Get Adobe Flash player

ڪائنات جي لاءِ رحمت بڻجي آيل رسول،خاتم الانبياءِ، حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جي جگر جي ٽڪري يعني ريحانه الرسول،سيدة  نساءِ العالمين حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي شان ۾ بيان ٿيل سوين حديثن مان اسان هن مختصر مقالي ۾ چاليهه حديثون پيش ڪيون ٿا.

1_حضرت زهرا جي ناراضگي،الله جي ناراضگي۽ سندن رضا الله جي رضا  آهي

حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه واله وسلم فرمائن ٿا

ان الله ليغضب لغضب فاطمة ويرضي لرضاها

الله تبارڪ وتعالى فاطمه جي ناراضي سان ناراض۽ سندن رضا تي راضي ٿئي ٿو   [1]

2_حضرت زهرا س جو حڪم ،الله جو حڪم آهي

حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه واله وسلم فرمائن ٿا:

يا علی انفذ لما امرتک به فاطمة فقد امرتها باشياء امر بها جبرئيل عليه السلام ”[2]

يا علي،فاطمه جيڪو به توکي حڪم ڏئي ان کي انجام ڏي، هوءَ توکي اهو حڪم ڏيندي آهي جيڪوجبرائيل کيس ڏيندو آهي.

3_فاطمه (س) رسول الله جي وجود جو حصو ۽ دل جو ميوو آهي

حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه واله وسلم فرمائن ٿا

ان فاطمة بضعة منی و هی نور عينی وثمرة فؤادی

  فاطمه منهنجي وجود جو حصو ۽ دل جو ميوو آهي.  [3]

4_حضرت زهرا  انساني روپ   ۾  موڪليل حور آهي

حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه واله وسلم فرمائن ٿا:

ان فاطمة خلقت حورية فی صورة انسية .......... ”[4]

      حضرت فاطمه اها حور آهي جنهن کي انساني روپ ۾ خلق ڪيو ويو

5_حضرت زهرا س ايمان جي اعلى ترين مرتبي تي فائز آهي

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا

”يا سلمان! ان ابنتی فاطمة ملا الله قلبها وجوارحها ايمانا ويقينا الی مشاشها تفرغت لطاعة الله ...“

اي سلمان ! الله تعالى  سندس اطاعت لاءِ، منهنجي ڌيءُ فاطمه جي دل ۽سڀني عضون کي ايمان۽ يقين جي آخري درجي تي فائز ڪري ڇڏيو آهي. ”[5]

6_ حضرت  زهرا  س  جو  نالو  فاطمه  ڇو   آهي...؟

حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه واله وسلم فرمائن ٿا:

انی سميت ابنتی فاطمة لان الله عزوجل فطمها وفطم من احبها من النار ”[6]

منهنجي ڌي ان ڪري فاطمه سڏي وئي جو الله تعالى کيس ۽ سندس حبدارن کي جهنم جي باهه کان پري رکيو آهي.

7_ فاطمه مون کي سڀني کان وڌيڪ عزيز آهي 

حضرت رسول الله ص حضرت زهرا سلام الله عليها جي فضيلتن کي بيان ڪندي فرمايو

”.....فاطمة اعز البرية علي“ 

فاطمه مون کي سڀني کان وڌيڪ عزيز آهي   [7]

8_حب زهرا ۽ بغض زهرا جو نتيجو

حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه واله وسلم فرمائن ٿا:

من احب فاطمة ابنتی فهو فی الجنة معی ومن ابغضها فهو فی النار ”[8]

جنهن منهنجي نياڻي فاطمه س سان محبت ڪئي اهو مون سان گڏ جنت ۾ هوندو ۽ جنهن ان سان بغض رکيو سندس ٺڪاڻو جهنم هوندو

9_حضرت زهرا س جي دشمن جو   ٺڪاڻو جهنم آهي

حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه واله وسلم فرمائن ٿا

يا فاطمة! لو ان کل نبی بعثه الله وکل ملک قربه شفعوا فی کل مبغض لک غاصب لک ما اخرجه الله من النار ابدا 

اي فاطمه ! جيڪڏهن  خدا تعالى جوموڪليل هر نبي۽ هرمقرب ملائڪ توسان بغض رکندڙ ۽ تنهنجو حق کائيندڙ جي شفاعت ڪن ته خدا کيس هرگز جهنم مان ٻاهر نه ڪڍندو.[9]

