَقِّرُ مَنْزِلَتَهُ وَ الْحَاكِمُ عَلَيْهِ اللَّهُ.[xxvii]

اي عبد الله! ڪهڙي طرح مومن ، مومن ٿي سگهي ٿو جڏهن ته پنهنجي لاءِ خدا جي ورڇ تي راضي نه آهي ۽ پنهنجي مقام ۽ منزلت کي حقير سمجهي ٿو، جڏهن ته خدا سندس مالڪ خدا آهي

حديث نمبر :28:هڪ نصيحت

امام حسن (ع) ٻارن کي مخاطب ڪندي فرمايو:

إِنَّكُمْ صِغَارُ قَوْمٍ وَ يُوشِكُ أَنْ تَكُونُوا كِبَارَ قَوْمٍ آخَرِينَ فَتَعَلَّمُوا الْعِلْمَ فَمَنْ يَسْتَطِعْ مِنْكُمْ أَنْ يَحْفَظَهُ فَلْيَكْتُبْهُ وَ لْيَضَعْهُ فِي بَيْتِه[xxviii]

توهان هڪ قوم جا ننڍا آهيو ۽ عنقريب هڪ قوم لاءِ وڏا هوندا، توهان کي گهرجي ته علم سکو ۽ توهان منجهان جيڪو به علم کي محفوظ ڪري سگهندو هجي ته کيس گهرجي ته ان کي لکي پنهنجي گهر ۾ رکي.

حديث نمبر :29:فڪر ڪرڻ جي فضيلت

عَلَيْكُمْ بِالْفِكْرِ فَإِنَّهُ حَيَاةُ قَلْبِ الْبَصِيرِ- وَ مَفَاتِيحُ أَبْوَابِ الحِكْمَة [xxix]

توهان کي گهرجي ته غوروفڪر ڪريو،بيشڪ اهو بابصيرت دل جي زندگي ۽ حڪمت جي دروازن جي ڪنجي آهي.

حديث نمبر :30:فرائض جي اهميت

إِذَا أَضَرَّتِ النَّوَافِلُ بِالْفَرِيضَةِ فَارْفُضُوهَا [xxx]

جڏهن نفل فرضن کي نقصان پهچائن ته کين ترڪ ڪري ڇڏيو.

حديث نمبر :31:شڪر گزاري

النِّعْمَةُ مِحْنَةٌ فَإِنْ شَكَرْتَ كَانَتْ نِعْمَةً- فَإِنْ كَفَرْتَ صَارَتْ نَقِمَة [xxxi]

نعمت هڪ امتحان آهي. جيڪڏهن ان جو شڪر ادا ڪيو وڃي ته هو نعمت آهي ۽ جيڪڏهن ناشڪري ڪئي وڃي ته مصيبت آهي.

حديث نمبر :32:اهل بيت (ع) سان محبت ڪرڻ جو اجر

مَنْ أَحَبَّنَا بِقَلْبِهِ وَ نَصَرَنَا بِيَدِهِ وَ لِسَانِهِ فَهُوَ مَعَنَا فِي الْغُرْفَةِ الَّتِي نَحْنُ فِيهَا وَ مَنْ أَحَبَّنَا بِقَلْبِهِ وَ نَصَرَنَا بِلِسَانِهِ فَهُوَ دُونَ ذَلِكَ بِدَرَجَةٍ وَ مَنْ أَحَبَّنَا بِقَلْبِهِ وَ كَفَّ بِيَدِهِ وَ لِسَانِهِ فَهُوَ فِي الْجَنَّة [xxxii]

جيڪو دل ۾ اسان جي محبت رکي.۽هٿ ۽ زبان سان اسان جي مدد ڪري ٿو، اهو بهشت ۾ اسان سان گڏ هوندو، ۽ جيڪو دل ۾ اسان جي محبت رکي۽، زبان سان اسان جي مدد ڪري،اهو اسان کان هڪ درجو گهٽ بهشت ۾ هوندو، جيڪو دل ۾ اسان جي محبت رکي پر پنهنجي هٿ ۽ زبان سان اسان جي مدد نٿو ڪري اهو به بهشت ۾ ويندو.

حديث نمبر :33:رسول خدا (ع) ۽ علي عه جي زيارت جو ثواب

رسول خدا (ص) امام حسن عليه السلام کي فرمايو:

يَا بُنَيَّ مَنْ أَتَانِي زَائِراً بَعْدَ مَوْتِي فَلَهُ الْجَنَّةُ وَ مَنْ أَتَى أَبَاكَ زَائِراً بَعْدَ مَوْتِهِ فَلَهُ الْجَنَّةُ [xxxiii]

اي منهنجا فرزند! جيڪو منهنجي وفات کان بعد منهنجي زيارت ڪندو ته ان جو اجر ۽ ثواب بهشت آهي، ۽ جيڪو شخص تنهنجي بابي (علي ع) جي شهادت کان پوءِ سندس زيارت ڪندو ته ان لاءِ بهشت آهي.

