Get Adobe Flash player

مختصر تعارف

نالو :حسن)عليه السلام)

لقب :مجتبى

ڪنيت :ابو محمد

پيءُ جو نالو :علي)عليه السلام)

ماءُ جو نالو :فاطمه (سلام الله عليها)

ولادت جي تاريخ :15 رمضان المبارڪ سن 3 هجري

ولادت جي جڳهه :مدينه منوره

امامت جي مدت :10 سال

عمر : 48 سال

شهادت جوسبب: معاويه جي سازش تحت جعده جو زهر ڏيڻ

قاتل جو نالو :جعده بنت اشعث

دفن جي جڳهه : جنت البقيع قبرستان (مدينه منوره، سعودي عرب)

 

 

امام (ع) جي ولادت:

سندن ولادت 15 رمضان المبارڪ سن 3هجري قمري تي مدينه منوره ۾ ٿي ۽هي تاريخ شيعن توڙي سنين وٽ مشهور آهي. 1

پاڻ اهل بيت جي معصوم گهراڻي مان ۽ پنجتن پاڪ مان هڪ شخصيت جي طور سڃاتا وڃن ٿا، پيغمبر اڪرم (ص) جن جا ڏهٽا ۽مولا علي عليه

السلام جي حضرت زهرا سلام الله عليها سان زندگيءَ جو پهريون ثمر آهن، سندن ۽ سندن ڀاءُ امام حسين عليه السلام جي باري ۾ پيغمبر اڪرم(ص) اهو فرمائن ٿا ته هي ٻئي جنت جي

جوانن جا سردار آهن ۽ ٻئي منهنجا اهڙا گل آهن جيڪي منهنجي خوشبو ٿا ڏين.

سندن والده محترمه حضرت بيبي فاطمه سلام الله عليها ، رسول الله جي نياڻي ۽ ڪائنات جي عورتن جون سردار آهن

سردارن جي سائي هيٺ :

سندن زندگي اڃا اٽڪل 7 ستن سالن کان وڌي نه هئي ته پيغمبر اڪرم 2 جن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا ، پاڻ سڳورن صه جي وفات کان پوءِ امام حسن Cاٽڪل30 ٽيهه سال پنهنجي پياري پيءُ امير المومنين علي C سان گڏ گذاريا ۽ امام علي C جي شهادت (سن 40 هجري) کان پوءِ ڏهن سالن تائين امامت جي عهدي تي رهيا. ۽ هجرت جي پنجاهين (50) سال معاويي جي سازش ذريعي زهر جي اثر ڪري 48 ورهين جي ڄمار ۾ شهادت جي درجي تي پهتا ۽ مدينه منوره ”جنت البقيع“ قبرستان ۾ دفن ڪيا ويا.

امام C دنيا جي عورتن جي سردار جي گود ۾ پليا ۽ ان تربيت جو اثر هو جو جيڪي به آيتون رسول پاڪ 2 تي نازل ٿينديون هيون ، انهن سڀني آيتن کي ٻڌڻ سان ياد ڪري وٺندا هئا ، جڏهن به گهر پهچندا هئا ته پنهنجي والده جي سامهون انهن آيتن جي تلاوت ڪندا هئا ۽ سائڻ سلام الله عليها به انهن آيتن ۽ رسول الله صه جي حديثن کي مولا علي C جي سامهون نقل ڪنديون هيون ته امير المؤمنين عه اهو سؤال ڪندا هئا : اهي آيتون ڪنهن کان ٻڌيون اٿَوَ؟ ته سائڻ زهرا سلام الله عليها فرمائينديون هيون ته : پنهنجي فرزند حسن عه کان ٻڌيون اٿم. 2

سندن زندگي هڪ درس:

امام حسن عليه السلام جي برڪت ڀري زندگي هميشه پوري انسانيت جي لاءِ هڪ درس آهي ۽ هرانسان کي انهي مان هدايت حاصل ڪرڻ گهرجي، سندن پوري زندگي سدائين انسانيت جي هدايت ۽ رهنمائي ۾گذري، امام C جو رويو هرماڻهو سان هڪجهڙو هوندو هو، ايستائين جو سندن بلند اخلاق جي ڪري دشمن کي به پاڻ ڏي ڇڪي وٺندا هئا.

