Get Adobe Flash player

1 : فتح خيبر ۽ جناب فاطمه (س) کي باغ فدڪ جو بخشڻ

سن 7 هجري ۾ خيبرجي فتح کان پوء ۽ تقريباً نبي ڪريم (ص) جي رحلت کان چار سال اڳ فدڪ وارا پاڻ سڳورن وٽ اچي تسليم ٿيا ۽ جزيي طور  باغ فدڪ جي زمين بغير جنگ جي رسول اڪرم (ص) کي ڏني وڃي. ائين باغ فدڪ پاڻ سڳورن (ص) جي ملڪيت ۾ اچي ويو معاهدي مطابق فدڪ وارا ان زمين ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ ان جي بچت رسول خدا (ص) ڏانهن موڪليندا هيا ۽ پاڻ صرف ان جي مزدوري وٺندا هئا. باغ فدڪ جي فتح کان پوء بغير ڪنھن فاصلي جي هيءَ آيت “وآتِ ذَاالقُربىٰ حَقَّه [1] ” نازل ٿي. يعني (اي رسول “ص”) پنھنجن (ويجھن رشتيدارن) کي پنھنجو حق ڏيو . ۽ حضرت جبرائيل (ع) عرض ڪيو خدا فرمائي ٿو ته : باغ فدڪ جناب زهراء (س) کي عطا ڪر. پاڻ سڳورن (ص) جناب زھراء (س) کي گھرايو ۽ کين باغ فدڪ جي سند عطا ڪيائون. جناب زهراء (س) باغ فدڪ واري سرزمين ۽ باغ جي ڪم ڪار لاءِ پنھنجو هڪ نمائندو مقرر ڪيو هئو جيڪو خرچ ڪڍي باقي بچيل آمدني جيڪاِ تقريباً 70 هزارکان وٺي هڪ لک ويھ هزار سونا سڪن تائين ٿيندي هئي سائڻ پاڪ (س) جي خدمت ۾ پيش ڪندو هو. هرسال جناب زهراء(س) پنھنجي هڪ سال جيترو خرچ ڪڍي باقي رقم فقيرن ۽ غريبن ۾ وراهي ڇڏينديون هيون. رسول خدا (ص) جي رحلت تائين سائڻ پاڪ (س) جو اهوئي طريقو رهيو. [2]

2 : جناب زهراء (س) جي نمائندي کي ڪڍي  ڪري باغ  فدڪ کي غصب ڪرڻ

         نبي ڪريم (س) جي رحلت کان 10 ڏينھن پوء ابوبڪر پنھنجا ڪجھ ماڻھو باغ فدڪ ڏانھن موڪليا ۽ جناب زهراء (س) جي نمائندي کي اتان کان ڪڍي ڇڏيائين ۽ باغ فدڪ کي غصب ڪيائين. ۽ ان جي آمدني (بچت) کي پنھنجي حڪومت جي لاء استعمال  ڪيائين. [3]

3 : جناب زهراء (س) طرفان باغ فدڪ جي سَند پيش ڪرڻ

         پھريان ته عمر بن خطاب،سائڻ پاڪ (س) کي چيو ته اها لکت جيڪا نبي ڪريم (ص) توهان لاء لکي هئي اها کڻي اچو،سائڻ پاڪ (س) باغ فدڪ جي سند کڻي ابوبڪر کي ڏيکاري ۽ فرمايائون ته هيءَ نبي ڪريم (ص) جي لکت (سند) منھنجي ۽ منھنجي اولاد لاء آهي. ابوبڪر ۽ عمر بن خطاب نه رڳو سند کي اھميت نه ڏني بلڪه عمر بن خطاب ، جناب زهراء (س) کان سند وٺي ماڻھن جي سامھون ان جي بيحرمتي ڪئي بلڪه ان کي ڦاڙي ڇڏيائين. [4]

4 : باغ فدڪ کي غصب ڪرڻ لاء حديث جو گھڙڻ (ڪوڙي حديث جو ٺاهڻ)

           باغ فدڪ کي ڦٻائڻ لاء هڪ ڪوڙي ۽ من گهڙت حديث ٺاهي وئي ۽ چيو ويو ته نبي ڪريم (ص) جن فرمايو آهي ته: “نَحنُ مَعٰاشِرَالاَنبِيٰاءِ لٰانُورثُ ” اسان پيغمبرن جي ڪا ميراث ناهي هوندي. پاڻ سڳورن (ص) جي اصحاب منجھان هن حديث جي صحيح هجڻ جي گواهي ، عائشه ، حفصه ۽ هڪ بياباني عرب مالڪ بن اوس بن حدثان نالي کان علاوهه ٻئي ڪنھن به نه ڏني. [5]

