Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 61 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

            معاد ،”عود“ مان ورتل آهي جنهن جي معنى موٽڻ آهي، ڇو انسان جو روح موت کان پوءِ بدن ۾ موٽايو ويندو، انهي ڪري ان کي معاد چيو وڃي ٿو.معاد جو شمار اصول دين  منجهان ٿئي ٿو جنهن تي ايمان رکڻ به واجب آهي ته هر ڪو مرڻ کانپوءِ زنده ٿيندو ۽ پنهنجي عقيدي ۽عمل مطابق  سزا۽ جزا کي پائيندو.معاد جنهن جي شروعات، موت کانپوءِ ۽ قبر کان ٿيندي آهي انهي کان پوءِ برزخ ۽ آخر ۾ قيامت ۽ پڄاڻي جهنم يا جنت تي ٿيندي آهي.انهي شين کي ظاهراً ته اسان محسوس نه ٿا ڪريون، ليڪن اهي  محڪم دليلن سان ثابت آهن .[1]

1_موت:

انسان جي آخرت ڏانهن سفر جي پهرين منزل موت آهي موت جي ، حقيقت هي آهي ته انسان جي روح کي بدن کان جدا ڪيو وڃي.اسان جو عقيدو هي هجي ته خدا جي اجازت کانسواءِ موت اچڻ  ممڪن ناهي. ڇو جو اِهو خدا تعالى ئي آهي جنهن ماءُ جي شڪم ۾  روح کي بدن سان جوڙيو ،۽ موت جي وقت اهو ئي روح کي بدن کان جدا ٿو ڪري ٿو، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته موت ۽ حياتي انهي خداوند متعال جي ذات جي طرفان آهي ۽ قرآن ۾ پڻ ڪيترائي مرتبه ان مطلب ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته خداوند متعال جياري به ۽ماري به ٿو،جيتوڻيڪ ڪجهه نادان ماڻهو حضرت عزرائيل کان نفرت ڪن ٿا ۽ کيس پنهنجو دشمن سمجهن ٿا ، ليڪن اهي اهو ڪونه ٿا ڄاڻين ته هي ملائڪ پنهنجي مرضيءَ سان ڪجهه نٿو ڪري بلڪه هن کي خداوند متعال جي طرفان حڪم مليل آهي.[2]

        اسان جو عقيدو آهي ته هر انسان جي روح جي بدن کان جدا ٿيڻ وقت، اسانجو رسول (ص) ۽ اسان جا امام پاڪ خاص ڪري پنجتن پاڪ، نوراني چهري ۾ حاضر ٿين ٿا

هڪ مشهور حديث آهي ته حصرت علي عليه السلام حارث همداني کي فرمايو ته : هرانسان مرڻ وقت مون سان  ضرور ملاقات ڪندو چاهي اهو ڪافر هجي يا مؤمن[3]

2_ قبر ۾ سؤال ۽ جواب:

مرڻ کان پوءِ قبر ۾ ٻه فرشته ايندا آهن جيڪي مري ويل انسان کان سؤال ڪندا آهن. چڱن عملن وارن ڏانهن اچڻ وارا فرشته مبشر ۽ بشير آهن ۽ برن عملن وارن ڏانهن اچڻ وارن ملائڪ منڪر ۽ نڪير آهن.

فرشتن جا سؤال جواب

اهي ٻه فرشتا جيڪي سوال ڪندا انهن ۾ هيٺيان سوال اهم آهن جن کي اسان ان جي صحيح جوابن سان ذڪر ڪريون ٿا

1.      تنهنجو خدا ڪير آهي؟   (الله)

2.      تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟      (دين اسلام)

3.      تنهنجو پيغمبر ڪير آهي؟      (حضرت محمّد مصطفى(ص))

4.      تنهنجو امام ڪير آهي؟      (حضرت علي(ع)۽ان کان پوءِ يارنهن امام)

5.      تنهنجو ڪتاب ڪهڙو آهي؟     ( قرآن مجيد)

6.      تنهنجو قبلو ڪهڙو آهي؟        (ڪعبه محترم)

جيڪو شخص انهن سؤالن جو جواب صحيح ڏيندو آهي ته ان جي قبر کي ملائڪ جنت جو هڪ باغ ٺاهي ڇڏيندا آهن ۽ جنهن جا جواب صحيح نه هوندا آهن ته ان جي قبر کي دوزخ جي باهه سان ڀري ڇڏيندا آهن.

3_عالم برزخ:

هر انسان جو روح مرڻ کانپوءِقيامت تائين جتي رهندو آهي ان مقام کي برزخ چوندا آهن برزخ ۾ صحيح عقيدي وارا آرام سان ۽ بُري عقيقي وارا تڪليف سان رهندا آهن.

4_ اعمالنامو:

خدا جي طرف کان هر شخص تي ٻه فرشته مقرر آهن جن مان هڪ سٺا اعمال لکندو آهن ۽ ٻيوخراب اعمال لکندو آهن.

5_ميزان:

قيامت جي ڏينهن هرشخص جا اعمال انصاف جي ترازو ۾ توريا ويندا ، هن ترازو کي ميزان چئبو آهي.

6_صراط:

هر شخص کي قيامت جي ڏينهن هڪ پُل تان لنگهڻو پوندو، جنهن جي باري ٻڌايو ويو آهي ته اها وار کان سنهي ،تلوار کان تکي، باهه کان وڌيڪ،گرم هوندي، صحيح ايمان ۽ سٺن عملن وارا ان تان آساني تان لنگهي ويندا ۽ جن جو ايمان ۽ عمل خراب آهي ان تان ٽپي نه سگهندا ۽ ان تان جهنم۾ ڪري پوندا .

7_شفاعت :

قيامت جي ڏينهن اسان جو نبي حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم۽ اسان جا امام پاڪ (ع) گنهگار مؤمنن جي شفاعت ڪندا، خدا انهن جي شفاعت قبول ڪندي انهن مومن کي معاف ڪري جنت ۾ داخل ڪندو.



[1] _ڪتاب معاد،آية الله شهيد دستغيب،ص7 .

[2] _ ساڳيو، ص11 .

[3] _ (روايت جو مفهوم )بحارالانوار، ج3