Get Adobe Flash player

1_ذڪر :-

سجدي ۾ جيڪو به ذڪر پڙهيو وڃي ڪافي آهي ليڪن احتياط واجب آهي ٽي مرتبه ”سبحان الله “ يا هڪ مرتبو ”سبحان ربي الاعلى وبحمده “ کان گھٽ نه هجي .

2_استقرار :-

1_ سجدي ۾ سجدي جو ذڪر پڙهڻ وقت بدن جو ساڪن هجڻ ضروري آهي .

2_ جيڪڏهن پيشاني زمين تي پهچڻ کان پهريان ڄاڻي واڻي ذڪر پڙهيو وڃي ته نماز باطل آهي پر جيڪڏهن ڀل ۾ ايئن ٿي وڃي ته ٻيهر سڪون جي حالت ۾ ذڪر پڙهي .

3_سجدي مان سر مٿي کڻڻ :-

1_ پهرين سجدي جو ذڪر ختم ٿيڻ کانپوءِ سر مٿي کڻي،اهڙيءَ طرح ويهجي جو بدن سڪون ۾ اچي ۽ ان کانپوءِ ٻي سجدي ۾ وڃي .

2_ جيڪڏهن ذڪر ختم ٿيڻ کان پهريان سجدي مان سر کڻجي ته نماز باطل آهي .

4_ستن عضون جو زمين تي هجڻ :-

1_ جيڪڏهن سجدي جو ذڪر پڙهڻ وقت ستن عضون مان ڪنهن هڪ به ڄاڻي واڻي زمين کان مٿي تي نه رکيو وڃي ته نماز باطل ٿي ويندي،ليڪن ذڪر ۾ مشغول نه هئڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن پيشانيءَ کان علاوهه ڪنهن هڪ عضوي کي زمين تان مٿي کڻي ٻيهر زمين تي رکجي ته ڪو حرج نه آهي .

2_ پيرن جي آڱوٺن کان علاوهه جيڪڏهن ٻيون آڱريون به زمين تي هجن ته ڪو حرج نه آهي .

5_سجدي جي جڳھ جو هموار هجڻ :-

1_ نماز گذار جي پيشانيءَ واري جاءِ سندس پيرن واري جاءِ کان چئن آڱرين کان وڌيڪ مٿي يا هيٺ نه هجڻ گھرجي .

6_سجدي ۾ پيشانيءَ کي اهڙيءَ شيءِ تي رکڻ جنهن تي سجدو جائز آهي :-

1_ سجدي ۾ پيشاني زمين يا زمين مان ڦٽڻ واري هر ان شيءِ تي رکڻ گھرجي جيڪا کائڻ، پيئڻ ۽ پائڻ ۾ استعمال نه ٿيندي هجي .

2_ جن شين تي سجدو جائز آهي اهي هيءُ آهن .

1 _ مٽي

2 _ پٿر

3_ پڪل مٽي

4_ چونو

5_ ڪاٺي

6 _ گاھ

7_ سجدي جا احڪام :-

1_ معدني شين،جهڙوڪ:سون،چاندي،عقيق ۽ فيروزي وغيره تي سجدو ڪرڻ جائز نه آهي .

2_ خدا کان علاوهه ڪنهن ٻئي لاءِ سجدو ڪرڻ حرام آهي .

3_ زمين مان ڦٽڻ وارين انهن شين تي سجدو صحيح آهي جيڪي حيوانن جي خوراڪ هجن ، جهڙوڪ گاھ ۽ پن وغيره .

4_ ڪاغذ تي سجدو ڪرڻ صحيح آهي ڀلي اهو ڪپھ يا ان جهڙي ڪنهن ٻي شيءِ مان ٺهيو هجي .

5_ سجدي لاءِ سڀ کان بهتر شيءِ خاڪ شفاء ( تربت سيد شهداء عليه السلام ) آهي ۽ ان کانپوءِ بالترتيب هيٺيون شيون :

الف _ مٽي

ب _ پٿر

ج _ گاھ ( پن وغيره )

6_ جيڪڏهن پهرين سجدي ۾ سجده گاه ( خاڪ شفا ) پيشانيءَ سان چنبڙي وڃي ۽ سجدي گاه کي الڳ ڪرڻ بغير ٻئي سجدي ۾ وڃجي ته نماز باطل آهي .

8_معمول مطابق سجدي ڪرڻ کان لاچار شخص جو فريضو :-

1_ جيڪو شخص پنهنجي پيشاني زمين تي رکڻ کان لاچار هجي ، ان کي ايترو جھڪڻ گھرجي جيترو جھڪڻ جي سگھ رکندو هجي ۽ سجدي گاه کي هڪ بلند جڳھ تي جيئن وهاڻي وغيره تي رکي سجدو ڪرڻ گھرجي ، ليڪن هٿن جي ترين ، گوڏن ۽ پيرن جي آڱوٺن کي معمول مطابق زمين تي رکڻ گھرجي .

2_ جيڪڏهن بلڪل جھڪي نه سگھندو هجي ته سجدي لاءِ ويهي ڪري مٿي سان اشارو ڪري، ليڪن احتياج واجب آهي ته سجدي گاھ هٿ سان مٿي کڻي پيشاني ان تي رکي .

سجدي جا ڪجھه مستحبات :-

1_ هيٺين جاين تي تڪبير چوڻ مستحب آهي .

الف _ رڪوع کانپوءِ ۽ پهرين سجدي کان پهريان

ب _پهرين سجدي کانپوءِ ويهي ڪري جڏهن بدن سڪون جي حالت ۾ هجي .

ج _ ٻئي سجدي کان پهريان جڏهن ويٺو هجي ۽ جڏهن بدن به سڪون جي حالت ۾ هجي .

د _ ٻئي سجدي کانپوءِ .

2_ سجدن کي طول ڏيڻ (يعني گهڻي دير تائين سجدي جي حالت ۾ رهڻ) مستحب آهي .

3_ پهرين سجدي کانپوءِ ويهي ڪري جڏهن بدن سڪون واري حالت ۾ هجي ” استغفرالله ربي و اتوب اليه “ پڙهڻ مستحب آهي .

4_ سجدي ۾ صلواة پڙهڻ مستحب آهي .

سبق 19 : جو خلاصو

1_ احتياط واجب جي بناء تي سجدي جو ذڪر ”سبحان ربي الاعلى وبحمده “ هڪ مرتبو يا ٽي مرتبه ” سبحان الله پڙهڻ کان گھٽ نه هجي .

2_ سجدي جو سڄو ذڪر بدن جي سڪون واري حالت ۾ پڙهڻ گھرجي .

3_ سجدي ۾ پيشاني،ٻنهي هٿن جون تريون،ٻئي گوڏا ۽ پيرن جي ٻنهي آڱوٺن جو زمين تي هجڻ ضروري آهي .

4_ سجدي جي جاءِسڌي۽هموار هئڻ گهرجي ۽ چئن آڱرين کان بلند يا هيٺ نه هئڻ گھرجي

5_ ڪاٺي، مٽي،پٿر،ڀتر،۽ پڪل مٽي تي سجدو صحيح آهي .

6_ سجدي لاءِ سڀ کان بهتر شيءِ سيدالشهداءِ امام حسين عليه السلام جي تربت آهي .

هيٺين سوالن جا جواب ڏيو........................؟

1_ سجدي جي وضاحت ڪريو ۽ ٻڌايو ته سجدو نماز جو رڪن آهي يا واجب ؟

2_ سجدي جي ذڪر جو واجب مقدار بيان ڪريو ؟

3_ ٻن سجدن جي درميان موالات ڇا آهي ؟ وضاحت ڪريو ؟

4_ ڪاٺي،بادام جي ڇلڪي،صوف جي کل وغيره....تي سجدو ڪرڻ جو ڇا حڪم آهي ؟

5_ ڪاغذ ۽ ماچيس جي پڙيءَ تي سجدي جو ڇا حڪم آهي ؟

6_ جيڪو شخص معمول مطابق سجدو انجام نه ڏيئي سگھندو هجي ان جو ڇا فريضو آهي