حديث نمبر :34:حديث ڪساء

لَمَّا نَزَلَتْ آيَةُ التَّطْهِيرِ جَمَعَنَا رَسُولُ اللَّهِ ص وَ إِيَّاهُ فِي كِسَاءٍ لِأُمِّ سَلَمَةَ خَيْبَرِيٍّ ثُمَّ قَالَ اللَّهُمَّ هَؤُلَاءِ أَهْلُ بَيْتِي وَ عِتْرَتِي فَأَذْهِبْ عَنْهُمُ الرِّجْسَ وَ طَهِّرْهُمْ تَطْهِيرا [xxxiv]

جڏهن آيت تطهير نازل ٿي ته رسول خدا (ص) اسان (سڀني) کي جناب ام سلمه جي خيبري چادر هيٺان گڏ ڪري فرمايو: اي منهنجا پروردگار! هي آهي منهنجي عترت ۽ اهل بيت (ع) آهن، انهن کان هر طرح جي پليديءِ کي دور رک، ۽ کين اهڙي طرح پاڪ رک جهڙي طرح پاڪ رکڻ جو حق آهي.

حديث نمبر :35:گهوٽ جو انتخاب

هڪ شخص پنهنجي ڌيءُ جي شادي جي سلسلي ۾ مشورو ڪرڻ جي لاءِ حضرت امام حسن (ع) جي خدمت ۾ آيو، امام (ع) کيس فرمايو:

زَوِّجْهَا مِنْ رَجُلٍ تَقِيٍّ فَإِنَّهُ إِنْ أَحَبَّهَا أَكْرَمَهَا وَ إِنْ أَبْغَضَهَا لَمْ يَظْلِمْهَا [xxxv]

پنهنجي ڌي جي شادي ڪنهن پرهيزگار انسان سان ڪر، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو ساڻس محبت ڪندو ته سندس عزت ۽ احترام ڪندو جيڪڏهن کيس نه چاهيندو تب سندس مٿان ظلم نه ڪندو.

حديث نمبر :36:سلام جي اهميت

مَنْ بَدَأَ بِالْكَلَامِ قَبْلَ السَّلَامِ فَلَا تُجِيبُوه [xxxvi]

جيڪو شخص سلام ڪرڻ کان پهريان ڳالهائڻ شروع ڪري ڏئي، کيس جواب نه ڏيو.

حديث نمبر :37:پستي جي علامت

اللُّؤْمُ أَنْ لَا تَشْكُرَ النِّعْمَة [xxxvii]

پستي اها آهي ته نعمت جو شڪر ادا نه ڪيو وڃي.

حديث نمبر :38:زهد جي معنى

الرَّغْبَةُ فِي التَّقْوَى وَ الزَّهَادَةُ فِي الدُّنْيَا [xxxviii]

تقوى ڏانهن رغبت۽ دنيا کان دوري زهد آهي

حديث نمبر :39:علي (ع) ايمان جو دروازو آهي

إِنَّ عَلِيّاً بَابٌ مَنْ دَخَلَهُ كانَ آمِناً وَ مَنْ خَرَجَ مِنْهُ كَانَ كَافِرا [xxxix]

بيشڪ علي (ع) اهو دروازو آهي جيڪو ان ۾ داخل ٿي ويو اهو مومن آهي ۽ جيڪو به ان مان نڪري ويو اهوڪافر آهي.

حديث نمبر :40:تقوا جي اهميت

التَّقْوَى بَابُ كُلِّ تَوْبَةٍ- وَ رَأْسُ كُلِّ حِكْمَةٍ وَ شَرَفُ كُلِّ عَمَل‏ [xl]

تقوا، هر توبه جو دروازو، هر حڪمت جو بنياد ۽ هر عمل جو شرف آهي.


[i] _ طبرسي، ابو منصور احمد بن علي ؛ الاحتجاج، ج1 ص:268 ؛ نشر مرتضى مشهد مقدس، 1403 هجري قمري

[ii] _ مجلسي، بحارالانوار، ج75 ص:112 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[iii] _ شيخ طوسي؛ تهذيب الاحڪام، ج2 ص:321 ؛ دار الڪتب الاسلاميه تهران، 1365 هجري شمسي

[iv] _ مجلسي، بحارالانوار، ج75 ص:112 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[v] _ شيخ مفيد؛ الارشاد، ج2 ص:29 ؛ انتشارات ڪُنگره جهاني شيخ مفيد قم، 1413 هجري قمري

[vi] _ ديلمي، حسن بن ابي الحسن؛ ارشاد القلوب، ج1 ص:79 ؛ انتشارات شريف رضي، 1412 هجري قمري