سندن هڪ ٻي صفت اها به هئي ته پاڻ تمام وڏا سخي هيا. ايتري قدر جو تاريخدانن لکيو آهي ته امام حسن C پنهنجي زندگي دوران ٻه دفعه پنهنجي پوري جي پوري ملڪيت خدا جي واٽ ۾ خرچ ڪري ڇڏيائون، ۽ ٽي دفعه امام C پنهنجي ملڪيت کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو، هڪ ڀاڱو خداجي نالي تي (في سبيل الله) خرچ ڪيائون ۽ ٻيو ڀاڱو پاڻ وٽ رکيائون. 3

سندن عبادت:

امام عليه السلام جي عبادت تي لکڻ ڪنهن جي به وس ۾ ناهي، پر هتي سندن عبادت جي ڪجهه پهلوئن جي طرف اشارو ڪجي ٿو:

مرحوم شيخ صدوق ڪتاب ”امالي“ ۾ لکي ٿو ته: امام صادق C جن فرمائن ٿا، امام حسن بن علي C پنهنجي زماني ۾ سڀ کان وڌيڪ عابد، زاهد ۽ اعلى درجي جي انسان جي طور تي سڃاتا ويندا هئا، ۽ جڏهن حج جو زمانوايندو هو ته پاڻ پيرين پنڌ حج ڪرڻ ويندا هئا ۽ ڪڏهن ته پيرين اگھاڙي به سفر ڪندا هئا.

امام عليه السلام جڏهن به موت کي ياد ڪندا هئا ته گريو ڪندا هئا، قبر ، قيامت ۽ پل صراط تان گذرڻ واري منظر کي به ياد ڪري گريو ڪندا هئا.

۽ جڏهن به خدا جي دربار ۾ محشر جي ميدان جي يادگيري ايندي هين ته ، هڪ دانهن بلند ٿي ويندي هين ۽ زمين تي ڪري پوندا هيا... ۽ جڏهن نماز پڙهندا هئا ته سندن سڄو بدن تڙپندو هين، ۽ جڏهن به قرآن جي تلاوت ڪندا هيا ۽ جتي به ” یا ایها الذین آمنوا“وارو جملوايندوهو ته فرمائيندا هيا: ”لبيڪ اللهم لبيڪ...“ اي منهنجا الله آئون حاضر آهيان.

امام عليه السلام هميشه الله تعالى جي ذڪر ۾ مشغول هوندا هئا ، سڀني کان وڌيڪ سچار ۽ ڳالهائڻ ۾ فصيح ۽ سندن بيان بي مثل هوندو هو. 4

زمخشري ڪتاب ”فائق“ ۾ روايت ڪئي آهي ته: امام حسن C جي اها عادت هئي ته جڏهن صبح جي نماز کان فارغ ٿيندا هئا ته سج اڀرڻ تائين ڪنهن سان به گفتگو نه ڪندا هئا... ۽ پاڻ پنجويهه مرتبه پيدل حج انجام ڏنو. 5

اهل سنت جي مشهور عالم ذهبي ڪتاب ”سير اعلام النبلاء“ ۾ ام موسى کان هي روايت آندي آهي ته : امام حسن عليه السلام جي اها عادت هئي ته روزانو سمهڻ کان پهرين سورت ڪهف جي تلاوت ڪندا هئا. 6

سندن اخلاق ۽نوڙت :

ابن شهر آشوب مناقب ۾،ابن ابي الحديد شرح نهج البلاغه ۾ ۽ ٻين علماء به پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي ته: امام حسن C وڃي رهيا هئا ته ڪجهه فقير (7) پٽ تي ويهي ماني جا ٽڪڙا کائي رهيا هئا، جڏهن انهن امام(ع) کي ڏٺو ته کين صلاح ڪندي چيائون: هلم یابن بنت رسول الله الی الغداء(اي رسول الله جي نياڻي جا فرزند طعام حاضر آهي)

امام عليه السلام انهن جي ويجھووڃي هن آيت جي تلاوت ڪيائون: ان الله لا یحب المستکبرین(بيشڪ الله سائين تڪبر ڪرڻ وارن کي نٿو چاهي!)

۽ پوءِ انهن سان گڏجي کاڌو کاڌائون ۽ جڏهن اٿيا ته انهن کي دعوت ڏنائون ۽ انهن کي کاڌي کارائڻ کان علاوه لباس جا تحفا پڻ ڏنائون، ۽ آخر۾ فرمايائون ته: الفضل لهم 8 لانهم لم یجدوا غیر ما اطعمونی، و نحن نجد اکثر منه9 (اهوسڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ به فضيلت انهن کي آهي، ڇو جو انهن وٽ جيڪو ڪجهه هو سو اسان آڏو پيش ڪيائون ، پراسان جيڪو ڪجهه کارايو آهي انهيءِ کان علاوههبه اسان وٽ موجود آهي.

