Get Adobe Flash player

17_سوره بقره آيت: 159      

إِنَّ الَّذِينَ يَكْتُمُونَ مَا أَنزَلْنَا مِنَ الْبَيِّنَاتِ وَالْهُدَى مِن بَعْدِ مَا بَيَّنَّاهُ لِلنَّاسِ فِي الْكِتَابِ أُولَـئِكَ يَلعَنُهُمُ اللّهُ وَيَلْعَنُهُمُ اللَّاعِنُونَ

 جيڪي پڌريون دليون ۽ ھدايت جا وسيلا اسان نازل ڪيا آهن  تن کي جيڪي (ماڻھو) اُن کانپوءِ جو اُنھن کي ماڻھن لاءِ ڪتاب (توريت) ۾ ظاھر ڪيوسين، لڪائيندا  تن تي الله لعنت ڪري ٿو۽ لعنت ڪندڙ (به) انھن تي لعنت ڪن ٿا..

شان نزول:حقيقت لڪائيندڙن جي سزا

جلال الدين سيوطي اسباب النزول ۾ ابن عباس کان هن ريت نقل ڪري ٿو ته : معاذ بن جبل ، سعد بن معاذ ۽ خارجه بن زيد جهڙن ڪجهه مسلمانن يهودين جي عالمن کان توريت ۾ پاڻ سڳورن (ص) جي بعثت متعلق ڪجهه مسئلن جي باري ۾ سوال ڪيا،ته انهن حقيقت کي لڪائيندي ان جي وضاحت ڪرڻ کان انڪار ڪيو.ته انهن جي باري ۾مٿين آيت نازل ٿي . (۽ حقيقت کي لڪائڻ جي سزا جو پيغام انهن جي ڪنن تائين پهچايو)[1]

18_ سوره بقره آيت: 168 ،169

يَا أَيُّهَا النَّاسُ كُلُواْ مِمَّا فِي الأَرْضِ حَلاَلاً طَيِّباً وَلاَ تَتَّبِعُواْ خُطُوَاتِ الشَّيْطَانِ إِنَّهُ لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبِينٌ(168) إنَّمَا يَأْمُرُكُمْ بِالسُّوءِ وَالْفَحْشَاء وَأَن تَقُولُواْ عَلَى اللّهِ مَا لاَ تَعْلَمُونَ

اي انسانو جيڪي شيون زمين ۾ آھن تن مان پاڪ (۽) حلال کائو، ۽ شيطان جي نقش قدم تي نه ھلو، ڇاڪاڻ ته اھو اوھان جو پڌرو ويري آھي. (هورڳو توھان کي بڇڙائيءَ ۽ بي حيائيءَ جو حڪم ڪري ٿو ۽ ھيءُ ته جيڪي ڳالھيون نه ڄاڻندا آھيو سي الله سائينءَ لاءِ چئو.

شان نزول :زمين ۾ الله جي نعمتن مان فائدو وٺڻ :

حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته عربن جي ڪجهه قبيلن جهڙوڪ “ثقيف” ، “خزاعه” ۽ ٻين ڪجهه پوکون ۽ جانور پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيا هئا ( ايستائين جو اهو چوندا هئا ته اهي خدا حرام ڪيون آهن) ته انهن جي جواب ۾ مٿيون آيتون نازل ٿيون ۽ انهن کي ان ناجائز عمل کان روڪيو ويو [2]  

19_سوره بقره آيت: 174 ،175،176

إِنَّ الَّذِينَ يَكْتُمُونَ مَا أَنزَلَ اللّهُ مِنَ الْكِتَابِ وَيَشْتَرُونَ بِهِ ثَمَنًا قَلِيلاً أُولَـئِكَ مَا يَأْكُلُونَ فِي بُطُونِهِمْ إِلاَّ النَّارَ وَلاَ يُكلِّمُهُمُ اللّهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَلاَ يُزَكِّيهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ(174) أُولَـئِكَ الَّذِينَ اشْتَرَوُاْ الضَّلاَلَةَ بِالْهُدَى وَالْعَذَابَ بِالْمَغْفِرَةِ فَمَآ أَصْبَرَهُمْ عَلَى النَّار(175) ذَلِكَ بِأَنَّ اللّهَ نَزَّلَ الْكِتَابَ بِالْحَقِّ وَإِنَّ الَّذِينَ اخْتَلَفُواْ فِي الْكِتَابِ لَفِي شِقَاقٍ بَعِيد

 جيڪي ماڻھو ان کي جيڪو الله سائينءَ ڪتاب مان نازل ڪيو آهي لڪائين ٿا ۽ اُن کي ٿوري ملھ عيوض کپائين ٿا اِھي پنھنجن پيٽن ۾ باھ کانسواءِ ڪجهه نه ٿا کائين (ڀرين) ( جيڪي تحفا ۽ مال ان طريقي سان هٿ ٿا ڪن ، سي حقيقت ۾ جلائڻ واري باهه آهن) ۽ الله ساڻن قيامت جي ڏينھن نه ڳالھائيندو ۽ نه ئي کين سنواريندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. اِھي (اُھي) آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ۽ بخشش جي بدران عذاب جو سودو ڪيو، ته پوءِ جهنم جي باهه تي ڪيترو صبر ٿا ڪن.اِھو ھِن ڪري (آھي) جو الله حق ( ۽ چٽين دليلن) ساڻ ( آسماني ) ڪتاب لاٿو، ۽ جيڪي ڪتاب بابت تڪرارڪن ٿا ( ۽ حق کي لڪائڻ ۽ تحريف سان اختلاف وجهن ٿا) سي ضرور وڏي ڦيٽي ۾ آھن

