Get Adobe Flash player

قرآئت ۽ ان جا احڪام :-

پهرين ۽ ٻي رڪعت ۾ سورة حمد ۽ ڪنهن ٻي سورة کي پڙهڻ ۽ ٽين ۽ چوٿين رڪعت ۾ صرف سورة حمد يا تسبيحات اربعه پڙهڻ کي ” قرآئت “ چوندا آهن .

سورة حمد :-

 بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيم  (1) الْحَمْدُ لِلَّهِ رَبّ‏ِ الْعَلَمِينَ (2) الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ  (3) مَلِكِ يَوْمِ الدِّينِ (4) إِيَّاكَ نَعْبُدُ وَ إِيَّاكَ نَسْتَعِينُ (5) اهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ(6)صِرَاطَ الَّذِينَ أَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ غَيرِْ الْمَغْضُوبِ عَلَيْهِمْ وَ لَا الضَّالِّينَ(7)

سورة توحيد :-

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ‏، قُلْ هُوَ اللَّهُ أَحَدٌ (1)اللَّهُ الصَّمَدُ (2)لَمْ يَلِدْ وَ لَمْ يُولَدْ (3)وَ لَمْ يَكُن لَّهُ كُفُوًا أَحَدُ(4)

ٽين ۽ چوٿين رڪعت ۾ سورة حمد يا ٽي مرتبه تسبيحات اربعه پڙهڻ گھرجي،البته تسبيحات کي هڪ مرتبو پڙهڻ به ڪافي آهي .

 

تسبيحات اربعه :-

سبحان اللهِ والحمد للهِ ولا اِلهَ الاّ اللهُ واللهُ اکبر

قرائت جا احڪام :-

1_ ٽين ۽ چوٿين رڪعت ۾ قرائت آهستي پڙهڻ گھرجي ليڪن پهرين ۽ ٻي رڪعت ۾ سورة حمد ۽ ٻي سورة کي پڙهڻ جي باري ۾  مرد ۽ عورت لاءِ حڪم هيٺ ڏنل تفصيل مطابق آهي .

نماز

نماز گزار

حڪم

ظهر ۽ عصر

مرد ۽ عورت

آهستي پڙهڻ گھرجي

صبح ،مغرب ۽ عشاء

مرد

بلند آواز سان پڙهڻ گھرجي

عورت

جيڪڏهن نا محرم ان جي آواز کي نه ٻڌندو هجي ته بلند آواز ۾ پڙهي سگھي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪوئي نا محرم ان جي آواز کي ٻڌندو هجي ته احتياط واجب جي بناء تي آهستي آواز ۾ پڙهي

2_ جيڪڏهن بلند آواز سان پڙهي ويندڙ نماز جي جڳھ تي نماز ڄاڻي واڻي آهستي پڙهي وڃي يا آهستي پڙهي ويندڙ نماز جي جڳھ تي ڄاڻي واڻي بلند آواز سان نماز پڙهي وڃي ته نماز باطل آهي ، ليڪن ڀل ۾ يا مسئلي کي نه ڄاڻڻ ڪري ايئن ڪيو وڃي ته نماز صحيح آهي .

3_ جيڪڏهن سورة حمد پڙهڻ جي دوران سمجھي ته غلطي ڪئي آهي ( مثلاً بلند آواز سان پڙهڻ جي جاء تي آهسته پڙهيو آهي ) ته ضروري نه آهي پڙهيل حصي کي ٻيهر پڙهي .

4_ انسان کي گھرجي ته نماز صحيح طور سکي۽ ياد ڪري تاڪه نماز غلط نه پڙهي،جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن به صورت ۾ نماز صحيح طريقي سان ياد نه ڪري سگھي،ته جهڙيءَ طرح به نماز پڙهي سگھندو هجي ان کي نماز پڙهڻ گھرجي ۽ احتياط مستحب آهي ته نماز جماعت سان پڙهي .

5_ جيڪڏهن انسان هڪ لفظ کي صحيح سمجھندي پڙهندو هجي مثلاً ”عبدُهُ “ جي جڳھ تي تشهد ۾ ”عبدَهُ “سمجھندي پڙهندو هجي ۽بعد ۾خبر پويس ته غلط هيو ته ضروري نه آهي ته نماز ٻيهر پڙهي .