5 : جناب زهراء (س) جو ابوبڪر ۽ عمر بن خطاب سان احتجاج

           پھرئين مرتبي حجت کي تمام ڪرڻ خاطر جناب زهراء (س) دربار ۾ ابوبڪر ۽ عمر بن خطاب وٽ آيون ۽ پھرئين سندن نمائندي کي ڪڍي ڇڏڻ کي بيان ڪيائون ۽ فرمايائون ته : منھنجي بابا رسول خدا (ص) باغ فدڪ مونکي ڏني هئي ۽ توهان منھنجي اُتي بيٺل نمائندي کي به   ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ منھنجي باغ باغ فدڪ تي به قبضو ڪيو اَٿوَ. ان تي  ابوبڪر ھِن ڪوڙي حديث (نحن معاشر الانبياء لا نورّث) کي پيش ڪيو . حضرت زهراء (س) فرمايو ته هيءَ پھرئين ڪوڙي گواهي آهي ۽ باغ فدڪ پاڻ سڳورن (ص) مون کي ڏن. ابوبڪر چيو ته پنھنجن گواھن کي پيش ڪر . سائڻ پاڪ (س) فرمايو ته : اها شيءِ جيڪا منھنجي ملڪيت آهي ڇو ان جي باري ۾ مون کان گواھ ٿو گهرين ؟

        ابوبڪر ،جناب زهراء (س) جن جي ڳالھ تي ڌيان نه ڏيندي ٻيھر چيائين ته باغ فدڪ مسلمانن جي غنيمت آهي جيسين گواھ نه آڻيندين ته باغ فدڪ ڪو نه ڏيندس. ان تي بيبي پاڪ (س) فرمايو ته : ڇا تون نبي ڪريم (ص) جي حڪم کي ردّ ڪرڻ (موٽائڻ) چاهين ٿو؟ ۽ ڇا اسان جي باري ۾اسلام جي حڪم کان علاوهه ڪو ٻيو حڪم ڪرڻ چاهين ٿو؟ اُن تي عمر بن خطاب ڪاوڙ ۾ اچي چيو ته : باغ فدڪ مسلمانن جي غنيمت آهي ۽ هر صورت ۾  توکي پنھنجي ملڪيّت ثابت ڪرڻي پوندي . جناب زهراء (س) ان موقعي تي پنھنجي عصمت ۽ طھارت جي کي بيان ڪندي فرمايو ته : بھشت جي عورتن جي سردار باطل ۽ ڪوڙي دعوىٰ نٿي ڪري سگھي جھڙي طرح ٻين جي گواھي منھنجي مٿان قبول ناهي.اُن تي عمر بن خطاب چيو ته : جيڪڏهن توتي (تنھنجي خلاف) ڪو گواھي ڏيندو ته ان  کي به اسان قبول ڪندا سون . جڏهن هنن اهو چيو ،جناب زهراء  آيت تطهير ڏانھن اشارو ڪندي فرمايو ته جيڪو بيھشت جي عورتن جي سردار مٿان ڪنھن گواهي کي قبول ڪري ته اهو ملعون آهي ، ڇو ته اها خداوندمتعال جي حڪم مطابق معصومه آهي ۽ اها ٻين انسانن جي برابر ۽ هڪ جهڙي نه آهي . ان کان پوء ابوبڪر چيو ته باغ فدڪ جي باري ۾ ڪا دليل آڻِ . حضرت زهراء (س) هن آيت “ وآتِ ذَاالقُربىٰ حَقَّه ” جي تلاوت ڪندي فرمايو ته : آئون ۽ منھنجا فرزند ، نبي ڪريم (ص) جا ويجھا رشتيدار آهيون ۽ پاڻ سڳورن (ص) باغ فدڪ مونکي عطا ڪيو هيو . ان تي عمر بن خطاب  چيو ته پنھنجي دعوىٰ تي ڪا دليل آڻِ ۽ گواھ پيش ڪر . [6]

