Get Adobe Flash player

رڪوع ۽ ان جا احڪام :-

1_ نماز گزار کي هر رڪعت ۾ قرأ ت کان پوءِ ايترو جھڪڻ گھرجي جو هن جا هٿ گوڏن تائين پهچي وڃن ۽ ان عمل کي ” رڪوع “ چوندا آهن .

واجبات رڪوع :-

1_ بيان ٿيل حد تائين جھڪڻ

2_ ذڪر ( گھٽ ۾گھٽ ٽي مرتبه سبحان الله چوڻ )

3_ ذڪر پڙهڻ وقت بدن جو حرڪت ۾ نه هئڻ .

4_ رڪوع کانپوءِ سڌو بيهڻ .

5_ رڪوع کانپوءِ بدن جو سڪون واري حالت ۾ اچڻ .

 

رڪوع ۾ ذڪر :-

رڪوع ۾ جيڪو به ذڪر پڙهيو وڃي ڪافي آهي،ليڪن احتياط واجب آهي ته ٽي مرتبه ”سبحان الله“ يا هڪ مرتبو”سبحان ربي العظيم وبحمده “ کان گهٽ نه هجي .

رڪوع ۾ بدن جو سڪون ۾ هئڻ :-

1_ رڪوع ۾ واجب ذڪر پڙهڻ جي مهل بدن سڪون ۾ هئڻ گھرجي

2_ جيڪڏهن رڪوع جي مقدار ۾ جهڪڻ ۽ بدن جي سڪون ۾ اچڻ کان اڳ ئي ڄاڻي واڻي رڪوع وارو ذڪر پڙهيو وڃي ته نماز باطل آهي .

3_ جيڪڏهن واجب ذڪر ختم ٿيڻ کان پهريان رڪوع مان ڄاڻي واڻي مٿي اٿجي ته نماز باطل آهي .

رڪوع کانپوءِ اٿي بيهڻ ۽ بدن جو سڪون ۾ اچڻ :-

رڪوع جو ذڪر ختم ٿيڻ کان بعد سڌو ٿي بيهڻ گھرجي ۽ بدن جي سڪون جي حالت ۾ اچڻ کانپوءِ سجدي ۾ وڃڻ گھرجي . جيڪڏهن سڌو ٿي بيهڻ کان پهريان يا بدن جي سڪون ۾ اچڻ کان پهريان عمداً سجدي ۾ وڃجي ته نماز باطل آهي .

معمول مطابق رڪوع نه ڪرڻ کان معذور شخص جو فريضو :-

1_ جيڪو  ڪو شخص رڪوع ۾ جھڪي نه سگھندو هجي، ان کي ايترو جھڪڻ گھرجي جيتري قدر ان لاءِ جھڪڻ ممڪن هجي .

2_ جيڪو شخص بلڪل جھڪي نه سگھندو هجي ان کي ويهي رڪوع ڪرڻ گھرجي .

3_ جيڪو شخص ويٺي به رڪوع نه ڪري سگھندو هجي ان کي به نماز پڙهڻ گھرجي ۽ رڪوع لاءِ مٿي سان اشارو ڪري .

رڪوع جا ڪجھ مستحبات :-

1_ مستحب آهي ته رڪوع جي ذڪر کي ٽي يا پنج يا ست مرتبه يا ان کان وڌيڪ مرتبه پڙهي .

2_ مستحب آهي ته رڪوع ۾ وڃڻ کان پهريان سڌو بيهي تڪبير چئي .

3_ رڪوع جي حالت ۾ مستحب آهي ته پنهنجي ٻن پيرن جي درميان زمين تي نگاه ڪري .

4_ مستحب آهي ته رڪوع جي ذڪر کان پهريان ۽ پوءِ صلواة پڙهي .

5_ مستحب آهي ته رڪوع کانپوءِ جڏهن اٿي بيهي ۽ بدن سڪون ۾ اچي وڃي ته ” سَمِعَ اللهُ لِمَنۡ حَمِدَه “ چئي .

سجدو ۽ ان جا احڪام :-

1_ نماز گذار کي واجب ۽ مستحب نمازن جي هر رڪعت ۾،رڪوع کانپوءِ ٻه سجدا ڏيڻ گھرجن .

2_ پيشاني،ٻنهي هٿن جون تريون،ٻئي گوڏا۽پيرن جا ٻئي اڱوٺا زمين تي رکڻ کي سجدو چوندا آهن.

سجدي جا واجبات -

1_ بدن جا ست عضوا زمين رکڻ .

2_ ذڪر .

3_ سجدي جي ذڪر دوران بدن جو سڪون جي حالت ۾ هئڻ .

4_ ٻن سجدن جي درميان آرام سان ويهڻ .

5_ ذڪر دوران ستن عضون جو زمين تي هئڻ .

6_ سجدي جي جاين جو هم سطح ۽ برابر هجڻ .

7_ پيشانيءَ کي اهڙي شيءِ تي رکڻ جنهن تي سجدو جائز هجي .

8_ پيشاني رکڻ واري جاءِ جو پاڪ هجڻ .

9_ ٻنهي سجدن جي درميان موالات (تسلسل) جي رعايت ڪرڻ .

نوٽ :- سجدي جي واجبات جي وضاحت ايندڙ سبق ۾ بيان ٿيندي .

سبق 18 جو خلاصو

1_ نماز جي هر رڪعت ۾ قرأت کانپوءِ لازم آهي ته هڪ رڪوع انجام ڏنو وڃي .

2_ رڪوع جو مطلب ايترو جھڪڻ  جو ٻئي هٿ گوڏن تائين پهچي وڃن .

3_ واجبات رڪوع هيٺيان آهن

الف _ ذڪر ٿيل حد تائين جھڪڻ .

ب _ ذڪر پڙهڻ وقت بدن جو سڪون واري حالت ۾ هجڻ .

ج _ رڪوع کانپوءِ سڌو بيهڻ

4_ احتياط واجب آهي ته رڪوع جو ذڪر ٽي مرتبا ” سبحان الله “ يا هڪ مرتبو ” سبحان ربي العظيم و بحمده “ کان گھٽ نه هجي .

5_ رڪوع جو ذڪر بدن جي سڪون جي حالت ۾ پڙهڻ گھرجي،رڪوع ۾ ويندي يا رڪوع مان مٿي اٿڻ وقت نه پڙهڻ گھرجي .

6_ جيڪو شخص بيهي ڪري رڪوع انجام ڏيڻ کان معذور هجي ان کي ويهي رڪوع ڪرڻ گھرجي،۽جيڪڏهن ويهي ڪري به رڪوع نه ڪري سگھندو هجي ته مٿي جي اشاري سان رڪوع انجام ڏيئي .

7_ نماز گذار کي رڪوع کان پوءِ ٻه سجده ڪرڻ گھرجن .

8_ سجدي ۾ پيشاني،هٿن جون تريون ،گوڏا ۽ پيرن جا ٻئي آڱوٺا زمين تي هجڻ گھرجن .

هيٺين سوالن جا جواب ڏيو...............؟

1_ رڪوع ۽ رڪوع جي ذڪر ۾ ڇا فرق آهي ؟

2_ ڪيترو وقت حالت رڪوع ۾ رهڻ ضروري آهي ؟

3_ ڇا رڪوع کانپوءِ اٿي بيهڻ واجب آهي ؟

4_ سجدي جي تعريف ڪريو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته سجدو، واجبات نماز جو ڪهڙو حصو آهي ؟

5_ سجدي جي واجبات مان چار شين کي بيان ڪريو ؟