10_الله جي لعنت آهي،حضرت زهرا س جي مٿان ظلم ڪرڻ وارن تي

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو

ملعون ملعون من يظلم بعدی فاطمة ابنتی ويغصبها حقها ويقتلها ... ;

الله جي لعنت آهي،لعنت آهي ان شخص مٿان جنهن مون کان بعد منهنجي ڌيءُ فاطمه مٿان ظلم ڪيو،سندس حق غصب ڪيو۽کيس قتل ڪيو.....[10]

11_ حضرت زهرا سلام الله عليها جي زيارت جو ثواب.

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو

من زار فاطمة فکانما زارنی ...

12_حضرت زهرا ۽ رسول الله ص جو وجود هڪ ئي آهي

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا

يا فاطمة ... انت منی وانا منک ... ;

اي فاطمه........تون مون منجهان آهي ۽ مان تو منجهان آهيان [11]

13_تو مٿان تنهنجو پيءُ قربان وڃي........

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا

فداک ابوک يا فاطمة........

اي فاطمه !تنهجو پيءُ تو مٿان قربان وڃي......... ”[12]

14_حضرت زهرا س  ۽ جنت جي خوشبوءِ

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا

...ففاطمة حوراء انسية وکلما اشتقت الی رائحة الجنة شممت رائحة ابنتی فاطمة عليها السلام;

....فاطمه انساني روپ ۾ (جنت جي) حور آهي.جڏهن به مونکي جنت جي خوشبوءِ سنگهڻ جو سِڪَ لکندي آهي ته آءُ پنهنجي ڌيءُ زهرا سلام الله عليها جي خوشبوءِ سنگهندو آهيان. [13]

15_حضرت فاطمه س ”زهره“ آهي

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا

«انا الشمس وعلی عليه السلام القمر وفاطمة الزهرة والفرقدان الحسن والحسين

آءُ سج ،علي چنڊ آهي،۽ فاطمه (س) زهره (ستارو) آهي. جڏهن ته حسن ۽حسين اهي چمڪندڙ ستارا آهن جن کي ”فرقدان“ چيو وڃي ٿو.[14]

16_حضرت فاطمه زهراءِ  س جي خوشبوءِ

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا

رائحة الانبياء رائحة السفرجل ورائحة الحور العين رائحة الآس ورائحة الملائکة رائحة الورد ورائحة ابنتي فاطمة الزهراء رائحة السفرجل والآس والورد ...

       نبين جي خوشبوءِ سفرجل [15]جي خوشبوءِ وانگر۽حور العين جي خوشبوءِ تلسيءَ جي خوشبوءِ وانگر۽ملائڪن جي خوشبوءِ  گلن جي خوشبوءِ هوندي آهي،جڏهن ته منهنجي ٿي فاطمه زهرا س جي خوشبوء سفرجل،تلسي۽ گلن جي خوشبوء آهي   [16]

17_آسماني جوڙو

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا

ما زوجت فاطمة الا لما امرنی الله بتزويجها

مون حضرت فاطمه س جي شادي ان سان ڪرائي جنهن بابت الله تعالى مون کي حڪم ڏنو ”[17]

18_نور  زهرا س،نورالله آهي

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا

نور ابنتی فاطمة من نور الله وابنتی فاطمة افضل من السماوات والارض ...

منهنجي ڌيءُ  فاطمه جو نور،الله تعالى جي نور منجهان آهي،منهنجي ڌيءُ فاطمه آسمانن۽ زمين کان افضل آهي. ”[18]

19_جنت حضرت زهرا س جي مشتاق آهي

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا

اشتاقت الجنة الی اربع من النساء: مريم بنت عمران، وآسية بنت مزاحم زوجة فرعون وخديجة بنت خويلد وفاطمة بنت محمد صلی الله عليه و آله

جنت چئن عورتن جي مشتاق آهي: مريم بنت عمران، فرعون جي گهرواري آسيه بنت مزاحم،خديجه بنت خويلد۽ فاطمه بنت محمد صلى الله عليه وآله وسلم. [19]