شان نزول:خدائي آيتن کي لڪائڻ :

تمام مفسرن جو اتفاق آهي ته مٿيون آيتون اهل ڪتاب جي باري ۾ نازل ٿيون ، ۽ گھڻن مفسرن جي چوڻ مطابق ته هي آيتون خاص طور تي يهودي عالمن جي باري ۾ آهن جيڪي پاڻ سڳورن (ص) جن جي اچڻ کان پهرين سندن جيڪي خاصيتون پنهنجن ڪتابن ڏٺيون هيائون سي ماڻهن آڏو بيان ڪندا هئا ، پر پاڻ سڳورن (ص) جي بعثت ۽ ماڻهن جي سندن  طرف گهڻي توجه ڪرڻ کان پوءِ ان ڳالهه کان ڊڄڻ لڳا ته جيڪڏهن ساڳئي پهرين واري طريقي کا اڳتي وڌايائون ته سندن مفادات کي خطرو آهي ، ۽ کين جيڪي تحفه تحائف ملندا هيا ۽سندن جيڪي مهمانيون ٿينديون هيون سي رڪجي وينديون ، ان ڪري توريت ۾ پاڻ سڳورن (ص) لاءِ ٻڌايل خاصيتن جو انڪار ڪرڻ لڳا ته جواب ۾ مٿيون آيتون نازل ٿيون ۽ انهن جي تمام گهڻي سرزنش ڪئي وئي.[3]

20_سوره بقره آيت: 177

لَّيْسَ الْبِرَّ أَن تُوَلُّواْ وُجُوهَكُمْ قِبَلَ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ وَلَـكِنَّ الْبِرَّ مَنْ آمَنَ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ وَالْمَلآئِكَةِ وَالْكِتَابِ وَالنَّبِيِّينَ وَآتَى الْمَالَ عَلَى حُبِّهِ ذَوِي الْقُرْبَى وَالْيَتَامَى وَالْمَسَاكِينَ وَابْنَ السَّبِيلِ وَالسَّآئِلِينَ وَفِي الرِّقَابِ وَأَقَامَ الصَّلاةَ وَآتَى الزَّكَاةَ وَالْمُوفُونَ بِعَهْدِهِمْ إِذَا عَاهَدُواْ وَالصَّابِرِينَ فِي الْبَأْسَاء والضَّرَّاء وَحِينَ الْبَأْسِ أُولَـئِكَ الَّذِينَ صَدَقُوا وَأُولَـئِكَ هُمُ الْمُتَّقُونَ

 ( نماز جي وقت ) اوڀر ۽ اولھ ڏانھن اوھان جو پنھنجن مُنھَن کي ڦيرائڻ ڪا چڱائي نه آھي (سڄو ڌيان ان مسئلي تي هجڻ گهرجي ) پر ( حقيقت ) ۾ نيڪ انسان اهوآھي جنھن الله ، قيامت جي ڏينھن ،ملائڪن ، ڪتابن ۽ پيغمبرن تي ايمان آندو، ۽ جنھن (ماڻھوءَ پنھنجو) مال اُن کي چاهيندي (به) مٽن مائٽن ، يتيمن ، مسڪينن ، سَفَرجي سوالين ۽ سوال ڪندڙن ۽ ٻانھَن تي خرچ ڪري ٿو ، ۽ نماز کي ادا ڪري ٿو ۽ زڪوٰة ڏئي ٿو، ۽ (اُھي ماڻھو جيڪي) جڏھن انجام ڪندا آھن تڏھن پنھنجو انجام پاڙيندا آھن، ۽ سڃائيءَ ۽ اوکائيءَ ۾ ۽ جنگ مھل صبر ڪندا آھن، اِھي سچا آھن، ۽ اِھي ئي پرھيزگار آھن

شان نزول :انسان جي قيمت جو معيار:

جڏهن قبلي جي تبديلي جي ڪري ماڻهن ۾ ۽ خاص طور تي يهودين ۽ عيسائين ۾ تمام گهڻو چوٻول شروع ٿي ويو ،۽ يهودين سندن وڏي اعزاز يعني مسلمانن جو سندن قبلي ۾ پيروي ڪرڻ واري اعزاز کي هٿان وڃائجي وڃڻ تي تمام گهڻا اعتراض ڪرڻ شروع ڪيا ، جنهن ڏانهن قرآن مجيد سوره بقره جي 142 (هڪ سو ٻائيتاليهين ) آيت ۾ “سيقول السفهاءُ” سان اشارو ڪيو ، ته ان وقت ذڪر ٿيل آيتون نازل ٿيون ۽ ( الله سائين ) ان ڳالهه جي سمجهاڻي ڏني ته قبلي جي تبديل تي ايتري چوٻول ڪرڻ جي ضرورت ناهي ، پر قبلي کان وڌيڪ اهميت جوڳا ٻيا مسئلا آهن جيڪي انسان جي قيمت جو معيار آهن ، انهن ڏانهن توجهه ڪرڻ گهرجي ، ۽ انهن مسئلن جي هتي وضاحت ڪئي وئي آهي.[4]