6 : جناب زهراء (س) جا باغ فدڪ تي گواھ

        جناب زهراء (س) پاڻ ان مجلس ۾ بيٺيون ۽ ڪنھن کي موڪليائون ته جيئن ھو جناب اميرلمؤمنين (ع) ، امام حسن (ع) ، امام حسين (ع) ، امّ ايمن ۽ اسماء بنت عميس کي وٺي اچي. اُهي سڀ آيا ۽ جيئن جناب زهراء (س) فرمايو هو ائين ئي گواهي ڏنائون .عمر به خطاب چيو ته : علي (ع) سندن  گھروارو (شوهر) آهي،حسن ۽ حسين  سندن  پٽ آهن ،امّ ايمن سندن  خدمتگزار آهي ۽ اسماء بنت عميس به پھريان جعفر بن ابي طالب جي گھرواري هئي ۽ زهراء (س) جي خدمتگزار آهي. هي سڀئي بني هاشم جي حمايت ۽ فائدي ۾ گواهي ڏيندا ۽ ھنن جي گواهي خود ھنن جي نفعي ۾ آهي. ۽ امّ ايمن جي لاء وڌيڪ چيائين ته هوءَ هڪ عجم (يعني غيرعرب) عورت آهي ۽ هيءَ سٺي نموني سان عربيءَ ۾  گواھي نٿي ڏيئي سگھي. ان تي اميرالمؤمنين علي (ع) جن فرمايو ته : جنھن به فاطمه ،حسن ۽ حسين کي ڪوڙو چيو،ڄڻ ته اُن نبي ڪريم (ص) کي ڪوڙو چيو ۽ نبي اڪرم (ص) منھنجي لاءِ فرمايو ته : اي علي (ع) جنھن توکي ردّ ڪيو ڄڻ ته اُن مون کي ردّ ڪيو. ۽ جناب اُمّ ايمن اُها عورت آهي جنھن جي لاءِ سڀ کان پھرئين رسول خدا (ص) جن جنت جي گواهي ۽ خوشخبري ڏني آهي. ۽ اسماء بنت عميس ۽ ان جي نسل لاء دعا ڪئي اٿن . عمر بن خطاب چيو ته : توهان ائين ئي آهيو جيئن توهان چيو آهي ليڪن اُها گواهي جيڪا ان جي پنھنجي ئي فائدي ۾ هجي ان کي آئون قبول نٿو ڪريان.اميرالمؤمنين (ع) جن فرمايو ته : منھنجي مقام ۽ منزلت کان توهان چڱي نموني آگاھ آهيو ۽  توهان سٺي طرح سان مونکي ڄاڻو ٿا ۽ ان جا منڪر به ناهيو. تنھن جي باوجود به اسان جي گواهي قبول ناهي. توهان هاڻي اسان کي نٿا ٺڪرايو بلڪه توهان اڄ رسول خدا (ص) کي ٺڪرائي رهيا آهيو ۽ حقيقت ۾ توهان اُن جي گواهي قبول نه ٿا ڪريو . عنقريب ظالم ڄاڻيندا ته هو ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهن.   [7] 

 7 : جناب زهراء (س) جو ابوبڪر تي خصوصي احتجاج

    هڪ دفعو ٻيهر جناب زهراء (س) ابوبڪر وٽ ويون ۽ کيس فرمايائون ته : ابوبڪر تو منھنجي پيءُ جي خليفي هجڻ جي دعوىٰ ڪئي آهي ۽ سندن جي جڳھ تي ويٺو آهين. جيڪڏھن باغ فدڪ تنھنجي ملڪيت هجي ها ۽ آئون توکي چوان ها ته اِها مون کي ڏي،توتي واجب هو ته اُها مون کي ڏين ها .ان تي ابوبڪر اقرار ڪيو پوءِ هڪ پنو گھرائي اُن تي سائڻ پاڪ (س) کي باغ فدڪ لکي ڏنائين. جناب زهراء اها لکت کڻي موٽيون. [8]

8 : باغ فدڪ جي سَندَ کي  ڦاڙڻ

         جڏهن جناب زهراء (س) اها لکت کڻي واپس اچي رهيون هيون ته عمر بن خطاب رستي ۾ شهزاديِ ڪونين (س) کي ڏٺو ۽ چيائين ته اي زهراء (س) ته هن پني تي ڇا لکيل آهي ؟ سائڻ پاڪ (س) فرمايو ته :هن پني تي ابوبڪر مونکي باغ فدڪ موٽائي ڏيڻ جي باري ۾ لکي ڏنو آهي.عمر اها لکت سائڻ پاڪ (س)  کان کسي ڦاڙي. [9] 