امام عليه السلام جن ان جملي سان اهڙن انسانن کي سمجھائڻ چاهن ٿا جيڪي پنهنجو ٿورو گھڻو احسان جتائڻ چاهيندا آهن ، انهن کي فقط پنهنجي ڪئي ڪمائي نه ڏسڻ گھرجي، پر کين ٻين جي نيڪ عمل کي ڏسي ڀيٽ ڪرڻ گھرجي.

سيوطي ڪتاب ”تاريخ الخلفاء“ ۾ لکي ٿو ته : هڪ دفعي امام حسن C ڪنهن جاءِ تي ويٺا هيا ۽ جنهن مهل وڃڻ لڳا ته هڪ فقير اتي اچي ويو ته امام عليه السلام انهي جو آڌر ڀاء ڪيو ۽ پوءِ فرمايائون ته : انک جلست علی حین قیام منا افتاذن بالانصراف.اي خدا جا بندا! تون اسان جي اٿڻ وقت اچي ويٺو آهين ۽ڇامون کي وڃڻ جي اجازت ڏين ٿو؟

هن فقير وراڻيو ته: ”نعم يابن رسول الله“ (جي ها !اي رسول جا فرزند) 10

قرآن سان اُنس ۽ خدا جوخوف:

زمخشري ڪتاب ربيع الابرار ۾ نقل ڪيو آهي ته امام حسن (ع) جڏهن به نماز جي وضو کان فارغ ٿينداهيا ته سندن رنگ تبديل ٿي ويندو هو ۽ فرمائيندا هيا ته: حق علی من اراد ان یدخل علی ذی العرش ان یتغیر لونه11 يعني جيڪو شخص عرش معلى جي مالڪ جي سامهون حاضر ٿيڻ چاهي ٿو ته کيس اهو ئي جڳائي ٿو ته سندس چهري جو رنگ ( ان ذات جي هيبت جي ڪري) تبديل ٿي وڃي.

شيخ صدوق ”امالي“ ۾ امام رضاC کان نقل ڪري ٿو ته امام(ع) جن فرمايو:جڏهن امام حسن(ع) جي وفات جو وقت آيو ته پاڻ ڏاڍو گريو ڪيائون. امام عليه السلام کي عرض ڪيو ويو : توهان جو رسول خدا صه جن سان ايڏو نزديڪ رشتوآهي ؟ ۽ رسول خدا صه جن توهان جي فضيلت جي باري ۾گھڻو ڪجھ فرمايو آهي.؟12 ۽ ويهه دفعه توهان پيادل حج ڪيا آهن؟ ۽ توهان ٽي دفعه پنهنجو مال خدا جي راهه ۾ تقسيم ڪري ڇڏيوآهي پوءِ توهان ڪهڙي ڳالهه جي ڪري ٿا گريو ڪيو؟ امام (ع) جواب ۾ فرمايو ته: انما ابکی لخصلتین: لهول المطلع و فراق الاحبة 13 ( مان ٻن ڳالهين جي ڪري گريو ٿو ڪريان هڪ قيامت جي دهشت ۽ ٻيو دوستن جي جدائي جي ڪري.)

هي غور ڪرڻ جو مقام آهي ته پاڻ جنت جي جوانن جا سردار آهن، سندن والد جنت ۽ جهنم کي تقسيم ڪرڻ وارا آهن، پوءِ به گريو ٿا ڪن ته جيئن اسان کي سمجھائن ته ڪڏهن به پنهنجي عمل جي آڌار تي وڏائي جو اظهار ڪندي خدا جي ذات کان غافل نه رهڻ گھرجي، ۽ ان جي حساب ۽ ڪتاب جي فڪر ۾ رهڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته هو خالق آهي ۽ اسان سندس مخلوق آهيون. هر شي جو حقيقي مالڪ هو ئي آهي.

سندن زهد:

. شيخ صدوق (ره) کان نقل ٿيل آهي ته امام عليه السلام جي زهد جي باري ۾ هڪ مستقل ڪتاب لکي وئي آهي ، جنهن جو نالو ”زهد الحسن“ آهي.