[vii] _ شيخ صدوق؛ الامالي، ص:59 ؛ المجلس الرابع عشر؛ انتشارات ڪتابخانه اسلاميه، 1362 هجري شمسي

[viii] _ مجلسي، بحارالانوار، ج23 ص:260 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[ix] _ ڪليني؛ الڪافي، ج2 ص:643 ؛ دار الڪتب الاسلامية تهران، 1365 هجري شمسي

[x] _ ابوالفتح ڪراجڪي؛ معدن الجواهر، ص:27 ؛ ڪتابخانه مرتضويه تهران، 1394 هجري قمري

[xi] _ حراني، حسن بن شعبه ؛ تحف العقول، ص:234 ؛ انتشارات جامعه مدرسين قم، 1404 هجري قمري

[xii] _ حراني، حسن بن شعبه ؛ تحف العقول، ص:235 ؛ انتشارات جامعه مدرسين قم، 1404 هجري قمري

[xiii] _ علي مشڪيني ؛ تحرير المواعظ العددية، ص:299 ؛ ناشر: الهادي قم‏1424 هجري قمري

[xiv] _ امام حسن عسڪري؛ تفسير امام عسڪري(ع)، ص:330 ؛ انتشارات مدرسه امام مهدي (عج) قم، 1409 هجري قمري

[xv] _ مجلسي، بحارالانوار، ج75 ص:110 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[xvi] _ محدث نوري؛ مستدرڪ الوسائل،ج‏3 ص:245 ؛ مؤسسه آل البيت عليهم السلام قم؛ 1408 هجري قمري

[xvii] _ مجلسي، بحارالانوار، ج75 ص:113 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[xviii] _ حراني، حسن بن شعبه ؛ تحف العقول، ص:235 ؛ انتشارات جامعه مدرسين قم، 1404 هجري قمري

[xix] _ مجلسي، بحارالانوار، ج73 ص:318 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[xx] _ علي مشڪيني ؛ تحرير المواعظ العددية، ص:216 ؛ ناشر: الهادي قم‏1424 هجري قمري

[xxi] _ إربلي، علي بن عيسى ؛ ڪشف الغمة، ج1 ص:575 ؛ چاپ مڪتبة بني هاشمي تبريز، 1381 هجري قمري

[xxii] _ مجلسي، بحارالانوار، ج75 ص:113 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[xxiii] _ مجلسي، بحارالانوار، ج44 ص:139 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[xxiv] _ ورام بن ابي فراس، مجموعة ورام، ج1 ص:52 ؛ انتشارات مڪتبة الفقيه قم

[xxv] _ مجلسي، بحارالانوار، ج75 ص:111 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[xxvi] _ علي مشڪيني ؛ تحرير المواعظ العددية، ص:215 ؛ ناشر: الهادي قم‏1424 هجري قمري

[xxvii] _ ڪليني؛ الڪافي، ج2 ص:62 ؛ دار الڪتب الاسلامية تهران، 1365 هجري شمسي

[xxviii] _ مجلسي، بحارالانوار، ج2 ص:152 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[xxix] _ مجلسي، بحارالانوار، ج75ص115 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[xxx] _ حراني، حسن بن شعبه ؛ تحف العقول، ص:235 ؛ انتشارات جامعه مدرسين قم، 1404 هجري قمري

[xxxi] _ مجلسي، بحارالانوار، ج75ص114 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[xxxii] _ شيخ صدوق؛ الامالي، ص:33 ؛ المجلس الرابع ؛ انتشارات ڪتابخانه اسلاميه، 1362 هجري شمسي

[xxxiii] _ قمي، ابن قولويه ؛ ڪامل الزيارات ، ص:10 ؛ انتشارات مرتضويه نجف اشرف، 1356 هجري قمري

[xxxiv] _ حاڪم حسڪاني؛ شواهد التنزيل، ج2 ص:30 ؛ مؤسسه چاپ و نشر، 1411 هجري قمري

[xxxv] _ طبرسي، رضي الدين حسن بن فضل؛ مڪارم الاخلاق، ص:204 ؛ انتشارات شريف رضي قم، 1412 هجري قمري

[xxxvi] _ إربلي، علي بن عيسى ؛ ڪشف الغمة، ج1 ص:575 ؛ چاپ مڪتبة بني هاشمي تبريز، 1381 هجري قمري

[xxxvii] _ حراني، حسن بن شعبه ؛ تحف العقول، ص:233 ؛ انتشارات جامعه مدرسين قم، 1404 هجري قمري

[xxxviii] _ مجلسي، بحارالانوار، ج75ص102 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[xxxix] _ إربلي، علي بن عيسى ؛ ڪشف الغمة، ج1 ص:572 ؛ چاپ مڪتبة بني هاشمي تبريز، 1381 هجري قمري

[xl] _ مجلسي، بحارالانوار، ج75ص110 ؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري