Get Adobe Flash player

1_عقل ۽ فڪر جي ڪمال جي علامت.

دَلِيلُ الْعَقْلِ التَّفَكُّرُ وَ دَلِيلُ التَّفَكُّرِ الصَّمْت.[1]

عقل جي علامت غور وفڪر ڪرڻ آهي ۽ فڪر جي سڃاڻپ خاموشي آهي.

2_هميشه حق چوڻ گهرجي.

قُلِ الْحَقَّ - وَ إِنْ كَانَ فِيهِ هَلَاكُكَ فَإِنَّ فِيهِ نَجَاتَكَ وَ دَعِ الْبَاطِلَ وَ إِنْ كَانَ فِيهِ نَجَاتُكَ- فَإِنَّ فِيهِ هَلَاكَك.[2]

هميشه حق چئو توڻي جو ان ۾ تنهنجي هلاڪت هجي،ڇو جو انهي ئي ۾ تنهنجي نجات آهي، ۽ باطل کي ڇڏي ڏئي ،توڻي جو ان ۾تنهنجي نجات هجي ڇو جو انهي ئي ۾ تنهنجي هلاڪت آهي.

3_خُمس.

قَالَ لِي هَارُونُ أَ تَقُولُونَ إِنَّ الْخُمُسَ لَكُمْ قُلْتُ نَعَمْ قَالَ إِنَّهُ لَكَثِيرٌ قَالَ قُلْتُ إِنَّ الَّذِي أَعْطَانَاهُ عَلِمَ أَنَّهُلَنَا غَيْرُ كَثِير.[3]

امام موسى ڪاظم فرمايو: هارون مونکي چيو ته توهان چئو ٿا ته خُمس توهان جي لاءِ آهي؟ مون چيو: ها؛ هارون چيو: اهو ته تمام گهڻو آهي، مون چيو: اها هستي جنهن خمس اسان کي عطاء ڪيو آهي اهو ڄاڻي ٿو ته اهو اسان لاءِ گهڻو نه آهي.

4_الله جي رحمت جا شرط

إِنَّ أَهْلَ الْأَرْضِ لَمَرْحُومُونَ مَا تَحَابُّوا وَ أَدَّوُا الْأَمَانَةَ وَ عَمِلُوا بِالْحَق.[4]

زمين تي رهڻ وارا ان وقت تائين رحمت جا مستحق آهن جيستائين انهن جي درميان محبت آهي،۽ اهي امانت ادا ڪندا رهن ۽ حق تي عمل ڪندا رهن.

5_خوبصورتي جو راز.

أَلْقُوا الشَّعْرَ عَنْكُمْ فَإِنَّهُ يُحَسِّن.[5]

پنهنجا وار وڏا رکو ڇو جو (وڏا وار) حُسن ۽ خوبصورتي جو سبب هوندا آهن.

6_ديوانگيءَ  جا ٽي سبب.

إِنَّ ثَلَاثَةً يُتَخَوَّفُ مِنْهُنَّ الْجُنُونُ، التَّغَوُّطُ بَيْنَ الْقُبُورِ وَ الْمَشْيُ فِي خُفٍّ وَاحِدٍ وَ الرَّجُلُ يَنَامُ وَحْدَه.[6]

ٽن ماڻهن مان ديوانگيءَ  جو خوف آهي:قبرن جر وچ ۾ قضاء حاجت ڪرڻ، هڪ پير ۾ جوتو پائي هلڻ ۽ اڪيلوسمهڻ وارو.

7_ٽي شخص جن تي رسول(ص) لعنت ڪئي آهي.

لَعَنَ رَسُولُ اللَّهِ ص ثَلَاثَةً الْآكِلَ زَادَهُ وَحْدَهُ وَ النَّائِمَ فِي بَيْتٍ وَحْدَهُ وَ الرَّاكِبَ فِي الْفَلَاةِ وَحْدَه.[7]

رسول خدا (ص) ٽن ماڻهن تي لعنت ڪئي آهي: اهو شخص جيڪو اڪيلو کاڌو کائي،اهو شخص جيڪو گهر ۾ اڪيلو سمهي ٿو ۽ اهو ماڻهو جيڪو بيابان ۽ صحراء ۾ اڪيلو سفر ڪري ٿو.

8_مومن  جون پنج علامتون

الْمُؤْمِنُ لَا يَخْلُو مِنْ خَمْسَةٍ مِسْوَاكٍ وَ مُشْطٍ وَ سَجَّادَةٍ وَ سُبْحَةٍ فِيهَا أَرْبَعٌ وَ ثَلَاثُونَ حَبَّةً وَ خَاتَمُعَقِيق.[8]

مؤمن پنجن شين کان خالي نه هوندو آهي.ڏندڻ،ڦڻي،مُصَلُّو،34 داڻن واري تسبيح ۽ عقيق جي منڊي.

9_دنيا ۽ نانگ.

إِنَّ مَثَلَ الدُّنْيَا مَثَلُ الْحَيَّةِ مَسُّهَا لَيِّنٌ وَ فِي جَوْفِهَا السَّمُّ الْقَاتِلُ يَحْذَرُهَا الرِّجَالُ ذَوُو الْعُقُولِ وَيَهْوِي إِلَيْهَا الصِّبْيَانُ بِأَيْدِيهِم.[9]

دنيا هڪ نانگ وانگر آهي جيڪو هٿ لائڻ سان ته تمام نرم ڏسجي ٿو پر ان جي اندر زَهرِ قاتل هوندو آهي،عقلمند ماڻهو ان کان ڊڄن ٿا پر ٻار پنهنجي هٿن کي ان ڏانهن وڌائن ٿا.

10_جسم جي زڪوات.

لِكُلِّ شَيْ‏ءٍ زَكَاةٌ وَ زَكَاةُ الْجَسَدِ صِيَامُ النَّوَافِل.[10]

هر شيءِ جي  زڪوات هوندي آهي ۽ جسم جي زڪوات مستحب روزو آهي.

11_حياء ۽ بي شرمي.

الْحَيَاءُ مِنَ الْإِيمَانِ وَ الْإِيمَانُ فِي الْجَنَّةِ وَ الْبَذَاءُ مِنَ الْجَفَاءِ وَ الْجَفَاءُ فِي النَّار.[11]

حياء ايمان منجهان آهي،ايمان ٺِڪاڻو جنت آهي، ۽ بي شرمي جفا(ظلم) آهي ۽ جفا (ظلم) جي ٺڪاڻو دوزخ ۾ آهي.

12_الله جي قرب جو وسليو.

صَلَاةُ النَّوَافِلِ قُرْبَانٌ إِلَى اللَّهِ لِكُلِّ مُؤْمِن.[12]

مستحب نماز هر مومن جي لاءِ خدا جو تقرب حاصل ڪرڻ جو وسيلو آهي.

13_ضعيفن جو جهاد.

الْحَجُّ جِهَادُ كُلِّ ضَعِيف.[13]

حج ضعيف ۽ ڪمزور ماڻهن جو جهاد آهي.

14_نعمت جو شڪر  ادا نه ڪرڻ جو انجام.

إِنَّ كُلَّ نِعْمَةٍ عَجَزْتَ عَنْ شُكْرِهَا بِمَنْزِلَةِ سَيِّئَةٍ تُؤَاخَذُ بِهَا.[14]

هراها نعمت جنهن جو شڪر ادا نه ڪري سگهين ان گناهه وانگر آهي جنهن جي باري ۾ تو کان پڇيو ويندو.



[1]. بحار الانوار، ج‏68 ص:306 ؛ باب‏78

[2]. مشڪاة الانوار في غرر الاخبار، ص:69 ؛ الفصل الثالث في آداب الشيعة

[3]. بحار الانوار، ج‏48 ص:158 ؛ باب‏6

[4]. مشڪاة الانوار في غرر الاخبار، ص:52 ؛ الفصل الرابع عشر في أداء الاَمانة

[5]. مڪارم الاخلاق، ص:70 ؛ الفصل الثالث في تسريح الرأس و اللحية

[6]. مشڪاة الانوار في غرر الاخبار، ص:319 ؛ الفصل السابع في الخصال المنهي عنها

[7]. مڪارم الاخلاق، ص:259 ؛ في ڪراهية الوحدة في السفر

[8]. مڪارم الاخلاق، ص:281 ؛ في الادعية المخصوصة باعقاب الفرائض‏

[9]. تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:396 ؛ وصيته ع لهشام و صفته للعقل‏

[10]. بحار الانوار، ج‏75 ص:326 ؛ باب‏25

[11]. تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:394 ؛ وصيته ع لهشام و صفته للعقل‏

[12]. بحار الانوار، ج‏75 ص:326 ؛ باب‏25

[13]. تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:403 ؛ و من حڪمه ع‏

[14]. تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:394 ؛ وصيته ع لهشام و صفته للعقل‏