تمام علماء جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته امام حسن C پنهنجي نانا ۽ والد محترم کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ زاهد هيا . 14

تاريخ ابن عساڪر ۾ آهي، مدرڪ بن زياد نالي هڪ شخص روايت ڪري ٿو ته: اسان ابن عباس جي باغ ۾ هياسين ته امام حسن عه ۽ امام حسين عه ۽ عباس جا پٽ انهي باغ ۾ آيا ۽ باغ جو ڪجهه سير ڪري هڪ نهرجي ڪناري تي وڃي ويٺا ، ايتري ۾ امام حسن (ع) فرمايو ته : يا مدرک هل عندک غذاء؟ (اي مدرڪ کائڻ لاءِ ڪجهه اٿئي؟) عرض ڪيم ته : ها، پوءِ هڪ ماني ، ڪجهه لوڻ ۽ ڪجهه سبزي کڻي ويس ته امام انهي کي کاڌو ۽ فرمايائون ته: يامدرک ما اطيب هذا؟( اي مدرڪ ڪيڏو نه بهترين کاڌو کڻي آيو آهين)!

ڪجھ ديرکان پوءِ هڪ بهترين کاڌو آندو ويو ، امام عليه السلام مدرڪ کي حڪم ڏنو ته غلامن کي گڏ ڪري ۽ انهن کي هي کاڌو کارائي. مدرڪ غلامن کي گڏ ڪري کين اهو کاڌو کارايو، امام (ع) ان کاڌي مان ڪجهه به نه کاڌو. مدرڪ عرض ڪيو ته : مولا کاڌو ڇو نه ٿا کائو؟ امام عليه السلام فرمايو ته : ” ان ذاک الطعام احب عندي“( حقيقت اها آهي ته مون کي پهريون طعام ان کان وڌيڪ پسند آهي .) 15

 

معاويه سان صلح :

جڏهن امام حسن C ڏٺو ته معاويه سان جنگ ڪرڻ لاءِ حالات فراهم ناهن ۽ ساڻس جنگ ڪرڻ اسلام جي حفاظت واري مصلحت جي خلاف آهي ته پوءِ معاويه سان صلح ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون. ۽ امام عه جن جي پوري ڪوشش اها هئي ته سندن بلند ۽ مقدس هدفن کي هر حال ۾صلح ذريعي سٺي نموني نڀائي پورو ڪن، ٻئي طرف وري معاويه صلح ٿيڻ ۽ قدرت کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ خاطر سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ حاضر هو. ايستائين جو سندس دستخط ٿيل هڪ سفيد پنو امام عليه السلام ڏانهن موڪليائين ۽ چيائين ته حسن بن علي عليه السلام ان پني ۾ جيڪو ڪجھ لکي اهو مون کي قبول آهي. 16

امام عليه السلام ان جي آمادگيءَ مان پورو فائدو وٺندي، حساس ۽ تمام مهم موضوعن کي صلح نامي ۾ شامل ڪري معاويي کان واعدو ورتائون ته ان صلح نامي ۽ قرارداد تي عمل ڪري.

توڙي جو تاريخي ڪتابن ۾صلح نامي جو متن مڪمل طور تي ترتيب سان ذڪر ناهي ٿيو بلڪه مورخين منجھان هر هڪ صلح جي ڪجھ شقن جي طرف اشارو ڪيو آهي. پر تنهن هوندي به صلح نامي جي شقن کي مختلف ڪتابن مان سهيڙي هڪ جاءِ تيپيش ڪري سگھجي ٿو .

هيٺ هن ”صلح نامي“ جو متن پنجن شقن جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿو.

1 : حسن بن علي عليه السلام ان شرط سان حڪومت معاويه جي حوالي ڪري ٿو، ته معاويه قرآن مجيد ۽ پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جي سنت ۽ طور طريقي مطابق عمل ڪندو.

2 : معاويه کان پوءِ خلافت حسن بن علي عليه السلام جي حوالي ٿيندي، جيڪڏهن سندس لاءِ ڪوئي حادثو پيش اچي وڃي ته سندس ڀاءُ حسين بن علي عليه السلام مسلمانن جي امور جون واڳون پنهنجي هٿ ۾سنڀاليندو، ۽ معاويي کي ڪوبه حق ناهي ته پنهنجو جانشين مقرر ڪري.

3 : بدعت، بدڪلامي ، امير المومنين علي عليه السلام جي لاءِ گندي زبان جو استعمال ۽ نمازن جي دوران کين گھٽ وڌ ڳالهائڻ وارين رسمن کي بند ڪيو وڃي ۽ کين رڳونيڪيءَسان ياد ڪيو وڃي.