20_ حضرت زهرا سلام الله عليها جي شفاعت

حضرت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا

يا فاطمة ابشری فلک عندالله مقام محمود تشفعين فيه لمحبيک وشيعتک

اي فاطمه! توکي بشارت هجي جو الله وٽ تنهنجو بهترين مقام آهي جتي تون پنهنجي حبدارن ۽ شيعن جي شفاعت ڪندينءَ.  [20]

21_حضرت زهرا سلام الله عليها بهترين مددگار

        جڏهن رسول الله صلى عليه وآله وسلم جن حضرت علي عليه السلام کان حضرت زهرا سلام الله عليها جي باري ۾سوال ڪيو ته پاڻ فرمايائون ته:

”....نعم العون علی طاعة الله“     

(حضرت زهرا س) الله جي اطاعت (واري راهه ۾) بهترين مددگار آهي.  [21]

22_دل محمدي

حضرت امام علي عليه السلام فرمائن ٿا

«... ان الحسن والحسين سبطا هذه الامة وهما من محمد کمکان العينين من الراس واما انا فکمکان اليد من البدن واما فاطمة فکمکان القلب من الجسد ...

حسن ۽ حسين هن امت جا سبط آهن،رسول الله وٽ سندن حيثيت ائين آهي جيئن اڳين جي سر سان ۽منهنجي حيثيت ائين آهي جئين هٿن جي جسم سان ۽ فاطمه جي حيثيت سندن وٽ ائين آهي جيئن دل جي جسم سان. ”[22]

23_علي عليه السلام جو افتخار

حضرت امام علي عليه السلام پنهنجي ذات تي افتخار ڪندي فرمائن ٿا

”... انا زوج البتول سيدة نساء العالمين ...“

آءُ ڪائنات جي عورتن جي سردار بتول جو شوهر آهيان   [23]

24_ حضرت زهرا س سگهڙ گهرواري

              حضرت امام علي عليه السلام حضرت زهرا سلام الله عليها جي گهرو ڪمن جي تفصيل ٻڌائيندي فرمايائون

انها استقت بالقربة حتی اثرفی صدرها وطحنت بالرحی حتی مجلت يدها وکسحت البيت حتی اغبرت ثيابها واوقدت النار تحت القدر حتی دکنت ثيابها فاصابها من ذلک ضرر شديد

حضرت زهرا سلام الله عليها مشڪ سان ايترو ته پاڻي ڀرينديون هيون جو سندن سيني تي ان جا نشان ٿي ويا،جنڊ سان ايترو ته اَنُ پيهنديون هيون جو سندن هٿن ۾ لڦون ٿي ويون،گهر جي ٻهاريءَ سبب سندن مٿان مٽيءَ جوغبار ٿي ويندو هيو۽باهه ٻارڻ سبب سندن ڪپڙا ڪارا ٿي ويندا هئا .انهن سڀني ڪمن جي نتيجي ۾پاڻ  تمام گهڻي تڪليف برداشت ڪنديون هيون.  [24]

25_ حضرت زهرا س شوهر جي اطاعت ۾

حضرت امام علي عليه السلام فرمايو:

”فوالله ... لا اغضبتنی ولاعصت لی امرا ولقد کنت انظر اليها فتنکشف عنی الهموم والاحزان“

     خدا جو قسم! حضرت فاطمه زهرا مونکي ڪڏهن به ناراض نه ڪيو۽نه ئي وري ڪڏهن منهنجي نافرماني ڪيائين. آءُ جڏهن به سندن ڏانهن ڏسندو هئس ته منهنجا سڀ ڏک۽پريشانيون ختم ٿي وينديون هيون.  [25]

26_حضرت زهرا س جي اطاعت واجب آهي

حضرت امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا:

”....ولقد کانت - عليها السلام - مفروضة الطاعة علی جميع من خلق الله من الجن والانس والطير والوحش والانبياء والملائکة ...“

         حضرت زهرا سلام الله عليها جي اطاعت ،الله جي هر مخلوق تي واجب آهي  جيڪي جن،انسان،پکي۽ جانور،انبياء ۽ ملائڪ آهن [26]

27_ تسبيح حضرت زهرا س جي عظمت

حضرت امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا

ما عبد الله بشیء من التحميد افضل من تسبيح فاطمة عليهاالسلام ...

