Get Adobe Flash player

اهل پاڪستان! السلام عليڪم: اڄ اسان پنهنجي آزاديءَ جي پهرين سالگرهه جو جشن ملهائي رهيا آهيون، اڄ کان پورو هڪ سال اڳ پاڪستان جي رهواسين کي ڪامل اختيارات سپرد ڪيا ويا هئا ۽ پاڪستان جي حڪومت موجوده ترميم ٿيل دستور جي ماتحت مملڪت جي انتظام جون واڳون سنڀاليون هيون.

اسان گذريل سڄي سال ۾ پيدا ٿيل مشڪلاتن ۽ حادثن جو مقابلو حوصلي ۽ عزم بلند سان ڪيو آهي. دشمن جي وار، جنهن جو هر هر ذڪر ڪيو ويو آهي، خصوصاً مسلمانن کي هڪ مستقل قوم جي حيثيت هوندي به ختم ڪرڻ لاءِ جيڪي منظم سازشون ڪيون ويون آهن، تن جي خلاف جا ڪاميابي اسان حاصل ڪئي آهي، اها حيرت انگيز آهي. اسان جي ملڪي تعمير جي ڪم ڪار جو نتيجو اسان جي عزيز ترين دوستن جي اميدن کان گهڻو وڌيڪ نڪتو آهي. مان دستور ساز اسيمبلي ۽ مجلس قانون ساز ۽ مختلف انتطامي محڪمن ۽ فوج کي انهن نمايان ۽ قابل فخر ڪارنامن تي مبارڪ ڏيان ٿو، جن تمام ٿوري عرصي ۾ پاڪستان جي تعمير ڪندي، ڪامياب جدوجهد ڪئي آهي.

مان اهل پاڪستان جو پڻ شڪر گذار آهيان، جن نهايت صبر ۽ تحمل کان ڪم ورتو آهي ۽ پاڪستان جو پهرئين سال جي تعميري پروگرام کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ اسان سان دلي تعاون ڪيو آهي.

حضرات! مان ٻڌائڻ گهران ٿو ته اهو ڪافي ناهي. ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان جو قيام هڪ اهڙو ته حيرت انگيز واقعو آهي جنهن جهڙو مثال پوري تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي.

پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان وڏي اسلامي مملڪت آهي. اسان جيڪڏهن ديانتداري، خلوص ۽ بي غرضيءَ سان ڪم ڪيو، ته پوءِ هيءَ اسلامي سلطنت به سال بسال شاندار خدمتون انجام ڏيندي ايندي.

مون کي پنهنجي عوام تي ڪامل ڀروسو آهي. مون کي اهو به يقين آهي ته هر موقعي تي اسان جو عوام اسلام جي تاريخ، ملت جي شان شوڪت ۽ پنهنجي تهذيبي روايات جي مطابق عمل پيرا رهندو ايندو.

انهن لکين مسلمان مهاجرن جو داستان، جي سرحدن جي هُن پار کان پنهنجن گهرن کي ڇڏي اچي پاڪستان ۾ پناه گزين ٿيا آهن، سڀني کي معلوم آهي. اهو المناڪ حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن پاڪستان جي مملڪت جو اڃا پوريءَ طرح سان قيام به نه ٿيو هو.

حقيقت اها آهي ته خود حڪومت جا ميمبر ۽ نمائندا جن کي حڪومت جو نظام سنڀالڻو هو، سي به ان دردناڪ حادثي سان منهن مقابل ٿي چڪا هئا.

مون کي خبر آهي ته اسان جي انهن بي گهر ستم رسيده ڀائرن جي آباديءَ لاءِ جو ڪجهه ٿيڻ کپندو هو، سو اڃا نه ٿي سگهيو آهي، اڄ سوڌو انهن جو وڏو حصو مشڪلاتن ۾ مبتلا آهي. پر اها به هڪ حقيقت آهي ته مهاجرن جي جيتري تعداد کي اسان آباد ڪري چڪا آهيون، سو به ڪو معمولي ڪم ناهي.

جيڪڏهن اهل پاڪستان، ڀائيپيءَ ۽ برادريءَ جي شاندار جذبي جو اظهار نه ڪن ها ته پوءِ عوام ۽ حڪومت زبردست مشڪلاتن ۾ گهيريل هجن ها ۽ جيڪڏهن مشڪلاتن جي مقابلي ۾ بي مثال ۽ تاريخي قرباني ۽ ايثار کان ڪم نه ورتو وڃي ها، ته پوءِ مملڪت جي سڄي عمارت زمين دوز ٿي وڃي ها.

حضرات! هن نئين پيدا ٿيل مملڪت کي شروع ۾ ئي سازشي طريقن سان تباهه ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو ويو پر اهي سڀ حربا ناڪام بنايا ويا.

اسان جي دشمنن کي اها اميد هئي ته سندن دلي منشا اقتصادي چالبازين سان پوري ٿي سگهندي. ان سلسلي ۾ انهن سڀني دليلن ۽ معاملن کان ڪم ورتو ويو، جي بغض ۽ دشمنيءَ کان تراشيا ويا هئا.

اڳڪٿيون ڪيون ويون ته ڄاڻ پاڪستان جو ڏيوالو نڪتو! سندن اهو به خيال هو ته تلوار ۽ باهمي عناد مان جيڪڏهن مقصد حاصل نه به ٿيو ته به هيءَ مملڪت مالي تباهيءَ جي ڪري زوال پذير ٿي هڪ ڏينهن ناس ٿي ويندي.

پر الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي بدخواهه نجومين جون اهي سڀ اڳڪٿيون ڪوڙيون ثابت ٿيون ۽ اسان جي پهرين بجيٽ ۾ ئي بچت ڏيکاري وئي. اسان جي تجارت جو توازن اسان جي حق ۾ رهندو آيو آهي ۽ اقتصادي ميدان ۾ به باقاعده ۽ مجموعي حيثيت سان ترقي ٿيندي رهي آهي.

حضرات! ڪنهن ملڪ جي مستقبل ۽ ان جي خوشحالي ۽ ترقيءَ متعلق قطعي ۽ يقيني اندازي لڳائڻ لاءِ هڪ سال جي مدت تمام ٿوري آهي ، پر جنهن نموني سان اسان زبردست مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آيا آهيون ۽ گذريل ٻارنهن مهينن ۾ جا ترقي ڪئي وئي آهي، ان کي اڳيان رکي اسان آئنده لاءِ نهايت يقيني تصورات قائم ڪري سگهون ٿا.

نظام مملڪت کي ئي ڏسو. مرڪزي حڪومت ۾ جو ڪجهه نظام موجود آهي، اهو اسان کي نئين سر ڪرڻو پيو آهي پر هن طرف مغربي پنجاب ۾ ته مملڪت جي قيام سان گڏ انتظام حڪومت درهم برهم ٿي ويو!

مان نهايت دلي مسرت سان ائين چئي سگهان ٿو ته انهن سڀني خطرن کي اسان ڪاميابيءَ سان منهن ڏئي چڪا آهيون، جي خطرا اسان جي مملڪت جي استحڪام ۽ قومي اتحاد لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿين ها.

ٻيو ته وقت جي وڏن وڏن ۽ مشڪل مسئلن جي باري ۾ نه فقط پاڪستان عزم ۽ استقلال جو ثبوت ڏنو آهي بلڪ اهو به ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان عالمگير مسئلن کي به خوش اسلوبيءَ سان نباهڻ لاءِ صلاحيت پيدا ڪري چڪو آهي.

قدرت پاران اوهان کي سڀ ڪجهه بخشيو ويو آهي. اوهان جا وسيلا لامحدود آهن. اوهان جي مملڪت جا بنياد مضبوط ۽ پختا پئجي چڪا آهن. هاڻي اهو اوهان جو ڪم آهي ته اوهان انهن بنيادن تي جلد کان جلد سهڻي عمارت تعمير ڪرڻ ۾ سرفراز ثابت ٿيو.

وڌو اڳتي وڌو، خدا اوهان جو حامي ۽ ناصر آهي.

(14 - آگسٽ 1948ع)

شيعه دوست فورم تا ورتل