9 : امام علي ( ع( جو ابوبڪر ۽ عمر بن خطاب سان مسجد ۾ تفصيلي احتجاج

         احتجاج جي هن ٻئي مرحلي ۾ مولا علي (ع) پاڻ مسجد ۾ آيا ۽ مهاجرن ۽ انصارن جي هوندي ابوبڪر کي مخاطب ٿي فرمايائون ته : اي ابوبڪر ڇو اُها شيءِ جيڪا رسول خدا (ص) جناب فاطمه (س) کي ڏني آهي نٿو ڏين ؟ جڏهن ته سندن نمائندو ڪجھ سالن کان وٺي اتي موجود هو. ابوبڪر چيو ته:هي مسلمانن جي غنيمت آهي اگر عادلَ گواھَ آڻي ته کيس باغ فدڪ موٽائي ڏيندا سين ورنه بيبي پاڪ (س) جو ڪو به حق نه آهي . مولىٰ علي (ع) فرمايو ته : اي ابوبڪر اسان جي لاءِ اهو حڪم ٿو ڪرين جڏهن ته توکي اهڙي قسم جو حڪم مسلمانن لاء ڪرڻ کپي ، ڇو جناب زهراء (س) کان گواھ ٿو گھرين جڏهن ته باغ فدڪ سندن ملڪيت آهي ۽ نبي ڪريم (ص) جي زماني ۾ توڙي ان کان پوءِ پاڻ ئي باغ فدڪ جي مالڪ رهي آهي ڇو مسلمانن کان گواھ نٿو گھرين ؟

جڏهن امام علي (ع) اهو چيو ته ابوبڪر چپ ٿي ويو ليڪن عمر بن خطاب چيو ته : هي مسلمانن جي غنيمت آهي ۽ اسان ۾ اها سگھ ناهي جو تنھنجي ڪلام جو مقابلو ڪري سگھون جيڪڏھن حضرت زهراء (س)  ڪجھ عادل گواھ آڻيندي ته قبول ڪنداسين.ان تي امام (ع) آيتِ تطهير جي تلاوت ڪندي فرمايو ته :جيڪڏھن ڪو فاطمه (س) جي خلاف ڪا گواهي ڏئي ڇا اوهين ان کي قبول ڪندؤ ؟ ابوبڪر چيو ته هائو . مولىٰ امير (ع) جن فرمايو ته : تون غلط آهين ڇو جو خداوند متعال جي جناب فاطمه (س) جي طهارت ۽ عصمت جي باري ۾ ڏنل گواهيءَ کي ردّ ڪرين ٿو ۽ ماڻھن جي گواهيءَ کي بيبي پاڪ (س) جي خلاف قبول ڪرين ٿو اهڙي طرح خدا ۽ انجي رسول جي حڪم کي ردّ ڪرين ٿو جن باغ فدڪ فاطمه (س) لاء قرار ڏنوآهي . ۽ اهڙي طرح رسول اڪرم (ص) جي هڪ ٻئي فرمان کي ردّ ڪرين ٿو ۽ مدعىٰ عليه (جنهن،مٿان دعوى ڪئي وڃي) کان گواھ ٿو گھرين. تو خدا ۽ ان جي رسول جي حڪم کي ردّ ڪري هڪ بياباني عرب جي ڳالھ کي قبول ڪيو آهي ۽ باغ فدڪ کي جناب فاطمه (س) کان غصب ڪري اهو گمان ڪرين ٿو ته  مسلمانن جي غنيمت آهي. اتي دربار ۾ ويٺل ماڻھن جو اکيون کليون ۽ ابوبڪر ۽ عمر بن خطاب جي ظلم ۽ ڏاڍائيءَ جي خبر پينِ ۽ هڪ ٻئي ڏي ڏسي چوڻ لڳا ته خدا جو قَسم علي (ع) صحيح ۽ سچ ٿو چوي ان کان پوء مولىٰ علي (ع) جن مو ٽي گھر آيا.  [10]

10 : حضرت زهراء (س) جن جو مسجد ۾ تفصيلي خطاب

            هڪ ڏينھن ابوبڪر ۽ عمر بن خطاب انصار ۽ مھاجرن سان گڏ ڪ مسجد ۾ ويٺا ھئا ته اچانڪ بيبي پاڪ (س) جي گھر جو دروازو کليو ۽ سائڻ پاڪ (س) ڪجھ عورتن سان گڏ مسجد ۾ آيون. ۽ پنهنجي بابي کي ياد ڪري روئڻ لڳيون ته اتي ويٺل سڀ ماڻهن روئڻ لڳا ۽ اُن مجلس جو ماحول تبديل ٿي ويو. ماڻھن جو روڄ ۽ راڙو ايترو ته وڌي ويو جو سائڻ پاڪ (س) کي ڪجھ دير صبر ڪرڻو پئجي ويو ته جيئن ماڻھو آرام ۾ اچن. ان موقعي تي سائڻ پاڪ پنهنجو هڪ تاريخي خطبو ڏنو،جنهن ۾خداوند متعال جي واکاڻِ ۽ تعريف کان پوءِ ۽ خدا تعالىٰ جي وحدانيت ۽ نبي ڪريم (ص) جن جي رسالت جي اقرار،۽ مخلوق جي پيدا ٿيڻ ۽ نبين جي بعثت بالخصوص پاڻ سڳورن (ص) جن جي بعثت جي حڪمت ۽ فلسفي کي بيان ڪائون. ان کان پوءِ سائڻ پاڪ (س) قرآن ۽ اھلبيت جي فَضيلت ۽ ٻنھي جي وچ ۾ گھِري رابطي کي بيان ڪيو . ان کان پوءِ پنھنجو تعارف پيش ڪيائون ته جيئن ھنن ۽ بعد ۾ اچڻ واري نسل کي خبر پوي ته ڪيڏي عظيم شخصيتجون مالڪ آهن. ۽ اُن کان پوءِ دينِ اسلام جي پرورش ۽ سار سنڀال ۾ پاڻ سڳورن (ص) ۽ حضرت علي (ع) جيڪي تڪليفون ۽ زحمتون سَٺيون ھيون انھن کي بيان ڪيائين. ان کان پوءِ سائڻ پاڪ (س) پنھنجي ڪلام جو پنھنجي خاص مطلب ڏانھن منھن موڙيو ۽ پاڻ سڳورن (ص) جي رحلت کان پوءِ ماڻھن جي منھن موڙڻ ۽ ڦري وڃڻ کي بيان ڪيو. ۽ ان کان پوءِ آخر ۾ بيبي پاڪ (س) باغ فدڪ جي مسئلي کي بيان ڪيو.

جناب زھراء (س) پنھنجي ھن آخري گفتگو ۾ ميراث جي باري ۾ قرآن جون آيتون بيان ڪيون ۽ خاص ڪري نبين جي ميراث جي باري ۾ آيتن کي بيان ڪيائون. ۽ اھي مسئلا، دليل ۽ برھانَ جن کي ابو بڪر ۽ عمر بن خطاب جي سامھون بيان ڪيا ھئائين ھن ڀيري سڀني ماڻھن جي سامھون تفصيلي طور سان بيان ڪيائين. ان کان پوءِ نبي ڪريم (ص) جن جي قبر ڏانھن مخاطب ٿي ڪري باغ فدڪ جي غاصبين ۽ جن جن انھن غاصبين جي تائيد ڪئي ھئي انھن جي شڪايت شعر جي صورت ۾ ڪيائون. ان کان پوءِ سائڻ پاڪ (س) انصارن کي مخاطب ٿي ڪري فرمايوته : اي انصار! توھان نبي ڪريم (ص) سان اھو طيء ڪيو ھو ته ھر حڪم ۾ سندن اطاعت ۽ پيروي ڪندؤ ۽ دين تي ڪنھن وقت به ڪا مشڪل آئي ته توھان سندن ساٿ ڏيندؤ،اڄ مونکي تعجب آھي ته توھان جي نبيءَ جي ڌيءُ کان سندس حقّ کسيو پيو وڃي ۽ توھان ڪو به توجھ ڪونه ٿا ڪريو ايستائين جو آئون مدد جي لاءِ فريادون ڪريان پئي ۽ ڪنھن کي ڪا به پرواھ ڪانھي!

 ابو بڪر فرصت مان فائدو وٺندي ھن جعلي ۽ ڪوڙي حديث “ نحن معاشر الانبياءِ لا نورث ” “ يعني اسان نبي ڪنھن به قسم جي ميراث ڪونه ڇڏيندا آھيون ”  کي بيان ڪيو ۽ اھو چيائين ته مون مسلمانن جي موافقت ۽ مشورت سان باغ فدڪ کي غصب ڪرڻ وارو ڪم انجام ڏنو آھي. اُن تي جناب زھراء (س) جيڪي انبياء عليھم السّلام جي ميراث جي باري ۾ واضح ۽ چٽيون آيتون ھيون انھن کي بيان ڪيو ۽ ان کان پوءِ ثابت ڪيائون ته اِرث جي مسئلي ۾ ڪنھن کي ڪا به استثناء ناھي. ھن مرتبي ابو بڪر اقرار ڪيو ته آئون جواب ڏيڻ کان عاجز آھيان. ان موقعي تي بيبي پاڪ (س) پنھنجي خطاب جو مسلمانن ڏانھن رُخ ڪيو ۽ تمام گھڻي شدت ۽ سختيءَ سان انھن ماڻھن کي جن باطل کي اختيار ڪيو هو اُخروي عذاب جي خبر ڏيندي اهو فرمايائين ته اگر ماڻھو ڀلي ان شيءِ (باغ فدڪ) تي راضي نه هجن ليڪن خداوندمتعال ان شيءِ تي راضي آهي.

ان کان پوءِ جناب زهراء (س) پنھنجي ڪلام کي ختم ڪري واپس موٽڻ لڳيون. رستي ۾ رافع بن رفاعه کين چيو ته: ڇو علي عليه السّلام اسان کي اڳواٽ آگاھ نه ڪيو ؟ جيڪڏهن علي عليه السّلام اسان کي پھرئين ٻڌائي ها ته اسان ٻئي ڪنھن جي بيعت نه ڪريون ها ۽ هيءُ هيڏو وڏو هاڃو به پيش نه اچي ها. جڏهن رافع اهو چيو ته سائڻ پاڪ (س) کيس غضبناڪ حالت ۾ اهو چيو ته : غدير واري واقعي کان پوءِ هاڻي ڪنھن وٽ ڪو به عذر ۽ بھانو باقي ناهي رهيو. حضرت اُمّ سلمه پڻ ماڻھن کي مخاطب ٿي ڪري چيو ته : ڇا حضرت فاطمه (س) جھڙي شخصيت سان اهڙي قسم جو سُلوڪ  روا هيو؟ ڇا فاطمه (س) جھڙي هستي ان شيءِ جي گھُرَ ڪري سگھي ٿي جيڪا سندن ملڪيت نه هجي ؟ ۽ ڇا توهان اهو وساري ڇڏيو آهي ته نبي اڪرم (ص) جناب فاطمه (س) تي ڪيتري عنايت ڪندو هو ؟ [11]

11 : حضرت زهراء (س) جو عيادت ڪرڻ وارين عورتن سان خطاب

                 سائڻ پاڪ (س) جي خطاب جو پھريون اثر اهو ٿيو ته جيڪي عورتون ڪافي عرصي کان بيبي پاڪ (س) جي ڪا سار سنڀال لھڻ نه آيون هيون اهي سائڻ (س) جي ان خطاب کان پوءِ سندن عيادت جي لاءِ آيون ۽ کانئن حالَ احوالَ پڇڻ لڳيون. جناب زهراء (س) فرمايو ته : اهڙي دنيا جنھن ۾ آئون توهان سان گڏ هجان ان کان نفرت ڪريان ٿي ۽ توهان جي گھروارن کان آئون ناراض ۽ غضبناڪ آهيان. ان وقت انھن عورتن کان پڇيائون ته ڪهڙي ڳالھ جي ڪري اوهان کي علي (ع)  پسند ناهي؟ جيڪڏهن خلافت  علي (ع) جي هٿ ۾ ڏِيَنِ ها ته بھترين طريقي سان اُن جي حفاظت ڪري ها ۽ اُن کي هلائي ها ۽ انھن تي زمين ۽ آسمان جون برڪتون نازل ٿين ها. ان کان پوءِ سائڻ پاڪ (س) فرمايو ته هينئر توهان فتني ۽ فساد جو وڻ پوکيو آهي سڀاڻي ان جو ثمر ظاهر ٿيندو جيڪو زهريلو ۽ هلاڪ ڪرڻ وارو هوندو . عيادت ڪرڻ وارين عورتن جناب زهراء (س) جن جي ڳالهين کي پنھنجي گھر وارن (مُڙسن) جي اڳيان بيان ڪيو. ان تي مهاجرن ۽ انصارن منجھان ڪجھ بزرگ عذر خواهي جي عنوان سان جناب زهراء (س) جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ اچي چوڻ لڳا ته اي زهراء (س) جيڪڏهن جعلي (ع) اسان جي بيعت ڪرڻ کان پھرئين ان مسئلي کي اجاگر ۽ واضح ڪري ها ته اسان ٻِئي ڪنھن جي پويان نه وڃون ها.حضرت زهراء(س)فرمايو ته هتان هليا وڃو۽توهان جا بيھودا ۽ بيڪار بھانا قبول ڪرڻ جي لائق ناهن . [12]

12 : حضرت علي (ع) جو باغ فدڪ جي غصب جي باري ۾ ابوبڪر کي خط

                هي خط مولىٰ علي (ع) ابوبڪر ڏانھن ان وقت لکيو هو جڏهن ابوبڪر باغ فدڪ کي غصب ڪري منبر مٿي ولايت جي خلاف گُٿل ۽ نازيبا لفظ ڳالهايا. ۽ امام علي (ع)  جي اُن خط جو مضمون هن ريت هو :