4 : ڪوفي جي بيت المال ۾ موجود پنجاهه لک درهم جي رقمَ معاويه جي حوالي نه ڪئي ويندي، ۽اها رقم حسن عليه السلام جي زير نظر ۽ مرضيءَ مطابق خرچ ڪئي ويندي، ۽ معاويه مال خرچ ڪرڻ ۾ بني هاشم کي بني اميه کان اڳڀرو رکندو . ۽ اهڙي طرح معاويه کي گھرجي ته ” دارابگرد “ جي ٽيڪس مان ڏهه لک درهم جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾امير المومنين علي عليه السلام جي شهيد ٿيل سپاهين جي وارثن ۾ تقسيم ڪري.

5 : معاويه اهو واعدو ڪري ته شام، عراق ۽ حجاز جا رهواسي پر هرقوم جو ماڻهوسندس آزار ۽ اذيت کان آجو هجي. ۽ انهن جي ماضيءَ کي نه ليکي ۽ انهن منجھان ڪنهن جو به گذريل زماني ۾سندس حڪومت خلاف ڪيل ڪارنامن جي ڪري پيڇو نه ڪري ۽ کين نظر هيٺ قرار نه ڏي.

ان کان علاو عراق جي رهواسين کي سندس پراڻي ڪيني جي ڪري اذيت ۽ آزار نه ڏي. ان کان علاوه هر جڳه تي رهندڙ علي عليه السلام جا دوست سندس امان ۾ هجن انهن منجھان ڪنهن کي به تڪليف ۽ آزار نه ڏي، ۽ علي عليه السلام جي پيروڪارن جي جان، مال ۽ ناموس امان ۾ هجي ۽ ڪنهن به صورت ۾ انهن کي پنهنجي نظر هيٺ نه رکي ۽ ٿوري تڪليف به نه ڏئين. هر ڪنهن جو حق ان تائين پهچي ۽ بيت المال منجھان جيڪو مال، علي عليه السلام جي شيعن جي هٿ ۾ آهي سو انهن کان واپس نه ورتو وڃي. ۽ معاويه طرفان ڪنهن به قسم جو خطرو حسن عليه السلام ۽ سندس ڀاءُ حسين عليه السلام کي نه هجڻ گھرجي. ۽ پيغمبر 2 جي خاندان کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچائي، ۽ ڪنهن به موڙ تي انهن لاءِ خوف ۽ ڊپ جا اسباب فراهم نه ڪيا وڃن. صلح جي قرارداد جي آخر ۾ معاويه تاڪيد سان اهو واعدو ڪيو ته صلح جي پوري مواد (ڇڪن) جو احترم ڪندي گھري نظر سان ان کي هلائيندو، هن ان ڳالهه تي خدا کي گواهه بڻايو ۽ شام جي تمام مردن ۽ سردارن پڻ ان ڳالهه جي گواهي ڏني. 17

۽ ائين امام حسن عليه السلام جي لاءِ سندن ننڍپڻ ۾ پيغمبر اڪرم2 جن جي ڪيل اڳڪٿي سچي ٿابت ٿي ، جيئن ته پاڻ سڳورا (ص) هڪڙي ڏهاڙي منبر تي ويٺل هئا جوامام حسن عليه السلام کي ڏسي فرمايائون:

”منهنجو هي ٻچڙو مسلمانن جو سردار آهي ۽ الله سائين ان جي وسيلي مسلمانن جي ٻن گروهن جي درميان صلح ڪرائيندو“. 18

صلح جي اصل وجه ۽ حقيقت:

دنياجا وڏا حاڪم، جڏهن حالات کي پنهنجي نظرِيَن ۽ مقصدن جي خلاف ڏسندا آهن ته هميشه اها ڪوشش ڪندا آهن ته اهڙي ٻه واٽي واري موقعي تي اهڙي طرف کي وٺن جنهن ۾ گھٽ نقصان ٿئي ۽ سياسي ۽ معاشرتي لحاظ سان اهو هڪ بنيادي قائدو ۽ قانون آهي. امام حسن عليه السلام به انهيءَ بنيادي نڪتي کي نظر ۾ رکندي سلجھيل طريقي سان ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پنهنجي بلند مقصدن کي ڪنهن حد تائين عملي جامو پارائن. انهيءَ بنياد تي معاويه سان صلح ڪرڻ واري رستي کي اپنايائون ۽ صلح جي پهرين شق مطابق ان شرط سان حڪومت ان جي حوالي ڪيائون ته اسلامي معاشري کي هلائڻ لاءِ فقط قرآن جي قانون ۽ پيغمبر صلى الله عليه وآله وسلم جي سنت مطابق عمل ڪري. اها ڳالهه واضح آهي ته امام (ع) جي نظر فقط طاقت حاصل ڪرڻ ۽ اسلامي حڪومت کي جوڙڻ نه هئي ، بلڪه امام عليه السلام جو اصلي مقصد معاشري ۾ اسلامي قانونن جي حفاظت ۽ معاشري جي رهبري انهن قانونن مطابق ڪرڻ هئي ۽ جيڪڏهن اهو ڪارنامومعاويه جي ذريعي ادا ٿئي ها ته ڪنهن حد تائين سندن اصلي هدف ۽ مقصد پورو ٿي پئي سگھيو. ان کانسواءِ، صلح جي ٻي شق مطابق، معاويي جي مرڻ کان پوءِ اسلامي معاشري جي اڳواڻي جي ذميواري امام عليه السلام جي حوالي ٿيڻي هئي، ان ڳالهه ڏانهن توجھ ڪندي ته معاويه اٽڪل ٽيهه سال امام عليه السلام کان عمر ۾ وڏو هو 19 ۽ انهن ڏينهن ۾ پيري وارا ڏهاڙا گذاري رهيو هو ۽ عادي لحاظ سان به گھڻي ڀاڱي سندس زندگي ٿوري وڃي بچي هئي. ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته اها شرط عادي لحاظ سان ڪيتري قدر اسلام ۽ مسلمانن جي فائدي ۾ هئي.

صلح نامي جي ٻين شقن منجھان هر هڪ شق پڻ وڏي اهميت جوڳي هئي ، ڇاڪاڻ ته امير المومنين علي C لاءِ جمعي جي نماز ۾ وڏي بي پرواهيءَ سان گندي زبان استعمال ڪئي ويندي هئي. ۽ اهو ڪم هڪ بنيادي بدعت جي شڪل اختيار ڪري چڪو هو ۽ عليءَ جي شيعن ۽ چاهيندڙن ۽ پيغمبر 2 جي ڪٽنب کي هر جاءِ تي ڌمڪيون ۽ تڪليفون ڏنيون وينديون هيون. معاويه کي اهڙي اهميت واري صلح نامي کي قبول ڪرائڻ هڪ نا قابل انڪار حقيقت نامو هو. 20

 

حوالا...

1 _ تاريخ خلفاء، ص 73، سيوطي - دائرة المعارف بستاني

2_ ترجمو: زندگاني امام حسن، ص‏59، باقر شريف القرشي.

3_ تاريخ يعقوبي، ج‏2 ص‏215- اسد الغابه، ج‏2 ص‏13، تذکره سبط بن جوزي، ص‏196.

4_ بحار الانوار، ج 43، ص 331.

5_ مستدرک حاکم، ج 3، ص 169.

6_ملحقات احقاق الحق، ج 11، ص 114.

7_ ابن ابي الحديد ۽ ابن قشيري «صبيان »(يعني ٻارن) کي فقيرن جي جاءِ تي ذڪر ڪيواٿن.

8_ ۽ ابن قشيری نقل ڪيو آهي تهامام (ع) جن فرمايو: «اليد لهم »يعني ڪو فرق نٿو پوي.

9_ بحار الانوار، ج 43، ص 352 و ملحقات احقاق الحق، ج 11، ص 114.

10_ تاریخ الخلفاء سیوطی، ص 73.

11_ملحقات احقاق الحق، ج 11، ص 112 ۽ هن حديث جهڙي هڪ ٻي حديث بهمناقب جي پهرين صفحن ۾نقل ٿيل آهي.

12_ظاهري طور تي سؤال ڪرڻ واري جو مقصد «ان الحسن و الحسين سيدا شباب اهل الجنة » واري حديث آهي.

13_ بحار الانوار، ج 43، ص 332، امالي مجلسي، ص 39، کشف الغمة، ص 167.

14_حياة الامام الحسن(ع)، ج 1، ص 330-329.

15_ تاريخ ابن عساڪر، ج 4، ص 212.

16_ابن اثير. الکامل في التاريخ، ج3، ص405.

17_ امام جي صلح لاءِ پوري ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ شيخ راضي آل ياسين جي ڪتاب ”صلح الحسن“ ڏانهن رجوع ڪيو وڃي .

18_تذڪره الخواص، ص42 .

19_ آل ياسين،ج3،ص278 .

20_ سيره پيشوايان، ص116