21_سوره بقره آيت: 178

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ كُتِبَ عَلَيْكُمُ الْقِصَاصُ فِي الْقَتْلَى الْحُرُّ بِالْحُرِّ وَالْعَبْدُ بِالْعَبْدِ وَالأُنثَى بِالأُنثَى فَمَنْ عُفِيَ لَهُ مِنْ أَخِيهِ شَيْءٌ فَاتِّبَاعٌ بِالْمَعْرُوفِ وَأَدَاء إِلَيْهِ بِإِحْسَانٍ ذَلِكَ تَخْفِيفٌ مِّن رَّبِّكُمْ وَرَحْمَةٌ فَمَنِ اعْتَدَى بَعْدَ ذَلِكَ فَلَهُ عَذَابٌ أَلِيمٌ (178) وَلَكُمْ فِي الْقِصَاصِ حَيَاةٌ يَاْ أُولِيْ الأَلْبَابِ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ

 اي مؤمنؤ خون ٿيلن بابت اوھان تي بدلي وٺڻ ۾ برابري لازم ڪئي ويئي، (جيئن ته) آجي جي عيوض آجو ٻانھي جي عيوض ٻانھو ۽ عورت جي عيوض عورت آھي، پوءِ جنھن کي سندس (ديني ) ڀاءُ جي طرفان ڪجھ ڇڏيو وڃي ته پوءِ (خون بھا وٺڻ ۾) چڱيءَ ريت سان (ان جي) پويان هلڻ گھرجي ۽ ۽ قاتل کي به گهرجي ان (وارث) ڏانھن ( ديت ) (خون بھا) چڱيءَ ريت سان پھچائي، اِھو (حڪم) اوھان جي پالڻھار وٽان ھلڪائي ۽ ٻاجھ آھي، پوءِ جيڪو ھن (حڪم) کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. ي ڌيان وارؤ اوھان لاءِ قصاص (وٺڻ) ۾ حياتي آھي ته منَ اوھين پرھيزگاري ڪر

شان نزول :قصاص (خون جو عيوض خون) زندگي آهي:

جاهل عربن جي اها رسم هوندي هئي ته جيڪڏهن سندن قبيلي مان ڪنهن کي قتل ڪيو ويندو هوته پڪو په ڪندا هئا ته پنهنجو پورو وس لڳائي به ان کي مارين ۽ اهو فڪر ايترو ته ڦهلجي ويو هو جو ان ڳالهه تي حاضر ٿي ويندا هئا ته هڪ شخص جي مارجڻ جي پٺيان قاتل جي پوري قبيلي کي ماري ڇڏين ته انهن جي جواب ۾ ذڪر ٿيل آيت نازل ٿي ۽ قصاص جي عادلانه حڪم کي بيان ڪيائين.[5]

هي اسلامي حڪم حقيقت ۾ ان دور ۾ هلندڙ ٻن مختلف حڪمن جي درمياني راهه هو .

ڪجهه قصاص کي لازمي سمجھندا هئا ۽ ان کان سواءِ ڪنهن ٻي شي کي جائز نه سمجھندا هئا.

ڪجهه وري ديت (خون بها) کي لازمي سمجھندا هئا ، اسلام قصاص کي مارجي ويل جي وارثن جي رضامندي نه هجڻ جي صورت ۾ ۽ ديت کي سندن رضامندي جي صورت لازمي بڻايو.



[1]_لباب النقول في اسباب النزول، ص22 جامع البيان ، (تفسير طبري) ج2، ص22،  تفسير شوڪاني  ( فتح القدير ) ج 1، ص162، در المنثور ، ج 1، ص 381، تفسير آلوسي ،ج 2 ص26، ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾.   

[2] _ بحارالانوار ج62 ، ص97، تفسير قرطبي ج2، ص207 ، مجمع البيان ، بحرالمحيط ج2، ص97، ذڪر ٿيل آيتن جي ذيل ۾

[3]_مجمع البيان ، تفسير قرطبي ج2 ، ص 234، تفسير ابن کثير ج1 ، ص352، ۽ ٻيون تفسيرون ذڪر ٿيل آيتن جي ذيل ۾.

4_مجمع البيان ، تفسير ابن کثير ج1، ص352 ، تفسير رازي ، ج5 ،ص211 ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾

5_ هي شان نزول مختصر طور تي هيٺين تفسيرن ۾ آيو آهي ، تفسير قرطبي ، تفسير ابن کثير ج1، ص357، در المنثور ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