            اهل بيت جي ميراث کي پاڻ ۾ تقسيم ڪري ڇڏيائون ۽ نبي اڪرم (ص) جي بخشيل باغ فدڪ جو سنگين بار پنھنجن ڪلهن تي کنيائون. توهان مونکي سڃاڻو ٿا ته آئون توهان جي وڏن،۽ پهلوانن کي هلاڪ ڪرڻ وارو آهيان ۽ توهان جي شجاع پھلوانن جو قاتل آهيان اُن زماني ۾ جڏهن توهان پنھنجي گھرن ۾ ويٺل هيؤ. توهان نه پئي چاهيو ته خلافت ۽ نبوت اسان اهل بيت جي گھر ۾ هجي ڇو جو توهان جو دليون ڪيني ۽ بغض سان ڀريل هيون ۽ آئون اهو آهيان جنھن رسول خدا (ص) جي پريشانن ۽ مشڪلاتن کي ختم ڪيو.ڪجھ دير صبر ڪيو عنقريب اهو پردو جيڪو توهان پنهنجي ظلم کي لڪائڻ جي لاءِ لڳايو آهي اهو ٽُٽندو ۽ هر شيءِ پڌري ۽ واضح ٿيندي ۽ اها پوک جيڪا توهان پوکي آهي ان جو ثمر ۽ زهريلو ڦَل پائيندؤ . [13]

13:  باغ فدڪ جي غصب تي ماڻھن جي موافقت جي باري ۾ ابوبڪر جو خطاب

              جڏهن ابوبڪر،مولا علي (ع) جي ان خط کي پڙهيو ته چوڻ لڳو ته : عجب آهي ڪيڏي نه علي عليه السّلام جرات ڏيکاري آهي جو مون ڏانھن اهڙي قسم جو خط لکيو اٿس، ٻئي ڪنھن ۾ به ايڏي جرات ناهي جو مون ڏي اهڙي قسم جو خط لکي ! پوءِ حڪم ڏنائين ته ماڻھن کي گڏ ڪيو وڃي جڏهن ماڻھو جمع ٿيا ته انھن کي چوڻ لڳو:اي مهاجر ۽ انصار توهان ڄاڻو ٿا ته مون باغ فدڪ جي غصب جي باري ۾ توهان سان مشورت ڪئي هئي ۽ توهان چيو هو ته: “انبياء ميراث ڪون ڇڏيندا آهن ۽ هي باغ فدڪ مالِ غنيمت ۾ شمار ڪيو وڃي ” مون به توهان جي نظر کي قبول ڪيو  ليڪن باغ فدڪ جا مدعي (اهل بيت ) ان کي قبول نٿا ڪن ۽ اسان کي ڊيڄارين ٿا ۽ڌمڪيون پيا ڏين .

         خدا جو قسم مون خلافت موٽائي ڏني هئي پر قبول نه ڪيائون. اهو مون ان ڪري پئي ڪيو ته جيئن علي (ع) جي نفرت کان بچان ۽ ان جي ڪنھن مسئلي ۾ آئون نه ڦاسان.  ڇا ڪوئي اهڙو آهي جنھن جنابِ علي (ع) سان مناظرو ڪيو هجي ۽ ڪامياب ٿيو هجي . جڏهن عمر بن خطاب ، ابوبڪر جي تقرير ۾ ضعف ۽ ڪمزوريءَ کي ڏٺو کيس چيائين ته  تون اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين ڪيترو نه ڊڄڻو آهين مون عربن جي ڪنڌ کي تنھنجي اڳيان جھڪايو آهي ۽ خلافت کي تنھنجي لاءِ ثابت ڪيو اٿم. جيڪڏهن ائين نه ڪريان ها ته ابوطالب جو پٽ (علي) تنھنجون هڏيون پيھين ڇڏي ها،خدا جو شڪر ته آئون توسان آهيان. ان تي  ابوبڪر چيو توکي خدا جو قسم آهي ته مون کي غلط فهمي ۾ نه وِجُھ . خدا جو قسم جيڪڏهن علي (ع) چاهي ته توکي ۽ مون کي کٻي هٿ سان ماري سگھي ٿو . [14]

14 : ابوبڪر جو مهاجرن ۽ انصار کي ڊيڄارڻ ۽ کين لالچ ڏيڻ جي باري ۾ خطاب

جناب زهراء (س) جڏهن عوام کي بيدار ڪيو ته  باغ فدڪ جا غاصبين عوام جي ان بيداري مان ڊڄڻ لڳا. ان عوام کي ڊيڄارڻ ۽ لالچ ڏيڻ جي لاءِ  ابوبڪر منبر تي ويو ۽ ماڻھن کي مخاطب ٿي ڪري چيائين ته توهان هر ڳالھ تي ڪن ڏيو ويٺا آهيو،توهان ضعيفن ۽ عورتن کان مدد ٿا گھرو. ۽ان کان پوء انصار جي طرف مُنھن ڪري چوڻ لڳو ته اي انصار:اوهان جون ڳالهيون مون تائين پھتيون آهن،توهان ياد رکو ته توهان رسول اڪرم (ص) جي عھد ۽ پيمان جا بھترين محفافظ آهيو،۽ توهان کي خبر هجڻ گھرجي ته آئون انھن جي باري ۾ جيڪي سزا جا مستحقّ ناهن انھن لاءِ پنھنجي هٿن ۽ زبان کي حرڪت ناهيان ڏيندو ابوبڪر آخر ۾ ماڻھن کي لالچ ڏيندي ۽ انھن جي فڪر کي خريدڻ لاء چيو ته:توهان سڀ سڀاڻي پنھنجو پنھنجو حصو بيت المال مان وٺڻ اچجو .۽ هيءُ آخري چارو ۽ حيلو هو جنھن کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪتب آندائين .  [15]