الله تعالى جي عبادت حمد ۽ثناءِ  جي ذريعي، تسبيح حضرت زهرا سلام الله عليها کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي شيءَ سان نه ڪئي وئي آهي. ”[27]

28_ سڪرات  مهل حضرت  فاطمه س اچي ٿي...

حضرت امام محمد باقر۽ جعفر صادق عليه السلام فرمايو:

حرام علی روح ان تفارق جسدها حتی تری الخمسة: محمدا وعليا وفاطمة وحسنا وحسينا بحيث تقر عينها او تسخن عينها

      روح ايستائين جسم کان جدا نه ٿو ٿئي جيستائين پنجن هستين کي نه ڏسي: محمد علي فاطمه حسن۽حسين عليهم السلام ،جنهن سان سندس نيڻ ٺرن ٿا يا  اڳيون سڙن  ٿيون .[28]

29_حضرت زهرا سلام الله عليها جي معرفت  جو ثواب

حضرت امام جعفرصادق عليه السلام فرمائن ٿا:

 فمن عرف فاطمة حق معرفتها فقد ادرک ليلة القدر ”[29]

جنهن به سائڻ فاطمه س جي حقيقي معرفت(سڃاڻپ) حاصل ڪئي ان ليلة القدرکي پاتو.

30_ حضرت فاطمه زهرا س جي نالي جو احترام

          حضرت امام جعفر صادق عليه السلام ان شخص کي مخاطب ٿيندي فرمايو ، جنهن پنهنجي نياڻيءَ جو نالو فاطمه رکيو هئو ،:

   اذا سميتها فاطمة فلا تسبها و لاتلعنها ولاتضربها  [30]

جيڪڏهن سندس نالو فاطمه رکيو اٿئي ته کيس گهٽ وڌ نه ڳالهائجان،ملامت نه ڪجان ۽ کيس هرگز نه مارجان

31_ حضرت زهرا سلام عليها  چمڪندڙ تارو  آهن

          حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا

فاطمة کوکب دری بين نساء اهل الدنيا ...

حضرت بيبي فاطمه زهرا دنيا جي عورتن جي وچ ۾ چمڪندڙ ستاري وانگر آهن.  [31]

32_ حضرت زهرا س ڪائنات جي عورتن جي سردار آهي.

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا

...فاطمة سيدة نساء العالمين من الاولين والاخرين

حضرت بيبي فاطمه زهرا سلام الله عليها عالمين جي سڀني گذريل ۽ ايندڙ عورتن جيسردار آهي  [32]

33_ حضرت زهرا سلام الله عليها جي نماز

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا

من صلی اربع رکعات فقرا فی کل رکعة بخمسين مرة «قل هو الله احد» کانت صلوة فاطمة عليهاالسلام

جيڪو به شخص (ٻه ٻه رڪعتون ڪري) چار رڪعتون نمازپڙهي جنهن جي هر رڪعت ۾ (الحمد کان بعد) پنجاهه دفعه ”قل هو الله“ پڙهندو ته اها حضرت زهرا سلام الله عليها جي نماز آهي”[33]

34_حضرت زهراءِ  س ۽  هفتي جو آغاز

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو:

” ان فاطمة عليها السلام کانت تاتی قبور الشهداء فی کل غداة سبت ... “

حضرت زهرا سلام الله عليها هر ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو شهيدن جي مزارن تي ويندي هئي.[34]

35_ علي عه  کانسواءِ  سائڻ زهرا س  جو  ڪوبه  ڪفو   نه آهي

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو

لولا ان اميرالمؤمنين عليه السلام تزوجها لما کان لها کفو الی يوم القيامة علی وجه الارض آدم فمن دونه

جيڪڏهن اميرالمومنين علي عليه السلام حضرت زهرا سان شادي نه ڪري ها ته حضرت آدم کان وٺي قيامت تائين ڪو به مرد سندن ڪفو نه هجي ها.  [35]

36_حضرت زهرا س۽ ٻارن جي تربيت

حضرت امام جعفرصادق عليه السلام فرمايو:

ان اطفال شيعتنا من المؤمنين تربيهم فاطمة عليها السلام

اسان جي شيعن جي ٻارن جي تربيت، فاطمه سلام الله عليها ڪري ٿي جيڪي مومنن منجهان آهن.[36]

37_حضرت فاطمه سلام الله عليها جي نالي جي  برڪت

         حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا:

لايدخل الفقر بيتا فيه اسم محمد او احمد او علي او الحسن او الحسين او جعفراوطالب اوعبدالله اوفاطمة

    ان  گهر ۾ هرگز غربت نه ايندي جنهن ۾ هيءُ نالا هجن.محمد،احمد،علي،حسن،حسين،جعفر،طالب، عبدالله۽ فاطمه. ”[37]

38_حضرت زهرا س صديقه شهيده آهي.

حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام فرمايو:

ان فاطمة عليها السلام صديقة شهيدة ...

بيشڪ حضرت فاطمه سلام الله عليها صديقه (سڀني کان وڌيڪ سچار) آهي جنهن کي شهيد ڪيو ويو”[38]“.

39_ صلوات ڪوثري

حضرت امام علي رضا عليه السلام فرمائن ٿا

اول من جعل له النعش فاطمة ابنة رسول الله، صلوات الله عليها وعلی ابيها وبعلها وبنيها;

پهريون تابوت حضرت زهرا سلام الله عليها، لاءِ جڙيو ويو .الله جي رحمت هجي سندن مٿان،سندن والد۽ شوهر مٿا۽سندن ٻنهي فرزندن مٿان. ”[39]

40_حضرت زهرا س هڪ آئيڊيل شخصيت

حضرت امام زمانه عجل الله تعالى فرجه پنهنجي خط ۾ لکن ٿا:

وفی ابنة رسول صلی الله عليه و آله لی اسوة حسنة ...

توهان لاءِ رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جي نياڻي هڪ آئيڊيل شخصيت آهي. [40]

حوالا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔



[1]_ الامالي، شيخ مفيد، ص 94

[2]_ بحارالانوار، ج 22، ص 484.

[3]_ الامالي، شيخ صدوق، ص 486

[4]_ بحارالانوار، ج 78، ص 112

[5]_ بحارالانوار، ج 43، ص 46; مناقب، ج 3، ص 337

[6]_ عيون اخبار الرضا عليه السلام، ج 2، ص 46 .

[7]_ الامالي، شيخ مفيد، ص 259

[8]_ بحارالانوار، ج 27، ص 116 .

[9]_ بحارالانوار، ج 76، ص 354

[10]_ بحارالانوار، ج 73، ص 354

[11]_ بيت الاحزان، ص 19; بحارالانوار، ج 43، ص 32

[12]_ بحارالانوار، ج 22، ص 490

[13]_ التوحيد، شيخ صدوق، ص 117

[14]_ معانی الاخبار، ص 58 .

[15]_ پيلي رنگ ۾ ناشپاتي جهڙو هڪ ميوو آهي

[16]_ بحارالانوار، ج 66، ص 177

[17]_ عيون اخبار الرضا عليه السلام، ج 2، ص 59

[18]_ بحارالانوار، ج 15، ص 10

[19]_ بحارالانوار، ج 43، ص 53

[20]_ بحارالانوار، ج 76، ص 359

[21]_ بحارالانوار ج 43، ص 117

[22]_ بحارالانوار، ج 39، ص 352; ڪتاب سليم بن قیس، ص 830 .

[23]_ بحارالانوار، ج 24، ص 74; معاني الاخبار، ص 114 .

[24]_ علل الشرايع، ج 2، ص 366

[25]_ بحارالانوار، ج 43، ص 134

[26]_ دلائل الامامة، ص 28 .

[27]_اصول ڪافي، ج 3، ص 343 .

[28]_ کشف الغمة، ج 1، ص 414 .

[29]_ بحارالانوار، ج 43، ص 65 .

[30]_اصول ڪافي، ج 6، ص 48

[31]_اصول ڪافي، ج 1، ص 195 .

[32]_ معاني الاخبار، ص 107 .

[33]_ من لايحضره الفقيه، ج 1، ص 564

[34]_ وسائل الشيعة، ج 2، ص 879 .

[35]_ خصال، ج 2، ص 414 .

[36]_ بحارالانوار، ج 6، ص 229; تفسير علي بن ابراهيم، ج 2، ص 332 .

[37]_اصول ڪافي، ج 6، ص 19 .

[38]_اصول ڪافي، ج 1، ص 458

[39]_ بحارالانوار، ج 78، ص 249

[40]_ بحارالانوار، ج 53، ص 180