6_ هيٺين موقعن تي نماز گزار کي پهرين ۽ ٻي رڪعت ۾ حمد کانپوءِ  ٻئي ڪا سورت پڙهڻ ضروري  ناهي بلڪه سورت حمد پڙهڻ ڪافي آهي

الف : نماز جو وقت تنگ هجي .(مثلا نماز جي قضا ٿيڻ ۾ ڪجهه منٽ ئي بچا آهن)

ب : سورت نه پڙهڻ تي مجبور هجي مثلاً خوف هجيس ته جيڪڏهن سورت پڙهندو ته چور ، درندو يا ٻي ڪا شيءِ کيس نقصان پهچائيندي .

7_ نماز جو وقت تنگ هئڻ جي موقعي تي ” تسبيحات اربعه “ کي هڪ مرتبو پڙهڻ گھرجي .

قرآئت  جا ڪجھ مستحبات :ـ

1_ پهرين رڪعت ۾ الحمد کان پهريان”اعوذ بالله من الشيطان الرجيم “ پڙهڻ .

2_ ظهر ۽ عصر جي پهرين ۽ ٻي رڪعت ۾ ” بسم الله الرحمٰن الرحيم “ کي بلند آواز سان پڙهڻ .

3_ الحمد ۽ ٻي سورت کي آرام آرام سان پڙهڻ ۽ هر آيت جي آخر تي وقف ڪرڻ يعني ان کي بعد واري آيت سان ملائي نه پڙهڻ .

4_ الحمد ۽ ٻي سورت پڙهڻ وقت انهن جي معنى ڏانهن توجھ ڪرڻ .

5_ سڀني نمازن ۾پهرين رڪعت ۾ سورت” انا انزلنا “ ۽ ٻي رڪعت ۾ سورت ” قل هو الله “ پڙهڻ .

ذڪر :-

رڪوع ۽ سجدي جي واجبات مان هڪ ذڪر آهي، يعني”سبحان الله“ يا ” الله اکبر“ يا انهن جهڙو ڪو ٻيو ذڪر پڙهڻ،ان جي تفصيل اڳتي بيان ٿيندي .

سبق 17 جو خلاصو

1_ قرآئت مان مراد نماز جي پهرين ۽ ٻي رڪعت ۾ ” الحمد “ ۽ قرآن مجيد جي ڪا ٻي سورت ۽ نماز جي ٽين ۽ چوٿين رڪعت ۾ صرف ” الحمد “ يا تسبيحات اربعه پڙهڻ .

2_ نماز جي ٽين ۽ چوٿين رڪعت جي قرآئت کي آهستي پڙهڻ  گهرجي

3_ مردن کي صبح ، مغرب ۽ عشاء جي نمازن ۾ پهرين ۽ ٻي رڪعت ۾ الحمد ۽ سورت کي بلند آواز سان پڙهڻ گھرجي .

4_ ظهر ۽ عصر جي نماز ۾ الحمد ۽ سورت کي آهستي پڙهڻ گھرجي .

5_ وقت جي تنگي ۽ مجبوري جي حالت ۾ سورت نه پڙهجي ۽ تسبيحات اربعه کي به هڪ مرتبو پڙهجي .

6_ جيڪڏهن انسان ڪنهن لفظ کي صحيح سمجھندي پڙهي ۽ بعد ۾ خبر پويس ته اهو لفظ غلط هيو ته اها نماز ٻيهر پڙهڻ ضروري نه آهي .

7_ انسان کي گھرجي ته نماز صحيح نموني سان سکي تاڪه غلط نه پڙهي .

هيٺين سوالن جا جواب ڏيو...............؟

 1_ قرآئت ڇا آهي وضاحت ڪريو ؟

2_ ڇا هينئر تائين توهان ڪنهن وٽ قرآئت ڪئي آهي؟ جيڪڏهن جواب منفي آهي ته ڪنهن استاد وٽ وڃي قرآئت جي اصلاح ڪريو ؟

3_ ڇا تسبيحات اربعه کي بلند آواز سان پڙهي سگھجي ٿو ؟

4_ ڇا نماز ۾ الحمد ۽ سورت کي بلند آواز سان پڙهڻ واجب آهي ؟

5_ هڪ مرد صبح ، مغرب ۽ عشاء جي نماز ۾ هاڻي تائين الحمد ۽ سورت کي آهستي پڙهيو آهي ته هاڻي گذشته نمازن جي باري ۾ ان جي نمازن جو حڪم ڇا آهي ؟

6_ ڇا توهان جي نماز ۾ هاڻي تائين ڪا غلطي هئي جنهن ڏانهن هاڻي توهان توجه ڪيو هجي ؟

7_ ڪهڙي موقعي تي نماز گزار کي سورت نه پڙهڻ گھرجي ۽ تسبيحات اربعه کي به هڪ مرتبو پڙهڻ گھرجي ؟