15 : جناب زهراء (س) جو باغ فدڪ جي باري ۾  آخري خطاب

        سائڻ پاڪ (س) جِي حياتي جي آخري ڏينھنِ ۾ سقيفي جي حمايتي ۽ طرفدار عورتن منجھان هڪ عورت عيادت جي خاطر سائڻ پاڪ (س) وٽ آئي. باغ فدڪ جي باري ۾ جيڪي آخري جملا بيبي پاڪ (س) جي زبان تي جاري ٿيا سي ان عورت کي چيائن: نبي اڪرم (ص) جن جي رحلت کان پوءِ ابوبڪر ۽ عمر بن خطاب زور ۽ ظلم سان مون کان منھنجو حقّ ( باغ فدڪ)  کسي ورتو،باغ فدڪ منھنجي بابا کي خدا جي طرفان ڏنل تحفو هو جيڪو منھنجي بابا (ص) سندن اولاد جي خرچ لاء مونکي بخشيو هئو.ان  ڳالھ کي خدا ڄاڻي ٿو ۽ ان تي خدا پاڪ جو امين (جبرائيل) گواھ آهي.  آئون ان ظلم تي صبر ڪري قيامت جي ڏينھن خداوندمتعال جو تقرُّب حاصل ڪرڻ چاهيان ٿي. ۽ باغ فدڪ کي کائڻ وارا اِن  کي قيامت واري ڏينھن اڀامندڙ باھ جي صورت ۾ پائيندا.  [16]

هيءُ هو باغ فدڪ جو داستان،اُها باغ فدڪ جيڪا هڪ ڏينھن خداوندمتعال جي حڪم سان نبي ڪريم (ص)  جي هٿان سائڻ پاڪ (س) کي هديي جي طور ڏني وئي. چئن سالن تائين ان جي آمدني ۽ بچت فقيرن ۽ غريبن ۾ خرچ  ڪئي پئي وئي ، ۽ اڪثر غريب ۽ محتاج ماڻھو باغ فدڪ جي آمدني جي پھچڻ جو انتظار ڪندا هئا ،ته جيئن جناب فاطمه (س) باغ فدڪ جي آمدني مان هر هڪ کي پنھنجو پنھنجو حصو ڏئي ۽ اُهي پنھنجي ٻارن ٻچن کي کاڌو خوراڪ ڏئي سگھن. پر افسوس سان چئجي ته رسول خدا (ص) جي رحلت کي اڃان 10 ڏينھن به مس گذريا هئا جو اهو پالڻھار جو پنھنجي ڪنيز کي ڏنل تحفو ڏاڍ ۽ ظم ،زور ۽ زبردستيءَ سان کسيو ورتو.۽ جنهن جي ڪري سائڻ پاڪ (س) جي  محبن جي اکيون هميشه جي لاءِ  غمگين رهن ٿيون .

(صدائي فاطمي فدڪ “ مان اقتباس “ تاليف :محمد باقر انصاري،سيد حسين رجائي)

حوالا...............



[1] _ سوره اسراءِ/26

[2] _تهذيب الاحڪام  ج  1 ص 424

[3] _شرح نهج البلاغه ابن ابي الحديد ج 16 ص 263

[4] _عوالم العلوم ج 11 ص 574

[5] ڪتاب سليم ج 2 ص 694

[6] _بحارالانوار ج 29 ص 134 ، 189، 194 ، 199

[7] _بحارالانوار ج 29 ص 134، 189،194 ،199

[8] _نوائب الدهور ج 3 ص 148

[9] _نوائب الدھور : ج 3 ص 148

[10] _بحارالانوار ج 29 ص 189 ، 195

[11] _بحار الانوار ج 29

[12] _بحارالانوار ج 29 ص 140

[13] _بحارالانوار ج29 ص 140

[14] _بحارالانوار ج 29 ص 140

[15]  _دلائل الامامة ص 119

[16] _بحارالانوار ج 29 ص 182